خواب جو لمس
ليکڪ: بھادر ٽالپر | پڙهڻ جو وقت: 5 منٽ
هُن گَھرو ساھہ کنيو تہ ڀر ۾ سُتل سندس نئين نويلي ڪنوار کي محسوس ٿيو تہ هُو ڪنھن عجيب سوچ ۾ مبتلا آهي. هوءَ هيڪار ڪجهہ بہ ڪونہ ڪُڇي، پر پاڻ بہ ان موڙ تي ڪنھن سوچ جي طلسم ۾ گهيرجي وئي. هُو کٽ تي ليٽيل رهندي ڇت ۾ مسلسل نھاري رهيو هو. ڇت ۾ موجود هڪ سوراخ مان ستارو نظر اچي رهيو هو. هن کي لڳو آڪاس سوراخ مان ستاري جي اک سان کين ئي گهُوري رهيو آهي.
”آڪاس کي اکيون ٿينديون آهن… ۽ ستارا آڪاس جون اکيون آهن…! ستارا جيتوڻيڪ پٿر جا آهن پر اک وانگر کين ماڻڪي ٿئي. جيڪا سدائين محبوب جي ماڻڪيءَ جيان من موهڻي ۽ چمڪيلي هوندي آهي ۽ عورتون پنھنجي چولي تي ستارا ٽانڪي جڏهن هلنديون آهن تہ پريون لڳنديون آهن…!!
هن ائين سوچي ڀر ۾ سُتل پريءَ ڏانھن ڏٺو… پر مٿي وري سوراخ ۾ ڏٺائين تہ آڪاس کيس ۽ سندس ڪنوار کي ڏسي رهيو هو. هن لڄارو ٿيندي اکين تي ٻيئي هٿ ڏنا تہ ڪائنات کيس معدوم ٿيندي محسوس ٿي. هن ڪائنات کي معدوم ٿيندي نہ پئي ڏسڻ چاهيو. اکين تان پنھنجا هٿ هٽائي، اهي هٿ پنھنجي ڀر ۾ ستل پري پيڪر جسم تي گهمائڻ لڳو تہ ڪنوار کان ڇرڪ نڪري ويو ۽ هوءَ اڻڏٺل لڄ جي غلاف ۾ ويڙهجي وئي ۽ هٿن مان ڪا لھر پنھنجي دل ۾ لھندي محسوس ڪيائين. هُو بہ هڪ حسين خواب جي لمس ۾ اچي ويو، پري پيڪر جسم جي خواب سان هم آهنگ هڪ خواب!
هُو ٻاهران آلي مٽي هٿ ڪري، ان سوراخ کي بند ڪرڻ لڳو… هاڻ، سوراخ مڪمل بند ٿي چڪو هو ۽ سندس ڪمري جي ڇت ۽ آڪاس ۾ ڪو ربط باقي نہ رهيو هو. هُو هاڻ بي کٽڪو هو. آڪاس کين ڏسي نہ رهيو هو. پر پوءِ بہ کيس سوراخ جو ڪي قدر ڏک هو… ۽ ان رابطي جي مرڻ جو بہ… جيڪو آڪاس ۽ سندس ڪمري جي ڇت درميان هو. ماضيءَ ۾ هن جو هڪ دوست سان رابطو ٽٽو هو تہ ڪيترو ئي عرصو غمگين رهيو هو ۽ هاڻ هن موڙ تي کيس اهو دلسوز لمحو ياد اچي رهيو هو…! دوست جو جسد خاڪي کٽ تي پيل هو ۽ سندس نڪ جا ٻئي سوراخ جيتوڻيڪ موجود هئا، پر انھن مان ڪا اڻ- لکي هوا بہ ڪا نہ گذري رهي هئي… ۽ پوءِ جڏهن کيس دفنايو ويو، تہ سندس قبر کي ڪوبہ سوراخ نہ ڇڏيو ويو. سندس دوست اندر ڪيئن هو؟ ان بابت تدفين پڄاڻان هُو ڪيترائي تصور تخليق ڪندو اچي گهر ڀيڙو ٿيو هو. هُو کٽ تي بيھي سوراخ کولڻ لڳو تہ ڪنوار جي دل ۾ ڌڪ… ڌڪ… وڌڻ لڳي، جنھن کان هُو قطعي بيخبر هو. هن کي هاڻ لڳو پئي تہ ڄڻ هن پنھنجي دوست جي قبر کي هڪ سوراخ ڪري ڇڏيو آهي، جنھن مان تازي هوا اندر وڃي سندس دوست کي جھڙوڪر جيئدان ڏئي رهي آهي…!!
