مسيحا
ليکڪ: ايوب عمراڻي | پڙهڻ جو وقت: 18 منٽ
سمنڊ ڪناري تي پھتو تہ هن سوچيو: هڪ ڀيرو وري بہ ان ڳالھہ تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي، ڪٿي مان غلط تہ نہ ڪري ڪري رهيو آهيان.....!
نوڪريءَ پٺيان ڊوڙندي کيس ڪئين سال ٿي ويا هئا. نوڪريون هيون تہ سھي، پر اهي لکن روپين ۾ وڪامي رهيون هيون ۽ هن وٽ رپيو بہ نہ هو. هن لاءِ بيروزگاري هڪ اهڙو عذاب بڻجي وئي هئي، جنھن جو هن وٽ ڪو بہ متبادل نہ هو، بيمار پوڙهو پيءُ جيڪو بيماريءَ جي بستري تي ڪِرڻ کان پوءِ بخيل ٿي پيو هو، ان جي ڪِل ڪِل ۽ ٿڪ لعنت ڏينھون ڏينھن وڌي وئي هئي. هو اٿندي ويھندي کيس نڪمو نالائق ۽ بيڪار هئڻ جا طعنا ڏيندو هو ۽ سندس اندر کي ساڙي رکندو هو. بيروزگار کي بيروزگاريءَ جو طعنو ڏيڻ وقت بيروزگار جي دل تي ڇا گذرندو آهي، اهو صرف ڪو بيروزگار ئي ڄاڻي سگهي ٿو. نوڪرين لاءِ ڊوڙندي ڊوڙندي، انٽرويو ڏيندي هُو ڄڻ تہ اَڌ مئو ٿي چڪو هو.
اهڙي زندگيءَ ۾ کيس اڪثر ائين محسوس ٿيندو هو تہ هُو ڪنڊائين پيچري تي پيرين اگهاڙو سفر ڪري رهيو آهي. ڪنڊن سندس پير پروڻ ڪري ڇڏيا آهن، پر پوءِ بہ هُو هلندو ئي رهيو، رت ڳاڙيندو اڳتي وڌي رهيو هو، ٿڪل بکيو ۽ اڃارو هوندي بہ کيس اڳتي وڌڻو هو، اڳتي هلڻو هو. سندس ٽي دوست حيدر، قائم ۽ گل هئا ڪڏهن ڪڏهن هُو انھن وٽ هليو ويندو هو تہ کيس ڪجهہ آٿت ملي ويندي هئي، پر ڪو ڏينھن اهڙو بہ ايندو جو اهي دوست سندس زخمن تي پھو رکڻ بدران انھن تي لوڻ ٻُرڪي ڇڏيندا هئا ۽ پوءِ هُو پنھنجي رتورت زخمن ۽ اڊڙيل احساسن سان گهر موٽي ايندو هو ۽ دل ۾ پڪوپھہ ڪندو هو تہ هاڻي هو انھن دوستن سان ڪڏهن بہ نہ ملندو.
پر..... پوءِ جڏهن سندس ويران دنيا ۾ سونيا آئي تہ کيس ائين محسوس ٿيو ڄڻ ويراني ۾ بھار اچي وئي. ڄڻ سندس رڻ ۽ رڃ جي سفر ۾ اوچتو ڪو خوبصورت نخلستان اچي ويو. ڄڻ سندس ڪينسرزدہ زندگيءَ کي اهڙو علاج ملي ويو جو سندس سالن جو لاعلاج روڳ هميشہ لاءِ ختم ٿي ويو.
سونيا حد درجي جي سھڻي هئي. ڄڻ پَرين جي ملڪ يا اهڙي سونھن پري جنھن کي قدرت حسن جي اهڃاڻ طور هن دنيا ۾ موڪليو هو. قدرت جو اهو حسين تحفو سندس ئي نصيب ۾ هو. ان ڏينھن کان هن پاڻ کي خوشنصيب سمجهڻ شروع ڪيو هو. هن سونيا سان وعدو ڪيو هو تہ نوڪري ملڻ جي ٻئي ڏينھن ئي هُو کيس پنھنجي ڪنوار بڻائي گهر وٺي ويندو. سونيا سندس ڪلھي تي ڪنڌ رکي، ساڻس گڏ جيئڻ ۽ گڏ مرڻ جا وعدا ڪيا هئا. سونيا جو پيءُ چاچو غلام بہ هن تي گهڻو مھربان هو. هن کي خبر هئي تہ سونيا سجاد سان بيپناھہ پيار ڪري ٿي، کيس پنھنجي ڌيءَ جي پيار تي ڪو بہ اعتراض نہ هو. هُو صرف اهو چاهيندو هو تہ سجاد سونيا سان شادي ڪري تہ، هميشہ لاءِ هنن وٽ اچي رهي.
