پِرينءَ جِي پگهارَ
ليکڪ: بادل جمالي | پڙهڻ جو وقت: 26 منٽ
اڃا صبح جا اَٺ ٿيا هئا، جو سڀ گهر ڀاتي، سھي سنڀري هن جي انتظار ۾ گڏ ٿي ويھي رهيا. هر ڪنھن پنھنجا پنھنجا مسئلا ۽ مطالبا سوچي رکيا هئا. ڪجهہ ملڻ جي آس ۾، هر ڪوئي پُراميد هو.
ڊگهي سفر کان پوءِ رات دير سان پھچڻ جي ڪري، هن جي ننڊ پوري نہ ٿي هئي، انڪري اڃا تائين ليٽيو پيو هو. ٻار ٿوري ٿوري دير کان پوءِ، بھاني سان دريءَ جي ڀرسان گذرندي، جهاتي پائي، هڪ نظر هُن تي بہ وجهندا رهيا ۽ هر دفعي اچي سُرٻاٽن ۾ ڪونہ ڪو نئون انڪشاف ڪندا رهيا.
”هاڻي پاسو ورايو اٿس.“
”چادر لاهي گوڏن ۾ ڏني اٿس.“
”مٿو کَنھيو اٿس، ڀانيان ٿو تہ جاڳيو آهي.“
نون ۾ ٻہ چار منٽ باقي هئا، جو هُو کٽ تي اُٿي ويٺو. منھن تي هٿ ڦيرائي، اکيون مھٽي، ڊگهي اوٻاسي ڏنائين. وارن کي هٿن سان جائيتو ڪري، کٽ تان لٿو، چپل کي پيرن ۾ ڦاسائي، ٻاهر نڪري آيو.
”لک بسم ﷲ، ڪروڙ بسم ﷲ منھنجي بابي کي.“
استقبالي ڪئمپ مان امڙ جون دعائون ڪنين پيس، پر ڌيان ڪونہ ڏنائين سڌو وڃي ”پوئيءَ“ ۾ گهڙيو… فارغ ٿي نڪتو، تہ ماڻس پاڻيءَ جو ڪؤنرو ۽ صابڻ جي ڇيت، هٿ منھن ڌوئڻ لاءِ ڏنس. منھن اُگهڻ لاءِ پوتيءَ جو پَلئہ ڏيندي، غور سان ڏٺائينس.
”پرين پٽ، هن ڀيري ڪجهہ لٿل ٿو لڳين. ٺيڪ تہ آهين نہ؟“
”ٺيڪ آهيان امان، سفر جي ڪري شايد ائين لڳندو هجان!“
مُنھن اُگهي واندو مَس ٿيو، تہ ويٺلن کڻي مٿس پيار ڀريو حملو ڪيو، ٽنگن کان وٺي، ڪُلھن تائين کيس وڪوڙي ويا.
”اَئي امان، هاڻي بس بہ ڪريو کڻي، ماڪوڙن جيان چنبڙي ويا آهيو منھنجي ٻچي کي، سک سان ويھڻ تہ ڏيوس.“
هُو ڀيڻن جي مٿي تي هٿ رکي، کيڪاريندي، اڳتي وڌي ويو. پيءُ کي پيرن تي هٿ رکي، ڀاڪر پائي، وڏي پاٻوھہ سان مليو.
”بابا سائين ڪيئن آهي اوهان جي طبعيت؟“
”اڙي يار، ڪھڙيون ٿو طبعيتون پڇين… اسين آهيون هاڻي سائيڪل جي پراڻي ٽيوب وانگر، جنھن کي چتيءَ مٿان چتي لڳل هوندي آهي، ڪڏهن ڪو نئون پنچر ٿو لڳيس، تہ ڪڏهن پراڻو ٿو اُکليس. مڙئي ڦيٿو پيو ڦِري يار…“
”ڇو ڀلا، دوا ڪانہ ورتي هُيو ڇا؟ ڏوڪڙ جو موڪليا هئا مانوَ؟“
”پٽ انھن ڏوڪڙن مان، ڪجهہ پراڻين پَرچين تي دوائون ورتيون هئائين. ڪجهہ ڌيئن کي ڏنائين. ڪجهہ پاڻ گُڊوفنٽا ڪيائين.“
”ٻيلي تون تہ ماٺ ڪر. سدائين سرڪاري وڪيل وانگر سندرو ٻڌيو بيٺي آهين… اَبا ڌيئن کي آئون نہ ڏيندس، تہ ڪير ڏيندن؟ هنن جا بيمار ۽ بکيا مُنھن ڏسي، مون کي پنھنجا سُور وسريو ٿا وڃن. سچي ڳالھہ اِها اٿئي پرين…“
”پٽ هيءُ سڀ پنھنجي گهرن ۽ ورَن واريون آهن، پوءِ بہ اسان وٽ پيون آهن، اسان کي پنھنجا سُور ٿورا آهن، جو…“
”اَمان، وَرن سان ڀڄي تہ ڪونہ ويون آهيون نہ؟ ڏسي وائسي سُڃن سان سَڱ ڪيا اٿوَ، ان ۾ اسان جو ڏوھہ تہ ڪونھي.“
”هاڻي اِهي طعنا تُنڪا ڇڏيو کڻي، چانھن جو ڍُڪ پيئاريو، مٿي ۾ سور پئجي ويو آهي.“
”چانھيون کوڙ منھنجي پرينءَ لاءِ، ڇوڪر گلاب کي ڏوڪڙ ڏي تہ کير ۽ پاپا وٺي اچي. سڀ نيراني ويٺا آهن.“
”اهو سامان کنڌي ۾ نٿو ملي ڇا امان؟“
”ملندو هو پٽ، پر هفتو کن ٿيندو، جو دوڪان واري اوڌر بند ڪري ڇڏي. چئي ٿو ڏوڪڙ گهڻا ٿي ويا آهن، پھرين اُهي ڏيو.“
هُو ڪمري ۾ ويو. سؤ وارو نوٽ کڻي گلاب کي ڏنائين.
