سواليءَ کي خالي نہ موٽاءِ...!
ليکڪ: انيلا ’نيل‘ ميراڻي | پڙهڻ جو وقت: 10 منٽ
اهو شام جو وقت هو. موسم بدستور ڪاڙهي واري هئي. سڄو ڏينھن گرميءَ کان پوءِ تپش اڃا بہ برقرار هئي، پر ثناء کي موسمن سان ڇا؟ سخت موسمون تہ مسڪينن ۽ غريبن کي پريشان ڪنديون آهيون. پئسي وارن ماڻھن تہ اونھاري کي سيارو ۽ سياري کي اونھارو ڪري ڇڏيو آهي!
ثناء سان پنھنجي سھيلي زينت گڏ هئي. ٻئي ڄڻيون اي.سي ڪار مان نڪري ڪجهہ فاصلو طئي ڪري سينٽرلي اي.سي شاپنگ مال ۾ داخل ٿي ويون. ڪار کان شاپنگ مال ۾ داخل ٿيڻ جي ڪجهہ فاصلي ئي ٻنھي کي پگهرائي ڇڏيو.
شاپنگ مال ۾ داخل ٿي، ثناء وڏو ساھہ کنيو ۽ حقارت واري لھجي ۾ زينت کي چوڻ لڳي: ”زيني، هي بيوقوف غريب ماڻھو، اي.سي کان سواءِ ڪيئن ٿا جِين… الا… توبھہ!“ زينت، گهڙي سواءِ لاءِ ثناء جي مُنھن ۾ نھاريو، جيڪو گرميءَ سبب ڳاڙهو ٿي ويو هو، هن جي نراڙ تي غرور ۽ گهُمنڊ جون لڪيرون نمايان هيون.
”ثني، ائين نہ چئو، آخر تہ هو بہ انسان آهن…“ زينت سمجهائڻ واري لھجي ۾ ثناء سان ڳالھايو. ”اڙي، اهي ماڻھو نہ جانور اٿئي… ثناء ’جانور‘ جي لفظ تي زور ڏئي وڏو ٽھڪ ڏنو. ٽھڪ ۾ زينت هن جو ساٿ تہ نہ ڏنو البت ڦڪائيءَ مان ٿورو مسڪرائي ڏنائين.
ڪافي دير کان پوءِ ٻئي سھيليون شاپنگ مال مان ٻاهر نڪتيون. هاڻي سج گم ٿي چڪو هو. اولھہ پاسي آسمان تي شفق نظر اچي رهي هئي. ٻئي طرف شاپنگ مال جون روشنيون هيون، جيڪي سڄي ماحول کي روشن ڪرڻ جون تياريون ڪري رهيون هيون.ثناء ۽ زينت جي هٿن ۾ ڪيترائي ٿيلھا هئا، جن ۾ نت نئين ڊزائين جا ڪپڙا، چپل، سينڊل ۽ ٻيو گهڻو سامان ڀريل هو.
هي اڃا پنھنجي ڪار جي ويجهو ئي مس پھتيون تہ سامھون بيٺل پينو فقير”امان ﷲ جي نالي خيرُ ڏي“ جي صدا تي ثناء کان ڇرڪ نڪري ويو ۽ هن جي هٿ مان هڪ شاپنگ بيگ هيٺ ڪري پئي.”بيشرم…ڪنھن جاءِ جا…“ ثناء چپن ۾ ڀڻڪي ۽ روڊ تي وکريل سامان ميڙڻ لڳي.
ان جي وچ ۾ فقير ٻي صدا هنئي: ”ڌيءُ، سواليءَ کي خالي نہ موٽاءِ…“ ٻي صدا ٻڌندي ئي ثناء جو پارو چڙهي ويو: ”انڌو آهين ڇا…؟ ڏسين ڪونہ ٿو، منھنجو سامان هيٺ ڪريو پيو آهي بد اخلاق، تون وري مٿو پيو کائين… عورتن جو شرم بہ ڪو نہ ٿو ٿئي… هل هتان تہ ڪيانءِ نہ بڇڙو.“ پوڙهو فقير، پنھنجي بيعزتي تي چپ رهيو، اکيون ڀرجي آيس. ڪجهہ دير ترسي هڪ پاسي تي هلڻ لڳو.
اهو سڄو لقاءُ ٿوري فاصلي تي بيٺل ثناء جي ڪار جو ڊرائيور رشيد ڏسي رهيو هو، پر اهو سڀ ڪجهہ ايترو تہ جلدي ۽ غير متوقع ٿيو جو هن کي سمجهہ ۾ نہ آيو تہ ڇا ڪري، ان ڪري پنھنجي جاءِ تي ساڪن بيٺو رهيو. ايترو سو ٿيو جو پنھنجي ڀرسان گذرندڙ پوڙهي فقير جي اکين ۾ ڳوڙها ڏسي ورتائين ۽ رحم کائي ان کي 10 روپين جو نوٽ ڏنائين.
