App Icon

ڪهاڻي گهر

بهترين تجربي لاءِ اپليڪيشن انسٽال ڪريو

نِدا

ليکڪ: رسول ميمڻ | پڙهڻ جو وقت: 6 منٽ

اهو ڪمرو هڪ پُراسرار حقيقت هو. ڪمرو ڇا هو؟ روحن جو پڃرو هو. مٿي ڄارا لڳل هئا، جن ۾ ڪوريئڙا مئل هئا ۽ کين پتنگ کائي رهيا هئا. کٻي پاسي ڀت کي ٽيڪ ڏئي الماري ائين بيٺل هئي، جيئن ڪو خاموشي ۽ افسوس مان کاڏيءَ تي هٿ رکي ان پلنگ کي ڏسندو هجي جنھن تي ڪڏهن اسڪول ماستر نورالامين نوروز پنھنجيءَ زال سان سُتل هوندو هو. ڀت ۾ بلب ڀرسان گهڙيال بہ ساڳيو هو، جنھن جو پينڊوليم ڍلي سلوار جي اڳٺ جيان پئي لڙڪيو، ۽ گهڙيال هيٺان ماستر نورالامين نوروز جو فوٽو، جيڪو پتل جي مضبوط فريم ۾ ڪوڪن سان ائين لڳل هو، جيئن ڀت جي پلستر سان ملي هڪ ٿي ويو هجي. ماستر نورالامين نوروز جو رنگن کان عاري اڇو ڪارو فوٽو ائين ڏسبو هو، جيئن واقعي ئي اهو ڪنھن مئل ماڻھوءَ جو هجي. اڇي پڳ ۽ ڪاري ڪوٽ وچ ۾ ڦاٿل منھن ڪبوتر جي آکيري جيان هو، جنھن ۾ ٻہ اڇا آنا ۽ ڇڳل کنڀ لڙڪي رهيا هئا.
پيءُ جي وفات کان پوءِ سندس پٽ نواب الدين نوروز ماءُ جي فوٽوءَ کي ڳولھڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي، جيڪو سائيز ۾ لڳ ڀڳ هن جي پيءُ جي فوٽوءَ جيترو هو، سندس پيءُ اهو فوٽو ڪٿي لڪائي رکيو هو، ڇو جو ان جي نظر جڏهن فوٽوءَ تي پوندي هئي تہ صدمي کان سندس آھہ نڪري ويندي هئي. ان ۾ ڪو شڪ نہ هو تہ هن جي ماءُ ان وقت دنيا ۾ موجود سڀني عورتن کان حسين هئي، ڇو جو اهڙي گواهي نواب الدين نوروز جون اکيون ڏئي رهيون هيون، جيڪو تڏهن ڇھن سالن جو مس هو ۽ اِها اهڙي عمر هوندي آهي، جنھن ۾ ماءُ جھڙي هستي دنيا ۾ ٻي ڪا موجود نظر نہ ايندي آهي.
نواب الدين نوروز جي بدقسمتي هئي، جو هن ننڍپڻ ۾ ماءُ کي دهشت گردن هٿان مرندي ڏٺو. مارڻ کان اڳ انھن جڏهن ماءُ سان زبردستي ڪئي تہ پيءُ کين التجا ڪئي. ”اهڙي عمل کان اڳ مون تي رحم کائي، گولي هڻي ڇڏيو.“ پر دهشتگردن هن تي رحم نہ کاڌو ۽ گولي نہ هنئي، پيءُ جيئري مري ويو. اهي ڪراچيءَ جا بدترين نسلي فساد هئا جن کان کارادر اهو آغا خاني گهراڻو متاثر ٿيو. انھن فسادن ۾ نورالامين نوروز جي ڇھن سالن جي ڌيءَ ’ندا‘
