وقت جي واپسي
ليکڪ: اي برئڊبري | پڙهڻ جو وقت: 27 منٽ
ستر سالن تائين اهڙيون مختصر ڪھاڻيون لکڻ کان پوءِ، جيڪي ڪٿي بہ ڇپجي نہ سگهيون، مسٽر هينري وليم فيلڊ هڪڙيءَ رات ساڍي يارهين وڳي پنھنجي بستي تان اٿيو ۽ پنھنجي تحرير جا هڪ ڪروڙ لفظ ساڙي ڇڏيائين. هن سڀئي مسودا گڏ ڪيا ۽ انھن کي آتشدان ۾ ڦٽو ڪيائين.
”مون 2257ع جي دنيا جي تصوير ڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري بنيادي غلطي ڪئي آهي. انھيءَ وقت جي تصوير ڪشي، جنھن ۾ مان رهان ٿو، جو ايٽم، راڪيٽ ۽ گرن جي وچ ۾ سفر ۽ ٻن سجن جي دنيا آهي.“ مسٽر فيلڊ وري بستري تي سمھندي سوچيو. ”اهو ڪم ڪنھن جي بہ وس جي ڳالھہ نہ آهي، سڀ ناڪام ٿي چڪا آهن. سڀئي لکڻ وارا مون سميت. خلا ۽ ان جون وسعتون اٿاھہ آهن. راڪيت تمام تيز رفتار، ايٽمي سائنس ۽ نين ڳولائن جو سج، علم جي اُفق تي ايڏي تہ تيزيءَ سان اڀري ٿو، جو ڏسندڙ جون اکيون پورجي وڃن ٿيون. مون پنھنجي زندگيءَ جي ويرانيءَ جي پٺيان ڀڄندي گذاري ڇڏي، جڏهن تہ ٻين مصنفن جون ڪوششون سٺيون نہ سھي، پر شايع ضرور ٿيون.“
هو پورو ڪلاڪ انھن ئي خيالن ۾ گم رهيو. پوءِ هن بتي ٻاري ۽ پنھنجي لئبرريءَ ۾ اهڙن ڪتابن ڏانھن هٿ وڌايو، جن کي هن گذريل پنجاھہ سالن کان ڪنھن بہ قت هٿ نہ لاتو هو. هينئر سندس هٿ ۾ هڪڙو ڪتاب هو. ٽي صديون اڳ ڇپيل ڪتاب، جنھن جا ورق پيلا ۽ ڪمزور ٿي چڪا هئا. هو ويھين صديءَ ۾ ڇپيل انھيءَ ڪتاب کي پڙهڻ لڳو، ايستائين جو صبح ٿي ويو.
صبح جو نوين بجي مسٽر فيلڊ ڊوڙندو پنھنجي لئبرريءَ مان نڪتو، نوڪرن کي سڏيائين ۽ هڪ ٽيليويزن اسڪرين جي ذريعي پنھنجي سڀني دوستن سان رابطو قائم ڪيائين، جن ۾ وڪيل، دوست، ڊاڪٽر، سائنسدان ۽ مصنف سڀئي شامل هئا.
”هتي اچو، يڪدم“ هن رڙ ڪري چيو.
هڪ ڪلاڪ جي اندر اندر مسٽر فيلڊ جي اسٽڊي روم ۾ اٽڪل ڊزن کن ماڻھو گڏ ٿي ويا ۽ ان کي منجهيل نظرن سان ڏسڻ لڳا، ڇو تہ ان جي ڏاڙهي وڌيل هئي، اکيون اوجاڳي جو اطلاع ڏئي رهيون هيون. منھن پُرجوش هو، چپ خاموش هئا ۽ سندس هنج ۾ هڪ تمام پراڻو ڪتاب هو. جڏهن سڀ گڏ ٿي ويا تڏهن هن انھيءَ ڪتابن کي هڪ هٿ ۾ مٿي کڻي ۽ زور سان ٽھڪ ڏئي چيو:
”هن ڪتاب کي ڏسو. هي ڪتاب 1900ع ۾ ڇپيو هو، هن جو مصنف هڪ انسان هو، جنھن جو قد ذهني اعتبار کان گهٽ نہ هو. هن چار ضخيم ناول لکيا، جي سندس زندگيءَ ۾ ئي ڇپجي ويا هئا. جڏهن هو 1938ع ۾ فوت ٿيو تہ ان جي ملڪيت ۾ هڪ اهڙي صندوق بہ هئي جيڪا مسودن سان ڀريل هئي. سندس موت انھيءَ سال سيپٽمبر تي هڪ رواجي بيماريءَ سبب ٿيو هو، جنھن جو انھيءَ زماني ۾ علاج ڳولي نہ ڪڍيو ويو هو.“
سڀني انھيءَ ڪتاب کي ڏٺو.
