App Icon

ڪهاڻي گهر

بهترين تجربي لاءِ اپليڪيشن انسٽال ڪريو

مان، ڇَٻي ۽ ان جو ڪڙو

ليکڪ: محمود مغل | پڙهڻ جو وقت: 11 منٽ

دريءَ جي ٻاهر، منظرن جو سفر تيز ترين هو. سايون پوکون، باغَ، فارم هائوسَ، تيزيءَ سان پٺتي ٿي رهيا هئا. ڪوسٽر ڪافي تيز رفتار هئي. ذهن ۾ هڪڙي ڳالھہ شدتن سان، ڌَمَڪَ وارو ڪردار ادا ڪري رهي هئي تہ اسپيڊ تہ هن ڊوڙندڙ مشين ۾ بہ ڪافي آهي، پر پنھنجي ماٺڪي ذهن ۾ يادن جي عڪسن جا ترورا، ان کان بہ تيز ’موشن‘ ۾ هئا. وقت، خيال جي مڪينڪ وٽ ڪجهہ لمحن لاءِ بيھي رهيو هو. شايد ياد جو گِريس ۽ مھربانين نامہربانين جو آئل کوٽيءَ ۾ هو، جيڪي ڪجهہ بہ هو عجيب هو. تحرڪ ۾ ماٺ هم رڪاب هئي.
هي اهو ئي رستو هو، جنھن تي جوانيءَ سفر ڪيو هو. محبوبَ جي شھر جي عجيب سونھن ٿئي ٿي. اهي گدلا، ٽٽلَ ڀڳلَ رستا، شاهراهن وانگر لڳندا آهن... گهٽين جو موهُه پنھنجي جاءِ والاريندو آهي. قداور ڀتين جي پنھنجي جوڙجڪ محسوس ٿيندي آهي. هِتان هُو لنگهيو هوندو... هن گسَ تي سندس پيرَ پيا هوندا... هُنَ چوڪ وٽان گذر ٿيو هوندس... ڪھڙي ادا، ڪھڙي دريءَ جي پٿرَ ڏٺي هوندي... کليل وارن جو عڪس، ڪھڙيءَ ڀت تي پيو هوندو... ٽھڪن جا ٽوڪرا، ڪھڙي وڻ جي ٽارين جهٽيا هوندا... محبت تہ نسورو ظلم هوندي آهي.. انڌ هوندي آهي... سڀ ڪجهہ پيش نظر هوندو آهي. پسمنظر جا هڙئي منظر گم ٿي ويندا آهن... تڏهن تہ محبوب جي ڪا شڪل شبيھہ نہ هوندي آهي. جي محبت پس منظر تي نگاھہ ڪري تہ ڪو بہ ڪوجهو، ڪارو وجود، ڪڏهن بہ محبت نہ ڪرائي سگهي. اهو عشق جيڪو محبتي ميڙي ٿو انڌو، ٻوڙو هوندو آهي... ها گونگو بنھہ ناهي هوندو... دنيا جا سڀ گونگا اصل ۾ ٻوڙا هوندا آهن... ٻڌي نہ سگهندا آهن، ان ڪري اُچاري نہ سگهندا آهن.... عشق ٻڌڻ نہ چاهيندو آهي... کيس رڙ واڪي سان دلچسپي هوندي آهي... پنھنجي صدا جي گونجَ ۾ هُو ٻين سڀني آوازن جي نڙي گُهٽي ڇڏيندو آهي. اهوئي سبب هوندو آهي جو اسان جو محبوب، ٻين کي عجيب ڏسڻ ۾ ايندو آهي. اسان جي جوڙي ٻين کي ’نہ ٺھڪندڙ‘ لڳندي آهي... اسان لاءِ تہ بس.... اهوئي سچ هوندو آهي تہ سڄي ڪائنات ’هن‘ تي اچي بيٺي آهي.
۽ ’هُو‘ ڪير آهي؟ هُو اهو ڪمال آهي، جنھن جي زوال جو اسان کي کُٽڪو ئي نہ هوندو آهي. سڀ اوڻايون پاڻ ڏانھن ڪندي، سڀ مدايون پنھنجي کاتي ۾ وجهندي، اسين سدائين هن جي ڀلائين جو ذڪر ڪندا آهيون، جنھن جي ناراضگي بہ هڪ ادا لڳندي آهي ۽ جنھن جو راضپو، سڀني موسمن کي ’بھار‘ ۾ تبديل ڪري ڇڏيندو آهي. هُو ساڻ هجي تہ انسان ڪائنات جو امير ترين وجود بڻجي ويندو آهي ۽ جي خدانخواستہ هُو وڇڙي وڃي تہ هڪدم حيات، مفلس، ڪنگال ۽ ڇسي ٿي ويندي آهي. ’هُو‘ اسان جي اندر ۾ هر نيُن موسمن جي جنم جو ذميوار هوندو آهي. سڄيءَ حياتيءَ ۾ ٽارين تي ايترا گؤنچَ ڪونہ ڦُٽندا آهن، جيترا پيار جي موسمن ۾ اسان جي وجود جي وڻن تي ڦُٽي پوندا آهن. اسان جي سونھن، سينگارَ، ناز نخري کان وٺي اسان جي اجڙڻ تائين جو ذميوار ’هو‘ ئي تہ آهي. سندس محبت اسان کي ڪٿان کان ڪٿي پھچائي ڇڏيندي آهي ۽ ڪلفت اسان مڙني کي ڪمان ’گر‘ بڻائي ڇڏيندي آهي. اسين ڪمانون ٺاهيندا آهيون تہ جيئن نفرتن جا تير اڇلي سگهجن. جي اهي ڪمانون ٺھڻ بند ٿي وڃن تہ تيرن کي هٿن سان نشاني تي ڪيترو اڇلائي سگهجي ٿو.
ورهيہ ٿيا، هن جي هٿن ۾ ڪمان هئي. ترڪش تيرن سان ڀريل هئس ۽ منھنجو وجود زخمن جي ور چڙهي رهيو هو.
”زماني جي خيال ۾ تون هڪ غير عملي انسان آهين... ڪجهہ بہ نہ ٿو ڪري سگهين... زندگي رڳو عشق عاشقي ناهي... ڇڙو ويلنٽائن ناهي... زندگي عملي اظھار جو پيرايو آهي... هتي عملن سان ئي وڏا وڏا گولز هٿ ڪري سگهبا آهن ۽ منھنجي گهر وارن جي خيال ۾ اهي گولز هٿ ڪرڻ تنھنجي ڏانءَ کان گهڻا آهن.“
ڌماڪا رڳو ظاهري ڪونہ ٿيندا آهن. اهي تہ ڪڏهن ڪڏهن صرف ۽ صرف اوهان کي ٻڌڻ ۾ ايندا آهن... دنيا سڄي پنھنجي ڪاروهنوار ۾ گم هوندي آهي ۽ اوهان بمبارٽمينٽ ۾ ڀَڄندا ڀُرندا رهندا آهيو. انھن ساعتن ۾ مون سان بہ ڪجهہ اهڙو ئي ٿيو پئي.... هن ڏانھن بي يقينيءَ سان نھاريندي، کيس هر انداز جي منٿ جو ديدار ڪرايو هئم... پر هُنَ ان مھل پنھنجي ڪمان کي سڌ ۾ جهليو هو. مان ’بُلز آءِ‘ جيان نشاني تي هئس ۽ ڪوبہ وار خطا نہ پئي ٿيو...
