جني ڪاڻ مياس....
ليکڪ: ائنوٽن چيخوف | پڙهڻ جو وقت: 10 منٽ
هي گهڻو اڳ جي ڳالھہ آهي. ان وقت هوءَ سھڻي ۽ جوان هئي. ’نيڪولا پيٽرولچ ڪولپاڪو‘ هن جي چاهيندڙ مان هو. هو اڪثر هن جي گهر ايندو هو. ان ڏينھن ڏاڍي هٻس ۽ گرمي هئي. ڪولپاڪو منجهند جي ماني کاڌي هئي ۽ سڄي بوتل شراب جي پيتي هئائين. هن جي طبيعت اداس هئي ۽ هو سمھڻ جي موڊ ۾ هو. ٻيئي بور پئي ٿيا. شام جو انتظار ڪري رهيا هئا تہ ڪيڏانھن گهمڻ لاءِ نڪري وڃن. اوچتو دروازو کڙڪيو. ڪولپاڪو هلڪي قميص ۾ هو. هو ڪرسيءَ تان اٿيو ۽ سوال ڀريل نظرن سان پاشا ڏانھن ڏٺائين.
”ممڪن آهي ٽپالي هجي يا ڪا منھنجي ايڪٽريس ساهيڙي هجي.“ پاشا چيو.
ڪولپاڪو کي ٽپالي يا هن جي ايڪٽريس ساهيڙين کان نہ ٿيندو هو، وري بہ هڪ ڪرڻ خاطر، پنھنجو ڪوٽ کڻي ٻئي ڪمري ۾ هليو ويو ۽ پاشا دروازو کولڻ لاءِ اڳتي وڌي.
هن کي ڏاڍي حيرت لڳي جو نہ اهو ٽپالي هو ۽ نہ ئي هن جي ڪا ايڪٽريس ساهيڙي هئي، پر هڪ خوبصورت عورت، جنھن کي عمدي پوشاڪ پيل هئي، ان جي اڳيان بيٺي هئي. هو معزز عورت ٿي لڳي.
اجنبي عورت جو چھرو زرد هو ۽ وڏا ساھہ کڻي رهي هئي ڄڻ ڪا وڏي ڏاڪڻ چڙهي اتي پھتي هئي.
”ڪيئن آئي آهين؟“ پاشا هن کان پڇيو.
عورت ڪوبہ يڪدم جواب نہ ڏنو. هوءَ ڪمري ۾ اندر هلي آئي ۽ ڪمري جي فرنيچر کي عجيب نظرن سان نھارڻ لڳي. ائين ٿي لڳو ڄڻ هن کي سور هو. ٿوري وقت کان پوءِ هوءَ ساعت ۾ آئي ۽ ڳالھائڻ لائق ٿي ۽ ڪرسيءَ تي ويٺي.
”ڇا منھنجو مڙس هتي آهي؟“ هن آخرڪار ڳالھايو ۽ اکيون مٿي ڪيائين جيڪي روئڻ سبب ڳاڙهيون هيون.
”ڪنھن جو مڙس؟“ پاشا پڇيو. اوچتو هوءَ ابترو هراسجي ويئي جو هن جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا. ”ڪنھن جو مڙس.“ هن جوش مان ڏڪندي چيو.
”منھنجو مڙ سنڪولائي پيٽرولچ ڪولپاڪو“.
”نہ... مئڊم... مون کي ان جو ڪوبہ پتو ڪونھي.“
ٿورو وقت خاموش ٿي ويئي. عورت وري وري رومال سان پنھنجون اکيون اُگهي رهي هئي. پاشا کي همت ئي نہ ٿي تہ ڪرسي تي ويھي. هوءَ پاڻ آيل مھمان کي خوف ۽ هراس مان نھاري رهئي هئي.
”تنھنجو مطلب آهي تہ هو هتي نہ آهي. ”ڪريل عورت...!“ عورت چپن ۾ ڀڻڪيو ۽ پاشا ڏانھن حقارت ۽ نفرت مان نھاريائين ۽ وري چوڻ لڳي.
”ها، ها... تون ڪِريل عورت آهين ۽ مون کي خوشي آهي جو آخر مون کي موقعو مليو آهي، جو مان توکي تنھنجي منھن تي اهو ٻڌايان.“
پاشا محسوس ڪيو جيڪڏهن هن کي بازاري پائوڊر لڳل ۽ وارن جي وگ نہ هجي ها تہ هوءَ پنھنجي ڪِريل حالت کي لِڪائي سگهي ها ۽ هن عورت سان سامھون ويھي ڳالھائي سگهي ها.
”منھنجو مڙس ڪاٿي آهي؟“ عورت وري چيو. ”پر مون کي ان جي پرواھہ نہ آهي تہ هو هتي آهي يا نہ. مان توکي ٻڌائڻ چاهيان ٿي تہ غبن ظاهر ٿي پيو آهي ۽ هو نڪولا کي ڳولي رهيا آهن. اهي هن کي گرفتار ڪندا، ۽ اهو تنھنجو ڪم آهي.“
عورت اٿي ۽ پريشانيءَ مان ڪمري ۾ هيڏي هوڏي ڦرڻ لڳي. پاشا هن ڏانھن حيرت مان نھارڻ لڳي ۽ هوءَ اهو سمجهي نٿي سگهي تہ ان جو مطلب ڇا هو.
”اڄ هن کي ڳولي گرفتار ڪيو ويندو.“ عورت چيو ۽ پوءِ روئڻ ۽ سڏڪا ڀرڻ لڳي. ”مان ڄاڻان ٿي تہ ان کي ان منزل تي ڪنھن پھچايو آهي ۽ بدصوت بازاري عورت!“ هن جي چھري مان اها حقارت ظاهر ٿي رهي هئي، جيڪا هن جي اندر ۾ پاشا لاءِ هئي. ائين ٿي لڳو جو هوءَ پاشا جي منھن تي ٿڪ اڇلائيندي. ”مان ڪمزور آهيان... ٻڌين ٿي؟ وحشي عورت....! مان مجبور آهيان... تون مون کان وڌيڪ طاقت ٿي رکين، ڪير آهي جيڪو منھنجي ٻارن جي سنڀال ڪندو. خدا سڀ ڏسي ٿو! هو انصاف وارو آهي. هو توکان منھنجي ڳوڙهن ۽ اوجاڳن وارين راتين جو حساب وٺندو. اهو وقت ايندو جڏهن تون مون کي ياد ڪندينءَ.“
ٻيھر خاموشي ڇانئجي ويئي ”مون کي ان جو ڪوبہ پتو ڪونھي، مئڊم‘“ پاشا چيو ۽ ڏک وچان روئڻ لڳي.
”ڪوڙي“. عورت رڙ ڪئي. مان سڀ ڄاڻان ٿي. مون کي تنھنجو گهڻي وقت کان پتو آهي. مون کي اهو بہ معلوم آهي تہ هن چئن مھينن ۾، هو هر روز تو وٽ ايندو رهيو آهي.“
”ها، پوءِ ڇا ٿيو؟ ان ۾ ڪھڙي خرابي آهي؟ گهڻائي ماڻھو مون سان ملڻ لاءِ ايندا آهن. مان انھن کي ڪونہ چوندي آهيان تہ اهي مون وٽ اچن. اهي پنھنجي مرضيءَ سان ايندا آهن.“
