اَرڏايون عشق جون
ليکڪ: بادل جمالي | پڙهڻ جو وقت: 29 منٽ
پي.ٽي.وي ڪراچي مرڪز جي سڀ کان وڏي اسٽوڊيو D ۾ نون پروڊيوسرن جي چونڊ لاءِ، ٽيسٽ شروع ٿي چڪي هئي. ٽي سؤ کن سيٽن واري هال ۾، اميدوار پنھنجين سيٽن تي ويھي، سواليہ پرچي کي غور سان ڏسي رهيا هئا، ڪجهہ سيٽون خالي بہ هيون، جن جا اميدوار نہ پھچي سگهيا هئا. ٽيسٽ جي نگراني ڪرڻ لاءِ، ڪنٽرولر ايڊمنسٽريشن وڙائچ صاحب، خصوصي طور اسلام آباد کان آيل هو. وال ڪلاڪ ۾ 10.10 منٽ ٿي رهيا هئا، ٺيڪ ان وقت بلو ورديءَ ۾ ٽي.ويءَ جو سيڪورٽي گارڊ، هڪ سمارٽ ڇوڪريءَ کي وٺي اندر داخل ٿيو. زور سان سليوٽ ڪري چيائين:
”سر، هيءَ محترمہ ٽيسٽ ڏيڻ لاءِ آئي آهي.“
”گڊمارننگ سر.“
سنڌي اَجرڪ واري ڊزائن جي رئي پاتل ڇوڪريءَ سلام ڪيو، پر جواب ڪونہ مليس. چھري تي پريشانيءَ جا آثار نمايان هئس. ڪنٽرولر صاحب رجسٽر۾ لکندي، منھن مٿي ڪرڻ کان سواءِ پڇيو:
”جي بيبي؟“
”سر، منھنجو نالو، مس شينا حسين آهي. ڪنڊيڊيٽ آهيان ٽيسٽ لاءِ، ٽريفڪ جي ڪري پھچڻ ۾ ٿوري دير ٿي ويئي. ساري سر!“ هن سلپ ٽيبل تي رکندي چيو. ”ٿوري دير نہ، بيبي پورا ڏھہ منٽ گذري چڪا آهن.“ هن رجسٽر بند ڪندي چيو. ”هي ٽرين تہ اوهان کان مس ٿي ويئي. هاڻي ايندڙ ٽرين جو انتظار ڪريو.“
”سر، مان پري کان آئي آهيان، گارڊن ويسٽ کان. پليز مون کي مايوس نہ ڪريو سر.“
”ايڪسڪيوزمي سر!“ اوچتو ٽين قطار مان ڪو نوجوان اٿي بيٺو.
”سر، محترمہ کي ٽيسٽ ۾ ويھڻ ڏيو. اڃا تہ پندرنھن منٽ بہ نہ گذريا آهن، ايترو مارجن تہ ٽيسٽ ۾ ڏنو ٿو وڃي، سر.“
”اي مسٽر، توهان پنھنجو ڪم ڪريو. ٻئي جي وڪالت ڪري پنھنجو وقت برباد نہ ڪريو.“
”هن جي ڪيريئر جو سوال آهي سر، ٽرين اڃا اسٽيشن تي موجود آهي.“
”مان چئي چڪو آهيان، توهان پنھنجي ڪم سان ڪم رکو.“
آفيسر خفا ٿيندي چيو.
”سر هيءَ محترمہ، ڪراچيءَ جا ٽي ضلعا لتاڙي هتي پھتي آهي. صبح سان شھر ۾ ٽريفڪ جام جي جيڪا حالت هوندي آهي، ان کان تہ سر اوهان بہ واقف هوندؤ. هِن ڄاڻي واڻي تہ دير نہ ڪئي هوندي....“
”ڏسو مسٽر، توهان تقرير ڪري، ماحول کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش نہ ڪريو. دس از دَ لاسٽ وارننگ ٽو يو، اوڪي؟“
”سر، هن کان رڳو ٻہ منٽ اڳ، جينز ۽ ٽِي شرٽ پاتل ڇوڪري آئي هئي، ان کي تہ اوهان خوشيءَ سان ويھڻ ڏنو هو. ڪٿي هن کي پاتل ”اَجرڪ“ جو رئو تہ اوهان کي ڊسٽرب نہ پيو ڪري؟“
”لباس کي اِشو نہ بنايو پليز! سوچيو اٿوَ، تہ ڇا پيا چئو؟“
اجرڪ واري جملي تي آفيسر تڙپي پيو. اميدوار بہ ان نُڪتي کي ئي پڪڙيو.
”لباس جوئي تہ مسئلو آهي سر، ٿورو سوچيو، هيءُ معاملو جڏهن ميڊيا تي ايندو، تہ ”اجرڪ پاتل ڇوڪريءَ کي ٽيسٽ ۾ ويھڻ نہ ڏنو ويو،“ تہ ان جو رد عمل ڇا ٿيندو؟ سڄي ذميداري اوهان جي مٿان ايندي سر....!!“
هال مان ڪجهہ ٻيا نوجوان بہ اٿي بيٺا، انھن بہ اِن مطالبي جي حق ۾ آواز بلند ڪيو. ماحول کي بگڙندي ڏسي، مجبوراً آفيسر کي ضد تان لھڻو پيو.
”اچو محترمہ، ويھو پنھنجيءَ سيٽ تي.“
وڏو شوڪارو ڀري، سندس سلپ ڏسي، لسٽ ۾ نالو ٽِڪ ڪري هن کيس پيپر ڏنو. ”ٿئنڪيو سر“ چئي، هُوءَ سيٽ تي وڃي ويٺي...... هڪ بجي وقت ختم ٿيو، تہ هوريان هوريان سڀ نڪرڻ لڳا. شينا نظر ڦيرائي، ان نوجوان کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هُو ڪجهہ دير اڳ ۾ نڪري چڪو هو. پنھنجي محسن کي ٿورو نہ مڃي سگهڻ جو افسوس کڻي، هوءَ گهر پھتي. ماءُ کي سڄي حقيقت تفصيل سان ٻڌايائين، تہ اها بہ نوجوان جي ڪردار کان متاثر ٿيڻ کان رهي نہ سگهي.
”پڪ ئي پڪ اهو نوجوان سنڌي هوندو پٽ، جو اجرڪ تي غيرت کاڌائين، نہ تہ پرائي ڦڏي ۾ ڪير ٿو پوي. ڪڏهن ڪٿي ملي وڃي تہ ٿئنڪيو چئي ڇڏجانس.“
ٽيسٽ کي هفتو گذري ويو، پر نوجوان هن کي نہ ملي سگهيو..... هڪ شام هوءَ ماءُ سان گڏ ڪٿي وڃڻ لاءِ نڪتي. گارڊن ايسٽ واري روڊ تان گذرندي هنڊا 125 تي سوار ڪو نوجوان، تيزيءَ سان هِنن جي ڀر مان گذريو، تہ شينا کان رڙ نڪري ويئي.
”اهو ئي آهي امي، اهوئي آهي. گاڏي تيز ڪري پڄينس....!“
”ڪير آهي پٽ، ڪنھن کي پڄان، ڇرڪ ڀرائي ڇڏيئي.....“
”اهو ڪاري شرٽ وارو بائيڪ تي وڃي پيو، اهوئي آهي منھنجو ٽيسٽ وارو وڪيل. گاڏي تيز ڪر نہ...“
”ڪيتري تيز ڪريان پُٽ، گاڏي گاڏيءَ سان ملي پئي آهي. ايڪسيڊنٽ ڪرائيندينءَ ڇا؟ اڳيان سگنل تي هلي بيھندو، تہ پاڻ بہ پڄي وينداسينس.“
ايم.اي جناح روڊ وارو سگنل کُليل هو. ييلو لائٽ دوران هُو نڪري ويو، تہ سنگل بند ٿي ويو. هنن جي گاڏي نڪري نہ سگهي. شينا ڪاوڙ مان چپ ڀڪوڙي رهجي ويئي.....
