App Icon

ڪهاڻي گهر

بهترين تجربي لاءِ اپليڪيشن انسٽال ڪريو

ڪُتي جو آپگهات

ليکڪ: علي رضا قاضي | پڙهڻ جو وقت: 9 منٽ

نالي ۽ شڪل ۾ تہ هُو ڪُتو هو، پر شينھن هو شينھن! جنھن پاڙي ۾ رهندو هو اتي هن جي ايتري دهشت ۽ ڌاڪ هوندي هئي جو مجال آهي ڪو ڌاريو ڪُتو هن جي والاريل علائقي ۾ پير پائي…!
خير هو ڇا بہ هو، پر هئو تہ ڪُتوئي. ان ڳالھہ جو احساس تھائين هن جي اندر کي وڍي ڇڏيندو هو، جڏهن شھر جا اڪثر ماڻھو هن کي لوسي سمجهندا هئا!
شھرين جي نظر ۾ هر اهو ڪتو لوسي هو، جيڪو ماڻھن کي ڏسي پڇ لوڏي ٿو. ’پڇ لوڏڻ‘ جي ڳالھہ اهڙي هئي، جتي مڙني ڪُتن جي وفاداريءَ سان وڙهي مرڻ تي سواليہ نشان اچي ويندا هئا!
ڀلي هُو واگهہ سان مقابلو ڪن يا جهنگلي ڪُتن سان مھاڏو اٽڪائين يا چورن سان وڙهي ماڻھن کي نقصانن کان بچائين، پر هنن جو درجو لوسي ڪُتن جو ئي هو!
پاڙي جي ان شينھن جھڙي دلير ڪُتي کي پنھنجي ٻاروتڻ جي ڪا بہ خبر نہ هئي. بس ايترو سو ياد هئس تہ هن جي ماءُ هڪ تيز رفتار ڪار جي ڦيٿن هيٺيان اچي چيڀاٽجي مري وئي هئي!
هن کي اڪثر ماءُ جي ياد ايندي هئي، پر سمجهندو هو تہ پاڻ پيءُ جھڙو آهي. هڪ ڀيري ڪنھن پوڙهي ڪُتي جي واتان اها ڳالھہ ٻڌي هئائين تہ ’ٻپيرو وڃي ماءُ تي، چؤپيرو وڃي پيءُ تي!‘ ڇاڪاڻ تہ هو چؤپيرو هو سو خيال ڪندو هو تہ پنھنجي پيءُ جھڙو آهي. حالانڪہ ڪڏهن بہ پنھنجي پيءُ کي ڏسي نہ سگهيو هو. ڪڏهن خيال ايندو هئس تہ ڪاش هن کي پنھنجي پيءُ جي شفقت ۽ محبت ملي سگهي ها....!
شھر جا پوڙها ڪُتا، اڪثر ان سان پڻس جا حال احوال اوريندا هئا. ٻڌائيندا هئس تہ ان جو پيءُ پنھنجي وقت جو وڏو ڪوپو جوان هو، جنھن دنگن ۽ ننگن جي حفاظت لاءِ ڪيتريون ئي لڙايون لڙيون هيون. هڪ ڀيري جهنگلي ڪُتن جي لوڌ سان مقابلي ۾ سخت زخمي ٿي مري ويو هو. هُو پنھنجي پيءُ جون ساروڻيون ٻڌي جذباتي ٿي ويندو هو، ساڳئي وقت اها خواهش ڪَرُ کڻندي محسوس ڪندو هو تہ ڪاش هُو بہ پنھنجي پيءُ جيان وڙهندي مارجي وڃي!
هُن کي ڪنھن هڪ ڀيري ٻڌايو هو تہ گهرن اندر رهندڙ ڪُتا، ماڻھن جا غلام هوندا آهن، انڪري هن فيصلو ڪيو هو تہ گهٽيءَ جي مُهڙ ۾ ئي ڪا ڪنڊ وسائي… اها ٻي ڳالھہ تہ جنھن گهر جي ڀت ڀرسان رهندو هو، ذهني طور ان ماڻھوءَ کي پنھنجو مالڪ سمجهندو هو. صبح شام ان گهر مان هڪ ماني هن جي پيٽ قوت لاءِ پڻ ڪافي هئي. اها ماني پنھنجي لاءِ وڏو ٿورو سمجهندو هو، جنھن احسان کي لاهڻ جا جتن پيو ڪندو هو.