”تون رڳو جذباتي ۽ بي انتھا پيار ڪندڙ شخص آهين... ٺَلھو پيار ۽ ٺَلھا جذبا ڪتابي ڳالھيون آهن... عملي ڳالھہ اها ڇَٻي آهي، جنھن ۾ بصر پٽاٽا ايندا آهن. تنھنجي جذبن ۾ تہ ان ڇٻيءَ جي ڪڙي بڻجڻ جي صلاحيت بہ ناهي.“
ذلتن جو شايد ڪو پيمانو نہ هوندو آهي. شايد عزت هڪ حد تائين ڪري سگهجي ٿي، الاءِ ان لاءِ بہ ڪو ماپو يا تورَ ڪونھي، ان لاءِ ڪجهہ نہ ٿو چئي سگهجي. باقي اهو سڀ وثوق سان چئي سگهجي ٿو تہ بيعزتي ڪرڻ لاءِ ڪوبہ ڪاٿو دنيا ۾ ايجاد ناهي ٿيو. ڪوبہ، ڪنھن جي بہ، ڪيتري بہ بيعزتي، ڪنھن بہ گهڙيءَ ڪري سگهي ٿو. رڳو کيس اها ڪرڻ جي سوچ هُجي... ۽ ان مھل منھنجي محبوب کي اها سوچ مضبوط ڪيو بيٺي هئي. محبتن جي ڏور جا ڌاڳا، نفرتن ۽ بدخواهن جي الزامن ڪُتري ڇڏيا هئا... آخري لفظن هڪ سَٽَ ڏني ۽ اها ڏور ڌاڳو ڌاڳو ٿي وئي... هن چيو هو ”مان ڪڏهن بہ هن وڇوڙي تي شرمندہ نہ ٿينديس... ها، جي توسان ملي پوان ها تہ شايد شرمسار ٿي وڃان ها...“
وگهريل شيھو ڇا ٿيندو آهي... گهاوَن ۾ ڪيترو لوڻ ٻُرڪجي جو ماڻھو اُٿل پُٿل ٿي وَڃي... بيقراريءَ جي اصل معنيٰ ڇا آهي، اهو سڀ انھن ڏينهَن سيکاريو هو. زندگي بي معنيٰ، اڻ سَوادي ۽ بدلڇڻي لڳندي هئي. واپسيءَ جو ڪوبہ دڳ نظر نہ ٿي آيو، پر الاءِ ڪيئن واپسي ٿي بہ ويئي. عملي زندگيءَ جي معنيٰ هڪ بھترين ڪئريئر کي جنم ڏنو... حياتيءَ ۾ هڪڙو سچو جيون ساٿي آيو ۽ لمحا طنابون ٽوڙائي ڊوڙڻ لڳا.
محبت بہ عجيب هوندي آهي، جنھن سان ٿي وَڃي، تنھن جي خالي جُتيءَ ۾ بہ ڄڻ هُن جا پير سمايل لڳندا آهن. رنگ اهو امر ٿيندو آهي جيڪو هُو پَهري... انھن گهرن جي ڀتين کي هٿ لائبو آهي، جنھن جي دَر جي چائنٺ هن اُڪري هجي... ماڻھو تہ هُن جي گهر ڏانھن رخ ڪري هوائن سان شڪايتون ڪندو آهي. ان محبت کان وڌيڪ عجيب وري وڇوڙي جو درد هوندو آهي، جيڪا آنڌ مانڌ محبت ۾ متل هوندي آهي، اها وڇوڙي جي ماٺار ۾ مَٽجي ويندي آهي. انسان ٻڏتر مان نڪري، هڪڙي ئي ڪيفيت ۾ هليو وڃي ٿو، مُرڪون رخصت ٿين ٿيون... ڳوڙها دامن جهلين ٿا. ٻين جو مرڪڻ سٺو لڳي ٿو، پنھنجي اداسي پاڻ کي وڻي ٿي. الاءِ ڇو ائين بہ ٿئي ٿو تہ پوءِ اهو ساڳيو جاني جگر، لاتعلقيءَ جي پردي ۾ ويڙهجي وڃي ٿو. حياتيءَ سان بيزاري ايتري وڌي ٿي جو انسان، ان ساڳيءَ هستيءَ جي خبر بہ وٺڻ نہ چاهيندو آهي، جنھن جي هڪ ننڍڙي خبر بہ ڄڻ ڪڏهن ’بريڪنگ نيوز‘ هوندي هئي.
هوائن الاءِ ڪيترو سفر طئي ڪيو. رنگن الاءِ ڪيترا شيڊز مَٽايا... الاءِ ڪيترن ورهين پڄاڻان هن جي فون اچي ويئي.
”ڪٿي آهين... ڇا پيو ڪرين...؟“
دل چيو، چوانس تہ اسان جھڙا وجود ڇا ڪري سگهن ٿا ۽ مون ڇا ڪيو هوندو...؟ ڪھڙا اڪَ ڪارا ڪيا هوندم ۽ ڪھڙي طرف کان مقصدن جي هماليہ تي چڙهيو آهيان... زهر جو ڍڪ ڀريندي چيم ”ميٽنگ ۾ آهيان... ڪلائينٽس ويٺل آهن...“
”مون سان ملي سگهين ٿو...؟“
”ڪڏهن...؟“
”ڪڏهن بہ... جڏهن تو وٽ وقت هجي....“
”خير آهي...“ مون ڳيت ڏني... جنھن سان ملڻ لاءِ بھانا ڳولبا هئا، اڄ وقت ان کان ئي ملاقات جا سبب پڇڻ تي مجبور ڪيو هو.