صدر مان گذرندي، هوءَ نظر ڦيرائي کيس ڳوليندي رهي، پر هوا جي گهوڙي تي سوار نوجوان، خبر ناهي ڪھڙي پاسي گم ٿي ويو.
”ڪٿي سِي.وِيو ڏانھن نہ ويو هجي.“ هوءَ پنھنجي مُنھن ڀُڻڪي.
”امي ڪلفٽن واري پاسي هل.“
”پٽ، تون تہ سچي پچي سيريس پئي لڳين. زندگيءَ ۾ اهڙا واقعا پيش ايندا ٿا رهن. ضروري ڪونھي، تہ ماڻھو اٽو ٻڌي ان جي پويان لڳي پوي. ڇڏينس بہ کڻي.“
”ڇڏيانس ڪيئن امي‘ منھنجي من تي هيڏو سارو بوجهہ چڙهيل آهي، جيستائين ملي ”ٿئنڪس“
نٿي چوانس، مون کي سک نہ ايندو.“
”تنھنجي مرضي، پر چڱو ڪو نہ پئي ڪرين.“
هُوءَ ايڪسپو سينٽر ۾، ”انٽرنيشنل بوڪ فيئر“ ڏسڻ، ماءُ سان گڏ پھتي، دنيا جي وڏن وڏن پبلشرن جي شاندار اسٽالن تي ڪتاب ڏسندي، ورق گرداني ڪندي، رستي جي ٻئي پاسي، ”آڪسفرڊ ڪارنر“ تي ان نوجوان کي بيٺل ڏٺائين، تہ اندر مان اڇل اچي ويس. بي قابو ٿي، ماءُ وٽان کِسڪي اتي وڃي نڪتي.
”هيلو سر! مان شينا آهيان. سڃاتو اٿوَ؟“
”اوھہ، شينا! ڪيئن آهيو؟“
”سر، پھرئين ٻڌايو، سڃاتو تہ اٿوَ نہ؟“
”جي جي بلڪل. پي.ٽي.وي واري ٽيسٽ ۾ ملاقات ٿي هئي نہ؟“
”جي سر. اوهان جهيڙو ڪري، مون کي اجازت تہ ڏياري هئي، پر آئي ايم ساري مان اوهان کي ٿئنڪيو بہ نہ چئي سگهي هيس. توهان جلدي نڪري ويا هئا سر، تڏهن کان لڳاتار مان اوهان کي ڳوليندي ٿي وتان.... سر اچو، مان اوهان کي پنھنجي اميءَ سان ملايان.“
هُو واپس ساڳئي اسٽال تي پھتا، جتي سُرمئي ساڙهي ۽ بلائوز ۾ ملبوس، هڪ باوقار خاتون ڪتاب کنيو بيٺي هئي.
”امي ڏسو، هيءُ آهي منھنجو محسن، منھنجو سر، اڄ نيٺ ملي ويو مون کي.“
”اسلام عليڪم ميڊم.“
”وعليڪم سلام.“
”سر هيءَ آهي منھنجي مڌر، مسز فضيلت حسين. ڪاليج ۾ اسسٽنٽ پروفيسر آهي.“
”نائيس ٽوميٽ يُو مئڊم.“
”ٿئنڪيو. پٽ، شينا تہ اوهان جي تلاش ۾ چري ٿي پئي هئي، اڄ خبر ناهي ڪيئن ملي ويا آهيو هن کي.“
”ان کي اتفاق ئي چئجي، تہ غلط نہ ٿيندو ميڊم. ورنہ مان بہ هن شھر ۾ ئي هئس.“
”سر، پھرئين پنھنجو نمبر تہ ڏيو، ڪٿي ڳالھين ڳالھين ۾ رهجي نہ وڃي....“ هوءَ موبائل ڪڍي، نمبر نوٽ ڪرڻ جي تياري ڪرڻ لڳي.
”منھنجو خيال آهي، تہ ڪٿي هلي ويھجي ٿوري دير لاءِ ٻہ ڍڪ چانھہ جا بہ پيجن، تہ آرام سان ويھي ڳالھيون بہ ڪجن.“
”ويري نائيس، امي منھنجو بہ اِهوئي خيال آهي. ڪيئن سر؟“
”جيڪا اوهان جي مرضي.“
هُو ٿورو اڳتي هلي، ڪافي هائوس ۾ ويٺا. نمبر ايڪسچينج ٿيا، تعارف بہ ٿيو. ڪافيءَ سان گڏ، گفتگو بہ ٿيندي رهي.
”سر پاڻ واري ٽيسٽ جي ڪا خبر پئي، ڪڏهن ٿي رزلٽ اچي؟“
”ٻہ ڏينھن اڳ، آفيس وارن کان پڇيو هئم. چيائون تہ اڃا ڪوئيٽا ۽ پشاور ۾ ٽيسٽ ٿيڻي آهي، ان بعد رزلٽ ٺھندي.“
”پٽ اها ٽيسٽ آخري هئي، يا ان کان پوءِ بہ ڪو مرحلو هوندو؟“
”ميڊم ٽيسٽ تہ آخري هئي، ان ۾ جيڪي پاس ٿيندا، تن کي وري انٽرويو لاءِ اسلام آباد سڏائيندا. ڏکيو مرحلو تہ اهو هوندو. مشڪل سان ڏھہ ٻارنھن اميد وار ئي ان مان چڙهي سگهندا.“
”ٻڌين پئي شينا؟ روز ٿي چوانءِ تہ پنھنجي تياري ڪري وٺ، پر توکي ڪو فڪر ئي ڪونھي.“
”امي، ٽيسٽ ڪليئر ڪيان، تہ انٽرويو جي تياري بہ ڪيان نہ. ڪيئن سر؟“
”ڏسو، توهان بار بار ”سر“ چئي مون کي شرمندو ٿيون ڪريو. سر انھن کي چئبو آهي، جيڪي انتھائي قابل ۽ لائق استاد يا عالم ۽ دانشور هوندا آهن. آءٌ هڪ عام نوجوان آهيان. ”سر“ چوائڻ جي لائق نہ آهيان.“
”سر، منھنجي لاءِ تہ اوهان ”سر“ ئي آهيو. مون کي سر چوڻ ڏيو سر پليز....!“
”مرضي اوهان جي، آهي تہ وڏي زوراوري.“
”پٽ، اچو نہ ڪيڏي مھل اسان وٽ. شينا کي بہ ٿورو گائيڊ ڪريو.“
”ضرور اچبو ميڊم، پر اچجي ڪٿي؟“
”گارڊن ويسٽ ۾ پاڪستان ڪوارٽرس آهن، نشتر روڊ تي، اتي پھچي ڪنھن کان بہ پڇبو، تہ پروفيسر اڪبرحسين جوگهر ڪٿي آهي، تہ هر ماڻھو اوهان کي ٻڌائيندو. وري بہ احتياطاً ڪوارٽر نمبر 129- D ياد رکجو.“
”۽ سر، اچڻ کان اڳ، فون ضرور ڪجو.“
***
هفتو سڄو گذري ويو، شينا پنھنجي مھمان جي آجيان لاءِ بيچين رهي، پر هن رابطو نہ ڪيو. مجبوراً هن پاڻ ساڻس ڳالھايو.