آخرڪار ڪافي ڏينھن کان پوءِ اهو موقعو اچي ويو، جڏهن هڪ اماس جي رات، جهنگ جي ڪُتن هن جي پاڙي مٿان راتاهو هنيو. حملي جي خبر جهنگ جي باھہ جيان سڄي پاڙي ۾ پکڙجي وئي. هر طرف ڪُتن جي باهوڙ مچي وئي. ڪجهہ ڪتن مقابلي بدران ڀڄڻ کي اوليت ڏني تہ هن سميت ڪافي ڪُتن وڙهي مرڻ کي ترجيح…
هُو انھن مان هو، جيڪي چاهين پيا تہ پاڙي جي عزت آبرو خاطر پنھنجي جان قربان ڪري ڇڏجي. هن اونايون شروع ڪيون، جنھن جو مطلب هو سڀ گڏ ٿي ٻاهرين جو مقابلو ڪريو… اوناين ۾ هن جون هڪلون بہ شامل ٿي ويون. گهمسان جي لڙائي شروع ٿي وئي. سامھون ايندڙ وحشي خطرناڪ ڪتن سان مقابلو ڪرڻ ڪو سؤلو تہ نہ هو، پر هن همٿ نہ هاري ڪيترن کي ميدان ڇڏڻ تي مجبور ڪيائين.
هن کي بھادري سان وڙهندو ڏسي جهنگلي ڪُتن ۾ ٽاڪوڙا پئجي ويا. هُو ڀرپور جنگي حڪمت عملي سان مقابلو ڪري رهيو هو. ڪنھن وقت پوئتي تہ ڪنھن وقت اڳتي ٿي مخالفن مٿان شديد حملا ڪري رهيو هو. مخالف جهنگلي ڪتن جا پير اکڙڻ لڳا هئا. هُو پرجوش انداز سان حملي مٿان حملا ڪري رهيو هو.
دشمن ڪُتن جا پويان پير هئا. هن جي اڳيان فقط ڪجهہ ڪُتا بچيا هئا، جن ۾ جهنگلين جو سردار پڻ شامل هو. لڙائيءَ کي پنھنجي فتح ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ سردار مٿان حملي جو سوچيو. جيئن ئي هن ٿورو پوئتي تي جهنگلي ڪُتن جي سردار تي بُل ڏئي جُهلَ جي ڪوشش ڪئي تہ ان کي پنھنجي ڄنگهہ ڪنھن شيءِ ۾ قابو محسوس ٿي. پوئتي جو نھاريائين تہ هن جي ڄنگهہ پنھنجي دوست جي وات ۾ هئي، گهڙي کن اچرج ۾ اچي ويو. اڃا وات مان لفظ ’غدار‘
نڪرڻ تي هئس تہ جهنگلي ڪُتن جي سردار ايترو تہ تڪڙو حملو ڪيو، جو هو پاڻ سنڀالي نہ سگهيو. هاڻي هن جو مٿو جهنگلي ڪُتن جي وات ۾ هو. ڪتن جا ڏند، تيز ڪلن جيان، پنھنجي دماغ ۾ ويندي محسوس ڪيائين؛ ساڻو ٿي ڪري پيو…… نيم بيھوشيءَ واري حالت، جنھن ۾ دشمن ڪُتن سمجهيو تہ هاڻي هن جو ڪم پورو ٿي ويو آهي، هن کي ڇڏي هليا ويا.
صبح ٿيو، هن اٿڻ جي ڪوشش ڪئي، پر سخت زخمن هن کي چرڻ بہ نہ پئي ڏنو. آخر ڪوشش کان پوءِ پيرن تي اٿي بيٺو. هيڏي هوڏي نھاريائين. سڀ ڪتا هن جي بھادريءَ جون ڳالھيون ڪري رهيا هئا. ڪُتن جي واکاڻ هن کي مجبور ڪيو تہ هن کي همٿ نہ هارڻ گهرجي، ڇاڪاڻ تہ اڃا هن جي ڪافي زندگي پئي آهي. اهڙا ٻيا بہ کوڙ موقعا ايندا جنھن ۾ هن کي بھادريءَ جا جوهر ڏيکارڻا آهن!