”اَبا گلاب خان، هڪڙي ٿيلھي پاپن جي آڻجانءِ، باقي جيڪي بچن، تن جو کير وٺي اچجانءِ. کير سٺو هادي بخش جي دوڪان تان ملندئي، ٻئي پاسي نہ وڃجانءِ.“
نانيءَ ڏوهٽي کي خاص هدايتون ڏيئي روانو ڪيو… چانھہ پيئندي هُو ڀيڻن سان مخاطب ٿيو:
”اَدي راڻي ڏي خبر، خوش آهين، ٻار ٻچا خوش اٿئي؟“
”اڙي ادا، ڪھڙيون ٿو خبرون پڇين خوشيءَ جون، سچ پڇين تہ خوشي لفظ بہ تو وٽان پيا ٻُڌون. مڙئي ساھہ کڻون پيا…“
”ڇو ڀلا، ايڏي مايوس ڇو پئي لڳين، آهي تہ خير نہ؟“
”مايوسي ڇونہ ٿيندي ڀاءُ، سال کان وٺي مڙس ڪاري ڪامڻ ۾ ورتو پيو آهي. گهر جو الھہ تلھہ هن جي علاج تي لڳي ويو آهي. ڪو فرق ئي نٿو ٿئي. نہ ڪڏهن هُن جي مائٽن وٽان ڪا مدد ملي آهي، نہ ئي منھنجي مائٽن ڪو ٽَڪو ڏنو آهي. چئجي تہ ڇا چئجي، ڪنھن کي چئجي…؟“
”پنھنجي سورن جي تہ ڳالھہ ئي نٿي ڪيان ڀاءُ، پاڻ ويٺي لوڙيان. هي ننڍڙا ٻچا روز بيمار آهن. ڪڏهن نزلو زڪام، ڪڏهن بخار تہ ڪڏهن پيٽ خراب. روپئي ٻن جي خرچيءَ لاءِ، سڄو سڄو ڏينھن روئي ٿا گذارين، مون وٽ هجي تہ ڏيان، ڪنھن کان گهران؟ ڪير ڏيندو مون دکيءَ کي…؟“
وڏي ڀيڻ جا سور ٻڌي، ٿڌو شوڪارو ڀري، وري ٻيءَ ڀيڻ سان مخاطب ٿيو.
”ميران تون ڪيئن آهين ڀيڻ؟“
”پرين ڀاءُ، اسين بہ ادي راڻيءَ وانگر وَڍيا پيا آهيون، نہ پڇ اسان کان حال. ٻڌي ڏک ٿيندئي…!“
بشيران بہ پنھنجي واري جي انتظار ۾ ڀريو ويٺي هئي، پر ان کان ڪونہ پڇيائين. اُٿي ڪمري ۾ ويو. سمورا پئسا کڻي آيو. سؤ جو نوٽ گلاب کي ڏيندي چيائين:
”ٻارن کي دوڪان تي وٺي وڃ. نوٽ ڀڃرائي، ڏھہ ڏھہ روپيا هنن کي ڏي. باقي ويھہ روپيا بچندئي، سي آڻي زينب کي ڏجانءِ.“
زينب سڀني کان پري، ان ڏيتي ليتيءَ کان لاتعلق ٿيو ويٺي هئي، سؤٽ جي اوچتي سخاوت تي مُرڪي پيئي. هُن سؤ وارو نوٽ ڪڍي هرهڪ ڀيڻ کي ڏنو، تہ هنن جا لٿل مُنھن، اڃا ئي لھي ويا، پر ڪجهہ چئي نہ سگهيون. ماءُ اهو سمورو لقاءُ، ڏاڍي غور سان پئي ڏٺو، هُن کان برداشت نہ ٿيو:
”پٽ تنھنجون ڀيڻون صبح کان وٺي ٻارن سميت تنھنجي انتظار ۾ ويٺيون هيون، هِنن جي حال جي خبر بہ اٿئي. هڪڙي سؤ مان ڇا ٿيندنِ؟ گهٽ ۾ گهٽ، پنج پنج سؤ تہ ڏين، جو هِنن جي ڪنھن ڪم ۾ تہ اچن. ۽ زينت ڌيءَ کي بہ سؤ تہ خرچي ڏي. جواڻ وياءُ آهي، ٻارن وانگر ويھہ روپيا هن کي ڏيئي، ميار ٿو لاهين، ائين نہ ڪر پٽ…!“
”امان تون پنج سؤ ٿي چوين آئون تہ ڀيڻن کي هزار ڏيڻ لاءِ بہ تيار آهيان وري اوهان واري رقم کُٽندي، تہ دانھون ڪندؤ.“
”اسان واري رقم نہ کُٽاءِ پٽ، تو وٽ گنج لڳا پيا آهن، پنھنجي پاران ڏينِ، دعائون ڏيندئي.“
ماءُ جي ڳالھہ تي جواب ڏيڻ ضروري نہ سمجهيائين. هزار وارا ڪجهہ نوٽ پيءُ کي ڏيندي چيائين:
”بابا، مون وٽ اجهو هي وڃي بچيا آهن، هيءُ وٺ مون کان نہ تہ اِهي بہ ويندا خرچ ٿي.“
پيءُ چار ئي نوٽ الڳ الڳ ڪري، اکين سامھون جهلي ڏٺا. وري اُنھن کي ملائي، هن کي ڏيکاريندي، جهيڻي آواز ۾ چيائين:
”هِنن مان ڇا ٿيندو اَبا؟ هيءُ تہ رڳو اَٽي لاءِ بہ پورا ڪونہ پوندا. بجلي ۽ گئس جا بل، دوڪان جو کنڌو، دوائن جو خرچ، ٻارن جون خرچيون، ماڻھن جي اوڌر. حساب ڪر تہ ڏهن هزارن ۾ بہ گذارو مشڪل ٿيندو. رڳو چار هزار ڏيئي جند ٿو ڇڏائين، آءٌ مڙهو مڙس ڪٿان آڻي پوري ڪندس…؟“
”اَبا، خبر بہ اٿئي، تہ منھنجي پگهار آهي ئي ڏھہ هزار ان مان ڪراچيءَ جھڙي گورخ شھر ۾ رهي، گذارو بہ ٿو ڪيان، تہ هر مھيني اوهان کي بہ رقم موڪليان ٿو. وڌيڪ ڇا ڪريان؟“
”پٽ، ڪراچيءَ ۾ رڳو تون ڪونہ ٿو رهين، پنھنجي تَر جا ٻيا بہ ڪيترائي نوجوان رهن ٿا. اهي تہ مائٽن کي مالامال ڪيو ويٺا آهن. ڪن مينھون ورتيون آهن، تہ ڪن ڪيلي جا ٺيڪا ورتا آهن. تون پنھنجيون عياشيون ڇڏين تہ سڌرين نه- تنھنجي پگهار تہ اسپتال جون نرسون کايو ٿيون وڃن، باقي بچت…“
”ڇا…؟ ڇا…؟ اهو ڇا پيو چوين اَبا…؟“
هُو ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو، پيءُ کي جملو پورو ڪرڻ نہ ڏنائين:
”آءٌ نرسن سان عياشي ٿو ڪيان، اهو تون ٿو چوين اَبا…!!“ هيڏانھن…
هيڏانھن منھنجي مُنھن ۾ تہ ڏس. هيءُ منھن توکي عياش ماڻھوءَ جو ٿو لڳي…؟
ٻڌاءِ اَبا…؟ ان کان چڱو هو، تہ گولي هڻي ڇڏين ها، پر اهڙو غليظ بھتان نہ هڻين ها مون تي…!!“
هن جي جوابي وار تي پڻس ٿورو جهڪو ٿيو، هُو تڏهن بہ جوش مان ڏڪندو رهيو. ماڻس اُٿي هِن وٽ آئي، کيس ٺارڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي.
”ٿڌو ٿيءُ پٽ، صبر ڪر. مڙهي جو بِلٽ پريشر وڌي ٿو وڃي، تہ پوءِ اڇي ڪاري جي خبر ئي نٿي پويس. ويٺو ”گُل ٽُڪي“ اُٿ منھنجا پرين. وهنجي تيار ٿيءُ وڃي دوستن سان مل. سڀ تنھنجي انتظار ۾ هوندا. شابس پٽ…“ ماءُ جي دلاسي کان پوءِ بہ هُو ڪڙهندو رهيو.