”پوءِ سڀاڻي هليو اچ... هتي... مون وٽ... آفيس ۾...“
هن تڪڙ ۾ ائڊريس اُچاري ۽ الاءِ ڪيئن مون چئي ڏنو، ”مون وٽ پنجاھہ منٽ اٿئي... ٺيڪ چئين وڳي مان پھچندس ۽ چار پنجاهَه تي نڪرندس...“
هن تڙ تڪڙ ۾ ها ڪئي ۽ مون فون رکي هئي. پھريون خيال ئي اهو آيو تہ ميٽنگ ۾ فون ٿُرو ڪيئن ٿِي... پر پوءِ لھجي جو تحڪم ڏسي سوچيم تہ ٻاهر نائبن کي بہ ڪجهہ اهڙو ئي سُر ٻڌايو ويو هوندو... گمان اهو بہ آيو تہ نمبر ڪٿان مليس... تہ الاءِ ڪنھن سرگوشي ڪئي ”وڏو وڏو جھانُ... ڪڏهن ڪڏهن ڏاڍو ننڍو ٿي پوندو آهي صاحب...“
سفر پورو ٿي چڪو هو... وڏي جھان جي هڪ ننڍي ڪنڊ ۾، هڪ خانگي آفيس ۾، مان، سالن کان پوءِ هن جي سامھون بيٺو هئس. حسن جي تابَ عمرِ عزيز ڪجهہ حصو کڻي چُڪي هئي پر هارايل ڪڏهن بہ شڪست تسليم ناهي ڪندو... ڪونہ ڪو حيلو بھانو ڪتب آڻيندو رهندو آهي، ۽ انسان تہ هونئن بہ کٽڻ لاءِ ئي پيدا ٿيو آهي.
پنھنجي آرامده آفيس ۾ کاڌي پيتي جي الاءِ ڪيترين شين جو آرڊر ڏيندي، هن مون ڏانھن نھاريو هو..
”اُهڙو ئي آهين... بس رڳو وار ٿورا اڇا ٿي ويا ٿئي...؟“
مون کي کل اچي وئي... اڄ بہ هن جي نگاھہَ منھنجي ’ظاهر‘ تي ئي هئي.
”هائو... هاڻي عمر وڌندي تہ وارَ تہ اڇا بہ ٿيندا....“
”نہ پر غالباً... تَنھن زماني ۾ بہ ’ڪجهہ‘ اڇا ٿيا هئا...“
’غالباً‘ جي استعمال، من جي ٽانڊن تي ڪجهہ وڌيڪ گاسليٽ هاريو... کيس يقين نہ هو... محبتن جي موسمن ۾ بہ هوءَ بي يقين ئي رهي هئي...
”الاءِ.... توکي خبر هوندي... مان ان زماني ۾ هونئن بہ آئينو گهٽ ڏسندو هوسِ... بلڪہ ائين کڻي چئجي تہ آئيني جي خبر تہ مون کي پوءِ پئي آهي.“
منھنجي مرڪ جي زهرَ، هن کي گهڻو ڪجهہ سمجهائي ڇڏيو. ڦِرندڙ ڪرسيءَ کي آسودو ڪندي چيائين، ”تون اڄ بہ ساڳيو آهين...“
”نہ... مان ڪافي بدليل آهيان... عزت، دولت، شھرت... عملي زندگيءَ جا سڀ عڪسَ مون وٽ آهن... جيڪي چاهيان خريد ڪري سگهان ٿو...“
کيس لھجي جي سوڪھڙي جو احساس ٿيو... مرڪندي چيائين، ”هتي وڙهڻ آيو آهين ڇا؟“
مون بہ زماني سارو مرڪيو، ”نہ نہ.. آءِ.ايم سوري... تو سوال پڇيو... مون کان جواب نڪري ويو....“
هاڻي وري ماٺ ٿي وئي... نہ هن وٽ ڪجهہ ڳالھائڻ لاءِ بچيو هو، نہ مون ڪو سوال پڇڻ ٿي چاهيو. سوچيو هئم انھن پنجاھہ منٽن ۾ کيس جيڪو ڳالھائڻو آهي سو ڳالھائي... مان ڪوشش ڪري ڪجهہ پڇندس ڪونہ... نگاھہ جُهڪي وئي... الاءِ ڪيترا لمحا جُهڪيل رهي...