وڃائجي وئي. زال جي دکدائڪ موت ۽ معصوم ڌيءَ جي وڇوڙي کانپوءِ نورالامين نوروز بہ گهڻو وقت رهي نہ سگهيو. هڪ ڏينھن گهر کان نڪتو، رات تائين واپس نہ آيو. ٻيو ڏينھن ٿيو ۽ وري ٽيون ڏينھن، نيٺ چوٿين ڏينھن هن جو لاش آيو، سندس منھن مڇيون کائي ويون هيون ۽ چمڙيءَ هيٺان مڇين جھڙا نفرت جا ڪنڊا ظاهر ٿي رهيا هئا. چچريل چھري ڪري کيس پاتل واچ مان سڃاتو ويو، جنھن جا ڪانٽا هلي رهيا هئا.
اها واچ هاڻي نواب الدين نوروز جو سڀ کان وڏو سرمايو هئي جيڪا الماريءَ جي خاني ۾ هڪ ننڍڙي پيٽيءَ اندر سرد لاش جيان رکيل هئي ۽ جڏهن نواب الدين نوروز پيٽي کولي ان کي هٿ ۾ کڻندو هو تہ آٽوميٽڪ واچ جون سُيون هن جي دل ۾ موجود نفرت ۽ بدلي جي باھہ جيان ڀڙڪي ائين ڊوڙڻ لڳنديون هيون، جيئن جسم جو رت، جنھن ۾ سڀ نفرتون، اَذيتون، ۽ اَلمناڪيون ڪنھن ٻوڏ ۾ لڙهنديون، رڙيون ڪنديون، ٻاڏائينديون وينديون هجن.
نواب الدين نوروز جڏهن ڌڪا کائي جوان ٿيو تہ هن ڌڪا ڏيڻ شروع ڪيا. سڀ کان پھريون ڌڪو پاڻ کي ڏنو، جنھن ۾ هن جو ضمير هيٺ ڪِري روڊ تي هلندڙ ٽرالر جي ڦيٿي هيٺان چيڀاٽجي مري ويو. هن ٻيو ڌڪو اهڙي عورت کي ڏنو، جيڪا ان ساڳي پلنگ تي ڪِري جنھن تي ڪڏهن هن جي ماءُ سان ڏاڍائي ڪئي وئي هئي.
گهر جي ان واحد ڪمري ۾ هاڻي ڪوبہ نہ هو سواءِ خاموشي ۽ اوندھہ جي، جنھن ۾ نواب الدين نوروز جون سِسڪيون اُڀرنديون هيون. هن جون آهون ائين اُڀرنديون هيون جيئن سانوڻ جو سج، جنھن ۾ صرف سوجهري جو احساس هوندو آهي ۽ سج پاڻ ڪڪرن پِويان لڪيل هوندو آهي. هن جي سڏڪن ۾ ميِنهَن ڪڻين جو آواز سمايل هو ۽ هن جو انتقام اهڙي وڄ جنھن پويان ڏک گجگوڙ ڪندو آهي. پلنگ سامھون لڳل سندس پيءُ جي فوٽوءَ ۾ ڪڏهن ڪا جنبش پيدا نہ ٿي. ان ڪمري جي ڇت کي لڳل ڄارو نواب الدين نوروز جي ذهن مان نڪتل تاندورا هئا، جن ۾ يادن جا ڪوريئڙا وچڙي وقت جو کاڄ ٿي ويا. هُو فلٽر وارو سگريٽ پي سوچي نہ سگهندو هو. جڏهن فلٽر ڀڃندو هو تہ پوءِ سوچڻ جي قابل ٿيندو هو.