”آءٌ ڪراچيءَ ۾ ڪامورو تہ ڪونہ لڳو آهيان، جو نوٽن ۾ کيڏندو هجان. آءٌ تہ هڪ ننڍڙي خانگي اسپتال ۾ خسيس گارڊ آهيان، ”گارڊ“. يعني چوڪيدار، جنھن وٽ نہ رشوت آهي، نہ ڦُرمار، نہ بونس آهي، نہ ڪميشن فقط سُڪي پگهار آهي. جيئن ڀرئي درياھہ ۾ بہ ڪتي کي ڄڀ تي پاڻي هوندو آهي…!
آءٌ بہ انسان آهيان، نوجوان آهيان، منھنجي بہ دل ڪري ٿي تہ عمدا وڳا پايان، ڀلا بوٽ پايان، ٽچ موبائل کڻي گهمان، آهي ڪنھن کي منھنجي خواهشن جو خيال…؟ جڏهن بہ ٿو اچان، تہ ڦُر ڦُران تي زور هوندو اَٿوَ. هر وقت ڳجهن وانگر پَٽيندا ٿا رهو…!!“
آءٌ بہ انسان آهيان، نوجوان آهيان، منھنجي بہ دل ڪري ٿي تہ عمدا وڳا پايان، ڀلا بوٽ پايان، ٽچ موبائل کڻي گهمان، آهي ڪنھن کي منھنجي خواهشن جو خيال…؟ جڏهن بہ ٿو اچان، تہ ڦُر ڦُران تي زور هوندو اَٿوَ. هر وقت ڳجهن وانگر پَٽيندا ٿا رهو…!!“پنھنجا ٽِڙيل پکڙيل ڪپڙا ڳولي ٿيلھي ۾ وجهي، بنا ٻڌائڻ ۽ موڪلائڻ جي ائين کڻي منھن ڪري نڪتو… ڌر تتيءَ ۾ وزني ٿيلھو کڻي، اڍائي ڪلوميٽر پنڌ ڪندي هُو اندران توڙي ٻاهران چَرغي جيان ٽانڊن تي پچندو رهيو…
ڪراچيءَ پھچي، اسپتال جي ڪينٽين ۾ هٿ منھن ڌوئي، ٿڌي پاڻيءَ جا ٻہ گلاس پي، سامت ۾ آيو. تہ ٻہ گِرھہ مانيءَ جا هڻي ورتائين. ٿيلھو کوليائين، تہ ڪپڙن جي وچ مان پلاسٽڪ جي ٿيلھي مليس، ان ۾ پڻس کي ڏنل چارئي نوٽ صحيح سلامت، ويڙهي رکيل هئا، ۽ هڪ چٺي بہ هئي.
معصوم ٻارن وانگر، هر ڳالھہ ۾ توڏانھن ٿا ڏسون توکان ئي ٿا گهُرون- اڄ خبر پئي تہ اسان جي ڪري تون پنھنجين خواهشن جي نڙيءَ تي لت ڏيو بيٺو آهين. ننڍين ننڍين شين لاءِ بہ پاڻ کي سِڪائين ٿو. اسين توکي ڳِجهن وانگر پَٽيندا ٿا رهون…!!“
اهو ٻڌي، سچ پچ تہ اسان پنھنجي نظرن ۾ ئي ڪِري پيا آهيون. بيشڪ تون اسان کي پالين ٿو، کارائين پيئارين ٿو، تنھنجو اهو احسان لاهي نٿا سگهون. پر پٽ، ان احسان جي بدلي، ماءُ پيءُ کي پادر ۾ پاڻي تہ نہ پيئار…!!! دل تي پٿر رکي، تنھنجي ڏنل رقم، واپس ڪيون پيا، ڀلي تون پنھنجا شوق پورا ڪر. عمدا وڳا پاءِ، ڀلا بوٽ پاءِ، ٽچ موبائل کڻي گهم. اِها غربت، بک ۽ بيماريون ننڍي لاڪون اسان کي ورثي ۾ مليون آهن، پيا اِنھن سان ڳَن وڍ ڏينداسون. شال سدائين سکيو ستابو هجين، ڪڏهن ڪوسو واءُ نہ لڳيئي، اسان جي دعا اِها اٿئي پرين.
فقط تنھنجو بابا
چٺي پڙهندي، هٿ ڏڪڻ لڳس، ضمير ملامت ڪرڻ لڳس. ندامت جا ڳوڙها ڳڙي پيس. ويڙهيل هنڌ تي آهلجي پيو. وڏا وڏا ساھہ کڻي، اندر جي باھہ کي ٺارڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. اکيون اُگهي، چٺيءَ کي ٻيھر ڏٺائين، تہ اُن جي مٿان، پيءُ جو ضعيف ۽ ڌنڌلو چھرو ترندي نظر آيس. سوچيائين ”اُها ڪيڏي نہ منحوس گهڙي هئي، جنھن ۾ هن ماءُ پيءُ کي ڳِجهن سان تشبيھہ ڏني هئي…! اهو چوڻ کان اڳ، منھنجي زبان ڪپجي ڇو نہ وئي! آءٌ گونگو ڇو نہ ٿي ويس…!!
پڇتاءَ جي پُور ۾، هُو اندرئي اندر ڀَڄندو ڀُرندو رهيو… ٿيلھو کڻي، ان گهڙيءَ واپس وريو. آڌيءَ رات گهر پھچي، پيءُ جي قدمن ۾ ڪِري پيو.
”بابا سائين، معاف ڪر مون کي… دنياداريءَ جي چڪرن ۾ اچي، آءٌ گمراھہ ٿي ويو هئس. خبر ناهي ڇا ڇا بڪواس ڪئي هيم. مون کي ان جي سزا ڏين ها. مارين ها، موچڙا هڻين ها، مون تي اهو تنھنجو حق هو بابا سائين. ان جي اُبتڙ، پئسا واپس ڪري، پاڻ کي سزا ڏني اَٿوَ. اوهان تہ ڪو ڏوھہ ڪونہ ڪيو هو…“
هن جون ڳالھيون ٻڌي، پڻس جو اندر ڀرجي آيو، پر هُو ڪجهہ چئي نہ سگهيو. ڳيتون ڏيندي، ڳوڙهن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو.