مسٽر فيلڊ ٻيا ٽي ٿلھا ڪتاب، ڪتابن جي ڍير مان ڪڍي کين ڏيکاريا. اهي سڀئي سائنس فڪشن متعلق هئا.
”هنن ڪتابن جي مصنف جو نالو ٿامس وولف آهي، جيڪو ٽي صديون اڳ ۾ نارٿ ڪيرولينا جي سرزمين تي زندہ هو.“
”ڇا تو اسان کي هي چار ڪتاب ڏيکارڻ لاءِ سڏايو هو، جنھن جو مصنف مري چڪو آهي؟“ سندس دوستن احتجاج ڪيو.
”مون توهان کي انھيءَ لاءِ سڏايو آهي تہ مان محسوس ڪيان ٿو تہ ٿامس وولف ئي هڪڙو اهڙو ماڻھو هو، جيڪو خلا، وقت گرهن جي وچ ۾ جنگ جي باري ۾ ڄاڻندو هو، ۽ اهي سڀئي وڏيون شيون جن سان سندس صحبت هئي ۽ جن کي هن ڪاغذن تي پکيڙيو، هو انھن سڀني شين جي باري ۾ لکي سگهيو ٿي، پر انھن کي هو ڪڏهن بہ زمين تي حاصل ڪري نہ سگهيو؛ ان کي اڄ صبح جو پيدا ٿيڻ گهربو هو. هو غلط وقت ۾ پيدا ٿيو.
”مون کي ڊپ آهي مسٽر فيلڊ، توهان کي ڪجهہ دير ٿي وئي آهي.“ پروفيسر بولٽن چيو.
”نہ، مان وقت جي پٺيان هلڻ نٿو چاهيان.“ مسٽر فيلڊ چيو، ”مان حقيقتن کان چشم پوشي ڪندس. تو پروفيسر، وقت سان سفر ڪرڻ جا ڪجهہ تجربا ڪيا آهن. مان چاهيان تہ تون پنھنجي ٽائيم مشين هن مھيني مڪمل ڪري وٺ. هي وٺ هڪ اڇو ۽ خالي چيڪ، هن ۾ جيڪا رقم بہ وڻئي سا لک. جيڪڏهن بعد ۾ توکي رقم جي ضرورت پوي تہ مون کي ٻڌائجانءِ. تو تہ وقت سان گڏ شايد سفر بہ ڪيو آهي. ائين آهي نہ؟“
”ها، ڪجهہ سال، پر مان اڃا صدين ۾ سفر ڪرڻ جي قابل نہ ٿيو آهيان.“
”هاڻي اسان صديون اڳتي ۽ صديون پوئتي سفر ڪرڻ جي جدوجهد ڪنداسون. چند سال اڳتي پوئتي سفر ڪرڻ، اسان جو مقصد نہ آهي. توهان سڀ“. مسٽر فيلڊ چمڪندڙ اکيون ۽ ٻھڪندڙ منھن سان سڀني چيو، ”توهان سڀ گڏجي پروفيسر بولٽن سان ڪم ڪيو. مان ٿامس وولن کي هر قيمت تي هن صديءَ ۽ هن زماني ۾ آڻڻ چاهيان ٿو.“
”ڇا!“ عجب مان انھن سڀني جا وات ڦاٽي ويا.
”ها“، هن چيو، ”اهو ئي منھنجو پلان آهي. وولف کي ويھين صديءَ مان نڪري مون وٽ اچڻو پوندو. اسان ان جي مدد ڪنداسون. ۽ هو انسان جي زمين کان مريخ تائين سفر جي ڪھاڻي لکندو، ڇو نہ صرف اهو ئي هڪڙو انھيءَ جي لائق آهي.“
هو سڀ ان کي لئبرريءَ ۾ ڪتابن جي وچ ۾ ويٺل ڇڏي هليا ويا.
* * * *
ڏينھن گذرندا ويا، ايتري تائين جو مھينو پورو ٿي ويو. پوءِ هڪ رات مسٽر فيلڊ جي اک گهنٽيءَ جي آواز تي کلي وئي. هن اوندھہ ۾ هڪ طرف هٿ ڊگهيريو.
”هلو“.
