App Icon

ڪهاڻي گهر

بهترين تجربي لاءِ اپليڪيشن انسٽال ڪريو

پاڙي ناھہ پروڙ

ليکڪ: بادل جمالي | پڙهڻ جو وقت: 14 منٽ

سياري جي برف هاڻي رات خير سان گذري ويئي، جيڪا هن رڳو هڪڙي رلي ۽ ان جي هيٺان کٿو اوڍي گذاري. سڄي رات چلھہ ۾ مچ نہ ٻري ها تہ شايد سيءُ کيس ماري وجهي ها. اسر مھل جڏهن سيءُ ۽ کنگهہ بنھہ تنگ ڪيس تہ هو ٽپڙن ۾ ويڙهجي سيڙهجي چلھہ جي ڀر ۾ ويھي رهيو. ٻٻر جي بُنڊ جو چلھہ ۾ پيل حصو ٻري چڪو هو، ان جاءِ تي رک جو ٻنوڙو ٺھي پيو هو. دکندڙ ڪاٺ جي باقي بچيل حصي کي ٽڦڻيءَ سان ٺڙڪي ٽانڊا ڇاڻيائين تہ جيئن مزي سان ٻري سگهي. ٽانڊن جي ڳاڙاهاڻ ڪجهہ تيز ٿي ويئي: مٿان ٻہ _ٽي ڦوڪون ڏنائين تہ هلڪو ڄيرو ٻري پيو، جنھن جي هلڪڙي روشنيءَ ۾ منھن ڦيرائي پوئتي ڏٺائين، جتي سوني، ننڍڙي مَنُوءَ کي سيني سان لڳائي، ننڊ ۾ الوٽ هئي. سندن منھن ٽپڙن مان ٻاهر هئا. جعفر ٻہ _ ٽي ريڙهيون ڏيئي اڳتي وڌيو. ٻيئي رليون ۽ انھن جي هيٺان ڏنل سونيءَ جي گهاگهرا پات پوتي ڇڪي، ٺاهي مٿن وڌائين. سيءُ جي شدت کي محسوس ڪندي، چلھہ جي پاسي ۾ وڇايل ڳوڻيون بہ کين اوڍيائين. وري بانبڙا ڏيئي اچي چلھہ جي پاسي ۾ ويٺو ئي مس تہ کنگهہ جو وڏو دور پئجي ويس. اهڙا دورا جڏهن بہ پوندا هئس تہ ساھہ گهٽجي ويندو هئس، دوڏا ڳاڙها ٿي نڪري ايندا هئس ۽ ڊڄندو هو تہ متان کنگهہندي کنگهہندي ساھہ نڪري نہ وڃيس! رت هاڻو کانگهارو ڪڍي، چلھہ جي پيرانديءَ اُڇلي، مٿان رک جي چپٽي ٻُرڪي ڇڏيائينس تہ جيئن صبح جو ان تي مکيون اچي نہ جهڻڪن، ۽ سندس بيماريءَ جا جيوڙا ٻين کي نہ چنبڙن..... ٺونٺيون گوڏن تي رکي، ٻيئي هٿ نراڙ تي ڏيئي، ٿڌو ساھہ کڻي چيائين’هاءِ هاءِ‘. اها هاءِ هاءِ پنھنجي جاءِ تي هڪ مڪمل ’آھہ‘ بہ هئي تہ سندس جسماني حالت جو اندروني عڪس بہ! نڙي اڃا بہ پئي سُرڪيَسِ. اهڙيءَ صورت ۾ کنگهہ جو ٻيو د‍ؤر پوڻ جو پڪو امڪان هئس، جنھن کان بچڻ لاءِ، کيسي مان ڳڙ جو ذرو ڪڍي وات ۾ وجهي چوسڻ لڳو. ٿورڙو سڪون مليس. دل ٿيس تہ سمھي پوي، پر ان حالت ۾ بہ کنگهہ جو خطرو هئس، جيڪو سندس سھپ کان ٻاهر هو. ويٺي ويٺي ننڊ جا گهيرٽ اچڻ لڳس تہ رلي ۽ کٿو چڱيءَ طرح ويڙهي. اوڪڙو ٿي ويھي، مٿو ڀت جي ٽيڪ تي ڇڏي، اکيون پوري ڇڏيائين. اڃا اک مس لڳس تہ ٻيھر کنگهہ اچي ورايس. اهڙيءَ طرح اک ٻوٽ ڪندي رات گذري ويئي، خير سان صبح ٿيو. هو اڃا تائين ڀت سان مٿي جي ٽيڪ ڏيو ويٺو هو... سونيءَ رلين هيٺان ڏنل پنھنجي پوتي ڪڍي ٻُڪل ڪئي. رليون سوليون ڪري منوءَ تي وڌائين، ۽ سسيءَ کان ڏڪندي اچي چُلھہ جي ڀر ۾ ويٺي. دکندڙ بنڊ کي ٽڦڻيءَ سان ٺڙڪي ٽانڊا ڇاڻي، هڪ ٻہ سَنھيون ڪاٺيون بہ ساڻس شامل ڪندي چيائين:
”توبھن توبھن... سيءُ بہ صفا لاهي پاهي بيٺو آهي ٻيو!“
اڻ سڌيءَ طرح سندس اهو جملو، جعفر کي گفتگوءَ ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت هئي، پر هو ڪونہ ڪُڇيو. سونيءَ کيس ڳالھائڻ تي پرڀائڻ خاطر ساڳئي جملي کي اينگائيندي چيو:
”جي اهڙيون ٻہ راتيون ٻيون ٿيون تہ آءُ تہ موڪلائينديس!“
سڀڪجهہ ٻڌندي ۽ محسوس ڪندي، جعفر وري بہ خاموش رهيو. نيٺ سونيءَ ساڻس سنئون سڌو ڳالھايو:
”تون تہ بچيو آهين؟“
هن بنا ڪنھن چر پر جي، اتان ئي ورندي ڏنيس:
”ساھہ بچيو اٿم، باقي قبر ڏيکاري ڇڏيائين!“
سونيءَ بنا ڪنن واري ٻُٽي ديڳڙي کي پاڻيءَ سان اڌ ڪري چلھہ تي رکندي چيو:
”چانھن جو ڍڪ ڪاڙهي نِڙي ڪوسي ڪجي ها، پر..... ڪٿان اچن کير ۽ پتيون؟“
جعفر ڪو جواب ڪونہ ڏنس.... پاڻي سڄر ڪري، ٺڪر جي ڪلراٺي ڪؤنري ۾ وجهي، هوءَ ٻاهر نڪري ويئي. ٿورڙيءَ دير کان پوءِ پوتيءَ جي پلئہ سان منھن اگهندي اچي چلھہ وٽ بيٺي. هٿ سڪيندي چيائين:
”ٻاهر تِڙڪو اٿئي جي وڃين تہ.“
جعفر منھن ورائڻ کان سواءِ چيس:
”تڏو وڃي وڇاءِ تہ ويھان.“
سونيءَ ڇڳل تڏو کڻي وڃي در کان ٻاهر، ڀت جي پاسي ۾ وڇايو. جعفر کنگهہندي، ڏڪندي وڃي تڏي تي ويٺو. کٿي جي گُهنڊ مان منھنجو ٿورو ٻاهر ڪڍي ڏٺائين تہ پاڙي جي گهرن جي ڀتين توڙي، ڇتين جي ٻيڙ _ ٻنن تي ڪانوَن جا ٽولا ويٺا هئا، جيڪي هر هر، چانورن جي ڪڻن، مانيءَ جي ڀورن ۽ هڏين چونڊڻ لاءِ لامارا ڏيئي رهيا هئا. ڪي دل وارا ڪانوَ تہ ڏاڍيءَ حب مان پنھنجين مادين کي چھنب ۾ چھنب ڏئي پنھنجي وات وارو کاڌو چڳائي رهيا هئا... اهو منظر نہ رڳو کيس وڻيو، پر گڏوگڏ گذريل وقت بہ ياد ڏياري ويو. اهو وقت، جڏهن هو تندرست هو. چڱو ڀلو هو، سرديون گرميون ڀوڳي، چار ڏوڪڙ ڪمائي، انھن ڪانوَن وانگر پنھنجي زال ۽ ننڍڙي پٽ کي کارائيندو هو! ڪيڏا نہ چڱا ڏينھن هئا اهي. ڪيڏيون نہ وڻندڙ گهڙيون هيون سي... ڪڻڪ جي فصل مان خرچ پکي لٿي پندرهن ويھہ ٻوريون اَن جون ملنديون هيس. ڦٽين جي فصل مان ٽي _ چار هزار روڪڙا ملندا هئس. ڪُل ٽي ماڻھو تہ هئا گهر ۾، جن لاءِ اها آمدني ڪافي هئي؛ پاڻ سوڙ سڪوڙ ڪري چار ڪوڏيون بچائي بہ وجهندو هو ۽ ان بچت مان سونيءَ کي وَرڙيون ۽ نٿ بہ وٺي ڏنيون هئائين. ڪپڙو لٽو بہ جھان کان چڱو پھرائيندو هئس. منھن مھانڊي جي بہ ملوڪ هئي. ڀَتين پوتين جڏهن سھي سنڀري نڪرندي هئي تہ ڏاڍي ٺاهوڪي لڳندي هئي.... سوني تہ هينئر بہ اها ساڳي آهي، پر وقت ۽ حالتن ساڻس ايڏيون تہ ڏاڍيون ڪيون، جو هٿن جو پاڻي بہ ڪير ڪونہ پئيس!! چَتيون لڳل ۽ ڳنڍيون ڏنل ميرا ڪِڇڙا ڪپڙا، سيءُ کان ڦُٽي ٻِرڙ ٿيل اگهاڙا پير، بک، بيماري ۽ ڳڻتين کان ڳلن ۾ کوٻا پيل، اکيون ڏرا ڏنل.... جيتوڻيڪ عمر ٽيھن جي لڳ ڀڳ اٿس. پر هوءَ ان کان ڏهاڪو کن سال وڏي پئي لڳي!
ڇھہ سال کن اڳ جي ڳالھہ آهي، اليڪشن جو دور هو. هر طرف جلسا جلوس پئي ٿيا. سياسي پارٽين جا جهنڊا، پوسٽر ۽ بئنر لڳڻ شروع ٿي ويا هئا. هن بہ کڻي گهر تي هڪ پارٽيءَ جو جهنڊو چاڙهيو. بس، دير ئي ايتري هئي. ٻئي ڏينھن صبح سان ئي اوطاق ۾ گهرائي، ٿُڪ لعنت ڪرڻ کان پوءِ ڪامل خان پنھنجي هارپي مان کيس ڪڍي ڇڏيو هو. ٻيھر هارپي لاءِ هنڌ هنڌ ڌڪا کاڌا هئائين، پر ڪوبہ کڙ تيل ڪونہ نڪتو هو. وڏيرڪي قانون ۾ جھڙوڪر ’بليڪ لسٽ‘ تي ٿي چڪو هو. ڳچ عرصي تائين بيروزگار رهڻ کان پوءِ، نيٺ مايوس ٿي، ٻاهر وڃڻ جو فيصلو ڪيائين. هڪ ڏينھن زال جا سمورا ڳھہ ڳٽا وڪڻي، سنگت ساٿ کان اوڌر سوڌر وٺي، سعودي عرب هليو ويو هو، جتي ٻارهن مھينا پٿر ڪُٽڻ کان پوءِ، نوٽن جي ٿَهين بدران پاڻ سان سلھہ جھڙو موذي مرض کڻي موٽيو هو... ڊاڪٽر چيو هئس تہ ’سخت گرميءَ ۾ پٿر ڪُٽڻ جي ڪري ڦڦڙن ۾ دز ويئي هيس. جنھن ڪري ٽي. بيءَ جو اثر ٿي پيو هئس. جيڪي چار ڏوڪڙ ڪمائي آيو هو، سي علاج تي خرچي ڇڏيا هئائين، پر بيماريءَ ۾ ڪو فرق ڪونہ پيو هئس، هڪڙي بيماري، ٻي بيروزگاري ٻنھي کان ڇوٽڪاري جي ڪا واھہ نظر ڪانہ آيس تہ هيڪاري مايوس ٿي بستري داخل ٿي ويو. جن يارن دوستن کان اوڌر کنئي هئائين، تن اهي پئسا بہ سھسائي ڇڏيا هئا، باقي اڳتي لاءِ ساڻس دعا سلام بہ ختم ڪري ڇڏيائون. ڳوٺ وارا بہ کانئس ڏاڍو نٽائيندا آهن. هاڻي تہ شادي مراديءَ تي بہ ڪونہ ڪوٺينس!