”چپ ڇو آهين بابا سائين؟ مار مون کي، ڪاوڙ ڇَنڊ پنھنجي. ڪجهہ تہ ڳالھاءِ…“
”ڇا ڳالھايان پٽ؟ تون منھنجو جاني جگر ۽ پرين پيارو پٽ آهين. چئن ڌيئن کان پوءِ ڄائو هئين. بابا مرحوم جو نالو ”پيارو خان“ توتي رکيم، پر ڪڏهن بہ تنھنجو نالو وٺي ڪونہ سگهيس. ڪوڏ مان توکي ”پرين“ سڏيندو هئس، اڄ تائين ان ڪوڏاڻي نالي سان سڏيانءِ ٿو… مون سڄي ڄمار مزدوري ڪئي آهي پٽ. سيٺين ۽ مالڪن جا دڙڪا، داٻا…۽ ڪڏهن ڪڏهن تہ گاريون بہ کاڌيون اَٿم، پر اوهان کي لکاءُ ڪونہ ڏنو هوندم. سدائين پنھنجي ڪمائي، کِلندي مُرڪندي اوهان تي خرچ ڪئي هوندم. ڪنھن ڪاوڙ ڀري گهڙيءَ ۾ بہ ڪونہ چيو هوندم تہ مون کي ڳِجهن جيان پَٽيو ٿا…!“
”مڃان ٿو بابا سائين، مون کان غلطي ٿي آهي، تمام وڏي غلطي. بخش ڪر مون کي هي هٿ ٿو ٻڌان… ڪراچيءَ پھچي ٿيلھو کوليم، تہ پئسن سان گڏ، تنھنجي چِٺي ڏٺم، تہ ويھڻ وِھہ ٿي آيم، ان مھل ئي کڻي پوئتي ڀڳس توکان معافي وٺڻ لاءِ…“
”مون توکي معاف ڪري ڇڏيو پرين… پوڙهي پيءُ جي ڪاوڙ آهي، پاڻيءَ جي ڦوٽي وانگر گهڙي کن لاءِ. هونئن بہ اسين آهيون هاڻي پوياڙيءَ وارا پاڇا. هوريان هوريان رِڙهندا وڃون پنھنجيءَ منزل ڏانھن، ڏسندي ئي ڏسندي، ڪيڏي مھل غائب ٿي وينداسون، قصو ختم…!“
”نہ ڪر اهڙيون ڳالھيون بابا يار، هانءُ ٿو ڦاٽي… ﷲ توکي وڏي ڄمار ڏئي، اسان جي مٿان سدائين تنھنجو هٿ سلامت رهي. هي ڏک سک تہ وقتي مامرا آهن، ويندا گذري بابا سائين… امان کائڻ لاءِ آهي ڪجهہ؟“
”کوڙ پٽ، ڀاڄي ٿوري بچيل آهي، مانيون گهڙي ٿي وٺان. تون هٿ مُنھن ڌوئي سولو ٿيءُ. امان زينب، سؤٽھن کي پاڻي ڀري ڏي.“
هوءَ پاڻيءَ جو ڪؤنرو ڀري، صابڻ کڻي آئي.
”ٽوال ڪٿي آهي؟“ هن کُهري لھجي ۾ پڇيس.
”سؤٽ، ٽوال تہ آهي ڪونہ، منھنجي پوتيءَ سان مُنھن اگهجانءِ.“
”ڪونہ ٿو اُگهان تنھنجي پوتيءَ سان مُنھن، تون ڀلي وڃ.“
ڇِڙٻ کائي، ڏک ۾ ڀرجي، هوءَ پوئتي موٽي…
صبح جو پرين اُٿيو، تہ ڀيڻيون اڃا نہ پھتيون هيون، چانھہ پيئندي، موقعو ڏسي پڻس مطلب واري ڳالھہ چوري.
”رب جا لک شڪرانا، جو تون نوڪريءَ سان لڳو آهين اَبا. سڄي گهر جو بار کنيو بيٺو آهين. منھنجي صلاح آهي، تہ هاڻي تنھنجي شادي ڪرائي وٺجي، تہ اِها اونَ بہ لھي پوي.“
”اِهو اُبتو گُڙڪو وري ڪيئن کاڌو اٿئي اَبا…؟“
هُو پيءُ جي ڳالھہ تي ڇِرڪي پيو.
”شادي ڪا ٻاراڻي راند ڪانھي، جو گهڙيءَ پل ۾ ڪري وٺجي. شاديءَ لاءِ گهڻو ڪجهہ کپي ٿو. منھنجيءَ پگهار مان تہ پيٽ نٿو پلجي، سُڃائيءَ ۾ ڪھڙي ڇوڪري منھنجو ساٿ ڏيندي؟“
”ڪھڙي ڇوڪري ڇو پٽ، تنھنجي جواڻ جماڻ مڱ، سؤٽ زينب خير سان ويٺي آهي. نڪاح جا ٻہ ٻول پڙهائي، سير ميل ڪرائي وٺنداسون. وڌيڪ ڊرامي ڪرڻ جي ضرورت ئي ڪانھي. گهوٽ ۽ ڪنوار لاءِ ڪپڙن جا ٻہ جوڙا ٺھرائڻا پوندا، سي ٺھرائي وٺبا.“
”اَبا، حالي تہ مون کي شاديءَ جو شوق آهي ئي ڪونہ. مٿان وري زينب سان، تہ سوال ئي نٿو پيدا ٿئي. هن جو رشتو ڀلي ڪٿي ٻئي هنڌ ڪرائي ڇڏيو.“
”چوين ڇا ٿو پرين، دماغ تہ جاءِ اٿئي نہ؟“
پڻس چِڙي پيو، هُو کٽ تي ويٺي ويٺي اُڀو ٿيندو ويو.
”ٻنڌڻن کان وٺي هيءَ تنھنجي نالي ٿيل آهي. سڄي راڄ کي خبر آهي. چاچھين مرهيات کان پوءِ، هِن جي ماءُ وڃي ٻيو حق ڪيو هو. هيءَ ان وقت پنجن سالن جي هئي. تڏهن کان وٺي اسان سان رهي پئي. هينئر ڪھڙي مُنھن سان هِن جو هٿ، ڪنھن ٻئي کي ڏيون؟ ماڻھو ٿُوٿُو ڪونہ ڪندا اسان تي…؟ اجايو ضد نہ ڪر. اهو ڪم اڄ ئي ڪري ٿا وٺون…
”نہ بابا نہ، آءٌ اڳي ئي پريشان آهيان، پنھنجي مسئلن ۾، مون کي وڌيڪ پريشان نہ ڪر. اَمان، سمجهاءِ نہ بابا کي…“
”پٽ پڻھين صحيح ٿو چوي. اسان سڀني گڏجي اهو فيصلو ڪيو آهي.“
ڏينھن چڙهيو، تہ هن جون ڀيڻيون بہ پھچي ويون. ٿوري اشاري ملڻ سان، هنن سِهرن ۽ لاڏن جا دَس لائي ڏنا. سانجهيءَ واريءَ نماز کان پوءِ، ڪجهہ ويجهن عزيزن کي سڏي، مولويءَ کي گهرائي، پرينءَ جو زينب سان نڪاح ڪرايو ويو. موڪلاڻي بہ اتي جو اتي ڪرائي ويئي. گهوٽ ۽ ڪنوار جي کٽ کي ڪمري ۾ رکي، باقي ٻيا کٽولا ٻاهر مَنھہ هيٺ رکيا ويا.