”مان پروفيسر بولٽن ڳالھائي رهيو آهيان.“
”ڪھڙي ڳالھہ آهي بولٽن؟“
”مان ڪلاڪ کن جي اندر وڃي رهيو آهيان.“
”ڇا چيوَ؟ وڃي رهيا آهيو! ڪم اڌ ۾ ڦٽو ڪري؟“
”نہ، مسٽر فيلڊ، مان پنھنجي سفر تي وڃي رهيو آهيان.“
”انھيءَ جو مطلب آهي تہ تون ٿامس وولف کي وٺڻ لاءِ 1938ع ۾ وڃي رهيو آهين؟“
”ها.“
”پروفيسر توکي پڪ آهي نہ تہ تو صحيح تاريخ نوٽ ڪئي آهي؟ پندرهين سيپٽمبر؟ ۽ توکي سندس موت کان اڳ ۾ پھچڻو آهي. منھنجو خيال آهي توکي سندس موت کان هڪ ڪلاڪ اڳ ۾ پھچي وڃ گهرجي تہ جيئن غلطيءَ جو ڪو انديشو نہ رهي.“
”ٺيڪ آهي، مان ڪلاڪ اڳ ۾ پھچي ويندس.“
”پروفيسر تو تمام سٺي خبر ڏني آهي. مان ڏاڍو خوش آهيان. تنھنجو مان بيچينيءَ سان انتظار ڪندس. ان کي حفاظت سان آڻجانءِ، ڏاڍي احتياط جي ضرورت آهي. مان تنھنجي ڪاميابيءَ لاءِ دعا گهران ٿو.“
”مھرباني، جناب! خدا حافظ“.
مسٽر فيلڊ گهڻي دير تائين اوندھہ ۾ بستري تي ليٽيو رهيو. سندس ذهن پولار جي وسعتن ۾ اڏامي رهيو هو. ”ٿامس وولف اسان کي تنھنجي ڏاڍي ضرورت آهي. اسان سڀ تنھنجي مدد ڪنداسين، انھيءَ ناول لکڻ ۾ جو اڄ ڏينھن تائين نہ لکيو ويو آهي. جنھن کي صرف تون ئي لکي سگهين ٿو. تارن جي باري ۾، سفر جي باري ۾، پولار جي باري ۾. ۽ ڪھڙيءَ طرح انسان زمين جي رهائش ترڪ ڪري مريخ ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي. انھن جنگين جي باري ۾ مختلف گرهن جي وچ ۾ وڙهيون ويون. مان توکي هڪڙو موقعو ڏئي رهيو آهيان. توکي موت جي منھن مان ڪڍي، هڪ عظيم ترين ناول لکڻ جو موقعو. صبح جو جڏهن مان سجاڳ ٿيندس، تہ تون هتي مون وٽ موجود هوندين. ٿامس، مون کي تنھنجو بيچينيءَ سان انتظار آهي.“
اڌ بيھوشيءَ جي حالت ۾ هن دروازن جي کلڻ ۽ بند ٿيڻ جا آواز ٻڌا. پوءِ هن کي قدمن جي هلڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. پوءِ سندس خوابگاھہ ۾ ٻہ ماڻھو داخل ٿيا. هو اکيون بند ڪري سمھيو رهيو. هو سندن ساھہ کڻڻ جو آواز ٻڌي سگهيو ٿي.
”ٽام.“ هن زور سان دانھن ڪئي. سندس اکيون بند هيون.
”بيس.“ آواز آيو.
مسٽر فيلڊ هٿ وڌائي خوابگاه ۾ روشني ڪئي ۽ اکيون کوليائين.
”ٽام وولف، ٽام وولف! اهو تون آهين. پروفيسر، روشني ڪجهہ گهٽ ڪر، مان ٽام کي ڏسڻ چاهيان ٿو.“ ٿامس وولف حيرت مان ڪمري کي ڏٺو، آس پاس جي ماحول کي جاچيو. سندس جسم ۽ قد پروفيسر ۽ مسٽر فيلڊ جي وچ ۾ هڪ ديوار وانگر هو.
”تون تہ بلڪل اهڙو ئي آهين جھڙو تنھنجي باري ۾ ٻڌو هوم.“
ٿامس وولف کِلڻ لڳو، ڏاڍيان، هسٽيريائي انداز ۾، هن مسٽر فيلڊ کي هٿ لائي ڏٺو. پوءِ پروفيسر کي ڌونڌاڙي ڏٺو. پوءِ تجربي طور کنگهہيائين ۽ پنھنجي ڀِرن کي هٿ لائي ڏٺائين.