”سر، مان شينا پئي ڳالھايان.... اڄ اسان وٽ اچي سگهو ٿا سر؟“
”ساري شينا، اڄ تہ مشڪل آهي. ڪو ٻيو ٽائيم رکو.... اوهان چؤ سڀاڻي اچي ٿو سگهان؟“
”ڊَن سر! بلڪل ڊَن!!“ هن خوشيءَ مان اڇل کائي، رڙ ڪئي.
”اسان صبح کان ئي اوهان جي انتظار ڪنداسين سر!“
”صبح کان تہ نہ، شام واري چانھہ اوهان سان گڏ پيئندس. ٺيڪ آهي؟“
”ٺيڪ آهي سر، ٿئنڪيو ويري مچ سر....“ هن پرجوش انداز ۾ چيو.
”ڇا چيو آهي تنھنجي سر، ڪجهہ اسان کي بہ ٻڌاءِ مائي.“
”امي، سر اسان جي دعوت قبول ڪئي آهي. سڀاڻي شام واري چانھہ، اسان سان گڏ پيئندو“ هن يڪساهيءَ چيو.
”ويري گُڊ. پر لنچ تي اچي ها، تہ مزو ٿئي ها نہ.“
”ايندو، ايندو، لنچ تي بہ ضرور ايندو. هڪ دفعو اچي تہ سھي!“
”توکي ٽائيم ملي ويو آهي. هينئر کان ئي تياريون شروع ڪري ڇڏ.“
ماءُ ۽ ڌيءُ ان وقت ئي تيارين ۾ لڳي ويون. ڪم واري مائيءَ کي بہ مدد لاءِ روڪي ورتائون.... شام تائين چڱو ڪم اُڪلائي ورتائون. رات دير تائين پاڻ ۾ صلاحون ۽ رٿائون ڪنديون رهيون. صبح سان ئي رهيل ڪم کي جُنبي ويون. گهر سيٽ ڪري، نڪري ويون صدر ڏانھن. بيوٽي پارلر مان تيار ٿي، بيڪريءَ پھتيون، اتان وري گلن جي دوڪان تي شاپنگ مڪمل ڪري گهر موٽيون، تہ مھمان جي اچڻ جو وقت بہ ٿي ويو. ڊرائينگ روم ۾ فريشنر لڳائي، فون جو انتظار ڪرڻ لڳيون، تہ ڪيڏي مھل مھمان اچي در تي بيٺو. فضيلت بيگم سندس آجيان لاءِ ٻاهر نڪتي.
”اسلام عليڪم ميڊم.“
”وعليڪم سلام، اچو پٽ، اچو....“
هن ادب سان جُهڪي کيس هٿ ڏنو. ڊرائينگ روم ۾ پھتا، تہ شينا بہ مستاني چال سان، وارن کي لھرائيندي، ماحول کي حُسن بخشيندي. ”مون ڊراپس“ جي خوشبوءِ وکيريندي پھچي ويئي. مھمان سان گرم جوشيءَ سان هٿ ملائيندي چيائين.
”ويلڪم سر. اوهان تہ واقعي ٽائيم جا پابند آهيو.“
”ظاهر آهي مس شينا، چڱن سان، چڱو ٿي هلبو آهي.“
”پٽ، گهر ڳولڻ ۾ تڪليف تہ ڪا نہ ٿي نہ؟“
”بلڪل بہ نہ ميڊم. نمبر ياد هو، سولائيءَ سان پھچي ويس.“
شينا اٿي، اندر ويئي، ڪولڊ ڊرنڪ جي جمبو بوتل ۽ فينسي گلاس کڻي آئي . ٻئي لمحي کائڻ جون شيون پليٽن ۾ سينگاري، ڇري، ڪانٽن ۽ چمچن سميت اچي رکيائين.
”پٽ وٺو نہ.“ بيگم صاحبہ، مھمان کي کائڻ جي دعوت ڏيندي چيو. ”ٿئنڪيو ميڊم.“ هن فروٽ ڪيڪ مان ننڍڙو پيس ڪٽي کنيو. ”سر. ٿورو گائيڊ تہ ڪريو، انٽرويو ۾ ڇا ڇا پڇندا؟“
”مس شينا، ٽي.وي وارن دوستن ٻڌايو تہ، انٽرويو ۾ اميدوار جي شخصيت، علمي قابليت، ذهني رجحان ۽ دلچسپيءَ کي ڏٺو ٿو وڃي، تہ آيا هُو اداري لاءِ ڪارگر ثابت ٿي بہ سگهندو، يا نہ.“
”پُٽ، پڇن ڇا ٿا، ڪا خبر آهي؟“
”مئڊم، ٽي.ويءَ جي وڏن فنڪارن، ڊائريڪٽرن، ليکڪن، شاعرن، موسيقارن ۽ گلوڪارن جا نالا ٿا پڇن. انھن جي مشھور پروگرامن بابت ٿا پڇن. مقصد آهي، تہ اميدوار کي ٽي.وي ۽ ان جي پروگرامن سان ڪيتري دلچسپي آهي.“
”پٽ، اوهان ڪجهہ کائيندا بہ هلو، هي سڀ ڪجهہ اوهان لاءِ ئي تہ آهي.“
”جي ميڊم، پر کائڻ کان وڌيڪ ضروري ڪم، مس شينا کي سمجهائڻ جو آهي.“
”شينا بہ سمجهي ويندي. اوهان جھڙو گائيڊ جو مليو اٿس…!
پٽ اوهان پنھنجي باري ۾ بہ ڪجهہ ٻڌايو. جاب ڪھڙي ٿا ڪيو، رهائش ڪٿي اٿوَ، سيلري وغيرہ ڇا اٿوَ؟“
”جنھن کي باقاعدي جاب چئجي ميڊم، سا في الحال تہ آهي ڪونہ. باقي پاڪيٽ منيءَ لاءِ، ٽيوشن سينٽر ۾ ڪم ڪيان ٿو. ان کان علاوہ، جاب لاءِ مختلف ادارن ۾ ٽيسٽ ۽ انٽرويوز بہ ڏنل آهن، نتيجي جو انتظار آهي. سي.ايس.ايس جي تياري بہ لڳي پئي آهي.“
”رهائش ڪٿي اٿوَ؟“
”رهائش گلستانِ جوهر ۾ آهي، پنھنجي ڪزن وٽ رهان پيو.“
”اڇا.... يعني بيروزگار هجڻ سان گڏ، بي گهر بہ آهيو خير سان!“
”بس، ڇا ڪجي، حالتون ئي ڪجهہ اهڙيون رهيون جو......“
فضيلت بيگم جي چھري جي سموري نفاست لمحن ۾ اڏامي ويئي، اتي ڪرختگيءَ ۽ ناگواريءَ جون هلڪيون ريکائون اُڀري آيس. شھزاد اهو سڀ ڪجهہ چڱيءَ ريت محسوس ڪري ورتو ۽ وڌيڪ ترسڻ مناسب نہ سمجهيائين.
”چڱو ميڊم، آءٌ هاڻي اجازت وٺندس.“
”ٺيڪ آهي پٽ.“ تڪلفاً بہ کيس ڪجهہ ترسڻ لاءِ نہ چيو ويو. ماءُ جو بدليل موڊ ڏسي، شينا بہ مصلحتاً خاموش رهي. مھمان کي رخصت ڪري موٽيون، تہ شينا حيرت مان پڇيو:
”امي ڇا ٿيو؟ اوچتو اوهان جو موڊ ڇو بدلجي ويو؟“
”مائي، تنھنجو سَر تہ بلڪل بيروزگار ۽ بيڪار آهي، نہ پنھنجو ڪو گهر گهاٽ اٿس، نہ وري ڪو ڪم ڌنڌو ٿو ڪري. خواه مخواه هُن لاءِ هيڏي تياري ڪري پنھنجو نقصان ڪيوسون.“
”ڇا مطلب؟ هن پنھنجو ڪيريئر داءَ تي لڳائي، آئوٽ آف دي وي منھنجي مدد ڪئي هئي، تڏهن اسان هن کي گهرايو هو. هن جي روزگار ۽ رهائش سان پنھنجو ڇا؟“
”ٻار آهين اڃا. نٿي سمجهين نہ؟ مان ماءُ آهيان تنھنجي، توکان اڳتي بہ گهڻو ڪجهہ، سوچيان ٿي....“
”اڇا......تڏهن تہ ابو چوندو آهي، تہ چڱا واسطا بہ آخر ۾ رشتي تي ئي پھچي دنگ ڪن ٿا!“
”ان ۾ شڪ بہ ڪھڙو آهي؟“
ماءُ جي گفتگوءَ کان پوءِ، شينا سخت ٽينشن ۾ اچي ويئي. در دريون بند ڪري، پنھنجي ڪمري مان شھزاد کي فون ڪيائين.