هڪ ڀيرو وري لامارا ڏيندڙ ڪانوَن ڏي ڏٺائين، جيڪي سڄي پاڙي جي ڀتين ۽ ڇتين جي ٻيڙ _ ٻنن تي ٽولا ڪيو ويٺا هئا، پر سندس گهر جي ڀتين تي ڪانوَ تہ ڇا ڪو ٻيو پکي بہ ڪونہ هو. سو چيائين ’انسان تہ ڇا، پکي پکڻ بہ کائڻ جا يار آهن. هيڏانھن آسرو ڪونہ اٿن تہ منھن ئي ڪونہ ٿا ڪن!‘ پنھنجي بيوسيءَ تي دل جهوٻو کاڌس. اکيون پوري ائين ڳيت ڏنائين، ڄڻ ڪنھن اُگريءَ دوا جو ڍُڪ پيتو هجيس!
منو اکيون مھٽيندي، سندس اڳيان لنگهندي ٿَلھي کان ٿورو هيٺ لھي، ٻاهر ڀڳو.... ماڻس پوتڙو کڻي پٺيان سڏ ڪيس:
”ابا، ڏاڍو سيءُ آهي، ٻوڪي ٻڌي وڃ، رونشو ڪم ڪونہ ايندءِ.“
پر منو سندس سڏ کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري، ٻاهر نڪري ويو. ننڍڙو ٻالڪ ٿڌيءَ ڪوسيءَ کان بي پرواھہ، وڃي هڪجيڏن سان گڏيو... سونيءَ، جعفر جي سامھون ويھندي چيو.
”عيد سڳوريءَ جو ٻيو ويلو بہ هٿن مان پيو وڃي. گهر ۾ ٽڪو بہ ڪونھي، ڪيئن ڪم ٿيندو!“
جعفر، گوڏا ڀاڪر ۾ جهلي، مراقبي وانگر ويھي، کيس ڏسندي چيو:
”عيدون سرنديءَ وارن لاءِ هونديون آهن سونل! اسان جهڙن لاءِ تہ سڄو سال هڪ جھڙو هوندو آهي!“
”اهڙي وائي نہ وار. رب مالڪ آهي، هٿ پير هڻندين تہ عيد ٿي پوندي.“
”تنھنجو تہ رڳو وات ٿو خرچ ٿئي، پر ڏوڪڙ تہ ائين نٿا ملن.“
”هفتو ٿيو آهي جو توسان مٿو پئي هڻان تہ عيد مٿي تي بيٺي آهي، ڪو بِلو ڪر. پر توکي ڇا. پاڻ سڻڀ کائين ڪونہ، اسان ماءُ _ پٽن لاءِ توکي ڪھڙو لاچار جو اوڌر کڻين.“
”اوڌر بہ ملي تہ کڻان، پراون ماڻھن کان زوريءَ کسي تہ ڪونہ ايندس.“
”تون ٻاهر نڪري ڪنھن کان گهري تہ ڏس، اِتان ئي ويٺو فيصلا ڪرين.“
”ٻاهر بہ ويس ۽ بڇڙو ٿي موٽي بہ آيس.... مون کي خبر هئي تہ تون جند ڪونہ ڇڏيندينءَ. لاچار کان ڪالھہ وچينءَ مھل رڙهندو رڙهندو مِٺي وٽ دوڪان تي وڃي نڪتس. ڏسندي ئي رڙ ڪيائين تہ ’يار ٻٽيھہ روپيا دينا داستي کايو ٿو وڃين، ايڏي ڪُپت چڱي ڪانھي، انسان ۾ هزارون اميدون آهن.‘ دل ۾ چيم: ڇڏيئي تہ وڄائي، پر هاڻي ڏسجي ڀاڳ کي..... چيومانس: ’يار سچو آهين. ڏوھہ تنھنجو ڪونھي، ڏينھن بہ گهڻا ٿيا آهن. پر آءُ بنھہ مولائي ٿي ويو آهيان. هڙ ۾ اٿم ڪونہ، نہ تہ هوند اهو طعنو ڪونہ ٻڌان ها. ﷲ مالڪ آهي، ڏينھن ٻن ۾ پٽ سٽ ڪري توسان وهي ويندس. پر هينئر وڏي اميد ساري تو وٽ آيس. سانجهيءَ عيد آهي، گهر ۾ ٻچن لاءِ ڪجهہ ڪونھي. ٿورو گهڻو عيد جو سيڌو ڏي، پوءِ جڏهن اُٺ ترندو تہ پُڇ بہ تري ويندو.“