”منھنجو بخار لھي ويو آهي.“ هن چيو، ”مان هينئر بيمار نہ آهيان. اُف، ڪھڙي رات آهي! مان ڏاڍو سخت بيمار هوس، پوءِ مون محسوس ڪيو تہ جيئن مان پولار ۾ ترندو هجان. مون سوچيو تہ اهو بخار جي سبب آهي. مرڻ محسوس ڪيو تہ جيئن مان سفر ڪري رهيو آهيان. ۽ مان سمجهي ويس تہ مان مري ويو آهيان. منھنجو روح منھنجي جسم مان نڪري رهيو آهي. پوءِ مون وٽ هڪڙو ماڻھو آيو ۽ مان سمجهي ويس تہ اهو فرشتو آهي، جنھن کي خدا موڪليو آهي. هن مون کي هٿ کان پڪڙيو ۽ منھنجي بدن ۾ بجليءَ جون لھرون ڊوڙڻ لڳيون. مان هڪدم مٿي اٿيس ۽ پوءِ مون هڪڙو شھر ڏٺو، جيڪو ٽامي جو ٺھيل هو. مان سمجهي ويس تہ مان جنت ۾ پھچي ويو آهيان، پر هينئر مان هتي آهيان. منھنجو ذهن ڪم نٿو ڪري. ڇا تون خدا آهين؟ تون خدا تہ ٿي نٿو سگهين، خدا وانگر ڏسڻ ۾ بہ نٿو اچين؟“
”نہ، نہ ٽام“ مسٽر فيلڊ کلندي چيو، ”منھنجو نالو فيلڊ آهي، هينري فيلڊ. مون هن پراجيڪٽ کي فنانس ڪيو آهي، ڇو تہ مون کي تنھنجون تحريرون ڏاڍيون پسند آهن ۽ مون ئي توکي هتي گهرايو آهي. هيڏانھن اچ.“
مسٽر فيلڊ هڪڙو بٽن دٻايو ۽ دريءَ جو هڪڙو اونداهو شيشو هڪدم اڇو ٿي ويو ۽ انھيءَ مان ٻاهريون ڏيک صاف نظر اچڻ لڳو.
”ڏس ٽام، ٻاهر آسمان تي. ڇا توکي روشنيون نظر اچن ٿيون؟“
”ها.“
”هيءُ ڪنھن بہ قسم جو جشن ڪونہ پيو ملھايو وڃي، بلڪہ اهي راڪيٽ هي آهن. اهو سائي روشنيءَ وارو راڪيٽ مريخ ڏانھن وڃي رهيو آهي. ۽ هو ڳاڙهي روشنيءَ وارو وينس ڏانھن ۽ هو ٻيا پيلي ۽ نيري رنگ وارا بہ راڪيٽ آهن.“
ٿامس وولف هڪ ٻار وانگر حيرت مان اهو منظر ڏسندو رهيو. روشنين ۽ رنگن واري راند. آخر هن پڇيو:
”هي ڪھڙو سال آهي؟“
”هن کي راڪيٽن جو سال چوندا آهن. اسان کي تنھنجي ضرورت آهي ٽام. توکي سج جي باري ۾ لکڻو آهي، ۽ هر انھيءَ شيءِ جي باري ۾ لکڻو آهي، جا هتان کان مريخ تائين سفر جي وچ ۾ تنھنجي اڳيان اچي.“
”مريخ؟“ ٿامس وولف اعتبار جوڳين نظرن سان انھيءَ عمر رسيدہ شخص کي ڏٺو.