هڪ ڏينھن هن آندل اوڻويھن سالن جي عورت جي ويجهو اچڻ جي ڪوشش ڪئي تہ سندس حيرت جي ڪا حد نہ رهي. هن جا جذبا سرد ٿي ويا. ان جو سبب سندس پلنگ سامھون لڳل پيءُ جو فوٽو هو. هن جڏهن عورت کي ڇُهڻ جي ڪوشش ڪئي، کيس لڳو پويان ڪنھن آواز ڏنو هجي. هن ڏٺو سامھون لڳل پيءَ جي فوٽوءَ ۾ جنبش ٿي. هن محسوس ڪيو سندس پيءُ ڄڻ فوٽوءَ ۾ جيئرو ٿي پيو هجي. اهو پھريون دفعو هو جو هن سامھون اهڙو لقاءُ رونما ٿي رهيو هو. هن کي فوٽوءَ مان پيءُ جون اکيون گهوريندي نظر آيون. انھن ۾ ناراضگيءَ جو اظھار هو. ۽ کيس محسوس ٿيو فوٽوءَ جو فريم لڏي ويو هجي. جڏهن تہ اهو فريم ڀت ۾ تمام مضبوطيءَ سان لڳل هو. هن کي لڳو ڪمري ۾ ڪو روئندو هجي. هُو اٿيو ۽ غور سان ڏٺائين کيس محسوس ٿيو ڄڻ فوٽوءَ جي اکين مان ڳوڙها وهندا هجن. فوٽوءَ ۾ پيءُ جي اکين کي ڇُهي ڏٺائين، هن جون اکيون آليون ٿي ويون. کيس حيرت ورائي وئي تہ اهو ڪيئن ممڪن آهي تہ پراڻي فوٽوءَ مان تازا ڳوڙها وهندا هجن.
هُو واپس پلنگ تي موٽيو ۽ هن ڏٺو عورت جا ڳل وڌيڪ روشن هئا. اهي ڳوڙهن جي پاڻياٺ ۾ چمڪي رهيا هئا. هن سوچيو نماشام آهي. شفق جي روشنيءَ ۾ ماڪ پنھنجو اثر ڏيکاري رهي آهي. سمنڊ ويجهو آهي. هر شيء اندر گهم سمائجي ان کي آلو ڪري ڇڏيو آهي. نواب الدين نوروز پنھنجن جنسي جذبن کي گڏ ڪري عورت جي ويجهو آيو تہ کيس احساس ٿيو تہ پويان هن جي پيءُ جون اکيون کيس ڏسي رهيون آهن.
هُو ڀت ۾ لڳل فريم ويجهو آيو ۽ پنھنجن هٿن سان فريم کي پٽڻ شروع ڪيائين. فريم مضبوطيءَ سان لڳل هو ۽ ڀت جي پلاسٽر ۾ ڄميل هو. هُو وحشي ٿي پيو ۽ سوچيائين فريم پٽي ان کي اونڌو ڪري ڇڏي، جيئن پيءُ جي نظر هن تي نہ پوي. نيٺ هن فريم کي لوڏي ڪوڪن سوڌو ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. ان کي اونڌو ڪري ڏٺائين تہ هن کان ذري گهٽ رڙ نڪري وئي. پويان هن جي ماءُ جو فوٽو هو، جيڪو سندس پيءُ اتي لڪائي ڇڏيو هو. ماءُ جو فوٽو ڏسي سندس اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا. مُڙي پلنگ تي ويٺل عورت جي معصوم منھن کي ڏٺائين. ان جي شڪل هوبھو هن جي ماءُ جھڙي هئي. فوٽوءَ ۾ ان جي ماءُ جو چھرو اهڙو ئي خوبضورت ۽ جوان هو جھڙو ان پلنگ تي ويٺل عورت جو. هُو وڌيڪ ڏسي نہ سگهيو. ڀت ۾ فريم جو، پيءُ وارو پاسو ٽنگي واپس مڙيو تہ کيس پيءُ جي نظرن کان خوف محسوس ٿيو. ڏڪندو پلنگ تي آيو ۽ اتي ويٺل عورت پويان لڪي ائين ڳوڙها ڳاڙڻ لڳو، جيئن ڪڏهن شرم کان ماءُ پويان لڪندو هو.