”مون توکي ٻڌايان ٿي تہ هنن غبن لڌو آهي. هن پنھنجي آفيس مان پئسا چورايا آهن. تنھنجي لاءِ...... اهڙي عورت لاءِ جھڙي تون آهين هن ڏوھہ ڪيو آهي، ٻڌ.“ عورت پاشا جي اڳيان بيھندي چيو ”توهان جو ڪوبہ اصول ڪونھي، اوهان، جن جو گذرئي ٻين کي ٺڳڻ آهي. پر مان نٿي سمجھان تہ تون ايتريقدر ڪِريل عورت آهين جو تو ۾ انسانيت جو ذرو بہ نہ رهيو آهي. هن کي زال آهي. هن کي ٻار آهن... جيڪڏهن هو هن کي سزا ڏيندا ۽ سائبيريا موڪليندا تہ مون کي ۽ منھنجي ٻارن کي بکون ڪاٽڻيون پونديون... سمجهڻ جي ڪوشش ڪر! پر اڃا بہ هڪ رستو آهي جو تون اسنا کي تباهيءَ ۽ بيعزتيءَ کان بچائي سگهين ٿي.جيڪڏهن مان اڄ ڪنھن نموني نوَ سؤ روبل جمع ڪريان تہ هن تي مقدمو نہ هلندو. فقط نوَ سؤ روبل!“
”نوَ سؤ روبل“ پاشا پڇيو. ”مون کي نوَ سؤ روبلن جي ڪا خبر ڪانھي. مون کي ڪونہ ڏنا اٿائين.“
”مان توکان نوَ سؤ روبل ڪين ٿي پينان. توکي پئسا ڪونھن ۽ مون کي تنھنجن پئسن جي ضرورت ڪانھي.مان توکان بلڪل الڳ شئي ٿي گهران........ ماڻھن جي عادت هوندي آهي تہ تو جھڙين عورتن کي زيور ڏيندا آهن. مون کي اهي شيون موٽائي ڏي جيڪي منھنجي مڙس توکي ڏنيون آهن.“
”مئڊم! هن مون کي ڪوبہ زيور ڪونہ ڏنو آهي.“ پاشا رڙ ڪئي جيڪا هاڻي معاملي کي سمجهي ويئي هئي.
”پئسا ڪٿي آهن؟ هن پنھنجا، منھنجا ۽ ٻين جا پئسا اڏائي ڇڏيا. ٻڌ؛ مان توکي عرض ٿي ڪريان! مان هاڻي هوش ۾ آئي آهيان، مان توکي گهڻو گهٽ وڌ ڳالھايو آهي. پر مان توکي منٿ ٿي ڪريان تہ ان کي وساري ڇڏ. تون مون کي ڌڪاريندي هوندينءَ. مان سمجھان ٿي؛ پر جيڪڏهن تو ۾ رحم ڪرڻ جي سگهہ آهي تہ منھنجي حالت ۾ پاڻ کي وجهي ڏس. مان توکي گذارش ٿي ڪريان، مون کي اهي شيون موٽائي ڏي.“
”ها.........“ پنھنجا ڪُلھا لوڏي پاشا چيو ”مان ائين خوشيءَ سان ڪيان ها، پر خدا جي مون تي مار پوي جيڪڏهن هن ڪڏهن بہ مون کي ڪو تحفو ڏنو هوندو. مھرباني ڪري مون تي اعتبار ڪر. پر تون صحيح آهين.“ ايڪٽريس پاڻ کي سنڀاليندي چيو. ”هڪ ڀيري هن منھنجي لاءِ تہ ٻہ شيون آنديون هيون _ مان اهي توکي، جيڪڏهن تون چاهين، تہ خوشيءَ سان واپس ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.“
پاشا پنھنجي ميز جو خانو کوليو ۽ ان مان هڪ هلڪو سونو ڪنگڻ ۽ هڪ ڳاڙهي پٿر واري منڊي ڪڍي هن کي ڏني.
عورت جي منھنجي جو رنگ ئي ڦري ويو ڄڻ هن جي گهٽتائي ڪئي ويئي هئي.