”ها، سڀاڻي رات ڇھين بجي تون مريخ جي سفر تي روانو ٿي رهيو آهين.“
ٻئي ڏينھن شام جا پنج ٿيا. ”اهو ٺيڪ آهي مسٽر فيلڊ. مان توهان جو شڪر گذار آهيان، جو توهان مون کي هيءَ دنيا ڏسڻ جو موقعو ڏنو.“ ٿامس وولف زور سان چيو. ”ويھي رھہ ٽام، ويھي رھہ. اها چھل قدمي بند ڪر.“ ”مون کي ڳالھہ پوري ڪرڻ ڏيو مسٽر فيلڊ، مان توهان کي اهو چوڻ چاهيان ٿو تہ...“ ”ڏس ٽام، اسان صبح کان وٺي انھيءَ موضوع تي گفتگو ڪري رهيا آهيون.“ ”۽ انھيءَ سڄيءَ گفتگوءَ جو نتيجو اهو نڪتو آهي تہ مان هتي رهي نٿو سگهان. مون کي واپس وڃڻو آهي، پنھنجي دنيا ۽ پنھنجي وقت ۾. مون وٽ وقت ڪونھي. مون کي تمام گهڻي ڪم ڪرڻا آهن ۽ توهان اکي ڪوبہ حق نہ آهي.“ ”پر مان...“ ”منھنجي سڀ ڪم اڌورا پيا آهن. مون کي اڃان پنھنجون بھترين تخليقون لکڻيون آهن؛ ۽ توهان مون کي ٽي صديون اڳتي سڏايو آهي. مان چاهيان ٿو تہ توهان يڪدم پروفيسر بولٽن کي سڏايو ۽ ان کي چئو تہ هو وري بہ مون کي 1938ع ۾ ڇڏي اچي، جيڪا منھنجي صحيح جڳھہ آهي. صرف اهو عرض آهي توهان کي.“ ”ڇا تون مريخ جو سير ڪرڻ نٿو چاهين؟“ ”ڇو نہ، پر مريخ منھنجي لاءِ نہ آهي. جڏهن مان واپس ڳيندس تہ ڪجهہ بہ لکي نہ سگهندس، ڇو تہ منھنجا نوان تجربا ۽ مشاهدا منھنجي تحريرن ۾ سمائجي نہ سگهندا.“ ”او هو ٽام، تون سمجهي نٿو سگهين، تون سمجهي نٿو سگهين.“ ”مسٽر فيلڊ، توهان خود غرض آهيو.“ ”خود غرض! ها شايد، پنھنجي لاءِ ۽ ٻين لاءِ.مون اهو سڀ ڪجهہ توکي ٻڌائڻ نٿي چاهيو، پر تو مون کي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. منھنجو خيال هو تہ توکي سڀڪجهہ ٻڌائڻ جي ضرورت نہ آهي. هاڻي تہ مون وٽ ٻيو ڪوبہ چارو نہ آهي، ڏس هن اسڪرين کي.“ مسٽر فيلڊ ڪيترن ئي بٽڻن کي دٻايو، ڪيترن ئي نمبرن کي گهمايو. اونداهي ۽ تاريڪ اسڪرين ۾ جان پئجي وئي ۽ ان تي روشنيون ٽپڻ لڳيون. ڪمري جون روشنيون جهڪيون ٿينديون ويون ۽ اسڪرين تي رنگ چٽا ٿيڻ لڳا. ليڪن ظاهر ٿيڻ لڳيون. هاڻي اتي هڪ قبرستان جو منظر هو. ”تون ڇا پيو ڪرين؟“ ٿامس وولف اڻ ڄاتل انديشي تحت چيو. ”مون کي پاڻ پسند ڪونھي، پر تو مون کي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. ڏس هن پردي کي، غور سان ڏس.“ اهو هڪڙي قبرستان جو نظارو هو. ڪنھن منجهند جو وقت. پردي مان مٽيءَ جي خوشبوءِ اچڻ لڳي. ڪنھن وڻ تي ڪا جهرڪي چر چر ڪري رهي هئي. ڳاڙها ۽ ڦڪا گل قبرن تي هوا ۾ لُڏي رهيا هئا. اسڪرين تي قبرون اڳتي وڌي رهيون هيون، جيئن ٽي \_ وي ڪيميرا ڪنھن خاص قبر جي تلاش م هجي. پوءِ اها هڪ قبر تي بيھي رهي ۽ انھيءَ قبر جو ڪتبو اسڪرين تي وڏو ٿيڻ لڳو. مسٽر فيلڊ لڳاتار مشين کي هلائي رهيو هو. پوءِ ٿامس وولف جو ساھہ ڄڻ تہ رڪجي ويو. هو ڪتبي تي لکيل تحرير پڙهي سگهيو ٿي. ڪتبي تي سندس نالو، ڄم جي تاريخ ۽ انھيءَ سان گڏ وفات واري تاريخ بہ لکيل هئي. ”بند ڪر هن کي.