جسماني طور تمام گهڻي ڪمزور ۽ پيرسن فقير پوئتي هڪ نھار ثناء جي چھري ۾ وڌي، جنھن ۾ اڃا بہ ڪاوڙ جا اُلا ٻري رهيا هئا. ٻئي پاسي ڊرائيور رشيد هو، جنھن جي اکين ۾ پنھنجي لاءِ رحم ۽ همدردي ڏسي سگهيو پئي.
ثناء ۽ زينت ڪار جو دروازو کولي ويھي رهيون. ان دؤران ثناء، رشيد کي سڏ ڪيو. مالڪياڻيءَ جي سڏ تي ”جي بيبي جي… اجهو آيس.“ چئي، ڊوڙي ڪار ۾ اچي ويٺو. ”ڊرائيورَ، تنھنجو دماغ تہ ٺيڪ آهي نه…؟ جڏهن مان ان منحوس پينو پوڙهي فقير کي خيرات نہ ڏني، تہ تُنھنجي ڪيئن جرئت ٿي؟“ ثناء، جيڪا عام طور رشيد کي چاچا رشيد ڪري سڏيندي هئي، اڄ ڪاوڙ ۾ هن کي ’ڊرائيور‘ ڪري سڏي رهي هئي.
ساڳئي وقت هن جي خيرات ڏيڻ تي بہ تمام گهڻي ڪاوڙيل هئي. ”هنن پينو فقيرن کي توهان جهڙن ماڻھن ئي خراب ڪيو آهي، نہ توهان هنن کي پئسا ڏيو نہ ئي هِي پنن.“ ثناء، مسلسل ڪاوڙ ۾ ڳالھائي رهي هئي. ”ڪول ڊائون بيبي… ڪول ڊائون…“ چئي زينت، ثناء کي ٿڌي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ٻئي طرف رشيد بہ ”جي بيبي، آئيندہ ائين نہ ٿيندو.“ چئي خاموش ٿي ويو. هو ڄاڻي پيو، ثناء سان بحث ڪرڻ مطلب پنھنجي نوڪري وڃائڻ آهي. ٿوري ئي دير ۾ پويان ويٺل ٻئي سھيليون ڪچھريءَ ۾ مصروف ٿي ويون. رشيد بہ سک جو ساھ کنيو ۽ خاموشيءَ سان گاڏي هلائڻ لڳو.
ثناء، شھر جي مشھور سيٺ ڪامران خان جي اڪيلي ڌيءُ آهي. سيٺ ڪامران جي دولت جو ڪاٿو نہ آهي. پيءُ جي مرڻ کان پوءِ ڀائرن جي ورهاست ۾ کيس ٻہ ڪارخانا مليا، جيڪي هاڻي 10 ٿي ويا هئا. هو اهڙو واپاري آهي، جنھن لاءِ سڄي شھر ۾ مشھور تہ ’سيٺ ڪامران وٽ ايتري دولت آهي، جو هن کي بہ خبر ناهي…‘ هن کي فقط ثناء جي صورت ۾ هڪ نياڻي هئي. جنھن جي پرورش وڏي لاڏ ڪوڏ سان ڪئي هئائين.
ٻار کي دادلو ڪري پالڻ دوران کيس خيال ئي نہ رهيو تہ ثناء جي تربيت ۾ ڪيتري ڪوتاهي ٿي رهي آهي. گهڻي لاڏ جي ڪري ثناء جي شخصيت ۾ خود سري ۽ خود پسندي ۽ نرگسيت سرائيت ڪري چڪي هئي، پر اهو خيال سيٺ ڪامران يا ان جي گهر واريءَ کي ڪيئن ٿيندو تہ ڏينھن رات ملڪيت وڌائڻ جي چڪرن ۾ ڦاٿل هئا!
چوندا آهن تہ وقت سدائين هڪ جھڙو ناهي رهندو. گهڙيال جا ڪانٽا ڀلن گهوڙن جي سنبن جيان ’ٽِڪ ٽِڪ‘ ڪندا، هلندا رهيا. مُندون بہ تيزيءَ سان بدلجڻ لڳيون، سڀ ڪجهہ بدليو، پر جي نہ بدليون، تہ ثناء جون عادتون…
هڪ ڏينھن هن جي پيرن هيٺيان زمين نڪري وئي، جڏهن ٽيليفون تي اطلاع مليس تہ هن جا ماءُ پيءُ حادثي ۾ اجل جو شڪار ٿي ويا آهن. والدين جو ڇا مرڻ هو؟ هن جي دنيا ئي بدلجي وئي. وڏي ملڪيت، جنھن جي هن جي والدين کي بہ خبر نہ هئي سا هن کان بہ اوجهل ٿي وئي!