سجاد کي اهو شرط ڪنھن بہ صورت ۾ منظور نہ هو. هُو پنھنجي خاندان کي ڪنھن بہ صورت ۾ ڇڏڻ لاءِ تيار نہ هو. سندس گهر ۾ هن کان سواءِ هڪ نوجوان ڀيڻ، پوڙهو پيءُ ۽ ماءُ رهندا هئا. هن نٿي چاهيو تہ هن عمر ۾ هُو پنھنجي پوڙهي ماءُ ۽ ڀيڻ کي ڇڏي هليو وڃي، هن پنھنجي ماءُ پيءُ لاءِ پنھنجي پيار جي قرباني ڏئي ڇڏي هئي. ان ڳالھہ تي سونيا هن کان ڪڏهن ڪڏهن ناراض بہ ٿي ويندي هئي، پر پنھنجي ڳالھہ تي هميشہ اٽل ئي رهندو هو. هن سونيا کي بہ انٽرويوءَ جي تياري ڪرائي هئي. سونيا جي پيءُ چاچي غلام چاهيو پئي تہ سندس ڌيءُ نوڪري ڪري سندس پوڙهپڻ جو سھارو بڻجي. سونيا سجاد جي سھاري پڙهندي رهي محنت ڪندي رهي ۽ جڏهين رزلٽ آئي تڏهن سندس نالو پاس ٿيندڙن ۾ ٽاپ تي هو.
سجاد هن ڀيري بہ هميشہ جيان فيل ٿيو هو، جنھن ڏينھن رزلٽ آئي هئي، ان ڏينھن هُو دير سان گهر آيو هو، کيس خبر هئي تہ سندس گهر پھچڻ کان اڳ پڻس اخبار ۾ رزلٽ ڏسي چڪو هوندو ۽ گهر پھچندي ئي هن تي لعنت ملامت جا وسڪارا شروع ٿي ويندا. ان لعنت ملامت کان بچڻ لاءِ هو جيتوڻيڪ گهر دير سان پھتو هو پر پوءِ بہ پڻس سندس انتظار ڪري رهيو هو، هو جيئن ئي گهر ۾ داخل ٿيو تہ سامھون پڻس کي ڏٺائين. پڻس بہ کيس ڏسي ورتو. جيئن ئي پڻس جي هن تي نظر پئي، هن جي مُنھن تي حقارت نما مرڪ تري آئي ۽ پوءِ هن هڪ وڏي رڙ ڪئي جنھن سان ڄڻ تہ آسمان لڏي ويو. پڻس رڙ ڪندي، چيو شرم اچڻ کپي توکي، تون هن ڀيري بہ انٽرويو ۾ فيل ٿيو آهين.“ هن پڻس جي آڏو ڪنڌ جهڪائيندي چيو: ”بابا مان ڇا ڪريان شايد بدنصيب آهيان.“ ان تي پڻس کي اڃا بہ وڌيڪ ڪاوڙ آئي. ان ڪاوڙ ۾ پڻس کيس گهڻو بُرو ڀلو چيو هو، پڻس ايتري تہ هن جي تذليل ڪئي جو هن جي دل چاهيو تہ ڪاش هو مري وڃي.