“ ٿامس وولف اکيون کڻي بند ڪيون ۽ پنھنجو منھن پنھنجن ٻنھي هٿن ۾ لڪايو. ”مون کي افسوس آهي ٽام.“ ”بند ڪر هن کي، بند ڪر. مان هن تي يقين ڪري نٿو سگهان. ڪڏهن بہ نہ.“ ”پر اهو صحيح آهي ٽام. تون 15 سيپٽمبر 1938ع تي مري ويو هئين.“ مسٽر فيلڊ نرم لھجي ۾ چيو ۽ هڪ بٽڻ کي زور ڏئي اسڪرين کي اونداهو ڪري ڇڏيائين. گهڻي دير تائين هو ٻيئي خاموش رهيا. ”تہ ڇا مان پنھنجو ڪتاب پورو ڪري نٿي سگهيس؟“ ”نہ، انھيءَ کي توکان پوءِ ٻين هوشيار ۽ ذهين ماڻھو مرتب ڪيو هو.“ ”مان پنھنجو ڪتاب مڪمل ڪري نٿي سگهيس! اهو نامڪمل ئي رهيو.“ ”توکي ايترو غمگين ٿيڻ نہ گهرجي ٽام. ويھي رھہ ٽام، ٽام.“ ”اهو ظلم آهي. اهو ظلم آهي.“ ٽامس وولف پنھنجو منھن پنھنجن هٿن ۾ لڪائي روئڻ لڳو. ”ٻڌ ٽام، منھنجي ڳالھہ ٻڌ.“ مسٽر فيلڊ چيو، ”تون اڃان تائين زندھہ آهين، هتي، هن وقت، ۽ تون هاڻي بہ محسوس ڪري سگهين ٿو. ڇا تو غلط چيو؟“ ”ها.“ ڪجهہ دير ترسي ٿامس وولف جواب ڏنو. ”ٺيڪ آهي. مون توکي هتي گهرايو آهي. مون توکي هڪ وڌيڪ موقعو ڏنو آهي. هڪ مھينو يا انھيءَ کان بہ ڪجهہ وڌيڪ. تنھنجو ڪھڙو خيال آهي تہ مون کي تنھنجي موت جو افسوس نہ هو؟ جڏهن مان تنھنجون لکڻيون پڙهندو هوس ۽ پوءِ انھيءَ قبرستان ۾ ٽي صديون پراڻي قبر کي ڏسندو هوس تہ منھنجي دل ذرا ذرا ٿي پوندي هئي. انھيءَ ڪري ٽام، مون توکي گتي گهرائڻ لاءِ دولت خرچ ڪئي تہ جيئن توکي هڪ موقعو ٻيو بہ ملي سگهي تہ جيئن تون پنھنجو شاهڪار تخليق ڪري سگهين. پروفيسر بولٽن جو چوڻ آهي تہ جيڪڏهن خوش قمستيءَ سندس ساٿ ڏنو تہ وقت جي وهڪري مان جيڪا هن شاخ ڪڍي آهي، انھيءَ کي هو اٺن هفتن تائين جاري رکي سگهندو. هو توکي هتي وڌ ۾ وڌ اٺ هفتا روڪي سگهي ٿو. هو توکي تنھنجي موت کان صرف پنج منٽ اڳ ۾ هتي وٺي آيو ۽ هو انھن پنجن منٽن کي صرف اٺن هفتن تائين روڪي سگهي ٿو. وقت جي وهڪري جي اها شاخ اٺن هفتن کان وڌيڪ هلي نٿي سگهي. انھيءَ وقفي ۾ توکي اهو ڪتاب لکڻو آهي، جيڪو تون لکڻ چاهين ٿو ته؛ اهو ڪتاب نہ، جيڪو تون لکي رهيو هئين. اهو نه؛ ڇو تہ اهو هاڻي ڪڏهن بہ لکجي نہ سگهندو. اهو هميشہ نامڪمل رهندو. توکي هڪڙو نئون ڪتاب لکڻو آهي. اسان جي لاءِ، هن زماني لاءِ. اهڙو ڪتاب جيڪو تو ڪڏهن بہ نہ لکيو هجي ۽ جنھن کي ڪوبہ لکي نہ سگهي. مون سان وعدو ڪر ٽام، تہ تون اهڙو ڪتاب لکندين. مون سنا وعدو ڪر تہ تون انھيءَ قبر کي ۽ انھيءَ اسپتال کي اٺن هفتن لاءِ بلڪل وساري ڇڏيندين. مون سان اهو بہ وعدو ڪر تہ تون يڪدم پنھنجو ڪم شروع ڪندين؟