والدين جي گذاري وڃڻ کان پوءِ سال بعد شادي ڪيائين. ٻن سالن بعد طلاق ٿي ويس. مڙس جو چوڻ هو تہ هوءَ گڏ رهڻ جي لائق ناهي. اولاد بہ نہ ٿي سگهيس. آهستي آهستي مٽ مائٽ سھيلون بہ هِڪ هِڪ ڪري ڇڏيندا ويس سچ چيو اٿن: ’بيٺي جو سڀ ڪو آ، ڪِري جو ڪير بہ ڪونھي ڪو… سکئي جا سالا گهڻا، بکيي جو ڀيڻويو نہ ڪو!‘
بس هاڻي حياتيءَ ۾ اڪيلو سھارو ڏاڏي وڃي بچيس، جيڪا بہ گهڻو ڪري عبادت ۾ مشغول رهندي هئي.ان وچ ۾ ڊرائيور رشيد ساٿ نڀائيندو آيو. اڪثر هن کي اداس ڏسي چوندو هو: ”بيبي، تون منھنجي ڌيءُ مثل آهين…“ پر ڪيسيتائين!؟ هڪ ڏينھن رشيد بہ اهو چئي موڪلاڻي ڪئي: ”بي بي،منھنجي وڏي پُٽ جي پوسٽنگ لاهور ٿي آهي. هو ضد ڪري رهيو آهي تہ مان هن سان گڏ لاهور هلان…سچي ڳالھ تہ هي بہ آهي جو هاڻي مون ۾ بہ حال ناهي تہ وڌيڪ ڪم ڪري سگهان. سو مون کي اجازت ڏيو…“ پنھنجي پراڻي ۽ وفادار ڊرائيور طرفان ائين موڪلائڻ تي ثناء اندر ۾ ٽُٽي پئي. بس ايترو سو چيائين: ”چاچا، تنھنجي نُنھن کي اعتراض ڪونھي جو تون انھن سان گڏ رهندي؟“
”نہ بي بي، ﷲ سائين معاف ڪري. سدائين حق حلال جو رکو سڪو ٽڪر پنھنجي اولاد کي کارايو آهي. هن بہ سدائين مانُ ڏنو ۽ اڄ اهڙي منزل تي پھتا آهن جو مان فخر ۾ ڳاٽ اوچو ڪري چئي سگهان ٿو تہ سندن تربيت ۾ ڪا ڀُل چُڪ نہ ڪئي آهي. اولاد جي تربيت ماءُ پيءُ جو اصل پوک هوندي آهي، جنھن جو لاڀُ پيريءَ ۾ ملندو آهي. مالڪ جو شڪر آهي هن مون کي ڪڏهن خالي نہ موٽايو آهي.“
رشيد ڳالھائڻ جي روانيءَ ۾ الائي ڇا ڇا چوندو رهيو، ثناء کيس تڪيندي رهجي وئي. هو ڪڏهن گاڏيءَ جي چاٻي رکي هليو ويو، هن کي خبر ئي نہ پئي!
ان رات جي ڪنھن پھر هن جي اک کُلي، هوءَ پگهر ۾ شل هئي. اڪيلائيءَ جو احساس هن کي کائڻ لڳو. ڪمري مان ٻاهر نڪري آئي، سامھون لاؤنج ۾ سندس ڏاڏي تھجد جي نماز پڙهي سلام ورائي رهي هئي.
ثناء ڊوڙندي وڃي هن جي جهوليءَ ۾ ڪِري، ”امان سڀئي هڪ هڪ ڪري مون کي اڪيلو ڪري ويا آهن، توهان تہ مون کي نہ ڇڏي ويندو؟“ ڏاڏيءَ سندس پيشاني چمي، ”ڌيءَ! سڀني جو پنھنجو پنهجو وقت مقرر آهي.“ نہ امان توهان مون کي نہ ڇڏي وڃجو، آخر مون ڪھڙو ڏوھ ڪيو آهي جو مون سان هي سڀ ٿي رهيو آهي؟ آخر ڇو؟ ڇا لاءِ؟”منھنجي جاني ڌيءَ! سوره العصر جو مفھوم آهي: ’ﷲ سائين عصر جي وقت، مطلب جڏهن آب و تاب سان چمڪندڙ سج لھڻ جو منظر پيش ڪري ٿو جو قسم کڻي چئي ٿو: بيشڪ انسان خساري ۾ آهي، يعني انسان پنھنجي عمر وڃائي ٿو، سواءِ انھن ماڻھن جي جن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪندا رهيا.“ ثناءخاموش ٿي ڏاڏيءَ جي ڳالھين کي ڌيان سان ٻُڌندي رهي.