”هيلو مس شينا، ايڏو جلدي فون ڪئي اٿوَ. آهي تہ خير نہ؟“
”سَر، اهو ضروري تہ ڪونھي، تہ ماڻھو چوويھہ ڪلاڪ گامون سچار ٿيندو وڃي وقت ۽ حالتن کي ڏسي، ماڻھو ڪيڏي مھل ڪو بي ضرر قسم جو ڪوڙ بہ ڳالھائي ٿو، تہ ان ۾ ڪو حرج تہ ڪونھي!“
”ساري شينا، آءٌ سمجهي نہ سگهيو آهيان. ۽ هيءُ گامون سچار جو حوالو ڪھڙي سينس ۾ ڏنو اٿوَ؟“
”سر. اميءَ سان سڄي ملاقات سھڻي نموني هلي، پڄاڻيءَ تي پھچڻ واري هئي تہ آخري گهڙين ۾، اوهان پنھنجي بيروزگاري ۽ بي گهر هجڻ جو ذڪر ڪري، سڄي ماحول تي پاڻي ڦيري ڇڏيو! اميءَ تي ان جو ايڏو تہ نيگيٽوِ امپريشن پيو آهي، جو...“
”آئي ايم ساري، آءٌ جو ئي آهيان، سوئي آهيان. مون سڄي زندگي ڪوڙ نہ ڳالھايو آهي. اڳتي بہ مون مان اهڙي توقع نہ رکجو!“
”سر، پليز ناراض نہ ٿيو. سچوئيشن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو. اوهان جي ڪري، گهر ۾ منھنجي پوزيشن خراب پئي ٿئي، تہ مان هڪ بي گهر ۽ بيروزگار ماڻھوءَ جي پويان لڳي آهيان.“
”تہ نہ لڳو نہ! ڪير ٿو اوهان کي مجبور ڪري تہ لڳو؟“
هُن فون ڪٽي ڇڏي. شينا هيلو هيلو ڪندي رهي...... پروفيسر ٻاهران آيو، تہ ڊرائينگ روم ۾ ڦھليل خوشبوءِ ۽ ماحول ڏسي پڇيائين.
”مھمان آيو هو ڇا؟“
”جي سائين.“
”ڪيئن هو؟“
”بلڪل بيڪار، بي گهر، بيروزگار، چؤڪ جو چنڊو....!!“
فضيلت بيگم، مھمان جون خوبيون ڳڻائيندي، جذباتي ٿي ويئي. ”هُو چوندا ڪونہ آهن، ’نام بڙا، ديھہ ويران‘. ان جو زندھہ مثال!“
”اڇا..... تہ هاڻي اسان وٽ اهڙا مھمان بہ اچڻ لڳا آهن؟ اِن سلسلي کي اِتي ئي ختم ڪريو.“
”ختم ئي سمجهو سائين... منھنجي صلاح آهي تہ هاڻي ڇوڪريءَ جو مڱڻو ڪرائي ڇڏيو تہ جان ڇُٽي پوي.“
”مڱڻو بہ ڪو مذاق ڪونھي بيگم، ڍنگ جو ڪو رشتو اچي تہ سوچجي نہ.“
”منھنجي خاندان وارن سان تہ اوهان جي لڳي ئي نٿي. پنھنجي خاندان ۾ ئي ڏسو، ڪو مناسب نوجوان هجي تہ.....“
”منھنجن ۾ وري ڪھڙا سقراط ۽ بقراط ويٺا آهن، اهي بہ اهڙا ئي آڱوٺي ڇاپ آهن. البت، سؤٽ عبدالوهاب جو پٽ ڪامران مناسب ڇوڪرو آهي، پر هُو اڃا پڙهي پيو لنڊن ۾، اهو نہ هُوند راضي ٿي پوي، تہ ٻيو ڇا کپي!“
”اوهان ڊائريڪٽ رابطو ڪري ڏسوس. اهڙو رشتو ٻيو ڪونھي.“
”ڪمال ٿي ڪرين بيگم! مان ڊائريڪٽ فون ڪري چوانس تہ منھنجي ڌيءَ سان اچي شادي ڪر!!
”تہ پوءِ ڇا ڪجي؟ ڇوڪري ڏينھون ڏينھن وڃي پئي سرڪش ٿيندي، ڪٿي....“
”اهڙي جرئت ئي ڪانہ ٿينديس. تون بي فڪر ٿيءُ.“
”ايڏا بي فڪر بہ نہ ٿيو سائين، دور بدلجي ويو آهي. ٻار هاڻي ساڳيا نہ رهيا آهن!“
***
”ڇا پئي ڏسين اخبار ۾ پٽ؟“
”جاب ايڊورٽائيزمنٽ پئي ڏسان. ٻڌو اٿم، تہ ليڪچررس جون پوسٽون آيون آهن، پر هن ۾ تہ نظر ڪونہ ٿيون اچن.“
”تنھنجي پي.ٽي.وي واري ٽيسٽ جو ڇا ٿيو؟ هاڻي تہ ڪافي ڏينھن ٿيا آهن.“
”ڪا خبر ڪانھي امي، ٽيسٽون وٺي، پوءِ بي فڪر ٿي وساري ٿا ويھن. اميدوار تہ نہ گهر جو ٿو رهي، نہ گهاٽ جو.“
”تنھنجو ابو تنھنجي لاءِ فڪرمند آهي پٽ چئي پيو، تہ زماني ۾ رهيو ڪونھي، شريف ماڻھوءَ لاءِ عزت سان وقت گذارڻ مشڪل ٿي پيو آهي. شينا کي چؤ تہ بنا ضرورت ٻاهر اچڻ وڃڻ کان پاسو ڪري!“
شينا جا ڪن کڙا ٿي ويا. منھن ڦيرائي، پورو ڌيان ماءُ ڏانھن ڪري پڇيائين:
”اِهو ملڪہ عاليہ جو حڪم آهي، يا مغلِ اعظم جو فرمان.“
”شرم ڪر ڇوڪري. ڪجهہ حياءُ ڪر ماءُ پيءُ تي بہ طنز ٿي ڪرين! ڇو اچي دماغ خراب ٿيو اٿئي؟ جوان نياڻين جا مائٽ پريشان ٿيندا ئي آهن، اها قدرتي ڳالھہ آهي. تنھنجي بابا، تو لاءِ رشتو ڳولي ورتو آهي. ڇوڪرو لنڊن ۾ پڙهي پيو. اهڙي خوش قسمتي هر ڇوڪريءَ جي ڀاڳ ۾ ڪٿي ٿي اچي!“
”اها خوش قسمتي ٽشو پيپر وانگر ويڙهي پاڻ وٽ رکو، ڪڏهن ايمرجنسيءَ ۾ ڪم ايندوَ. خبردار جو منھنجي مٿان، فيصلي مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي اٿوَ! نہ تہ سڄي زندگي پڇتائيندؤ....!!“
”مائينڊ يوئر لينگوئيج شينا! ڇو ٿي اسان لاءِ عذاب پيدا ڪرين؟ ڪيڏي پيار، محبت ۽ نازن سان توکي پاليوسين، ان جو بدلو اِهو پئي ڏئين؟ ماءُ پيءُ جو ادب لحاظ بہ نِڪري ويو تو مان؟“
”پالڻ اوهان جو فرض هو، جيڪو سھڻي نموني پورو ڪيو اٿوَ. هاڻي مان جوان ٿي چڪي آهيان. پنھنجي زندگيءَ جو فيصلو پاڻ ڪنديس. اهو منھنجو پيدائشي حق آهي. مغلِ اعظم کي ٻڌائي ڇڏ، تہ منھنجي لاءِ پريشان نہ ٿئي....“
هوءَ توائيءَ مان ڪمري کان نڪري ويئي. ماءُ حيرت مان کيس ڏسندي رهجي ويئي.