زندگيءَ ۾ پھريون ڀيرو هن موت جي خواهش ڪئي هئي. اهڙو موت جيڪو کيس بيروزگاريءَ کان بچائي سگهي، پر دنيا ۾ اهڙو ڪو بہ موت نٿو ٿي سگهي جيڪو ڪنھن کي بيروزگاريءَ مان بچائي سگهي. انڪري پڻس جي ايڏي ساري تذليل سھي بہ چپ رهيو ۽ پنھنجي بدنصيبيءَ تي اندر ئي اندر ۾ روئي رهيو هو. تڏهن پڻس هڪ اعلان ڪيو، پڻس چيو: ”سجاد تون بدنصيب ئي آهين ۽ بدنصيب ئي رهندين، انڪري تنھنجو انتظار ڪرڻ بدران ڇو نہ مان پنھنجي ڌيءَ زيبا کي نوڪري ڪرڻ لاءِ موڪليان.“ هن پڻس کي ڪو بہ جواب نہ ڏنو. چپ چاپ رڌڻي ۾ هليو آيو، جتي ماڻس کيس ماني ڏيڻ لاءِ اوسيئڙو ڪري رهي هئي. هن رڌڻي ۾ خاموشيءَ سان سڪل چانور کاڌا ۽ پوءِ ورانڊي ۾ پيل ڇنل کٽ تي سمھي پيو.
ٻئي ڏينھن کيس خبر پئي تہ سندس ڀيڻ زيبا کي غيرسرڪاري اداري ۾ نوڪري ملي وئي آهي. هو جيئن ئي گهر پھتو تہ پڻس خوشيءَ مان ٽھڪ ڏئي رهيو هو، چئي رهيو هو: ”ڏسو ڏسو منھنجي خوشنصيب ڌيءَ، هيءَ تہ پٽن کان بہ وڌيڪ آهي جيڪا پھرئين ئي انٽرويو ۾ پاس ٿي وئي آهي.“ زيبا پنھنجي نصيب تي مُرڪي رهي هئي. پڻس بہ ساڻس گڏ مرڪي رهيو هو. ڄڻ چوندو هجي: زيبا تون ئي منھنجي نصيبن واري ڌيءُ آهين. هُو ٻئي ڄڻا مرڪي رهيا هئا جو اوچتو پڻس جي هُن تي نظر پئي. پڻس جي مرڪندڙ مُنھن تي ڪاوڙ ۽ نفرت جا گهنج چڙهي ويا، ڄڻ چوندو هجي: نڀاڳا! تون زندگيءَ ۾ ڪڏهن بہ ڪا ڪاميابي حاصل ڪري نٿو سگهين...... ائين بہ ڪونہ هو تہ هن ڪڏهن لکت واري امتحان ۾ ڪاميابي حاصل ئي نہ ڪئي هئي. هڪ دفعي تہ هن نہ صرف لکت واري امتحان ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، پر کيس انٽرويوءَ لاءِ بہ ڪال اچي وئي. ان ڏينھن پڻس ڏاڍو خوش ٿيو هو. هن جي مٿان لعنت ملامت ختم ٿي وئي هئي. پڻس خوشيءَ مان هر ڪنھن کي چئي رهيو هو: ڏسو ڏسو منھنجو سجاد هن ڀيري ضرورنوڪري ماڻيندو، پر جڏهن هن کان انٽرويو ورتو ويو تہ صرف نالو پڇي خانہ پوري ڪئي وئي. پوءِ جڏهن آرڊر نڪتا تہ انھن ئي سفارشي ماڻھن کي کنيو ويو جن جي مٿي پھچ هئي.
ان ڏينھن کان پڻس جو موڊ خراب ٿيو تہ وري درست نہ ٿيو. اڄ بہ پڻس پنھنجي خراب موڊ سان هن تي اشارن ئي اشارن ۾ ڄڻ تہ لعنت ملامت ڪري رهيو هو. هُو پڻس جي اشارن جي زبان سمجهندو هو، کيس پنھنجي پيءُ جو موڊ ڏسي خبر پئجي ويندي هئي تہ اڄ منھنجي بابي جي دل ۾ هن لاءِ ڪھڙا خيال گردش ڪري رهيا آهن. هن سوچيو تہ پنھنجي پيءُ کي ٻڌائي تہ بابا هن بدبودار سماج ۾ هر ڪم ڪرپشن جي حوالي آهي. سڀ ڪجهہ پئسن تي وڪامي ٿو، نوڪريون، عزتون، عصمتون، ايمان، پيار، محبت سڀ ڪجهہ پئسن تي وڪامي رهيا آهن، جنھن وٽ پئسو آهي، اهو وڏو ڀاڳن وارو آهي. ڇو تہ هتي ڀاڳ ۽ نصيب بہ پئسن تي وڪامندا آهن......