”مون کي ڇا ڏئي رهي آهين؟ مان توکان خيرات نہ گهري هئي پر اهو جيڪو تنھنجو نہ آهي، جيڪو تو منھنجي غريب مڙس کي لالچائي حاصل ڪيو هو، توکي اهڙين حالتن جو پوري فائدي وٺڻ جو پتو آهي. خميس جي ڏينھن جڏهن رستي تي مان توکي پنھنجي مڙس سان ڏٺو هو تہ توکي هيرن جو هار ۽ قيمتي منڊي پيل هئي. مان توکي قرباني ڏيڻ لاءِ نٿي چوان پر توکي آخري ڀيرو چوان ٿي تہ ڇا تون اهي شيون مون کي موٽائي ڏين ٿي يا نہ؟“
”تون ڪيتري نہ کل جھڙي ٿي لڳين.....“ پاشا چيو. جنھن ڏک محسوس ڪيو هو. مان توکي يقين ٿي ڏياريان تہ هن مون کي سواءِ انھيءَ ڪنگڻ جي ٻيو ڪجهہ بہ نہ ڏنو آهي. هن رڳو ڪيڪ......“
”ڪيڪ..........!“ ٽوڪ واري لھجي ۾ کلندي چيو. ”گهر ۾ ٻارن جي کائڻ لاءِ ڪجهہ بہ نہ آهي ۽ هتي تون ڪيڪ ٿي کائين. چئبو تہ انھن شين ڏيڻ کان انڪار ٿي ڪرين؟“
هن کي جواب نہ مليو. هوءَ هڪ آرام ڪرسيءَ تي ويھي رهي ۽ ڪنھن خاص نڪتي تي ڌيان سان سوچي رهي هئي. هوءَ سوچي رهي هئي تہ ”مان ڇا ڪريان؟ جيڪڏهن نو سؤ روبل نہ مليا تہ هو ختم ٿي ويندو ۽ ان سان گڏ مان ۽ منھنجا ٻار. مان هن جانور کي مارايان يا پاڻ کي هن ايڪٽريسياڻي جي قدمن تي جهڪايان.“ عورت منھن تي رومال ڏنو ۽ روئڻ لڳي.
”مان توکي منٿ ٿي ڪريان“ هن چيو ”تو منھنجي مڙس کي برباد ڪيو آهي ۽ هن جي زندگي تباھہ ڪئي آهي........ هاڻي هن کي بچاءِ........ مان سمجھان ٿي توکي هن تي رحم نٿو اچي، پر ٻارن جو خيال ڪر..... انھن معصومن کي ڇو سزا ملڻ کپي!“
پاشا انھن ٻارن بابت سوچڻ لڳي،اجيڪي گهٽيءَ تي ڪنڊ تي بک کان روئي رهيا هئا. تباھہ ڪيو آهي؛ پر مان خدا جو قسم کڻي ٿي چوان تہ مان وحشي آهيان ۽ مان هن کي حاصل نہ ڪيو آهي؛ مون سان گڏ ٿيٽر ۾ ڪم ڪندڙ ڇوڪرين ۾ رڳو موجا نالي ڇوڪري آهي جنھن جو پيار ڪندڙ پئسي وارو آهي، باقي اسان سڀ اڌ بک ٿيون مرون. نڪولائي شڪل جو سھڻو ۽ ڪپڙي لَٽي ۾ سٺو آهي تنھن ڪري منھنجا هن سان تعلقات آهن.“
”مان توکي انھن شين لاءِ چئي رهي آهيان مون کي ڏي. مان روئي رهي آهيان... مان پاڻ کي نيچ بنايو آهي، جي تون چوين تہ تنھنجي پيرين پوان. مھرباني ڪري....... مھرباني ڪري!“
پاشا خوف مان رڙ ڪئي. هن محسوس ڪيو تہ هوءَ خوبصورت عورت جيڪا ڊرامي جي مرڪزي ڪردار وانگر ڳالھائي رهي هئي، پنھنجي عزت ۽ وقار جو خيال ڦِٽو ڪري هن جي پيرن تي جهڪڻ لاءِ تيار هئي.
”چڱو مان توکي شيون ڏيان ٿي.“ هن ڳوڙها اگهندي چيو. ”اچي وٺ پر اهي مون کي نڪولائي نہ ڏنيون آهن. اهي مون کي ٻين ماڻھن کان مليون آهن. جن لاءِ تون بہ چوين ٿي.....!“
پاشا ميز جو خانو کوليو ۽ هن کي هيرن جو هار ۽ ڪجهہ مُنڊيون ۽ ڪجهہ ٻيا هار ڏنائين.