”پوءِ ڇا چيائين؟“
”ٻڌايانءِ ٿو، پر دم پَٽڻ ڏي، هُڦجي پيو آهيان.“
”سوني سندس ڳالھہ ٻڌڻ لاءِ آتي هئي. جعفر اکيون پوري، ٻہ _ ٽي اونھا ساھہ کڻي ٻيھر شروع ٿيو:
”ڳالھہ ٻڌي، ڏيڻ تہ ٺھيو، مڙس ماڳھين حياءُ شرم پڻڻ لڳو. چيومانس، ’هائو ادا، چئي وٺ جيڪي چوڻو هجيئي... چڱو ڀلو هجان ها تہ اهي اکر ٻڌي، ڪنڌ هيٺ ڪري ڪونہ وڃان ها.“
”مِٺي وٽ وئين ڇو؟ هو ماڻھوءَ جو تہ ڦر ئي ڪونھي، هرو ڀرو وڃي هلڪڙو ٿي آئين. ان کان هوند ڪنھن چڱي ماڻھو وٽ وڃين ها، جنھن کي ڪجهہ حياءُ تہ پوي ها.“
جعفر مٿو لوڏي، سندس منھن ۾ نھاريندي چيو:
”چڱي ماڻھوءَ جي بہ ٿو ٻڌايانءِ.... مِٺي وٽان ٿي، ويس ٺاري خان وٽ اوطاق ۾. ڪچھري ٺٺ لڳي پئي هجي. اها ئي ڪُتن جي ڪچھري. ٻيو ڪم اٿن ڪونہ، گهر ويئي پئسا ملن. اڃان سلام ئي مس ڪيم تہ چيائين ’يار گهر ڇڏي اوطاق اچي وسائيسون تہ بہ پينارن مان جند نہ ڇُٽي!‘ مون کي باھہ وٺي ويئي. چيومانس ’ٺارا خان هوش ۾ تہ آهين؟ زبان سنڀالي ڳالھاءِ! توکان ڪجهہ گهريو تہ ڪونہ اٿم جو ’پينار پينار‘ پيو ڪرين.‘ چيائين ’هاڻي گهڻو نہ ڳالھاءِ تہ ساھہ نڪري نہ وڃي ئي.‘ دل ۾ چيم ’وڃي پؤ کڏ جي تَري ۾. اهڙي خبر هجيم ها تہ توڏي منھن ئي ڪونہ ڪيان ها.‘ آءُ سور پي، ماٺڙي ڪري موٽي آيس.“
”ٺارو خان ڳوٺ جو نئون نئون چڱو مڙس ٿيو آهي، ڪجهہ تہ حياءُ پئيس ها.“
”سونل، چڱو مڙس مري ويو، پوئتي وارا ڪُتا ڌاريو ويٺا آهن، تن کي ڪھڙي خبر تہ غريبن سان ڇا ٿو وهي واپري.“
”توبھن الا توبھن...... زمانو تہ ڏس، ڏسڻا واسڻا ماڻھو بہ ڪيڏا ڪَٺور ٿي ويا آهن! نہ خدا جو خوف، نہ پاڙي جو لحاظ!“
سوني مايوس ٿي، ڊگهو ساھہ کڻي وڃي چُلھہ جي ڀر ۾ ويٺي. تَس کڻي پاٽ ۾ ڇنڊيائين. جوئر جي هڪڙي ماني بہ مس مس ٿي... سج ڪافي مٿي چڙهي آيو، سيءُ جو زور بہ گهٽجي ويو. جعفر کٿو کڻي، تڏو گهليندي اندر ويو. سونيءَ جوئر جي مانيءَ جو اڌ ڀڃي، ڳڙ جي ذري سان سندس اڳيان رکي، ۽ پاڻ جِست جي ننڍڙي ٿالھيءَ ۾ لوڻ ۽ مرچن جو ذرو وجهي، پاڻي ۾ ملائي، چَٺڻي ٺاهي، ان سان مانيءَ جو چوٿو کاڌائين، ۽ بچيل چوٿو، دٻڪيءَ ۾ وجهي پاٽ هيٺان رکي ڇڏيائين.