هُو اهي لفظ پنھنجي پيءُ کي چوڻ جي جرئت نہ ڪري سگهيو، ڇو تہ کيس خبر هئي تہ پيءُ سان بحث ڪرڻ جو مطلب آهي وڌيڪ تذليل برداشت ڪرڻ. هو پيءُ جي وڌيڪ تذليل کان بچڻ لاءِ ڪمري ۾ گهڙيو، ماڻس ماني ڏني، پر هن نہ کاڌي. کيس پورو پورو يقين هو تہ هن ڪوڙهئي سماج کي تبديل ڪرڻ لاءِ ملڪ جو عذاب ڀوڳيندڙ مظلوم عوام هڪ ڏينھن ضرور اٿي کڙو ٿيندو ۽ انھن سمورن ظالم حڪمرانن جو تختو اونڌو ڪري ڇڏيندو جن آد جڳاد کان مظلومن ۽ حقدارن کي ظلم جي گهاڻي ۾ پيڙهيو آهي.
هن هڪ دفعي سونيا کي بہ چيو هو تہ سونيا ڏسجانءِ انقلاب کان پوءِ ڇا ٿو ٿئي، سمورن ظالمن کي ڪيئن ٿو ڦاهيءَ تي لٽڪايو وڃي. پر سونيا هن سان متفق نہ ٿي هئي. سونيا چيو هو: مون کي تہ اهڙو ڪو انقلاب پري پري تائين نظر ڪونہ ٿو اچي. هن کي سونيا تي ڪاوڙ آئي هئي، پر هو سونيا کي ڪجهہ بہ نہ چئي سگهيو.
سندس ڀيڻس کي نوڪري ڇا ملي، هاڻي زيبا جو ڄڻ تہ محتاج ٿي ويو هو. کيسي جي خرچي لاءِ مجبوريءَ ۾ زيبا جي آڏو هٿ ٽنگڻو پوندو هسو. زيبا ڪنجوسيءَ ۽ ڪروڌ وچان ڪڏهن کيس پئسا ڏيندي هئي تہ ڪڏهن ٺپ جواب ڏئي ڇڏيندي هئي. زيبا جي آڏو هٿ ٽنگيندي کيس عجيب تذليل ۽ درد مان گذرڻو پوندو هو. هن ڏٺو تہ زيبا جا نخرا ۽ ناز روز بروز وڌي رهيا هئا. هوءَ نت نوان ۽ مھانگا ڪپڙا پائي، ڳوڙهو ميڪ اپ ڪري سنوارجي سينگارجي آفيس ويندي هئي. صاحب جي گاڏي کيس گهران کڻڻ ايندي هئي. تڏهن شڪ جو تير آهستي آهستي، سندس اندر ۾ کپڻ شروع ٿيو هو.
هڪ ڏينھن صاحب جي آفيس کان وڃي نڪتو، ان وقت زيبا هڪ عجيب ادا سان مُرڪندي صاحب جي ڪمري ۾ داخل ٿي رهي هئي. سٺو ٿيو جو هن کيس نہ ڏٺو. آفيس جي در تي بيٺل پٽيوالي کي ڌڪو ڏئي هُو زبردستي اندر ڪاهي پيو. اندر جيڪو منظر هن ڏٺو، ان لاءِ هو ذهني طور تي ڪڏهن بہ تيار نہ هو. هن ڏٺو تہ ڪمري ۾ زيبا ڀاءُ کي ڏسي ڪجهہ حيران، پريشان ۽ ششدر ٿي وئي. سجاد کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ سندس تصوراتي دنيا ۾ قيامت اچي وئي آهي ۽ اها ذرا ذرا ٿي رهي آهي. چؤطرف وڏا ڌماڪا ٿي رهيا آهن، سڀ ڪجهہ سڙي تباھہ ۽ برباد ٿي رهيو آهي. هُو بت بڻيو حيرانيءَ مان اُهو اذيتناڪ منظر ڏسي رهيو هو. صاحب ۽ زيبا پھرين تہ پريشانيءَ مان ڏڪي ويا، پر پوءِ صاحب کي جڏهن اهو ياد آيو تہ هُو عزتون ۽ عصمتون ٻڌي جي اگهہ سان خريد ۽ وڪرو ڪندو آهي. هيءُ آفيس سندس آهي، کيس ڪير بہ ڪجهہ بہ نٿو ڪري سگهي. تڏهن هن زيبا کي اشارو ڪندي چيو تہ کيس پريشان ٿيڻ جي ڪا بہ ضرورت ناهي. پوءِ هُو سجاد ڏي مُڙيو. رڙ ڪندي چيائين؛ ”منھنجي آفيس ۾ بنا اجازت جي داخل ٿيڻ جي توکي جرئت ڪيئن ٿي؟