“ ٿامس وولف دريءَ کان ٻاهر اڏامندڙ راڪيٽن کي ڏٺو. ”منھنجو خيال آهي تہ مون کي توهان جو شڪرگذار ٿيڻ گهرجي مسٽر فيلڊ، هاڻي مون کي احساس ٿيو آهي تہ توهان منھنجي لاءِ ڇا ڇا ڪيو آهي. توهان مون کي وقت ڏنو. آهي وقت \_ جنھن سان مان محبت ڪندو آهيان. ۽ جنھن جي مون کي هميشہ ضرورت رهندي آهي. ۽ جنھن جي خلاف مون سڄي عمر جدوجهد ڪئي آهي. جنھن کان مان سخت نفرت ڪندو آهيان ۽ اهو ظاهر ڪرڻ لاءِ تہ مان توهان جو ڪيترو ٿورائتو آهيان، مون فيصلو ڪيو آهي تہ هاڻي ائين ئي ڪندس جيڪي توهان چاهيندؤ.“ هو بيھي رهيو ۽ پوءِ هٻڪندي پڇيائين: ”اٺن هفتن کان پوءِ ڇا ٿيندو؟“ ”ڪجهہ بہ نہ، تون 1938ع ۾ پنھنجي اسپتال واپس هليو ويندين.“ ”ڇا اهو لازمي آهي؟“ ”ها، اسان وقت کي بدلائي نٿا سگهون. اسان توکي وقت کان صرف پنج منٽ اُڌارو ورتو آهي. ۽ اسان توکي اسپتال ۾ انھيءَ بستري تي واپس پھچائينداسين، صرف پنجن منٽن کان پوءِ. جڏهن توکي اتان آندو ويو هو، تہ اهڙيءَ طرح وقت جي وهڪري ۾ ڪوبہ خلل واقع نہ ٿيندو. تون مستقبل ۾ رهي، اسان تي اثر انداز ٿي نٿو سگهين، پر جيڪڏهن تو واپس ماضي ۾ وڃڻ کان انڪار ڪيو تہ سڄي تاريخ بدلجي ويندي، جنھن جو اثر مستقبل تي بہ پوندو ۽ خدا کي خبر تہ اهو اثر ڪھڙو ٿئي. اثر جھڙو بہ ٿئي، پر اهو خوشگوار نہ هوندو، ڇو تہ جيڪا شيءِ ٿيڻ واري آهي، اها اڳ ۾ ئي لکي وئي آهي، جيڪڏهن انھيءَ ۾ اسان پنھنجي ٽنگ اڙائي تہ مستقبل جي ۽ خود اسان جي زماني جي ٻيڙي ٻڏي ويندي. پوءِ خبر نہ آهي تہ ڪھڙي صورتحال پيدا ٿي وڃي.“ ”اٺ هفتا“. ٽامس وولف چيو. ”ها، اٺ هفتا.“ ”۽ مريخ ڏانھن راڪيٽ هڪ ڪلاڪ ۾ وڃڻ وارو آهي؟“ ”ها.“ ”مون کي ڪاغذ ۽ پينسل جي ضرورت پوندي.“ سڀ تيار آهي \_ هيڏانھن ڏس.“ ”تہ چڱو، هاڻي مون کي تياري ڪرڻ گهرجي. خدا حافظ مسٽر فيلڊ. ”خدا حافظ“. ڇھين بجي جڏهن سج لھي رهيو هو، آسمان تي سائي رنگ جي هڪ لھر پيدا ٿي ۽ اها بلند ٿيندي وئي. مسٽر فيلڊ پنھنجي اسٽيڊي روم ۾ پروفيسر بولٽن سان گفتگو ڪرڻ ۾ محو هو. ”بولٽن، تون ان کي هتي اڻ ڄاڻايل مدت لاءِ روڪي نٿو سگهين؟“ ”نہ، مسٽر فيلڊ، توهان کي خبر آهي تہ هو هن زماني سان تعلق نٿو رکي. جيڪڏهن منھنجي مشين ۾ ڪا خرابي ٿي پئي يا ان جي طاقت ۾ ڪمي اچي وئي تہ هو از خود ريڙجي ڇڪيل تار وانگر پنھنجي زماني ۾ واپس هليو ويندو. مان ڪوشش ڪندس تہ منھنجي مشين جي قوت جيئن گهٽ نہ ٿئي، ۽ جيترو وڌيڪ ان کي روڪي سگهيس تہ روڪيندس، پر مان وعدو ڪري نٿو سگهان.“ ”تو کي ڪجهہ ڪرڻو پوندو بولٽن. ان کي روڪڻو پوندو، انھيءَ وقت تائين، جيستائين هو پنهجو ڪتاب ختم نہ ڪري وٺي. توکي ڪجهہ ڪرڻو پوندو.