ڪيڏي مھل منو ڊوڙندو اندر آيو، ۽ ماءُ جي پاسي ۾ ويھي رهيو. اٺن _ نون سالن جو اٻالو ٻار، پير اگهاڙا مٽيءَ ۾ ڀڀوت، اڻ ڌوتل منھن، مٿو اگهاڙو، اڻڀا وارا، مليشا جا ميرا ڪڇرا، ريڙون ريڙون ٿيل ڪپڙا! ماءُ جي گوڏي کي ڀاڪر پائي چوڻ لڳو:
”امان، سڀني ٻارن نوان ڪپڙا پاتا آهن، مون کي ڇو ڪونہ ڏنئي؟“
”پٽ هن ڀيري تہ ڳالھہ ئي وسري ويئي، اسان پنھنجي لاءِ بہ ڪونہ ورتا آهن. اول خير، ٻيءَ عيد تي سڀ گڏجي نوان ڪپڙا پائينداسين. سمجهي وئين نہ پٽ؟“
منوءَ جي من ۾ اڃا بہ ڪا ٻي ڳالھہ هئي، جيڪا ٻڌائڻ لاءِ هُو آتو هو. شايد ان ڪري ئي ماءُ جي ڳالھہ کي نظر انداز ڪندي چيائين:
”امان، ولڻ سان گڏجي سندس گهر ويس. ولڻ جي ماءُ آهي نہ، حاجاڻي چڱي، ان سيون پئي کاڌيون. ولڻ کي بہ سڏي پاڻ سان ويھاريائين. ولڻ مون کي چيو تہ ’تون بہ اچ.‘ خبر اٿئي حاجائي چڱي ڇا پئي چويس؟ چويس پئي ’ڪٿان وٺي آيو آهين لوسيءَ کي. ڇڏينس تہ وڃي پنھنجي گهر مري.“
منوءَ معصوميت مان ماءُ ڏي ڏسندي پڇيو:
”امان، آءُ لوسي آهيان؟“
سونيءَ سندس مٿي تي شفقت جو هٿ ڦيرائيندي چيو:
”نہ پٽ، تون منھنجو شھزادو آهين. لوسي تہ اهي پاڻ آهن جيڪي توکي ٿا چون.“ جعفر ڏي منھن ڪري چيائين!
”ٻڌين پيو مائي چڱيءَ جا حال.... ٻچڙيوال آهي تہ بہ ٻين جي ٻچن تي ڪھل ڪانہ ٿي اچيس.“
جعفر چڙ ڪندي چيس: ”ٻين جا بہ اهيئي حال آهن“.
”هن جو ڏوھہ ڪونھي، تون ويھي ڏس.“
منوءَ، ماءُ کي اکين ۾ نھاريندي پڇيو:
”امان، تو بہ سيون رڌيون آهن؟“
سونيءَ کي ائين لڳڻ ڄڻ وڏيءَ اوچائيءَ تان ڪنھن ڌِڪو ڏنو هجيس ۽ هوءَ سرينھن جي ڪڪي پن جيان وٽبي سٽبي هيٺ ڪِري رهي هجي! منو جواب طلب نگاهن سان ٽڪ ٻڌي کيس ڏسندو رهيو. سونيءَ، واريءَ جي ذرن جيان وکريل حوصلي کي ميڙي چونڊي گڏ ڪري، منوءَ کي ڳراٽڙي پائي چيو:
”نہ بابلا، مون جوئر جي ماني پچائي آهي.“
منوءَ جي منھن تي مايوسيءَ جا ڪڪر ڇائنجي ويا. هو ڪجهہ بہ نہ چئي سگهيو.