ڪافي سال گذري ويا. هن جا زخم بہ ڀرجي ويا. هميشہ ان مقابلي کي ياد پيو ڪندو هو. هاڻي هُو مالڪ جي اڳيان پڇ لوڏيندي پيريءَ ڏانھن تيزيءَ سان سفر ڪري رهيو هو. ان دؤران ڪوشش ڪندو هو تہ ڪنھن کي بہ پنھنجي ڪمزورين کان آگاھہ نہ ڪجي. بک ڏک ۾ شڪر ڪري ساڳي جاءِ تي يعني پاڙي جي ڪنڊ تي ٺھيل گهر ٻاهران ستو پيو هوندو، سمجهندو هو تہ ان گهر جا مالڪ هن جا بہ مالڪ آهن. ماني ڀور پنھنجي لاءِ مالڪن جو نمڪ سمجهندو هو. ساڳي طرح دل بہ چوندي هئس تہ وري ڪو موقعو اچي تہ مالڪن تان سر گهور ڪيان……
پيريءَ ڏانھن منھنَ ڪري، هاڻي جسماني طور ڪمزور ٿيندو پئي ويو. اڪثر ڪتن جي جهيڙي ۾ هارجي ويندو هو، پر هن جا حوصلا جوان هئا. هڪ ڀيري ائين ٿيو جو ٻئي پاڙي جي ڪتن اوچتو حملو ڪري ڏنو. هو پاڻ سنڀالي نہ سگهيو ۽ ان جهڙپ ۾ ڪنڌ ۾ چڪ لڳڻ ڪري اتي گهاءَ پئجي ويس.. ويتر اتي ڪيڙا پوڻ ڪري ڏاڍي اذيت ۾ ورتل هو. مٿي ۾ شديد جسماني گهائن ڪري سخت سور محسوس ڪري رهيو هو، ذهني حالت بہ خراب ٿيندي پئي وڃي… ان کان اڳ جو هو مڪمل چريو ٿئي، پنھنجي جوانيءَ ۾ مڙس مٿير جون ڳالھيون ياد ڪري آپگهات جو فيصلو ڪري ورتائين!
آپگهات، خودڪشي يا پاڻ مارڻ……… ڀلا ايترو بہ سؤلو ڪم تہ نہ هو. آخر هو ڇا ڪري!؟ ڇاڪاڻ تہ هن کي يقين ٿي ويو هو تہ هُو هاڻي گهڻا ڏينھن جيئرو رهي نہ سگهندو!
بس هن جي خواهش هئي تہ ڪنو ٿي نہ مري! جھڙي ريت جوانيءَ ۾ ڪو پورهيو هو. هن جو موت بہ شاندار طريقي سان ٿئي. سوچي رهيو هو تہ ڪاش ڪُتن جي ان لڙائيءَ ۾ هُو پٽيءَ تي مارجي وڃي ها، پر ايئن نہ هو، هن کي ڌڪ ڪجهہ اهڙي طرح جا لڳا هئا جو نہ جيئرن ۾ هو نہ مئلن ۾ هو.
ڌِڪن جي شدت هن کي نستو ڪري ڇڏيو هو، خودڪشيءَ بابت سوچي ئي رهيو هُو تہ هن جي ڀرسان ان گهر جو مالڪ لنگهيو، جنھن لاءِ هو سدا سوچيندو رهندو هو تہ اهو ئي هن جو مالڪ پڻ آهي. مالڪ کي ڏسي هن پڇ لوڏيو، هن جي پيرن ۾ وڃڻ جي ڪئي. پھرئين بہ تہ هُو مالڪ کي ڏسي ائين ئي ڪندو هو. هن جي ان حرڪت تي مالڪ خوش ٿي هن کي ٻچڪر ڏئي داد ڏيندو هو، پر اڄ ايئن نہ ٿيو. مالڪ هن کي دڙڪي جي انداز ۾ ’نڪر…‘ چئي پاڻ کان پري ڪرڻ جي ڪئي. اهو ڏسي هن جي اندر ۾ ايتري تہ تڪليف جي لھر اٿي جو مٿي جو ڌڪ بہ وسري ويس!