***
”هيلو سر.... ڪٿي آهيو؟“
”گهر ۾ آهيان شينا، جوهر ۾.“
”در کوليو سر.“
”جي ؟“
”سر چوان پئي، گهر جو در کوليو.“
هن در کوليو، سامھون شينا بيٺي هئي. حيرت مان ڦاٽل اکين سان پڇيائين:
”توهان هتي....!!“
”ڇو سر، نہ اچڻ گهرجي ها مون کي؟“
”نہ نہ، منھنجو مطلب آهي.... اچو اچو..... اندر اچو پليز.....“
هُو لائونج مان گذري، ڊرائينگ روم ۾ داخل ٿيا. شينا جي حالت ڏسي شھزاد فوراً پاڻيءَ جي بوتل آڻي اڳيان رکيس. بوتل چپن تي چاڙهي هن ٻہ ٽي وڏا ڍُڪ پي ورتا.
”مس شينا، ڪمال ڪري ڇڏيو اٿوَ. گهر ڪيئن لڌو اٿوَ؟“
”ڳولڻ سان تہ خدا بہ ملي ٿو وڃي سر، انسان تہ وري بہ انسان آهي، زمين تي ئي رهي ٿو.“
”منھنجو مطلب آهي تہ اوهان کي سُونھون ڪنھن ڪيو؟“
”ائڊريس تہ سر اوهان پاڻ ڏني هئي، سمجهائي بہ ڇڏي هيوَ. ان کان پوءِ بہ ڪير منجهي ٿو، تہ پوءِ اوڙي پاڙي وارن کان بہ پڇي ٿو وٺي.“
”ڀلا اچڻ تہ خير ۾ ٿيو آهي نہ، ڪجهہ پريشان ٿيون لڳو؟“
”ها سر، مان واقعي پريشان آهيان. انسان جڏهن پريشان هوندو آهي نہ سر، تہ هُو مدد لاءِ اعتماد وارن دوستن ڏانھن ڏسندو آهي. اوهان منھنجي ڪا مدد ڪري سگهو ٿا؟“
”حڪم ڪريو، منھنجي وس ۾ جيڪي هوندو، ضرور ڪندس.“
”واعدو ڪريو.“ هن پنھنجو هٿ کولي اڳتي وڌايو.
”پڪو واعدو.“ شھزاد سندس هٿ مٿان هٿ رکي چيو.
”مون سان شادي ڪندو؟“ اکين ۾ اکيون وجهي پڇيائين.
”جي!!!“ اوچتي سوال تي، شھزاد کي لاٽونءَ وارا چڪر اچي ويا.
”مان اوهان کان ڪجهہ بہ نٿي گهران. بس، نڪاح ڪري، گهر وٺي اچو.“
”هي آءٌ ڇا پيو ٻڌان، مس شينا، ڪنن تي اعتبار نہ پيو اچي....!“
”اوهان بلڪل صحيح پيا ٻڌو، سر مان اوهان سان شادي ڪرڻ ٿي چاهيان.“
”هيءُ اوچتو شاديءَ جو خيال ڪيئن آيو اٿوَ؟ ان جو بہ ڪو سبب تہ هوندو؟“
”مان ہاڻي گهر وارن تي بار ٿي پئي آهيان سر، رشتو پيا ڳولين منھنجي لاءِ. ان کان اڳ، جو ڪنھن اڻڏٺي انسان جي مُنڊي پارائي، مون کي پابند ڪيو وڃي، مان چاهيان ٿي تہ اوهان سان منسوب ٿي وڃان....“
”وڄائي ڇڏيو اٿوَ مس شينا، منھنجو تہ ذهن سُن ٿي ويو آهي، ڇا چوان، ڪھڙو جواب ڏيان؟“
”ڪجهہ بہ ٿئي سر، اڄ مون کي منڊي ضرور پارائي ڇڏيو. اُن سان اِهو ٿيندو جو ٻئي ڪنھن جي رستي روڪ تہ ٿي پوندي!“
”ڏسو، اوهان جو تعلق هڪ معزز علمي گهراڻي سان آهي، پاڻ بہ اعليٰ تعليم يافتہ آهيو. منھنجي صلاح اٿوَ، تہ اهڙو ڪچو ڪم هرگز نہ ڪريو. ڪجهہ وقت لاءِ اِن ڪم کي ٽاري ڇڏيو. آءٌ ڪوشش ڪندس، تہ ڪو عزت ڀريو رستو ڪڍي وٺان.“
”ايترو وقت ڪونھي سر. اوهان جي انڪار جي صورت ۾ منھنجي لاءِ صرف ٻہ رستا هوندا، يا تہ خودڪشي ڪري جان ڏيئي ڇڏيان، يا اکيون پوري ڪيڏانھن نڪري وڃان، پوءِ جيڪي قسمت ڪري....!“
”متان اهڙي حرڪت ڪئي اٿوَ!! اهڙو ڪِريل خيال، اوهان جي ذهن ۾ اچي بہ ڪيئن ٿو؟ ان جو معاشري ۾ ٻين ڇوڪرين تي ڪھڙو اثر پوندو؟ صبر کان ڪم وٺو، حالتون بدلجي بہ سگهن ٿيون....“
”مشوري لاءِ مھرباني.“ هوءَ اٿي وڃڻ لڳي.
”ڪيڏانھن ٿيون وڃو؟“
”ملڪِ خدا تنگ نيست، پاءِ گدا لنگ نيست.“
”مس شينا، ان حالت ۾ وڃڻ نہ ڏيندو سانوَ. ٿورو ترسو، ذهن کي ٿڌو ڪري ڪجهہ کائي پي، پوءِ نڪرو.“ هو سندس رستو جهلي بيٺو.
”کائڻ پيئڻ جي بک ڪانھي سر، بک آهي پنھنجائپ جي، خلوص جي، محبت جي، جيڪا اوهان وٽان ڪا نہ ٿي ملي!“
جملي جي شوخيءَ، شھزاد کي ڌوڏي ڇڏيو! حيرت مان هن کي گُهوري ڏسڻ لڳو. شينا، بيشڪ بولڊ سھي، ووڪل سھي، پر محبت جي اهڙي بَرجستہ اظھار جي، هن مان توقع ڪانہ هئي. شھزاد بنا ارادي اڳتي وڌيو. سندس هٿ جهلي، اکين ۾ اکيون وجهي پڇيائين:
”ڪڏهن محبت گهري بہ اٿوَ، جو اوهان کي نہ ملي هجي؟“
"ڇا، محبت بہ گهُري وٺبي آهي سر؟ محبت کي تہ پنھنجي الڳ لينگوئيج هوندي آهي. اکين جي پُتلين مان، ساهن جي بي ترتيبيءَ مان، بدن جي بي چينيءَ مان ۽ چپن جي چُرپُر مان ان کي پڙهي ٿو سگهجي. بشرطيڪه، ايتري گهرائيءَ ۾ وڃڻ جي ڪنھن ۾ صلاحيت بہ هجي!“
هن هڪ خاص ادا سان، پاڻ کي ڪرسيءَ تي ڇڏي ڏنو.