سندس دل وٺندي سونيءَ چيو:
”توکي جوئر جي ماني وڻندي آهي نہ ڳڙ سان؟“
منوءَ رڳو منھن کڻي ماءُ ڏي نھاريو. سندس ان نھار ۾ احتجاج ۽ محروميءَ جي جيڪا پيڙا هئا، تنھن سونيءَ جو سَنڌ سَنڌ جهوري ڇڏيو...... منھن ٻئي پاسي ڪري، پوتيءَ جي پلئہ سان اکيون اگهي، پاٽ جي هيٺان رکيل ماني ڪڍي سندس اڳيان رکيائين، ۽ جاري ۾ رکيل ٺِڪر جي پاريءَ مان ڇٽانگ جيڏو ڳڙ جو ڳوڙهو ڪڍي مانيءَ تي رکيائين. منوءَ دٻڪيءَ ۾ رکيل جوئر جي اڻڀي مانيءَ جي چوٿي ءٌ ڳڙ جي ذري ڏانھن ۽ وري ماءُ ڏي ڏسندي چيائين:
”امان، اڄ عيد آهي، تو سيون ڇو ڪونہ رڌيون؟“
سونيءَ چيو: ”آخر ڪيستائين ٻار سان ڪوڙ جو ناٽڪ کيڏندي رهنديس. اها حقيقت جا ڪڏهن نہ ڪڏهن کيس سمجهہ ۾ اچڻي ئي آهي، ڇو نہ اڄ ان جو اظھار ڪري ڇڏيان... ڇو نہ اڄ کيس ٻڌائي ڇڏيان تہ هو اهڙن مائٽن جو اولاد آهي، جن وٽ ٻيو تہ ڇا، کائڻ لاءِ جوئر جي رُکي ماني بہ ايتري ڪانھي جو پيٽ ڀري کائي سگهن!“
ماءُ کي خاموش ڏسي، منوءَ پنھنجو سوال ٻيھر پڇيو. سونيءَ چيس:
”پٽ، سيون توڙي چانور خرچ ٿا گهرن. اسين غريب آهيون، ڏوڪڙ ڪونھي، نہ تہ هوند پنھنجي سڪيلڌي کي لک بسم ﷲ ڪري سيون کارايان ها.“
منوءَ حيرت ۽ مايوسيءَ وچان ماءُ ڏي ڏٺو ۽ لاچار ٿي منھن هيٺ ڪري گرھہ ڀڃندي پڇيائين:
”امان“.
سونيءَ مامتا سان سرشار ٿي چيو:
”جي پٽ.“
منوءَ ڳالھہ پوري ڪندي پڇيس:
”ابلوءَ جن بہ ڀت رڌيو آهي، ڀلا اسين ابلوءَ جن کان بہ غريب آهيان؟“
سونيءَ جي هانوَ ۾ ڄڻ ڪنھن بڙڇي وهائي ڪڍي. کيس توقع ڪانہ هئي تہ ڪو منو ايڏو حساس هوندو! سوچڻ لڳي تہ معصوم کي ڪھڙو جواب ڏي. منوءَ وري پڇيس:
”ٻڌاءِ نہ امان، اسين ابلوءَ جن کان بہ غريب آهيون؟“
سونيءَ ڪنڌ هيٺ ڪري نٻل آواز ۾ چيس:
”پٽ، اڳي تہ ڪونہ هئاسين، پر هاڻي آهيون.“
منو، ماءُ جي ڳالھہ سمجهي نہ سگهيو. پڇيائين:
”ڇو امان؟
سونيءَ ڏاڍي نرميءَ سان سمجهائيندي چيس:
”پٽ، ان ڪري جو ابلو ويچاري جو پيءُ مري ويو آهي. هاڻي هنن کي ڳوٺ وارا خيراتون ڏين ٿا، ان ڪري اسان کان سکيا آهن. هُو سيون کائي سگهن ٿا، نوان ڪپڙا بہ پائي سگهن ٿا.“
منو گراھہ وات ۾ جهلي، حيرت ۽ معصوميت مان ماءُ ڏي ڏسندي، گهڙي کن لاءِ ماٺ ۾ اچي ويو، ۽ پوءِ گراھہ چٻاڙيندي پڇيائين:
”امان، جڏهن بابا مري ويندو، پوءِ اسان کي بہ خيرات ڏيندا؟“
سونيءَ پوري زور سان ڳل تي چماٽ وهائي ڪڍيس. منوءَ جي وات مان جوئر جو اڻڀو گرھہ ڪِري پيو. هو ڳل کي مھٽيندي روئڻ ۾ ٻڏي ويو.... پاسي ۾ ستل جعفر، جنھن اها سموري گفتگو ٻڌي هئي، کٿو هٽائي، زخمي نظرن سان منوءَ کي ڏٺو ۽ وري کٿو اوڍي ڇڏيائين... سونيءَ جي دل مان مامتا جو جذبو سانوڻ جي سنڌوءَ جيان امالڪ اٿلي پيو. سٽ ڏيئي، منوءَ کي ڇڪي، سيني سان لڳائي پاڻ بہ سڏڪن ۾ ٻڏي ويئي!