App Icon

ڪهاڻي گهر

بهترين تجربي لاءِ اپليڪيشن انسٽال ڪريو

پپر جو وڻ

ليکڪ: امداد حسيني | پڙهڻ جو وقت: 4 منٽ

گهِٽيءَ مان؛
ڌاٻ ڌاٻ روشنيءَ واري گهٽيءَ مان ٽِڙندڙ قدمن جو آواز ويجهو اچي ٿو…
اڄ هُو ڏاڍو پيتل آهي
۽ پنھنجي گهر جي ڳولا ۾ آهي، هُن کي لڳي ٿو هُو صدين کان پنھنجي گهر جي ڳولا ۾ آهي. ان ڳولا ۾ هلندو ٿو وڃي. گهٽيءَ مان ٻي گهٽي ڦُٽندي ٿي وڃي. ۽ هُو ٿِڙندڙ قدمن کي ٺيڪ رکڻ جا جتن ڪندو وڌيڪ ٿڙندو هلندو ٿو وڃي؛ پر، هُن جو گهر هو بہ سھي!؟
هُو پَل کن بيھي کُليل هوا ۾ اونھو ساھہ ٿو کڻي: ’نِج بہ اها هِير ئي تہ وڃي رهي آهي، حيدرآباد سنڌ جي!‘
ڪجهہ وِکن کان پوءِ، هُو گهٽيءَ جو موڙ مُڙي وڏي رستي تي اچي ويندو. اُتي موڙ وٽ پپر جو وڻ بيٺل آهي ۽ ان جي پاسي ۾ هڪ بينچ پيل آهي، ان بينچ تي ويھي هُو پرھہ پسندو… پپر تي جهِرڪين جي چِر چِر ٻڌندو…
هير گهُلي رهي آهي، ان جي معنيٰ پرھہ آئي ڪِي آئي!
هُن جون انيڪ ساروڻيون سلھاڙيل آهن.
اڃا ڪالھہ… ڪالھہ؟!
ها… ڪالھہ ئي تہ
”ري“ ۽ هُن انھيءَ وڻ جي چوڌاري پنھنجون ٻانھون ڦھلايون هيون. ”ري“ کاٻي هٿ ۾ هُن جو ساڄو هٿ پڪڙڻ هُن جي کاٻي هٿ پڪڙڻ جا… ان وڻ جي ٿُڙ کي ماپڻ جا جتن ڪيا هئا… ٻانھون جيڪي انبر کي ڀاڪر ۾ ڀري وٺنديون آهن… پر، انھيءَ وڻ جي ٿُڙ کي ماپڻ ۾ هزار جتن ڪندي بہ… واجهہ وجهندي بہ، اسڦل ئي رهيون هيون.
ڀلا پيءُ جي وارن سان ڀريل ڇاتيءَ کي بہ ڪڏهن ماپي سگهبو آهي؟!
ٻنھي… هُن ۽ ”ري“. بارش بند ٿيڻ کان پوءِ، اُنھيءَ وڻ جي ٽارين کي ڌونڌاڙيو هو!! هو ڪالھہ… ڪالھوڻي ڪالھہ!! هُنن… ”ري“ ۽ هُن، اُنھيءَ وڻ جي ٿُڙ تي چاقوءَ سان پنھنجو نالو کُرڙيو هو!!
اها
ڪالھہ…ڪالھوڻي…ها…ڪالھوڻي ڪالھہ!!
ڪالھوڻي ڪالھہ ئي تہ هُن اُنھيءَ وڻ جي هڪ ٽاريءَ کي، ٽپ ڏئي جهڪائي ورتو هو، ۽ ’ري‘ وارن مان ڳاڙهي ربن کولي، اُنھيءَ ٽاريءَ ۾ ٻڌي هئي ۽ اکيون بند ڪري، من ئي من ۾ ٻنھي… هُن ۽ ’ري‘… ڪا دعا گهري هئي، ڪا مراد مَڱي هئي! ۽ پوءِ، ٻنھي هُن ۽ ’ري‘ اکيون کولي، سڀ کان پھرين هڪٻئي کي ڏٺو، مرڪيو ۽ هٿ هٿ ۾ ڏيئي، بينچ تي ڀرسان ڀرسان ٿي ويٺا هئا… ان ئي بينچ تي ويھي هُن ۽ ’ري‘ ساهتيہ تي، ڪلا تي، سڀيتا تي، لطيف تي، ساميءَ تي، سچل تي، سانگيءَ تي، بيوس تي… نہ کٽندڙ بحث ڪيا هئا. سڄي سنڌ ۾ رُلڻ جا پروگرام ٺاهيا هئا، سنڌ جي آئيندي جا ڄاڳندين اکين جا سپنا ڏٺا هئا، انھيءَ بينچ تي ئي هنن ’ري‘ جي ڪتاب ”لوڪ ڪلا- امر ڪلا“ جا پروف ڏٺا هئا، ان ڪتاب تي ٻہ اکر لالچند امرڏني مل لکيا هئا.
هُو هلڻ ٿو لڳي. ٿڙندڙ قدمن سان موڙ ڏانھن وڌڻ ٿو لڳي. جيئن ئي موڙ مُڙي ٿو تہ جھڙوڪر ڏانوڻ ڏائجي ٿا وڃنس…
وڻ وڍجي چڪو آهي، اُن جو لاھہ بہ نڪتو پيو آهي، هاڻي اُن هنڌ رڳو هڪ کڏو آهي.
بينچ بہ اُکڙيل آهي ۽ ان هنڌ پان جي مانڊڻي کُتل آهي، هُو سوچي ٿو ’هن کي نشا تہ نہ ٿيا آهن؟
هُو ڪنھن ٻي گهٽيءَ ۾ تہ نہ اچي ويو آهي!
يا ماڳھين ڪنھن ٻئي شھر… ٻئي ديس…!!!!‘


**نوٽ:** هيءَ ڪھاڻي مون ڪڏهن لکي هئي ياد نہ اٿم، پر اهو ضرور ياد اٿم تہ ”نئين دور جي باھہ“ ڪھاڻي مان 1973ع ۾ لکي هئي جيڪا مارچ 1973ع ۾ ”سوجهرو“ ۾ ڇپي هئي. ائين 70 جو ڏهاڪو ”امداد حسيني“ شاعر جو ڪھاڻيڪار ”سانول“ بڻجڻ جو ڏهاڪو هو. ان کان بہ گهڻو اڳي منھنجي پھرين ڪھاڻي ”ڪاسائي“ هڪ رسالي ”فلمي دنيا“ ۾ ڇپي هئي. ان جي ڇپجڻ کان گهڻو پوءِ اسان جي دوست ”محبوب“ شيخ ٻڌايو تہ اهو رسالو هو ڪڍندو هو! مون تقريباً ٻہ ڊزن ڪن ڪھاڻيون لکيون هونديون جيڪي مختلف مخزنن، جھڙوڪ: مھراڻ، سھڻي، نئون نياپو، ڪلاڪار، عبرت مئگزين وغيرہ ۾ ڇپيل آهن، جيڪي سحر سڀ هٿيڪيون ڪري هڪ فائيل جي صورت ۾ منھنجي حوالي ڪيون هيون، جيئن انھن جي پريس ڪاپي ٺاهيان ۽ هڪ اڌ اڌوري ڪھاڻيءَ کي پورو ڪيان ۽ اهو پورو فائيل ئي هيٺ مٿي ٿي ويو. جنھن جو مون کان وڌيڪ سحر کي ڏک آهي! ”پپر جو وڻ“ شايد 77 يا 78 ۾ لکيل آهي.

- امداد حسيني