“ سجاد سندس ڳچي پڪڙيندي چيو: ”توکي پنھنجي آفيس ۾ بازار حُسن قائم ڪرڻي آهي تہ ڀلي ڪر پر ان لاءِ مان توکي ڪنھن بہ صورت ۾ اها اجازت نہ ڏيندس، تہ تون منھنجي ڀيڻ کي استعمال ڪرين.“ ٿوري ئي دير ۾ آفيس اندر ڪيترائي ملازم گڏ ٿي ويا، جن سجاد جا هٿ صاحب جي ڳچيءَ مان ڪڍرايا. سجاد گهڻن ماڻھن جي آڏو ڪجهہ بہ نہ ڪري سگهيو. هو مسلسل صاحب کي گاريون ڏئي وات مان گڦ وهائي رهيو هو. آخر ۾ هن صاحب کي ڌمڪي بہ ڏني تہ هو کيس نہ ڇڏيندو. پوءِ جڏهن هو گهر پھتو، تڏهن ويل چيئر تي هلندي پڻس سڏيو ۽ کانئس نوڪري نہ ملڻ جو سبب پڇيو ۽ کيس نڀاڳو چئي خوب لعنت ملامت ڪئي. پڻس وري بہ زيبا جي تعريف ڪئي. ”زيبا ڪيڏي نہ سڀاڳي آهي، پھرئين انٽرويو ۾ ئي نوڪري ملي ويس.“ تڏهن هِن کي ڄڻ تہ وڇونءَ ڏنگ هڻي ڪڍيو. هن ڪاوڙ مان چيو: ”بابا زيبا سڀاڳي انڪري آهي جو ڇوڪري آهي، صاحب کيس نوڪري باصلاحيتِ هجڻ ڪري نہ ڏني آهي، هُو هڪ وحشي جانور ۽ حَوس جو مريض آهي، اڄ مون جيڪو منظر آفيس ۾ ڏٺو آهي، اهو توهان کي ٻڌائيندي بہ مون کي شرم ٿو اچي......“
سجاد جي ڳالھہ پڻس کي ڄڻ تہ يارنھن هزار وولٽ جو ڪرنٽ هڻي ڪڍيو. پڻس ڪاوڙ ۾ اچي جيڪو چيو، ان لاءِ هُو ڪڏهن بہ تيار نہ هو. پڻس چيو: ”پنھنجي معصوم ڀيڻ ۽ فرشتن جھڙي شخص عاصم صاحب تي اهڙو بيھودو الزام هڻندي شرم نٿو اچئي؟ هينئر جو هينئر منھنجو گهر ڇڏي وڃ، مان توکي عمر ڀر لاءِ بيدخل ٿو ڪريان.“ پڻس جي ڳالھہ ٻڌي سندس معصوم دنيا ۾ ڄڻ هڪ ڀيرو وري قيامت اچي وئي. هن ڪجهہ چوڻ چاهيو پئي، پڻس کي سچ ٻڌائڻ چاهيو پئي، پر پڻس هن کي ڪو موقعو ئي نہ ڏنو. پڻس جي آواز ۾ اڃا بہ وڌيڪ تلخي اچي وئي، انتھائي ڪاوڙ مان چيائين: ”اڙي اڃا بيٺو آهين وڃين ڇو نٿو، اڄ پيءُ ۽ پٽ جو رشتو هميشہ لاءِ ختم ٿي ويو.“
پيءُ جي اهڙي ورتاءَ تي هن روئڻ چاهيو، پر روئي نہ سگهيو. هن سوچيو تہ ٺيڪ آهي رشتي جي هن ڪوڙي ڀرم کي ٽُٽڻ گهرجي. هُو سڄي عمر پيءُ جي پيار لاءِ تڙپيو هو، اڄ اهو پيءُ سندس آخري اميدن کي مٽائي کيس گهر مان نڪري وڃڻ لاءِ چئي رهيو هو تہ پوءِ هن گهر ۾ کيس رهڻ جي ڪھڙي ضرورت آهي. هُو گهر مان نڪتو تہ ماءُ هن جي سامھون اچي وئي. هن هڪ نظر ماءُ کي ڏٺو ۽ پوءِ ٻاهر نڪري ويو. کيس پورو يقين هو تہ هاڻي هُو مڪمل طور تي سونيا جي گهر رهڻ جي لائق ٿي ويو آهي.