ڪجهہ گهڙيون تہ ڄڻ پنڊ پھڻ ٿي ويو. خاموشيءَ سان پيرن کي پوئتي ڪري ان ساڳي جاءِ تي اچي ويٺو، جتي اڪثر ويھندو هو، پر هاڻي اهو ان جو آخري ويھڻ هو. اهڙي ذليل زندگي ڪير جي سگهندو. بس هن پڪو فيصلو ڪري ورتو تہ وڌيڪ زندہ رهڻو ناهي.
هاڻي ڪتي جي اڳيان، فقط اهو معاملو هو تہ پاڻ کي ڪيئن ماري!؟ آخر ڪافي سوچ ويچار کان پوءِ هن کي اڳيان آپگهات جو هڪ آسان طريقو نظر آيو. هُو اُٿيو، هڪ نظر ان گهر تي وڌائين، جنھن جي حفاظت لاءِ ڪيترائي ڀيرا پنھنجي جان بہ قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو… هڪ نظر ان گهٽيءَ تي ڌريائين، جنھن ۾ ٻاروتڻ کان ڦوھہ جوانيءَ جو عرصو گذاريو هئائين. ڳرن قدمن سان گهٽيءَ جي آخري ڇيڙي تي پھچڻ وقت هن جي اکين مان لڙڪ لارون ڪري وهڻ لڳا!
هن پاڻ کي سنڀاليو ۽ تيز وکون کڻندي، گهر ۽ گهٽيءَ کان ڪافي ڏور نڪري آيو. ان کان اڳ هن کي پاڻ مارڻ جو آسان طريقي بہ سُجهي ويو هو. ڪُتي تيز وکون کڻندي ميونسپل ڪاميٽيءَ جي چوڌاري چڪر لڳائڻ شروع ڪيا. هن کي آس هئي تہ ميونسپل ڪاميٽي وارن وٽ ڪتن مارڻ جو زهر هوندو آهي، هن جي حالت ڏسي يقينن سندس اڳيان مانيءَ ۾ زهر ملائي اڇلائيندا، هُو خوشي خوشي اها ماني کائيندو ۽ پوءِ سڀ تڪليفون هڪ لحظي ۾ لھي وينديون……… پر هن کي اهو ڏسي مايوسي ۽ حيراني ٿي تہ ميونسپل ڪاميٽيءَ جي  چوڌاري چار پنج چڪر ڪاٽڻ کانپوءِ بہ هن جو ڪنھن نوٽيس نہ ورتو آهي!
آخر هُو ٿڪجي ڪاميٽي گيٽ تي بيھي رهيو تہ من ڪو هن جو زخم ڏسي ڇتو سمجهي مارڻ جي ڪوشش ڪري. هن جي اميد تڏهن ختم ٿي جڏهن هن ميونسپل آفيسر کي هڪ ڀنگياڻيءَ سان ڳالھائيندي ڏٺو. آفيسر ڀنگياڻي جي ڇاتيءَ کي تڪيندي سرٻاٽن ۾ چئي رهيو هو ”تو واري مڙس کي ڍڪڻيءَ ۾ ڍُڪ پائي ٻڏي مرڻ گهرجي، ڪتن مارڻ لاءِ ايندڙ زهر کپائي بہ تنھنجي خاندان جي پوري ڪريان ٿو، پر تنھنجي مڙس جا اعتراض ۽ غيرت ختم نہ ٿي ٿئي!......“
ڪتو، وڌيڪ گفتگو نہ ٻڌي سگهيو، البتہ ’ڍڪڻي… ڍڪ ۽ مرڻ…‘ واري ڳالھہ هن کي سمجهہ ۾ اچي وئي. جسم ۾ ڦڙتي اچي ويس. ڪنڌ ڍاري تيز وکون کڻندو شھر جي مين رستي ڏانھن رخ ڪيائين، جتي ڪافي وقت کان ’ڍڪڻيءَ جي ڍڪ‘ کان وڌيڪ پاڻي بيٺل هو…