”اڄ اچانڪ محبت جو فلسفو اندر مان ڪيئن پھاڙي ڊڀن جيان ڦٽي نڪتو اٿوَ؟ آءٌ تہ حيران آهيان....!“
”چڻنگ تہ ان مھل ئي دکي هئي، جڏهن آفيسر اڳيان، منھنجي وڪالت ڪئي هُيوَ. اوهان جي دليريءَ، دل فتح ڪري ورتي هئي، پر ان کان پوءِ اُن جي پوئواري ڪانہ ڪيوَ. محبت تہ موٽ گهري ٿي نہ سر؟“
”موٽ ملندي اوهان کي، ضرور ملندي.“
”مان انتظار ڪنديس سر....“
شھزاد جي هٿ کي، ٻنھي هٿن ۾ جهلي، ان جي پُٺ تي نفيس انداز ۾ ننڍڙي چُمي ڏيئي، ”لَوَ يُو سَر!“ چئي، هوءَ تہ نڪري ويئي، پر شھزاد جي پيرن هيٺ ڄڻ ٽانڊا رکي ويئي! ويھڻ وِھہُ ٿي ويس، ڇا ڪري ڇا نہ ڪري. سمجهہ ۾ ڪجهہ ڪو نہ پيو اچيس. ڪمري ۾ ڦِر ڦِران ڪندي، شوڪارا ڀريندي نيٺ وڃي نڪتو سجاد جي آفيس.
”پاڻي تہ گهرائي وٺ يار.“
”پاڻي کوڙ تو لاءِ. خير تہ آهي، ڪٿان اُڃ کڻي ڀڳو آهين؟“
”بس يار، نہ پڇ اسان جا نصيب. سڄي عمر اُڃارا ئي رهنداسين شايد!“
”اِن جو مطلب، تہ ڪا پڇڻ جھڙي ڳالھہ آهي ضرور پاڻي پي، ساھہ کڻي وٺ، پوءِ تفصيل سان پڇندو سانءِ.“
گلاس مان ٻہ ڍُڪ پيئڻ کان پوءِ، هن کان صبر نہ ٿيو، پاڻ ئي شروع ٿي ويو:
”اڄ تہ يار ڪمال ٿي ويو. ڪمال بہ اهڙو، جنھن جو ڪو امڪان ئي ڪونہ هو.“
”پي.ٽي.وي واري ٽيسٽ ۾ پاس ٿيو هوندين؟“
”نڪو.“
”تہ پوءِ پڪ ئي پڪ واپڊا وارو آرڊر مليو هوندئي؟“
”نہ سھڻا، اڃا ئي ڪو ٻيو ڪم ٿيو آهي!“
"هاڻي ٻڌاءِ بہ کڻي، خواھہ مخواه پروليون ڇو پيو ڏئين يار.“
”اڄ شينا گهر پھچي ويئي!!“
”نہ نہ.....!!“
”قسم سان....!! سا بہ صفا الف اڪيلي....!!!“
”هل.......!!!! پوءِ تہ وڏا ٺَٺ ٿيا هوندا بابا. هيرون لڳيون هُونديون، بُوندون پَيون هُونديون، کِنوڻ کلي هُوندي، وَڏ ڦڙا وُٺا هوندا، ڌرتي ٻوڙان ٻوڙ ٿي هوندي....؟“
”نہ يار. اهڙو ڪجهہ ڪونہ ٿيو.“
”ڇو؟ باقي چندو وٺڻ آئي هئي ڇا؟“
”سمجهڻ جي ڪوشش ڪر يار." فراز چيو.
اسے دیکھنا، بس دیکھتے رہنا کافی تھا فراز
لوٹ آیا ہوں، دل میں لیکر دل کی بات"
”واھہ ڙي مجنون پٽ.... ڏاڍي ٿو ٻڌائين پيو.“
”تون جيئن بہ سمجهين..... پاڻ سيريس آهيون بابا، شادي ڪرڻ ٿو چاهيان هُن سان.“
”پوءِ عشق مان فائدو؟“
”عشق جو معراج اِهوئي تہ آهي.... هاڻي نڪر ٻاهر تہ هلي ڪا صلاح ثباب ڪيون، مون کان صبر نٿو ٿئي. ڪٿي ڦاٽي نہ پوان....!“
”دَٻ جهل ٻچا. اڃا تہ عشق جو رڳو آسرو مليو اٿئي، تہ اهي حال اٿئي. مون کي ڀؤٿو ٿئي، تہ اڳيان هلي، ڪپڙا ڦاڙي، ڪٿي شھر ۾ شينا شينا ڪندو نہ وتين!“
”سچ ٿو چوين يار، ائين ٿي بہ سگهي ٿو!“
”جي واقعي سيريس آهين، تہ پوءِ ڀلا رشتو کڻي وڃونس؟“
”ڳالھہ ڀلي، پر ويندو ڪير؟“
”پاڻ هلنداسين، ٻيو ڪير ويندو.“
”يار هن جو امريشپوريءَ جھڙو پروفيسر پيءُ، پاڻ کي تہ چَخي ئي ڪونہ ڪندو! هن ڪم لاءِ کپن، ڊگهين ڏاڙهين وارا کڙپيل قسم جا پوڙها، جن کي ڏسي اڳيان بہ سمجهن تہ اسان جا بہ ڪي وڏا ۽ وارث آهن، هروڀرو ڇورا ڇِنا ڪونہ آهيون.“
”ايڏو بہ پاڻ کي اَنڊر ايسٽيميٽ نہ ڪر. شينا کي فون ڪري، داٻي سان چئي ڇڏ، تہ سڀاڻي شام اسان اچون پيا، گهر ۾ انتظام ڪري وٺ،“ اسٽيٽ فارورڊ ٿي ڏيکار....“
پروگرام مطابق، ٻئي سؤٽ شينا جي گهر پھچي ويا. ڳالھہ ٻڌڻ کان پوءِ پروفيسر صاحب پنھنجي مخصوص انداز ۾ چيو.
”اڇا.... رشتو کڻي آيا آهيو مون وٽ....! عمر ڏٺي اٿوَ پنھنجي؟ حُليو ڏٺو اٿوَ پنھنجو؟ ڪنھن عزت واري ماڻھوءَ وٽ رشتو گهرڻ ائين وڃبو آهي.... هان؟“
”سر...سر، دراصل....“ سجاد وضاحت ڪرڻ چاهي، پر....
”خاموش! ڪانھي ضرورت وڌيڪ بَڪ ڪرڻ جي....“
”فضيلا....“
هوءَ تيزيءَ سان اندر آئي.
”هيءُ ڪھڙو تماشو لڳايو اٿوَ؟ ڪير آهن هي؟“
”سائين، هنن بابت مون رات اوهان کي ٻڌايو تہ هو، ياد ڪريو. هيءُ رڳو اوهان جي مرضي معلوم ڪرڻ آيا آهن. اوهان رضامندي ڏيکاري، تہ پوءِ هنن جا وڏا، باقاعدي رشتو کڻي اوهان وٽ ايندا.“
”ڪا ضرورت ڪانھي ڪنھن جي اچڻ جي، منع ڪري ڇڏ هنن کي.“
صورتحال کي سنڀالڻ جي ڪوشش ڪندي، بيگم فضيلا رازداريءَ واري انداز ۾ چيو:
”سائين، هي نوجوان، پنھنجي شينا جي مرضيءَ سان آيا آهن، سمجهي وڃو نہ.“
”شينا ڪير ٿيندي آهي مرضي هلائڻ واري؟ دماغ خراب ڪري ڇڏيو اٿئي ڇوڪريءَ جو. چڱي ڀلي گهر کي مذاق بنائي ڇڏيو اٿوَ....“ هُو اٿي اندر هليو ويو.