شاديءَ جي پھرين رات بہ گهوٽ جي مَن ۾ نہ شاديءَ وارو جوش جاڳيو، نہ ئي ڪنوار لاءِ ڪو موھہ پيدا ٿيو. زينب جون ڪنواريون خواهشون گهوٽ جي مِٺن ٻولن ۽ هٿن جي ڇھاءُ لاءِ تَرسنديون رهيون. هُن جي سرد مھري ۽ لاتعلقيءَ کي ڏسي، لاچار خود ڪنوار کي ئي ڳالھائڻو پيو.
”سؤٽ، ايڏو پري چپ چاپ ويٺو آهين، نڪاح ٿيو آهي، آءٌ ڪنوار آهيان تنھنجي. دل نٿي ڪري ئي تہ مون سان ڳالھائي؟“
”ڇا ڳالھايان، آءٌ هينئر شاديءَ جي موڊ ۾ بلڪل ڪونہ هئس. بابا زبردستي ڪرائي آهي.“
”ڪيئن بہ ٿي، پر ٿي ويئي نہ، هاڻي تہ خوش ٿيءُ.“
”هر ڪم جي ڪرڻ جو هڪ خاص وقت هوندو آهي. زينب، ڪڪڙ کي کاري هيٺ بند ڪري، اُميد ڪجي، تہ اُها آنو ڏيندي، اهو ڪڪڙ سان ظلم ۽ پاڻ کي دوکو ڏيڻ جي برابر هوندو. جڏهن آنو ڏيڻ جو وقت ايندو تہ بنا کاري جي بہ ڏيئي ڇڏيندي. تيستائين تہ صبر ڪرڻ گهرجي نہ.“
”اهي ڳالھيون منھنجي سمجهہ ۾ نٿيون اچن، آءٌ اڄ بہ تنھنجي آهيان تہ سڀاڻي بہ تنھنجي. وڌيڪ تنھنجي مرضي.“
هُوءَ منھن ورائي، گونگا ڳوڙها ڳاڙيندي رهي… صبح جو اُٿي، رسمي طور گهوٽ جي وهنجڻ لاءِ پاڻي ڀري رکيائين، بستري تي چادر بدلايائين، پاڻ بہ وهنجي ڪپڙا بدلايائين. وارن مان پاڻي ڇنڊيائين پئي، تہ سندس منھن ۾ ڏسي، سَڻس مُرڪندي چيو:
”ڪنوار، گهوٽ ماڻڻ جون مبارڪون هُجنئي…!“
خير سگاليءَ جو اهو ننڍڙو جملو، هن کي طنز ۾ ٻڏل تير جيان لڳو، جيڪو سندس دل، دماغ بلڪ پوري وجود کي، رتوڇاڻ ڪري ويو… مُنھن هيٺ ڪري، شرمائڻ جو ناٽڪ ڪندي، هُوءَ تيزيءَ سان اُتان ٽري ويئي. هانءُ ڀرجي آيس. لمحي لاءِ بہ اُٿي بيھي ها، تہ شايد رانڀاٽ ڪري روئي پوي ها… چانھہ پيئندي، ماءُ پيءُ نوٽ ڪري ورتو تہ گهوٽ ۽ ڪنوار جي مُنھن تي اُها ٻَهڪ ڪانھي، جيڪا شاديءَ جي شروعاتي ڏينھنِ ۾ نوجوانن جي مُنھن مان بَکندي آهي.
”پٽ، گهوٽ ڪنوار ٻئي چپ چپ آهيو، آهي تہ خير نه…؟“
”ها بابا سائين. اوهان جون اُميدون پُنيون. باقي سڀ خير آهي.“
پرينءَ جي جواب تي هُو ڇِرڪي پيا. سمجهي ويا تہ ڪا گڙٻڙ ضرور آهي.
”پٽ، مرادون رڳو اسان جون ڇو، اوهان جون بہ پُنيون آهن، ڇو ٿو اهڙيون ڳالھيون ڪرين؟ ڪنوار کي ڏک ڪونہ ٿيندو؟“
”بابا، آءٌ تہ اوهان کي پرچائڻ آيو هئس. زوراوري ڪري ڪنوار منھنجي ڳچيءَ ۾ وجهي ڇڏي اٿوَ. هِن سان شاديءَ کان تہ مون سدائين، انڪار پئي ڪيو. شادي آءٌ ضرور ڪيان ها، پر پنھنجي مرضيءَ سان. ان جي ذميواري بہ پاڻ کڻان ها- مھيني کان پوءِ هيءَ اُرَھہ پوتيءَ جو پَلئہ ڏيئي گهمندي، روز ڊاڪٽر وٽ ويٺي هوندي، ڪير خرچن کي منھن ڏيندو؟“
”دل نہ لاھہ پرين، اچڻ وارو پنھنجي حصي جي روزي بہ کنيو ٿو اچي. توتي بار ڪونہ ٿيندو. ٿي سگهي ٿو، تہ ٻار جي مُهابي تنھنجي پگهار وڌي وڃي. اهو بہ ٿي سگهي ٿو تہ توکي ٻي ڪا سرڪاري نوڪري ملي وڃي، جنھن جي پگهار بہ چڱي هجي…!“
”سڀ چوڻ جون ڳالھيون آهن اَبا، اِها پگهار بہ الائي ڪنھن جي ڀاڳ ۾ پئي ملي. ماڻھو يونيورسٽي ۽ ڪمپيوٽر جون ڊگريون کڻي، پٽيوالي ۽ چوڪيداري لاءِ ڌِڪا پيا کائين. مئٽرڪ پاس کي اڄ ڪير ٿو پڇي.“
”رب جي ذات مان مايوس نہ ٿيءُ پرين. دل ۾ سدائين چڱي اُميد رک. هُو ڏيڻ تي ٿو اچي، تہ اڻپڙهيل کي بہ نوازي ٿو ڇڏي. تون تہ وري بہ مئٽرڪ پاس آهين.“
هُو موڪل پوري ڪري آفيس پھتو. هميشہ جيان سڀ کان اول رسيپشن تي سسٽر شھلا سان ئي ملاقات ٿيس:
”هيلو وڏيرا خان، موڪل پوري ڪري پھتو آهين؟ (هوءَ هِن کي وڏيرا خان چوندي هئي).
”ها، موڪل ويئي پوري ٿي.“
”اڙي هي ڇا، هٿن سان گڏ پيرن کي بہ ميندي هڻي آيو آهين…! آهي تہ خير نہ؟“
شھلا ڀرپور حيرت جو اظھار ڪيو.
”ها، خير ئي آهي، بس، هي ٿورو ائين ئي…“
هُو وضاحت ڪرڻ کان لنوائي ويو.
”چانھہ جو موڊ آهي؟“
شھلا مُرڪندي کانئس پڇيو.
”ٿورو ترس، مئڊم اچي رائونڊ هڻي وڃي، پوءِ ويھي پيئنداسين. آنٽي ڪيئن آهي؟“
”ٺيڪ آهي، روز ٿي تنھنجو پڇي. اڄ هلي مل جائينس.“
”آءٌ رائونڊ لڳائي ٿو اچان…“
هو ٽيلارو ڪندو، اسٽاف سان هيلو هاءِ ڪندو، مينديءَ بابت سوالن جا جواب ڏيندو رهيو- شام جو شھلا سان گڏ سندس گهر پھتو، تہ هن جي ماءُ مينديءَ بابت ڪيترائي سوال پڇيا.