”ڌيءُ، ايمان خدا جي اهڙي نعمت آهي، جيڪو اسان جي دِلين کي نرم رکي ٿو ۽ نرم دل انسان ڪنھن کي ڏک ڏيڻ تہ پري پر ڪنھن جو ڏک برداشت بہ نہ ٿو ڪري سگهي. انسان جو اخلاق اهو آهي تہ ان جي هٿ، پير ۽ زبان کان ٻيا ماڻھو محفوظ رهن، درگذر ڪرڻ دنيا جي معاملن ۾ مصلحت ۽ مفاهمت کان ڪم وٺڻ، ڪنھن کي خسيس نہ سمجهڻ، وڏن جو ادب، ننڍن سان پيار سان پيش اچڻ. انسان سوچي ٿو تہ مون وٽ طاقت، همت ۽ حيثيت حاصل آهي، پر نادان انسان اهو نہ ٿو ڄاڻي، تہ اهو سڀ ﷲ تعالى جي طرفان عطا ٿيل آهي، جيڪڏهن هو نوازي ٿو تہ واپس بہ وٺي سگهي ٿو. ڇو تہ هو هر شيءِ تي قادر آهي. هي سڀ ﷲ جا فيصلا آهن. پنھنجي رب کان استغفار ڪجي. بيشڪ هُو توبھه قبول ڪرڻ وارو آهي.“ اهي سڀ ڳالھيون ٻڌائڻ وقت ڏاڏيءَ جون آڱريون ثناء جي وارن ۾ هيون، جن ۾ هوءَ آهستي آهستي هٿ ڦيري رهي هئي.
”امان منھنجي دل ڀرجي آئي آهي، مان روئڻ ٿي چاهيان پر ڳوڙها نہ ٿا نڪرن.“ ثناء، ڏاڏيءَ کي ڀاڪر ۾ ڀريو. هن جي نيڻن مان بي اختيار نير وهڻ لڳا، ڄڻ هن جون اکيون صدين کان اڃايل هيون!
ڏاڏيءَ سان دير تائين ڳالھيون ڪري هوءَ پنھنجي ڪمري ۾ واپس آئي.غير ارادي طور تي وضوع ڪري مصلو وڇايائين. دل مان آواز اچڻ لڳس: ”منھنجا پالڻھار مون خطاوار کي معاف ڪر… مان ڄاڻان ٿي تہ زماني جي چاھت ۾ ايتري مصروف رهيس جو خبر ئي نہ پئي، تہ ڪڏهن تون مون کان رُسي وئين. دنيا جي طلب جو پردو اکين تي اهڙو چڙهيو جو پنھنجي شھ رڳ کان بہ ويجهي رب ڪريم کي محسوس نہ ڪري سگهيس.
ها مان خطاوار آهيان. منھنجا رب، منھنجي آزمائش کي ختم ڪر… مون کي پنھنجي چاهت ۾ بيخود ڪري ڇڏ تہ جيئن ٻئي ڪنھن بہ شيءِ جي خواهش نہ رهي… منھنجا رب! بيشڪ تون سواليءَ کي خالي نہ موٽائيندي.“
فجر جي اذان جو آواز هن جي ڪنن تي پيو. نيڻن مان لڙڪ ٻيھر سندن ڳلن تي تري آيا. هوءَ سجدي ۾ ڪِري پئي، اذان پوري ٿي. باک ڦٽڻ لڳي، پاڻ کي ڏاڍو هلڪو محسوس ڪيائين. ڪجهہ دير لاءِ اک لڳس تہ در تي کڙڪو ٿيو، ڪو فقير هو، جيڪو چئي رهيو هو:”امان، ﷲ جي نالي خيرات ڏي… جيجل، سواليءَ کي خالي نہ موٽاءِ…!“ هن پنھنجي ڀرسان پيل پرس مان هڪ سؤ جو نوٽ ڪڍيو، اکين جي آلاڻ جيڪا اڃا بہ تازي هئي اُگهي ۽ در تي وڃي فقير کي خيرات ڏنائين. خيرات وٺڻ کان پوءِ فقير رمندو رهيو. ٻئي طرف ثناء در تي بيٺي رهي. هوءَ اڄ پاڻ کي تمام گهڻي روحاني سڪون ۾ محسوس ڪري رهي هئي.