سونيا جي پيءُ چاچي غلام هن تي جيڪو شرط رکيو هو تہ هُو سونيا سان شادي ڪري سگهي ٿو، پر کيس پيءُ جو گهر ڇڏي سُهري جي گهر ۾ رهڻو پوندو. اڄ جڏهن کيس پڻس گهر مان ڪڍي ڇڏيو. هُو تڪڙو چاچي غلام جي گهر جي در تي آيو. در اندران بند هو، نہ تہ هُو بنا اجازت جي گهر ۾ داخل ٿي ويندو هو. هن در تي بيھي رِنگ وڄائي، بجلي نہ هئڻ ڪري لاچار در تي ٺڪ ٺڪ ڪرڻي پيس. ٿوري دير کان پوءِ در کليو تہ هن در تي هڪ اوپرو شخص ڏٺو جيڪو حيرانيءَ مان کيس گهُوري رهيو هو. هن اوپري شخص کي چيو: ”مون کي سونيا سان ملڻو آهي.“ اوپري شخص جيئن ئي سونيا جو نالو ٻڌو، تيئن کيس ڄڻ تہ باھہ لڳي وئي. غضبناڪ نظرن سان سجاد کي گهوريندي چيائين: ”سونيا ۾ ڪھڙو ڪم اٿئي؟“ هن مرڪندي انتھائي معصوم ادا سان چيو: ”سونيا منھنجي زندگي آهي، هوءَ مون سان بي انتھا پيار ڪندي آهي، اسان ٻئي جلد شادي ڪرڻ وارا آهيون.“ سجاد جي ان جواب تي اوپري شخص سندس ڳچي پڪڙيندي چيو: ”بڪواس بند ڪر، تون هي ڇا چئي رهيو آهين سونيا منھنجي زال آهي، مون رات ئي هن سان نڪاح ڪيو آهي ۽ هاڻي مان هميشہ هن گهر ۾ ناٺي ٿي رهندس.“ هن ڪاوڙ مان اوپري شخص کان پاڻ ڇڏايو ۽ سندس ڳچي پڪڙيندي چيو: سونيا صرف منھنجي آهي ۽ منھنجي رهندي.“ اوچتو هن ڏٺو تہ سونيا ڪنوار جي ڳاڙهي جوڙي ۾ انھيءَ ئي وقت آئي ۽ هُن ڪاوڙ مان چيو: ”سجاد تون هليو وڃ، مان هاڻي سعيد جي امانت آهيان.“
سونيا جا اهي لفظ ٻڌي هن محسوس ڪيو تہ ڪائنات ۾ هڪ ڀيرو ٻيھر بگ بئنگ ٿي ويو آهي، ڪھڪشائون ذرا ذرا ٿي رهيون آهن، سج بليڪ هول ٿي رهيو آهي، تارا ٽُٽي وکري رهيا آهن. هن جو مٿو چڪرائڻ لڳو. هن سوچيو تہ ڇا ائين بہ ٿي سگهي ٿو جو ساھہ کان وڌيڪ پيار ڪندڙ سونيا ائين بيوفائي ڪري ڪنھن ٻئي جي ٿي وڃي. هن سواليہ نظرن سان سونيا ڏانھن ڏٺو. سونيا رڳو ايترو چيو: ”تو تمام گهڻي دير ڪري ڇڏي، ڪا عورت هڪ بکئي ۽ بيروزگار کي آخر ڪيئن ٿي پنھنجو جيون ساٿي بڻائي سگهي؟“
ائين چئي هوءَ نفرت وچان منھن کي موڙو ڏئي هلي وئي. هُو بت بڻيو اڃا بہ حيران حيران بيٺو رهيو. سندس قدم ڄڻ تہ اتي جو اتي ڄمي بيھي رهيا هئا. هن چاهيو تہ محبت جي نالي ۾ ان بيوفائيءَ تي دانھون ڪري، ماتم ڪري، فرياد ڪري، پر زماني جي ٽوڪ زنيءَ کي ياد ڪري چپ ٿي ويو. کيس خبر هئي تہ اڄ جي دور ۾ ڪنھن