ننڍڙو فرشتو
ليکڪ: بھادر ٽالپر | پڙهڻ جو وقت: 5 منٽ
هُو پنھنجي اوائلي تعليم جي زماني واري زبون ٿيل ڪچيءَ عمارت واري پرائمري اسڪول وٽان گذري رهيو هو تہ کيس اسڪول کي انتھائي ويجهي کان ڏسڻ جو خيال آيو. اُلھندئين ڪمري کي ڪاٺ جو در ۽ دريون ۽ اُڀرندئين ڪمري کي ڏاڪائون در ۽ دريون! هُن اُڀرندئين ڪمري جي ڏاڪائين در مان سج جي ڪِرڻن جيان اندر نھاريو تہ کيس هر شيءِ چِٽي ڏسجڻ لڳي. ڪرسي اندر ڪانہ هئي ۽ نہ ئي ٽيبل، بوسيده ڪچيون ڀتيون اندران کيس سلامي ڏئي رهيون هيون! اندر اُترئين ڀت جي دريءَ مٿان هڪ پرانو بليڪ بورڊ ٽنگيل هو، جنھن تي زماني جي دز ڄمي، ان جي ڪاراڻ کي زخمي ڪري ڇڏيو هو. پنھنجي نگاھہ جا تِرڇا ڪِرڻا هيٺ زمين ڏانھن وڌائين تہ کيس ڪلراٺي مٽيءَ جا اُڀريل نشان ائين نظر آيا ڄڻ غريبي اندر اسڪول ۾ آھہ و پڪار ڪندي هجي!! هن پنھنجي دل تي هٿ رکيو تہ کيس لڳو اها سندس اسڪولي زماني واري وقت ۾ ڌڙڪي رهي هئي!!
سانول جي من مان روح اُڇل کائي ڏاڪائين در مان اندر هليو ويو. هن ڪمري جي اوڀر- ڏکڻ واري ڪُنڊ ۾ ڏٺو تہ کيس پٽيءَ جھڙي ڪا شيءِ نظر اچڻ لڳي، هن ڊوڙي وڃي ان کي کڻي صاف ڪيو. پٽيءَ تي اکر ڪين هئا، البت هيٺ پٽيءَ جي ڪور تي کيس ٽُٽل ڦٽل ”ساو...“ جھڙو لفظ نظر آيو. هن جي روح نچندي ڪُڏندي پٽي کي چميو.... ڄڻ اها سندس لاءِ ڪو مقدس صحيفوءَ ڪتاب هئي. پريان ٻيءَ ڪنڊ ۾ ننڍي ٻار جھڙو معصوم فرشتو کيس ڏسي مُرڪي رهيو هو. جنھن جي کيس خبر نہ هئي تہ اهو کيس ڏسي رهيو آهي.
هن جي حواسن تي هڪ عجيب خوشبو ڇانئجي رهي هئي. جنھن کي هن اڳ ڪڏهن بہ محسوس نہ ڪيو هو. ”ساو...“ ۽ ”سانول“ ۾ ٿورو اڻ لکو فرق هو، جيئن ڪرم ۽ ڪريم ۾ فرق هوندو آهي! هُو سوچي رهيو هو: ”زماني جي دستبرد کان بچي پٽي سندس هٿن ۾ پھتي هئي...!“
سانول جي اکين ۾ خوشيءَ هاڻا لُڙڪ چمڪڻ لڳا ۽ سندس چپن کي ڪنھن ازلي مرڪ چميو! اُن مُرڪ کي ڏسي ننڍي ٻار جھڙي فرشتي کان پريان ٻي ڪنڊ ۾ ٽھڪ جھڙو هڪ بي ساختہ آواز نڪري ويو! پر سانول اهو ٻڌي نہ سگهيو، جو هن جي حواسن تي ڇانئيل عجيب خوشبو کيس اڃا وڌيڪ مدهوش بڻائي رهي هئي!! مدهوشيءَ جي ڪيفيت ۾ هن وري بہ پٽيءَ کي چُميو ۽ کيس ماءُ جي ممتا ياد آئي.... ۽ نِم جي اها ڇانوَ بہ.... جنھن جي هيٺان ڪڏهن گهر جا ڀاتي ويھندا هئا..... ۽ هڪ پتڪڙي سماج جي شڪل ظھور پذير ٿيندي هئي! سانول جو روح ڪنھن خيالي بئنچ تي ويھي پٽيءَ ڏانھن ڏسندي ڪي پُور پچائڻ لڳو! ٻاهران ڏاڪائين در مان سندس من کيس پڪاري واپسيءَ لاءِ چئي رهيو هو! سج