”پٽ سنڌي ماڻھو ميندي ڪن خاص موقعن تي ئي هڻندا آهن. گهڻو ڪري تہ شاديءَ جي موقعي تي، يا وري ڪي مڱڻيءَ جي موقعي تي بہ هڻندا آهن. باقي عام حالتن ۾ تہ مرد ميندي ڪونہ لڳائيندا آهن.“
”آنٽي اوهان صحيح ٿيون چؤ، دراصل… اصل ۾ گهر وارا پھرئين کان ئي تياري ڪيو ويٺا هئا. منھنجي پھچڻ سان ئي کڻي رسم ڪري ورتائون.“
”ڪھڙي رسم پٽ؟“
شھلا جي ماءُ وڏي تشويش مان پڇيو.
”شاديءَ جي.“
شادي لفظ ٻڌڻ سان ئي هن کي وڏو جهٽڪو لڳو! مُنھن جو رنگ ئي بدلجي ويس.
”منھنجي مڱڻي ننڍي هوندي کان ئي، منھنجي سؤٽ زينب سان ٿيل هئي. هن ڀيري نڪاح ڪرائي، سِر ميل ڪرائي ڇڏيائون.“
شھلا چانھہ ۽ بسڪٽ کڻي آئي، تڏهن بہ ماڻس ڄڻ تہ لاتعلق ئي رهي.
”موڊ ڇو خراب آهي اَمي؟ وڏيرو خان اسان وٽ آيو آهي، هن سان کِلي، خوش ٿي ڳالھاءِ. موڊ ٺيڪ ڪر.“
”ڇا ٿيو منھنجي موڊ کي، ٺيڪ تہ آهيان.“
”کچھ تو ہے، جس کی پردہ داری ہے“۔
شھلا شرارت مان شعر پڙهيو. ماڻس هِن جي سادگيءَ تي چِڙي پئي. رڙ ڪري چيائينس:
”ڪجهہ سمجهين بہ ٿي بيوقوف! وڏيرو خان شادي ڪري آيو اٿئي…!!“
”ڇا…!!!“
شھلا کان اوچتي رڙ نڪري ويئي. پرين هنن جي ردِ عمل تي حيران ٿي ويو.
”اِهي سنڌي وڏيرا، سدائين ائين ئي ڪندا آهن. اُٺ وانگر جيڏانھن مُنھن، تيڏانھن منزل. پٺيان ڪير مري يا بچي، هنن جو ڪجهہ نہ وڃي…“
”آنٽي اوهان جو اوچتو پريشان ٿي وڃڻ، منھنجي سمجهہ ۾ نٿو اچي. ٿوري وضاحت ڪندؤ؟“
”پٽ هاڻي ڇا وضاحت ڪجي، وضاحتن جو وقت ويو گذري… توسان ملي، شھلا ڏاڍي خوش ٿي هئي. هر وقت تنھنجيون تعريفون ڪندي هئي، اصل ۾ هيءَ توکي پسند ڪرڻ لڳي هئي. مون بہ چاهيو پئي، تہ اوهان جي شادي ٿي وڃي. اجنبي شھر ۾، نوڪريءَ سان گڏ، توکي ڇوڪري بہ ملي وڃي. ۽ بونس ۾ ٺھيل ٺڪيل گهر بہ. شھلا جي پندرهن هزارن واري پگهار ۾ تو وارا ڏھہ هزار بہ شامل ٿي وڃن، تہ ٺيڪ ٺيڪ رقم ٺھي پوندي. زندگي سک ۽ سڪون سان گذرندي، پر وقت اهڙو ڪو ڦيرو کاڌو، جو اسان جون حسرتون، حسرتون ئي رهجي ويون…“
”چاهيو تہ شايد مون بہ اهوئي پئي آنٽي، پر نہ تہ آءٌ ان جو اظھار ڪري سگهيس، نہ وري شھلا طرفان ئي ڪو اهڙو اشارو مليو.“
”اڃا تہ شروعات هئي پٽ، اڳتي هلي سڀ ڪجهہ ٿي پوي ها! پر توکان صبر نہ ٿيو- خدا توکي خوش رکي. اسان جي نصيب ۾ نہ هُئين تون…“
ماحول ڏاڍو اُداس ٿي ويو. انڪري هن موڪلائڻ ئي بھتر سمجهيو.
”آءٌ هاڻي اجازت وٺندس آنٽي. شھلا کي سڏ ڪيو تہ موڪلائي وٺانس. آهي ڪٿي؟“
”ويٺي ڪنھن ڪنڊ پاسي ۾ پنھنجي قسمت تي روئندي هوندي، هن جي ذهن تان اهو صدمو سڄي زندگي ڪونہ لھندو! پٽ ناراض نہ ٿين تہ هڪڙي ڳالھہ چوانءِ…؟“
”حڪم ڪريو، ناراض ڇو ٿيندس؟“
”تون واقعي شھلا کي چاهين ٿو، تہ هيءَ اڄ بہ توسان شادي ڪري سگهي ٿي، پر ان لاءِ توکي پنھنجي وفاداريءَ جو ثبوت ڏيڻو پوندو…“
”وفاداريءَ جو ثبوت… مثال طور ڇا…؟“
”پھرئين گهر واريءَ کي طلاق ڏيڻي پوندئي…!!“
جملي ٻڌڻ سان، پرينءَ جي اندر مان باھہ جو شعلو ڀڙڪو ڏيئي اُٿيو، جيڪو سندس نَس نَس ۾ اُماڙيون ڀري ويو…!!! هُو ڦاٽل اکين سان کيس ڏسندي، بنا ڪجهہ چوڻ جي ٻاهر نڪري ويو.
شھلا پرينءَ جي دوستيءَ کي ڄڻ تہ ڪنھن جي نظر لڳي ويئي. هُو هڪ ٻئي کان پري پري رهڻ لڳا. جيڪو اسپتال جي پوري اسٽاف محسوس ڪري ورتو هو. پرين رائونڊ ڪندي، ڊسپينسريءَ وٽان لنگهيو، تہ سِسٽر اُلفت جي مٿس نظر پئجي ويئي:
”گارڊ صاحب، ڪڏهن ٻہ منٽ اسان وٽ بہ ويھو. پري کان ئي جهاتي پائي هليا ٿا وڃو.“
هُو بنا ڪجهہ چوڻ جي، لَڙي اندر ويو، ويھڻ لاءِ کيس اسٽول ڏيندي سِسٽر اُلفت پڇيو:
”ڇا پيئندؤ؟“
”ٿئنڪيو سِسٽر، آءٌ ڪو مھمان ڪونہ آهيان، ڪيئن سڏيو اٿوَ؟“ هيڏي هوڏي نھاري، هُن رازدارانہ انداز ۾ پڇيس:
”اڄڪلھہ سِسٽر شھلا ۽ اوهان ڪجهہ پري پري ٿا نظر اچو. ڇا تان ناراض آهيو؟“
”ڪا ناراضگي ڪانھي، پھرئين وانگر ئي آهيون.“
”پھرئين وانگر تہ ڪونہ آهيو، نٿا ٻڌائڻ چاهيو، تہ ڀلي نہ ٻڌايو، پر ڪا ڳالھہ آهي ضرور. اِها مائي ميڪ اپ جو سھارو وٺي، ڇوڪري ٿيڻ جي ڪوشش ڪري پيئي، پر ڇوڪري اٿوَ ڪانہ! ٽيھن جي پيٽي واري ”اَڌڙوٽ“ اٿوَ، ٻہ ڀيرا مڱڻو ٿيو هيس، ٻئي ڀيرا ٽُٽي ويس. هينئر واندي آهي، تہ لڳي آهي اوهان جي پويان، ان کان بچجو…!“
”اهو ٻڌائڻ لاءِ مون کي سڏيو اٿوَ؟“
هُو ڪاوڙ مان اُٿي بيٺو.