سچي عاشق کي ڪھڙو نہ ذليل ڪيو ويندو آهي. هن پاڻ کي سمجهايو ۽ اتان ذليل ٿي نڪرڻ کان پاسو ڪيو. کيس عورت ذات بابت چيل ڳالھيون ياد آيون تہ ڪيئن نہ هر شاعر ۽ عاشق هر دور ۾ هميشہ عورت کي بيوفا سڏيو آهي. پوءِ کيس ياد آيو تہ جڏهن سندس پنھنجو پيءُ ۽ ماءُ بہ پنھنجا نہ ٿي سگهيا تہ سونيا ڪيئن ٿي پنھنجي ٿي سگهي؟ سونيا تہ پرائي هئي، ان تي ڪا ميار ئي نٿي رکي سگهجي.. پوءِ هُو پنھنجي دوستن وٽ آيو. گل جي اوطاق تي اڪثر هُو محفل مچائيندا هئا. سماج جي ناانصافين تي ٽيڪا ٽپڻي ڪندا هئا، هميشہ اهڙي انقلاب جي اڳڪٿي ڪندا هئا جيڪو سماج مان سموري ڦرلٽ ۽ ناانصافي ختم ڪري ڇڏيندو. کيس دوستن وٽان طعنا بہ ملندا هئا، پر کوڙ سارو قرب ملي ويندو هو ۽ هُو دوستن سان قرب ونڊي پنھنجا سمورا ڏک ۽ عذاب وساري گهر موٽندو هو. اڄ بہ هُو دوستن ڏانھن ان ئي اميد سان آيو هو تہ سندس مائٽ ۽ سونيا جيڪا ساڻس لاتعلقي ڪئي هئي، ان جو ازالو دوستن جي صحبت ۾ رهي ڪري ڪيو وڃي، پر هُو جيئن ئي اوطاق جي در تي پھتو تڏهن دوستن جا ڀڻڪا سندس ڪن تي پيا. سندس دل گهُريا دوست سندس ئي باري ۾ ڳالھائي رهيا هئا، گل چيو: ”يار سجاد مان ڦاسي ويا آهيون، هڪ بيروزگار، مٿان دوستن تي بار، اسان پنھنجا مسئلا حل ڪريون يا سجاد جي مدد ڪريون.“ ان تي قائم چيو؛ ”بيرقوف ۽ سُست آهي، نوڪري وٺڻ ئي نٿو چاهي، اهڙي شخص سان دوستي رکي اسان بہ بدنام ٿي رهيا آهيون.“ هنن کي وارو وٺائيندي حيدر چيو؛ ”اڄ هُو جيئن ئي اچي تہ هن کي سڌي ٻڌائجي، کيس چوڻ گهرجي تہ هُو اسان جي دوستيءَ جي لائق نہ آهي، انڪري آئندہ هتي نہ ايندو ڪري.“
دوستن جا سندس باري ۾ رايا ٻڌي سندس تاڪ لڳي ويا. هُو جيڪو پنھنجي دوستن کي زندگيءَ جو آخري سھارو سمجهي رهيو هو. اصل ۾ اهي سندس دوست هئا ئي ڪونہ، اهي تہ دشمن هئا جن کي هُو دوست سمجهڻ جي غلطي ڪري رهيو هو. کيس محسوس ٿيو هاڻي سندس دنيا ۾ ڪو بہ پنھنجو نہ آهي. جڏهن دنيا ۾ ڪو پنھنجو رهي ئي نہ، تہ پوءِ اهڙي زندگيءَ ۾ جِي ڇا ڪبو؟ هن خودڪشيءَ جو پڪو ارادو ڪيو ۽ سمنڊ ڪناري مرڻ لاءِ نڪري آيو. کيس پنھنجي ماضيءَ جو جائزو وٺڻ کان پوءِ پوري پڪ ٿي تہ هاڻي هن کي مرڻ ئي گهرجي. هن سمنڊ ڏانھن ڏٺو، سمنڊ جون مست لھرون کيس ڳڙڪائي موت جي واديءَ ۾ وٺي وڃڻ لاءِ بلڪل تيار بيٺيون هيون.