وري کيس دوست پاران هڪ ٻڌايل وارتا ياد اچڻ لڳي، جنھن جو تعلق بہ سندس دوست سان ئي هو. جڏهن سندس دوست جي شاديءَ جي پھرين رات هئي ۽ هُو سوراخ ڳولي ٿَڪجي ماندو ٿي سمھي پيو هو… اها سندس سھاڳ رات هئي يا ڪو ڊرامو هو…!! دوست کيس ٻڌايو هو تہ اهو ڊرامو هو جيڪو ساڻس ڪيو ويو هو، جنھن ڊرامي جا سرجڻھار سندس ساهرا هئا…!! اها رات سندس دوست جي زندگي جي سڀ کان وڏي ۽ ڳري رات هئي… جنھن ۾ سندس خواب جو لمس تہ ڏاڍو پُرڪيف هو، پر ان جو تعبير ڏاڍو اجڙيل اجڙيل هو…!! اکين ۾ آگم ۽ اندر ۾ ٿر جو ريگستان هو جتي رڳو واري ئي واري ۽ اجاڙ ڀِٽون هيون، جن تي چڙهي هُو پنھنجو پاڻ تي ملامت ڪري رهيو هو....!!
ان وارتا کي ذهن ۾ گهمائڻ سان سندس دل جي ڌڪ… ڌڪ… جو توازن بہ هيٺ مٿي پئي ٿيندو ويو… پر هُو ڪوشش ۾ هو، جيئن هُو ڀر ۾ سُتل پنھنجي گهر واريءَ کي نارمل محسوس ٿئي…!! هن جا هٿ وري بہ ڪنوار جي جسم جي طواف ۾ هئا ۽ سندس وات مان ڌيمي آواز ۾ لفظ نڪري پُراسراريت کي ٽوڙي رهيا هئا: ”فطرت شايد توکي ۽ مون کي فقط انڪري پيدا ڪيو هو تہ جيئن سندس وهنوار بہ هلي ۽ اسان سندس ڳڻ ڳائي هڪ ٻئي سان خوش رهي سگهون!“
هن ائين چئي پنھنجا چپ ڪنوار روزينا جي ساڄي ڳل تي رکيا تہ سندس ڳل تي گلاب جو گل ٽڙي پيو…۽ روزينا وري پنھنجي ٻانھن سندس ڪنڌ هيٺان ڪري اکيون ٻوٽي کانئس پڇڻ لڳي: ”منھنجي ڳل تي ڳوراڻ محسوس ٿئي پئي…منھنجي ڳل تي اهڙي ڪھڙي شيءِ آهي… جنھنڪري…!“ سندس سوال اڌ ۾ رهجي ويو!
وراڻي ۾ کيس چيائين: ”تنھنجي ڳل تي هڪ گل ڦٽو آهي…اُن جو تعبير ڪري سگهندينءَ؟ آءٌ ان تعبير لاءِ ماندو آهيان…! سدائين هن ڪمري ۾ اڪيلو گذاريو اٿم…!!“
”عالم تون خواب تہ نہ ڏسي رهيو آهين…ڳلن تي گل ڦُٽڻ وارو منطق تہ گهٽ ۾ گهٽ مون کي تنھنجي ئي ايجاد لڳو ٿو…!! گل تہ زرخير ۽ نرم زمين ۾ ڦٽندا آهن..!!“ هوءَ کيس چئي وئي. ”ڇا تنھنجو والدين تنھنجي نانءِ ڪا زرخيز ۽ نرم زمين تہ نہ ڪئي هئي…جنھن ۾ منھنجي خواب جي تعبير وارو ڪو گل ئي ڦٽي سگهي ها…! توکي سڌ نہ آهي تہ آءٌ پنھنجي والدين جو اڪيلو پٽ هوس…جنھن کي ماءُ صحرا ۾ جنمي اتي ئي مري وئي هئي ۽ بابا مون کي گهر کڻي اچي ماءُ وانگيان پاليو نپايو هو... آءٌ تہ ننڍي لاڪون ماءُ جي محبت لاءِ سڪي ويس…تون اها محبت ڏئي سگهندينءَ؟ آءٌ تو ۾ پنھنجي ماءُ جو پاڇو تلاشي رهيو آهيان....!!“
روزينا جي ڪلھي تي عالم جي اکين مان لڙڪ لڙي ان کي آلو ڪري ويا هئا…هوءَ پنھنجي ور جون اکيون اگهندي پنھنجي اندر ۾ غم جي ڪا بڙڇي لھندي محسوس ڪري رهي هئي…!! ۽ آهستي آهستي پنھنجي ٻانھن عالم جي ڪنڌ هيٺان سرڪائي رهي هئي…اڃا سندس هٿ عالم جي ڪنڌ هيٺان باقي هو تہ هُن هڪ ئي جهٽڪي سان پنھنجو هٿ ڇڪي ورتو…عالم جي ڪنڌ کي ڌوڏو آيو ۽ سندس اکيون کُلي ويون…پاسي ۾ ڏٺائين، ڪير بہ ڪونہ هو…پر بستري تي سندس غمن وانگيان اڻ ڳڻيا گهُنج باقي هئا…جيڪي ڄڻ مٿس ٽھڪ ڏيئي کِلي رهيا هئا... ڇت ۾ ڏٺائين، اتي ڪنھن بہ سوراخ جا اهڃاڻ نہ هئا…!!!