”معاف ڪجو پٽ. صاحب جو BP چڙهيل آهي. هارٽ جو بہ ٿورو پرابلم اٿس، هينئر هي ڪنھن جي بہ نہ ٻڌندو. موڊ ڏسي، وري بہ مان ڪوشش ڪنديس تہ راضي ٿي پوي.... هينئر اوهان ڀلي وڃو.“
”ٺيڪ آهي مس شينا کي ٻڌائي ڇڏجو، تہ واعدي مطابق اسان آيا هئاسين.“ هُو ڪنڌ جُهڪائي نڪري ويا. شينا سڄي رات، پيءَ جي انھيءَ رويي تي ڪڙهندي رهي. صبح ساڻ شھزاد کي فون ڪري، گهر ۾ رهڻ جي تلقين ڪيائين ۽ پاڻ بہ تيار ٿي پھچي ويئي.
”آئي ايم ساري سر! بابا کي ائين ڪرڻ نہ کپندو هو. جڏهن تہ رات اميءَ مون کي خاطري ڪرائي هئي، تہ هوءَ بابا کي راضي ڪري وٺندي.“
”پليز شينا، ڇڏيو اهي ڊرامي بازيون. گهر ۾ گهرائي، ذليل ڪرائڻ جو مقصد ڇا هو؟ شاديءَ لاءِ مون اوهان کي مجبور تہ نہ ڪيو هو. بلڪ اها تہ اوهان جي پنھنجي خواهش هئي. شينا دنيا جي آخري ڇوڪري تہ ڪانھي، جو ان کان سواءِ آءٌ ڪنوارو رهجي ويندس!“
”سر، توهان جذبات ۾ اچي منھنجي بي عزتي ڪري رهيا آهيو، ڇا توهان سمجهو ٿا، تہ اِن ۾ بہ ڪا منھنجي چال هئي؟ فارگاڊ سيڪ سر مون کي ايڏو تہ نہ ڪيرايو.....“
”تہ پوءِ هن ذِلت کي ڪنھن جي کاتي ۾ شمار ڪيان؟ ڪنھن کي ذميوار سمجھان، ٻڌايو....؟
جڏهن کان اوهان سان واسطو ٿيو آهي، بابا مون کي پاڻ کان ڪافي پري ڪري رکيو آهي، منھنجو ڪو بہ ڪم پسند نٿو اچيس. هاڻي اوهان ئي ٻڌايو تہ مان ڇا ڪريان؟“
”اهو اوهان جو گهرو معاملو آهي آءٌ ان بحث ۾ پوڻ نٿو چاهيان، پر گهر وارن کي راضي ڪرڻ، تہ اوهان جو ڪم هو نہ؟ اعتبار ڪري اسان کي ذليل ٿيڻو هو، سو ٿياسين. اهي ڳالھيون، اتي ختم نہ ٿينديون. اوڙي پاڙي ۾ بہ ڦھلبيون، اڃا بہ رسوا ٿينداسين، اڃا بہ خوار خراب ٿينداسين. شريف ماڻھوءَ وٽ ڦرڻ جھڙي شيءِ، هن جي عزت ئي تہ آهي، سا بہ ڦرائي ويٺاسين، وڌيڪ اسان کان ڇا ٿيون چاهيو؟“
”پليز شھزاد، مون کي آزمائش ۾ نہ وجهو قسم سان، مان جان ڏيندي بہ دير ڪانہ ڪنديس. ڀلي ڪجهہ بہ ڪريو، مان اوهان سان گڏ آهيان حڪم ڪري ڏسو، ڀڄي هلون شائستہ عالماڻي ۽ بلخ شير مھر وانگر، ٻڌايو...؟“
”شائستہ عالماڻيءَ جو نالو، احترام سان وٺو. هوءَ هن دور جي سسئي ثابت ٿي آهي جيڪا پنھنجي پنھل خاطر، هِن ڪوڙهيل سماج جي ريتن، رسمن، ٿاڻن، ڪورٽن، جرڳن ۽ فيصلن جي بٺيءَ ۾ سڙي پچي ڪُندن ٿي نڪتي، تڏهن مراد ماڻيائين. اڄ جي ڇوڪرين لاءِ هوءَ رول ماڊل ٿي پئي آهي.“
”پاڻ بہ ان جي واٽ تي هلي، امر ٿي وينداسين.“
”امر ٿيڻ، ايڏو سَوَلو بہ ڪونھي، جو گهران نڪتل هر ڇوڪري ٿي وڃي. خوش قسمتيءَ سان، هُنن جو معاملو، خواتين جي هڪ اين.جي.او وسيلي، ملڪي سرحدن مان نڪري يورپ ۽ آمريڪا جي ميڊيا تائين پھتو هو. انڪري، دنيا جي ڪيترن ملڪن، انساني همدرديءَ جي بنياد تي، هنن کي پناھہ ڏيڻ جي پيشڪش ڪئي هئي. هينئر هو ”ناروي“ ۾ معزز شھرين وانگر، ٻارن ٻچن سميت، پُر سڪون ۽ خوشحال زندگي گذاري رهيا آهن.“
”ڪوشش ڪرڻ سان، اهڙي شھريت پاڻ کي بہ ملي سگهي ٿي، سر!“
”هڪڙي ڳالھہ تہ ٻڌايو، اوهان کي منھنجي ضرورت آهي، يا يورپ جي شھريت جي؟“
”سھڻا سائين، يورپ ۾ بہ، اوهان سان ئي تہ رهنديس نہ!“
”بھتر ٿيندو، تہ پنھنجي ماءُ پيءُ کي، ڪنھن بہ طريقي سان راضي ڪري وٺو، پنھنجي لاءِ هيءُ ملڪ بہ يورپ کان گهٽ ناهي. رڳو عزت ۽ سڪون سان رهڻ ڏنو وڃي.“
هوءَ هڪ نئون عزم ۽ نئون ٽاسڪ کڻي گهر پھتي، پنھنجي روزمره جو سڄو نظام بدلائي ڇڏيائين. کائڻ پيئڻ بند، ڳالھائڻ ٻولھائڻ بند، گهمڻ ڦرڻ بند.
ڏينھن رات ڪمري ۾ بند، گويا مرڻ گهڙيءَ تائين هر قسم جي هڙتال ڪري ويٺي.
”راڻي ڌيءَ، ڇو اچي ضد تي چڙهي آهين. ڇو ٿي اسان کي پريشان ڪرين. اسان کي کڻي ڇڏ، پاڻ پنھنجي حالت ڏس، تہ ڇا مان، ڇا ٿي ويئي آهين!“
هوءَ خاموش رهي.