هُو جيئن ئي سمنڊ ۾ ٽپو ڏيڻ وارو هو تہ اوچتو هن ڪنھن ٻار جون رڙيون ٻڌيون. ٻار دانھون ڪري بچايو بچايو چئي رهيو هو. هن رڙين طرف نھاريو تہ کيس هڪ ٻالڪ نظر آيو، جنھن کي ڪو بدمعاش اغوا ڪري کڻي وڃي رهيو هو. هُو ڊوڙي بدمعاش جي رستي جي رڪارٽ بڻجي پيو. بجليءَ جي تيزيءَ سان هن بدمعاش کي زوردار ٺؤنشو هڻي ڪڍيو. بدمعاش ٻار کي ڇڏي هن تي ٽٽي پيو. ٻنھي جي وچ ۾ زبردست ويڙھہ شروع ٿي وئي. نيٺ بدمعاش کي ڀڄائي ڪڍڻ ۾ هو ڪامياب ٿي ويو.
هُو ٻار ڏانھن مڙيو، هن ٻار سڃاڻي ورتو. اهو وسيم هو. وسيم هن ئي شھر سان واسطو رکندو هو. تمام گهڻو غريب هئڻ ڪري بوٽ پالش ڪري پيٽ پاليندو هو. وسيم شڪر گذار نظرن سان کيس ڏسي رهيو هو. اوچتو سندس ذهن ۾ خيال آيو تہ هو ڪيڏو نہ بيوقوف آهي، سندس ذهن ۾ ڪڏهن بہ اهو خيال نہ آيو تہ هُو نوڪري نہ ملڻ تي پريشان ٿيڻ بدران بوٽ پالش ڪري پيٽ پالي. زماني جي ستم ظريفين سان مقابلو ڪري دنيا کي اهو ثابت ڪري ڏيکاري تہ زندگي ڪيئن گذاربي آهي.
ڪيڏي نہ افسوس جي ڳالھہ آهي جو حالتن کان شڪست کائي اڄ هُو خودڪشي ڪري رهيو هو، جيڪڏهن هو وسيم جون دانھون نہ ٻڌي ها تہ هينئر سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ گهوتا کائيندي موت جي منھن ۾ هليو وڃي ها. تڏهن هن بہ وسيم ڏانھن شڪر گذار نظرن سان ڏٺو، کيس چيائين: ”وسيم! اڄ تو منھنجي زندگي بچائي آهي. تنھنجي وڏي مھرباني.“ ان تي وسيم ويتر حيران ٿي ويو. پوءِ هن وسيم کي پنھنجي زندگيءَ جي سڄي ڪھاڻي ٻڌائي. وسيم سندس ڪھاڻي ٻڌي مرڪيو، چيائين؛ ”ادا زندگي تہ توهان منھنجي بچائي آهي، منھنجي گهر هلو، منھنجي امڙ توهان سان ملي ڏاڍي خوش ٿيندي.“ هُو وسيم جي آڇ ٽاري نہ سگهيو. ٻئي ڄڻا گهر ويا. وسيم جي پوڙهي ماءُ سجاد کي ڏسي ڏاڍي خوش ٿي، هوءَ سجاد جي زندگيءَ جي ڪھاڻي ٻڌي اکين مان لڙڪ لاڙي ويٺي. پوءِ هن سجاد کي چيو: ”سجاد پٽ تون هميشہ لاءِ هتي ئي رهي پئہ، تو منھنجي ٻچڙي جي زندگي بچائي آهي، هاڻي توکي اسان ئي رهائينداسين.“ پوڙهيءَ جي ڳالھہ سجاد ٽاري نہ سگهيو. رڳو ايترو چيائين؛. ”امان رهندس.“ پر هڪ شرط سان، شرط هيءُ آهي سڀاڻي کان مان بوٽ پالش جي ڌنڌي تي ويندس ۽ ننڍڙو وسيم اسڪول ويندو.“
وسيم جي ماءُ ان آڇ کي ٺڪرائي نہ سگهي، هن ڪنڌ لوڏي هاڪار ڪئي. سجاد جي اکين مان ڳوڙها ڳڙي پيا، پر اهي خوشيءَ جا ڳوڙها هئا.