”هُوءَ اوهان جي دوست آهي، اوهان سان گڏ ڪم ٿي ڪري، دوست جو ڪجهہ تہ لحاظ ڪريو.“
هُو ٻاهر نڪري ويو، سِسٽر اُلفت بڙ بڙ ڪندي پنھنجي ڪم ۾ لڳي ويئي.
شاديءَ کان پوءِ بنا پروگرام جي بہ پرينءَ ڳوٺ جا ٻہ ٽي چڪر ڏنا. ڪجهہ مھينن پُڄاڻان خوشخبري مليس تہ ”هُو پيءُ ٿيڻ وارو آهي.“ ان ڳالھہ کيس زينب ڏانھن ڪجهہ وڌيڪ مائل ڪري ڇڏيو. آخر اهو وقت بہ اچي ويو، جنھن جو سڀني کي انتظار هو، دائي ڀاڳل کي سڏايو ويو، جنھن زينب کي تپاسي چيو:
”پريشانيءَ جي ڪا ڳالھہ ڪانھي، ويم ۾ پنج ڇھہ ڪلاڪ لڳي سگهن ٿا. سڀ دعا ڪريو تہ خير ٿئي.“
پرينءَ کي فون ڪري، پئسا کڻي فوراً پھچڻ لاءِ چيو ويو. دائيءَ جي سنوڻ ساٺ آڍ مَک ۽ پَٽ پَٽان ۾ پورو ڏينھن گذري ويو. ان دوران هوءَ کين تسليون ڏيندي رهي. ٻئي طرف زينب جي حالت جيئن پوءِ، تيئن نازڪ ٿيندي ويئي، هوءَ تڪليف کان لڳاتار دانھون ڪندي رهي. نيٺ آڌيءَ رات ڌاري دائيءَ هٿ کنيو ۽ صلاح ڏني تہ ”مائيءَ کي هينئر جو هينئر شھر کڻائي وڃو ڪنھن وڏي ڊاڪٽرياڻيءَ وٽ، متان ٻار کي ڪو نقصان نہ ٿي پوي.“
پاڙي مان ڪجهہ پئسا اوڌر وٺي، صبح جو زينب کي اسپتال پھچايو ويو. ڊاڪٽرياڻيءَ ٻڌايو تہ:
”ٻار پيٽ ۾ ڪمزور ٿي ويو آهي. مائيءَ جي زندگيءَ کي سخت خطرو آهي. آپريشن ڪرڻو پوندو. پنجويھہ هزار رپيا پھرئين جمع ڪرايو.“
”ڊاڪٽرصاحبہ، اسان مسڪين ماڻھو آهيون، ايڏي وڏي رقم نہ ڏيئي سگهنداسون. مھرباني ڪري اسان سان ڪجهہ رعايت ڪريو.“
”بابا، اهي رعايتي پئسا ٻڌاياٿمانوَ. نٿا ڏيئي سگهو، تہ ڪمرو خالي ڪريو. ٻيا ماڻھو ويٺا آهن، انتظار ۾…“
”ڊاڪٽر صاحبہ، اسان کي ڪجهہ مھلت ڏيو. اسان جو ماڻھو پئسا کڻي ڪراچيءَ مان اچڻو آهي.“
اسپتال مان ڪنھن جي موبائل تان فون ڪري، پرينءَکي سڄي صورتحال ٻڌائي ويئي. ڳوٺ جي مسڪين نياڻيءَ جي خبر ٻڌي، ڪن خدا ترس ماڻھن مسجد مان اعلان ڪري، چندو گڏ ڪرڻ شروع ڪيو. پرينءَ جون سر توڙ ڪوششون بہ ڪارگر ثابت نہ ٿي سگهيون. مجبوريءَ هن جي پيرن ۾ ڏانوڻ وجهي ڇڏيا. ٻہ دفعا انڪار ٻڌڻ کان پوءِ، مَردين ڪُسندي، هُو ٽيون ڀيرو درخواست کڻي مئڊم وٽ پھتو. وڏي بحث ۽ ايلازن کان پوءِ وري بہ هن کي انڪار ڪيو ويو. هُو روئڻھارڪو ٿي، پنھنجي اسٽول تي اچي ويھي رهيو. سندس حالت ڏسي شھلا هن وٽ هلي آئي:
”مئڊم ڇو پئي گوڙ ڪيو؟ ڇا مسئلو آهي؟“
”بس، ائين ئي گوڙ ڪرڻ تہ هن جي پراڻي عادت آهي.“
”تڏهن بہ، اصل ڳالھہ ٻڌائين ڇو نٿو. آخر پريشان ڇو آهين؟“
وائيف جي ڊليوري آهي. آپريشن ٿيندو، مئڊم کان هفتي جي موڪل ۽ مھيني جي پگهار ايڊوانس گهريم، اُن تان چِڙي پيئي… ھھڙي وقت ۾ بہ آءٌ پنھنجي ٻچن لاءِ ڪجهہ نٿو ڪري سگهان، تہ ٿُڪ هڻي اهڙي نوڪري کي آءٌ استعيفا ٿو ڏيان…“
پرينءَ جهٽڪي سان مُنھن کڻي هن ڏانھن ڏٺو. پنھنجي اکين ۽ ڪنن تي اعتبار نہ پيو اچيس! ڄڻ ٻاٽ ۾ لاٽ نظر اچي ويس…!!
هُو واءُ مينھن ڪندو، پنھنجي شھر جي ٻڌايل اسپتال پھتو. ڪمري ۾ سندس ماءُ، پيءُ ۽ ڀيڻ ميران اُداس ويٺا هئا.