”ماءُ سان ڪجهہ تہ ڳالھاءِ مٺي، ٽوڙ کڻي چُپ جي روزي کي.....“
”اوهان اهوئي ٿا چاهيو نہ، تہ مان هن گهر ۾، نہ هجان، نہ اوهان کي تنگ ڪيان؟ ان جو بھترين ريقو اهوئي آهي، تہ مان بک هڙتال ۾ ئي مري کپي ٿي وڃان، خودڪشيءَ جو الزام مون تي لڳي، اوهان جي جان بہ ڇٽي پوي....“
”خير گهر مٺي، ڪير ٿو ائين چاهي؟ خبر ناهي ڪٿان اهي منحوس خيال تنھنجي ذهن ۾ ٿا اچن، اسان تہ سدائين دعائون ٿا گهرون تہ شال عزت واري گهر ۾ هجين ۽ سکي ستابي هجين، ڪنھن سُڃي ۽ بيڪار ماڻھوءَ وٽ ڪھڙا سک ڏسندينءَ پٽ؟“
”سڃو آهي بيڪار آهي يا بي گهر آهي، پر مان پنھنجي زندگي ان سان گذارڻ ٿي چاهيان، تہ اوهان کي ڪھڙو اعتراض آهي؟“
”پٽ خبر ناهي ڪھڙو جادو ڪيو آهي، ان منحوس توتي، جو صفا چري ٿي پئي آهين. اسين تہ حيران آهيون! اچي صاحب تہ اڄ هن سان کُلي ڳالھائينديس. تيسين تون ڪجهہ کائي تہ وٺ. هي صوف ۽ ڪيلا اٿئي. جوس جا پئڪٽ اٿئي. ڀلا چانھہ ٺاهي ڏيانءِ، سٺي کير پتيءَ واري؟“
”منھنجي روزي کي وچ ۾ ٽوڙڻ جي ڪوشش نہ ڪر امي پليز..... مون مقصد ماڻڻ تائين، کائڻ پيئڻ پاڻ تي حرام ڪري رکيو آهي. گهڙي گهڙي تنگ نہ ڪر مون کي.“
رات واري مانيءَ تي، فضيلت بيگم، لڙڪن ۽ سڏڪن سان، مڙس اڳيان ڌيءُ جو قصو بيان ڪيو. هٿ جوڙي، ايلاز منٿ بہ ڪيائين، پر پيءُ تي بظاهر ڪو اثر نہ ٿيو. هن پنھنجي انڪار جي جواز ۾، دليلن جا دريا وهائي ڇڏيا. ماءُ بہ مست درياء اڳيان، مامتا جا مضبوط بند ٻڌي بيٺي. آخرڪار پيءُ کي لاڏلي ڌيءَ خاطر دل تي رکي، پنھنجي موقف ۾، لچڪ پيدا ڪرڻي پئي. چند معمولي شرطن تي نيٺ هُو راضي ٿي پيو.
1- شاديءَ لاءِ ڪا بہ روايتي خوشي ڪانہ ملھائبي، ڄڃ ڪانہ ايندي.
2- گهوٽ سان گڏ، نڪاح لاءِ فقط مولوي ۽ ٽي شاهد ايندا.
3- نڪاح، رات يارهين کان پوءِ لوڊشيڊنگ دوران ٿيندو، ڪا بہ روشني نہ ٿيندي.“
فضيلت بيگم، شرط قبول ڪري، فوراً ڌيءُ کي خوشخبري پھچائي. شھزاد کي بہ فون تي اطلاع ڏنو ويو.
مقرر وقت تي گهوٽ پنھنجن ساٿين سميت پھچي ويو. کين خاموشيءَ سان ڊرائينگ روم ۾ ويھاريو ويو. ماءُ ڀاڪر جو سھارو ڏيئي، شينا کي وٺي آئي. ميڻ بتيءَ جي مڌم روشنيءَ ۾، هن جي حالت ڏسي سڀ حيران ٿي ويا. يرقان جي مريض جھڙو پيلو، نٻل چھرو، ڏرا ڏنل اکيون، هڙٻاٺيون نڪتل، ڏڪندڙ، ضعيف جسم، گلاب جي گل جيان ٻھڪندڙ ڇوڪري، ٻن ڏينھن ۾ ڇا مان ڇا ٿي ويئي، پر سندس حالت تي ڳالھائڻ جي ڪنھن کي همت ئي ڪانہ ٿي. هر شخص، پنھنجو ڏک اندر ۾ سانڍي، خاموش رهيو.... نڪاح نامي جي سڀ خانہ پُري، ڌرين کان صحيحون ورتيون ويو. شينا بہ ڏڪندڙ هٿن سان صحيحون ڪري آڱوٺا هنيا. سجاد مٺائيءَ جو پئڪٽ کڻي اُٿيو، تہ پروفيسر منع ڪري ڇڏيس:
”رهڻ ڏي نوجوان، پنھنجي گهر وڃي اهو ڪم ڪجو.“
”سر هيءُ تہ رسم آهي.“
”پر هيءُ ڪا رسمي شادي تہ ڪانھي!“
بحث جي گنجائش ڪانہ هئي، انڪري سڀ خاموش رهيا.
”فضيلا بيگم، ڪم لٿو، تہ هِنن کي روانو ڪر.“ هن رُکي انداز ۾ چيو.
سائين نياڻيءَ جا وارث اوهان آهيو، دعائون ڏيئي گهر مان رخصت ڪيوس، سنوڻ آهي“ هُو ڪجهہ ڳالھائي، ان کان اڳ، شينا سندس پيرن ۾ ڪِري پيئي.
”بابا جاني، مون کي معاف ڪريو، مون نادانيءَ ۾ اَنگل اَرڏايون ڪري اوهان جي دل ڏکائي آهي. رخصتيءَ ويل چؤ، تہ اوهان مون کي معاف ڪيو آهي، تہ مون کي سڪون ملي ويندو.“ هن ڳالھائڻ جي خواهش ڪئي، پر دل ڀَرجي آيس، ڪجهہ چئي نہ سگهيو.
”چؤ بابا جاني،.... چؤ، تہ اوهان مون کي معاف ڪيو آهي....“
”پٽ، تون مون کي..... سِر ساھہ کان بہ پياري آهين ننڍي هوندي کان ئي ماءُ کان وڌ.... مان تنھنجو خيال رکندو هئس.... کٽمٺا ۽ ٽافيون چٻاڙي چُورو ڪري تنھنجي وات ۾ ڏيندو هئس.... تہ متان تنھنجي ڪَچڙن ڏندن کي ڪا تڪليف نہ پھچي......“
هُو لُڙڪ روڪي نہ سگهيو. آواز گلي ۾ رَهڙجي ويس. منھن تي پگهر جا ڦڙا اُڀري آيس. هٿ ڏڪڻ لڳس. فضيلت بيگم، ڪلھي تي هٿ رکي کيس آٿت ڏنو:
”ٽينشن نہ وٺو سائين، آرام آرام سان ڳالھايو.“ هوءَ پاڻ بہ ڏک ۾ ڀريل هئي.
”مون چاهيو هو، تہ تنھنجي تربيت.... اهڙي ڪيان.... جو تون ڪنھن منزل تي پھچي سگهين.... پر افسوس.... ائين نہ ٿي سگهيو..... مون کان تربيت ۾ شايد ڪا ڪوتاهي رهجي ويئي..... اڄ تہ تو اڳيان پويان سڀ ٿورا لاهي ڇڏيا پٽ.... اڄ کان تون اسان لاءِ.... اسين تنھنجي لاءِ..... مري چڪا آهيون....!!! وري ڪڏهن بہ.... هڪ ٻئي جو منھن.....“
هن جي ڳالھہ اڌ ۾ رهجي ويئي. سيني تي هٿ رکي، ڪرسيءَ تي ڍُرڪي پيو تہ سندس ساھہ جو پکيئڙو اُڏامي ويو......!!!
شينا ۽ فضيلت بيگم رڙ ڪري مٿس ڪري پيون. مھمان جو کيس ڦري بيٺا. مولوي صاحب نبض چيڪ ڪري، ”اِنﷲ“ پڙهي، تہ ماحول تي ڄڻ وڄ ڪڙڪي پيئي......... شينا ۽ سندس ماءُ جا ماتمي رانڀاٽ، اُڀ ڏاريندا رهيا....!!! سڄي ڪالوني اچي ڪَٺي ٿي.....