”هي وٺ، هي بہ وٺ، جيتوڻيڪ تنھنجي مڙس کان مون کي ڪجهہ بہ نہ مليو آهي. اچي هي سڀ وٺ، تون ئي شاهوڪار ٿيءُ.“ هن عورت جي قدمن تي ڪِرڻ سبب ڏک مان پاشا چيو.
”پر جيئن تہ تون سھڻي عورت آهين...... ۽ هن جي زال. بھتر آهي تہ هن کي پاڻ سان ٻڌل رک. مان توکي پڪ ڏيان ٿي تہ مان هن کي نہ سڏيندي آهيان، هو پاڻ ايندو آهي.“
عورت ڳوڙهن ڀريل اکين سان ميز تي پکڙيل زيورن ڏانھن ڏٺو ۽ چيو ”بس اهي آهن........ انھن جي تہ پنج سؤ روبل قميت بہ نہ ٿيندي!“
پاشا وري خاني ڏانھن ويئي ۽ هڪڙي سوني واچ، سگريٽ ڪيس، ٻانھن جا بَٽڻ ۽ ٻيون شيون ميز ڏانھن ڦِٽيون ڪيائين. ”مون وٽ ٻيو ڪجهہ بہ نہ آهي، تون پاڻ ڏسي سگهين ٿي.“
عورت ٿڌو ساھہ ڀريو ۽ ڏڪندڙ هٿن سان شيون رومال ۾ گڏ ڪيائين ۽ ٻاهر هلي ويئي.
ٻئي ڪمري جو دروازو کليو، نڪولا ٻاهر نڪتو. هو پِيلو ٿي ويو هو ۽ هن جا هٿ ڏڪي رهيا هئا، ڄڻ گهڻو شراب پيتو هئائين. هن جي اکين ۾ ڳوڙها چمڪي رهيا هئا.
”تون مون کي ڪھڙيون شيون ڏنيون هيون؟“ پاشا هن ڏانھن مُڙندي چيو ”مان پڇان ٿي ڪڏهن تو مون کي اهي شيون ڏنيون هيون؟“
”شيون...... واهيات!“ نڪولا ڪنڌ ڌوڏيندي چيو ”منھنجا خداٰ! هوءَ تنھنجي اڳيان اچي رُني آهي ۽ پاڻ کي گهٽ ڪيو اٿائين..........!“
”مان پڇان ٿي اُهي ڪھڙيون شيون آهن جنھن لاءِ چيو ٿو وڃي تہ تو مون کي ڏنيون آهن ....“ پاشا رڙ ڪئي.
”منھنجا خدا، هن عزت واري، شريف ۽ خاندان عورت....... پاڻ کي تنھنجي پيرن تي ڪيرايو! اها سڀ منھنجي ڪريئي آهي. منھنجي ڪري ائين ٿيو آهي!“ هو ڀڻ ڀڻ ڪرڻ لڳو.
”مان پاڻ کي ڪڏهن معاف نہ ڪندس. هتان پري ٿيءُ.“ هن پاشا ڏانھن حقارت مان نھاريو، ۽ پنھنجن ڏڪندڙ هٿن سان هن کي پاڻ کان پري ڌڪيائين، ”هن پاڻ کي تنھنجي پيرن تي اُڇلايو......... تنھنجي پيرن تي! او منھنجا خدا!“
هن جلدي ڪپڙا پاتا. هو ڄاڻي واڻي پاشا کان پاسو ڪري هليو ويو.
پاشا ڪرسيءَ تي ويھي رهي ۽ ڏاڍيان روئڻ لڳي. هن کي ڏک هو تہ هن پنھنجا سڀ زيور ڏئي ڇڏيا هئا. سمورو منظر ڏک ڏيندڙ هو. هن کي ياد آيو تہ ڪيئن هڪڙي سيٺ ٽي سال اڳ هن کي سواءِ ڪنھن سبب جي مار ڪڍي هئي پوءِ هو اڃا بہ وڌيڪ رڙيون ڪري روئڻ لڳي.
ترجمو: ڄام وقار حسين قادري
Sindhi Translation of Anotion Chekhov’s short story ‘The Chorns-Girl’.