”خير تہ آهي، سڀ پريشان ٿا لڳو…؟“
”خير ڪونھي پرين، تنھنجي ڪنوار موڪلائي ويئي! زينب اسان کان رُسي ويئي اَبا…!!“
ماڻس اوڇنگار سان کيس خبر ڏني، هن جي جسم ۾ سياٽو ڊوڙي ويو، ڪمري ۾ وري روڄ شروع ٿي ويو. هن زال جي مُنھن تان چادر هٽائي ڏٺو، سندس ڄاڙي پٽيءَ سان ڇِڪي ٻڌل هئي. اکيون اندر لھي ويون هئس. رنگ زرد ٿي چڪو هئس. ننڍڙو پٽ، ڪپڙي ۾ ويڙهيو، ماءُ جي پاسي ۾ ستل هو. مُنھن سُڄيل هئس، هُو هِن جي ٻانھن ۾ اچي کِلي ها، مُرڪي ها، شرارتون ڪري ها، هِن جي مُنھن ۾ نھاري هُونگڙيون ڏئي ها، تہ هِن جا سڀ ٿڪ لھي وڃن ها، پر افسوس ائين نہ ٿي سگهيو… هِن جو هٿ، غير ارادي طور کڄي ويو، پٽ جي پيشانيءَ کي ڇُهي ڏٺائين، جيڪا ٿڌي ٿي چڪي هئي. دل جُهٻو کاڌس. مُنھن ڍڪي سُڏڪن ۾ ٻڏي ويو…
”پرين، تو زينب سان وفا نہ ڪئي پٽ، تنھنجي نڪاح ۾ اچڻ کان پوءِ بہ هن کي سک نصيب نہ ٿيو.“
”مون تہ شاديءَ کان ئي انڪار ڪيو هو اَبا. اوهان ضد ڪري مون کي ڦاسايو، سچ تہ اهو آهي تہ زينب کي مارائڻ ۾ اوهان جو بہ هٿ آهي…!“
”آهستي ڳالھاءِ، ماڻھو ٻڌن پيا. تماشو نہ ڪر هتي. اها ڇيڙي نبيري ڳوٺ هلي ڪجانءِ. توکي پھريون ڀيرو فون ڪيوسون، اڄ ان کي چوٿون ڏينھن آهي. پئسا کڻي وقت تي پھچين ها، تہ اسان جا ٻچا بچي نہ پون ها…؟“
”مون پنھنجي وسان ڪونہ گهٽايو اَبا، پر آءٌ بہ هئس واڳونءَ جي وات ۾، جڏهن موڪل منظور ٿئي، جڏهن پئسا ملن. اِنھن ٽن ڏينھنِ ۾ مون جيڪا لوڙ لوڙي آهي، سا مون کي خبر، يا منھنجي خدا کي، آخر ۾ تنگ ٿي سوچيو هئم تہ نيٽي جيٽيءَ واري پل تان بيھي، سمنڊ ۾ ٿو ٽپو ڏيان، پر ڪنھن بچائي ورتو.“
”اهڙي بيوقوفي متان ڪرين اَبا. اسين توسان گڏ ڪونہ آهيون. پاڻ کي جهل، اسين هتي خالي هٿين ويٺا هئاسون. ڳوٺ وارن کي خبر پئي، تہ ويچارن گهٽايو ڪونہ. چندا ڪري ڪالھہ تيرنھن هزار روپيا پڄائي ويا. ماڻھين بہ هِتي جهولي جهلي، ماڻھن کي ايلاز ڪيا، اڍائي هزار کن هِن کي بہ مليا. اُهي گڏائي ڏناسون، تڏهن آپريشن ٿيو. مائيءَ کي مڇيءَ وانگر چيري، ڊاڪٽرياڻي تہ وڃي گهر ۾ آرامي ٿي، اسان جي نياڻيءَ لُڇندي، دانھون ڪندي، آڌيءَ رات جو دم ڏنو…!!“
”اِها مائي چوڻ لاءِ تہ ڀلي ڊاڪٽرياڻي هجي، پر اصل ۾ تہ ڏانئڻ جي بہ ڏانئڻ آهي! رحم جو دُڪو بہ دل ۾ ڪونہ اٿس. ماءُ پٽ کي مارڻ کان پوءِ بہ لاش کڻڻ نٿي ڏي. رهيل ڏھہ هزار اڃا بہ گهُري پئي.“
”ماڻھين سچ ٿي چوي پٽ، ڏوڪڙ اٿئي، تہ وڃي هڻي اچينس مُنھن ۾، تہ نِڪرون هِن دوزخ مان…“
هُو ڊاڪٽرياڻيءَ جي رَويي بابت ٻڌي، چِڙ ۾ ڀرجي، آفيس ڏانھن روانو ٿيو. آفيس تائين پھچندي، هڪ مھذب ۽ شريف انسان وانگر، سموري ڪاوڙ پي ويو: پئسا ڏيندي ۽ ٿڌي انداز ۾ چيائين:
”آءٌ زينب جو مڙس آهيان مئڊم. هي اوهان جي بل جا باقي پئسا.“
پئسا ڳڻي ”ٺيڪ“ چئي مئڊم ٽيبل جي خاني ۾ رکيا، هُو وڃڻ لاءِ مڙيو تہ پويان آواز آيس:
”انتھائي لاپرواھہ ۽ غيرذميدار ماڻھو آهيو اوهين ڳوٺاڻا… مريضه کي اڻڄاڻ داين هٿان پَٽائي، ڦٽائي، مرڻينگ ڪري، پوءِ کڻي ٿا اچو اسان وٽ تہ هاڻي بچايوس. وقت تي پھچايوس ها، تہ بچي نہ پوي ها؟ جڏهن پالي نٿا سگهو، تہ پوءِ ڄَڻيو ڇو ٿا…؟“
”اوهان بلڪل درست فرمايو آهي مئڊم.“
طعنو ٻڌي، هن جي اندر ۾ دٻيل باھہ، ٻيھر ڀڙڪي پيئي. ويندي ويندي دروازي ۾ بيھي جواب ڏنائينس:
”اسان ۾ ٿورو بہ شعور هجي ها، تہ پنھنجيءَ عورت کي ڪنھن ساک واريءَ اسپتال ۾ داخل ڪرايون ها، جتي ماءُ سان گڏ، ٻار بہ بچي پوي ها. اسان وڏي بيوقوفي ڪئي، جو ڪوس گهر کي اسپتال سمجهي، پنھنجي مائيءَ کي ڪاسائيءَ حوالي ڪري، هٿن سان مارايوسون…!“
مئڊم سان ان لھجي ۾ اڳ ڪنھن بہ نہ ڳالھايو هو. هُوءَ حيرت مان کيس ڏسندي رهي.
”دولت جي لالچ ۾ اچي، ڪي ڊاڪٽر تہ جلادن کان بہ ٻہ وِکون اڳتي نڪري ويا آهن. ماڻھو مارڻ کان پوءِ، هُو ان جي وارثن کان، لاش جي بہ قيمت وصول ڪندا آهن، اهڙن جلادن کي، چَوڪ تي ٽنگي ڦاسي ڏيئي ڇڏڻ گهرجي تہ جيئن دنيا ڏسي ۽ عبرت حاصل ڪري…!!!“
هُو ڳالھہ پوري ڪري، هليو بہ ويو، پر مئڊم اڃا تائين دروازي ۾ اکيون وجهي، بي حس و حرڪت ويٺي رهي جھڙوڪر ڪنھن کانئس چُرڻ پُرڻ واري طاقت ڦُري، کيس بيجان بُت بڻائي ڇڏيو هجي…