اڃا تازوئي اُڀريو هو. جنھن جي ڪِرڻن ۾ رنگن جي بھار هئي ۽ رنگن مان ڪيترائي جيوَ محفوظ ٿي رهيا هئا.... اهي ڪِرڻا ڏاڪائين در مان داخل ٿي ڄڻ سانول کي ڳولي رهيا هئا… ۽ وري سانول جو روح ڪِرڻن جي سھڪار سان آثار قديمہ جي کاتي جي ڪنھن سرڪردي ڏانھن خط لکي رهيو هو. جنھن ۾ ڄاڻائي رهيو هو تہ ”هن پراڻي اسڪول جي عمارت کي تاريخي قرار ڏئي، ان جي حفاظت لاءِ جوڳا بندوبست ڪيا وڃن…!!“ سانول جي روح ڊوڙي وڃي اهو خط ڳوٺ جي ٻڍڙي پوسٽ مين جي هٿ ۾ ڏنو…! پوسٽ مين جا هٿ ڏڪي رهيا هئا…! سانول جي سوچ سندس پيءُ جي ڏڪندڙ هٿن ڏانھن هلي وئي… ۽ رٽائرمينٽ جي ويجهو پھتل اسڪولي زماني واري ان استاد جي هٿن ڏانھن…!! جنھن کيس ڪڏهن چيو هو: ”قلم جي حفاظت ڪمزور هٿن کي مضبوط بڻائيندي آهي…!!“ هن اهو ٻڌي تڏهن پنھنجي هٿ ۾ جهليل قلم کي ڏٺو هو ۽ ان جي طاقت جو اندازو لڳايو هئائين. ليڪن شعور جي سطح هيٺ هئڻ ڪري ان جو درست اندازو نہ ڪري سگهيو هو!
هن جو روح شديد ڏک ۾ وٺجي ويو، جڏهن ڇِت ۾ ڏٺائين تہ هڪ وڏو سوراخ هو، جنھن مان آسمان نيري ٽُٽل اڳڙيءَ جيان ڏسجي رهيو هو. هن کي لڳو ”هن جي دل ۾ سوراخ ٿي ويو آهي… ۽ احساس ان سوراخ جي زخم جي شدت سبب روئي رهيا آهن“ تہ هن کان بہ هڪ اوڇنگار نڪري وئي…!! پريان ٻيءَ ڪنڊ ۾ ننڍڙو فرشتو بہ ڏکارو ٿي ويو…! ۽ ڏاڪائين در مان ٻاهران تڪيندڙ سندس من کي بہ زبردست جهٽڪو لڳو…!! سانول لاءِ سندس هيءَ پھرين مادر علمي، ماءُ مثل هئي، جنھن کي ٻيو جنم ڏنو هو، جنھن جي جسم تي ڄڻ ڪپڙا ڪونہ هئا…!! آسمان بہ ان سوراخ مان اندر ڏسي اشڪبار ٿي رهيو هو…!!
سانول کي اسڪولي زماني ۾ ڪمري جي اُڀرندين ڀِت تي شيٽ تي لکيل اهو بيت ياد آيو: ”اڙي غافل! سنڀالي هل، زمانو بيوفا آهي…!!“ تہ هن ان ڀِت ڏانھن چِتائي ڏٺو تہ کيس ان ڀِت تي گاري جو هڪ اٿڙيل چاپڙ ئي نظر آيو… ۽ اتي ڪوبہ بيت وغيرہ لکيل نہ هو. هن پنھنجي دل جي ديوار تي هٿ رکيو تہ اتي کيس هڪ گاري جو چاپڙ اٿڙيل محسوس ٿيو…! هن ڪرسي ڳولي، بئنچون ڳوليون… ڪرسيءَ تي ويٺل سندس آخري ڪلاس واري استاد کي ڳوليو…!! پر کيس انھن مان ڪوبہ نظر نہ آيو. سندس وات مان بي اختيار نڪتو: ”اڙي غافل! سنڀالي هل، زمانو…“ زمانو کان اڳتي باقي حرف کانئس اُڪلجي نہ سگهيا… ۽ هن پاڻ کي ڏاڪائين در جي ٻاهران بيٺل ڏٺو. سج هاڻ سندس مٿان بيٺل هو. هن ڪنڌ مٿي ڪري سج ڏانھن ڏٺو، اکيون پورجي ويس ۽ قدم پاڻمرادو گهر ڏانھن کڄندا ويس… پر هُو ڪن گهرين سوچن ۾ وري الاءِ ڪيڏانھن پوئتي پوئتي پِئي ڌڪجندو ويو…!!!