”هڪڙي ڳالھہ ٻڌاءِ...“ هن هلڪو کنگهہي نڙي صاف ڪئي... ”مان ڪٿي آهيان؟...“
نظر کنيم تہ هيٺ ڪري نہ سگهيس... ڪٽورا لبالب هئا... اکين ۾ ديدَ جي جاءِ تي لڙڪ ڀريل هئا.... غير ارادي طور تي، منھنجي اک ڪمري جي هڪ ڪنڊ ڏانھن کڄي وئي... ڇت ڏانھن نھاريندي چيم ”اتي... ان ڪُنڊَ تي... مٿانھينءَ جاءِ تي.... تون ازل کان ابد تائين مٿانھون مقام رکندڙ آهين... جتي هُئينءَ اُتي ئي آهين... حيثيتون تہ اسان جھڙا مَٽائيندا آهن...“
جملو تعزيانو بڻجي ويو هو. نيڻ ڇُلڪي پيس... ڪنڌ هيٺ ڪندي چيائين... ”سڀ ڪجهہ آهي... ٽي گهر آهن... ٻہ گاڏيون آهن... بئنڪ ۾ گهڻو ڪجهہ آهي، سرٽيفڪيٽس.... مال دولت... زمين... ناهين تہ تون ناهين...“
دل چيو تہ چوانس تہ ’بيوقوف... اهو سڀ ڪونہ ٿئي... صرف مان آهيان ۽ مان...‘ پر هن جي ڳالھہ ’عملي‘ هئي... مان ازل جو ڇَسو... ڇا چوان ها... هن ئي ڳالھہ جاري رکي... ”مان سڀ ڄاڻان ٿي... پر اڪيلائيءَ مون کان هڪ فيصلو ڪرائڻ ٿي گهري... مون لاءِ ڪو نالو چونڊي ڇڏ... الاءِ ڪيترا رشتا آيا آهن... انھن مان ڪنھن هڪڙي جي چونڊَ ڪري ڏي...“
مان تہ گهاءَ گهاءَ هئس... سالن کان پوءِ هن رفاقت جو انعام نصيب ڪيو هو، پر اتي بہ ڄڻ ڪاريءَ وارا ڪک ئي هئا... هن گهرايو هو تہ چونڊ لاءِ ۽ چونڊ بہ ڪنھن جي، جيڪي اڃان تائين بہ مون لاءِ رقيب ئي هجي ها.
سندس هٿن ۾ نھاريندي چيم، ”ماڻھو گهڻا هٿ جهلي سگهندو آهي، مئڊم.“
ڇرڪي پئي، ”مون کي ائين ٿو سمجهين ڇا؟“
”مان ڇا سمجهندس.... توهان ڳالھہ اهڙي ڪئي تہ انھن هٿن مان ڪو هڪڙو هٿ چونڊي ڏي.“
”تون ڪندين شادي..!؟“
تلوار مُڏي هئي، گهاءُ اڍنگو ٿي ويو، مون نڙيءَ ۾ ڪؤڙاڻ محسوس ڪئي. لڳم ڪا ڪڙي دوا آهي، ڳِڌي نہ ٿي ٿئي ۽ هن جي سامھون الٽي ڪرڻ منھنجي حيثيت کان گهٽ ٿيندو.
پاڻ سنڀاليندي چيم، ”مان هاڻي عملي گولز هٿ ڪندو آهيان، عملي ڳالھہ تہ اها آهي تہ اها جيڪا گهر ويٺي آهي، ان مٿان ٻي مائي ڇو آڻجي...“
هن مُرڪي ڏٺو، ”معنيٰ اڄ بہ لنوائي وئين، سڌو جواب نہ ڏنئي.“
”سڌو جواب ئي تہ ڏنم.“ منھنجي مرڪ پرُوڻ هئي، ”تون پھريون نمبر آهين، پھريون نمبر ئي رھہ توکي ٻيون نمبر ٿيڻ نہ ٿو سُونهَي... دنيا جي ڌنڌ ۾ عملي صورت توئي مون کي سيکاري هئي. لڳي ٿو اڄ ان عملي صورت جي عملي شڪل ڏسان بہ پيو، ۽ ڏيکارڻ بہ پيو گهران... موٽي وڃان ٿو... تو چيو هو نہ تہ مون ۾ ڇٻيءَ جي ڪڙي بڻجڻ جي صلاحيت بہ ناهي.. اڄ مان پاڻ ڇٻي آهيان. بصر پٽاٽن جي جاءِ تي، هاڻي تُنھنجا درد کڻي گهمندو آهيان...“