“ آڌي رات گذرڻ کان پوءِ ٿامس وولف جي نئين ڪھاڻي اچڻ شروع ٿي وئي. مسٽر هينري فيلڊ لئبرري ۾ ويٺو هو. سندس سامھون ميز تي هڪ مشين رکيل هئي، جنھن مان آهستي آهستي هلڪو گوڙ اچي رهيو هو. پوءِ ان مان ڪاغذ جون شيٽون نڪرڻ لڳيون، جن تي پينسل سان ڪجهہ لکيل هو. جيئن جيئن ٿامس وولف چنڊ جي هُن ڀر ڪٿي ڪاغذ تي ڪجهہ لکيو ٿي تہ اهو سڌيءَ طرح انھيءَ مشين تي مسٽر فيلڊ جي سامھون سندس اصلي تحرير ۾ ظاهر ٿيو ٿي. مسٽر فيلڊ ايترو وقت انتظار ڪيو تہ جيئن ڪاغذن جون ڪجهہ شيٽون گڏ ٿين تہ پوءِ انھن کي ڪڍي ڏاڍيان پڙهڻ شروع ڪري. لائبرريءَ ۾ کانئس علاوہ پروفيسر بولٽن ۽ ملازم بہ گڏ ٿيا هئا. ”پولار آڪٽوبر مھيني وانگر آهي.“ ٿامس وولف لکيو هو، ”پولار جي تاريڪي، ان جي بي انتھا وسعت ۽ ان جي اڪيلائي بلڪل آڪٽوبر جي مھيني وانگر آهن.“ مشين هلندي رهي، لکيل ڪاغذ نڪرندا رهيا ۽ مسٽر فيلڊ اهي پڙهندو رهيو. ڪڏهن اڪيلو تہ ڪڏهن ٻين جي سامھون. روزانو مشين ڪڏهن ڏھہ ڪلاڪ ۽ ڪڏهن ٻارهن ڪلاڪ هلندي رهندي هئي؛ ۽ پيلن ڪاغذن جا ڍير ٿيندا ويا، ايتري تائين جو هڪ مھيني ۾ انھن کي سنڀالڻ بہ مشڪل ٿي پيو. مسٽر فيلڊ ڏاڍو خوش هو، بي انتھا خوش. هو انھن ڪاغذن کي هر هر پڙهندو هو. ٻين کي پڙهي ٻڌائيندو هو ۽ بيچينيءَ سان انھن جو انتظار ڪندو هو. سندس زندگيءَ جو دائرو لائبرريءَ تائين محدود ٿي ويو هو. پوءِ هڪڙي ڏينھن مسٽر بولٽن ڊڄندي ڊڄندي چيو: ”مون کي افسوس آهي مسٽر فيلڊ، اسان کي وولف چوڻو پوندو تہ پنھنجو ڪم تيزيءَ سان مڪمل ڪري، ڇو تہ منھنجي مشين جي قوت گهٽجي رهي آهي ۽ اها هن هفتي ڪنھن بہ ڏينھن تي بند ٿي سگهي ٿي.“ ”پر اڃان تہ صرف چار هفتا گذريا آهن؟“ ”مون پنھنجي پوري ڪوشش ڪئي مسٽر فيلڊ، ۽ اڃان بہ ڪري رهيو آهيان. اسان کي حقيقتن جي چشم پوشي ڪرڻ نہ گهرجي.“ جيڪڏهن تون پنھنجي مشين کي بند ٿيڻ کان بچائيندي تہ مان توکي ڏھہ لک ڊالر ڏيندس.“ ”پئسن جو سوال نہ آهي جناب، مان پنھنجي پوري ڪوشش ڪري رهيو آهيان، پر بھتر اهو آهي تہ توهان وولف کي صحيح صورتحال کان واقف ڪري ڇڏيو.“ ”پر تون هن موقعي تي هن کي مون کان جدا ڪري نٿو سگهين. هيڏانھن اچ تہ مان توکي ڏيکاريان. اڃان هڪ ڪلاڪ مس ٿيو آهي تہ هن پنھنجي نين ڪھاڻين جا خاڪا موڪليا آهن. هن کي اهي مڪمل ڪرڻا آهن. هن کي اڃان گهڻو ڪجهہ لکڻو آهي. ”مون کي افسوس آهي، جناب.“ ”جيڪڏهن هو هينئر هليو وڃي تہ وري ڀلا اسان ان کي گهرائي سگهنداسون؟“ ”مون کي ڊپ آهي، شايد ائين ممڪن ٿي نہ سگهي.“ ”چڱو.“ مسٽر فيلڊ مايوسيءَ مان چيو، ”رڳو هڪڙي ڳالھہ رهجي وڃي ٿي. وولف کي چئو تہ هو هٿ سان لکڻ جي بجاءِ ڪنھن کي زباني طور ڊڪٽيٽ ڪرائي ڇڏي، تہ جيئن انھيءَ مختصر عرصي کي وڌ کان وڌ استعمال ڪري سگهي.“ ۽ پوءِ سڄي رات مشين هلندي رهي. پيلا ڪاغذ نڪرندا رهيا. مسٽر فيلڊ مشين جي سامھون ويٺو رهيو، گهڏون کائيندو، ڇرڪ ڀريندو. شايد ڪو معجزو ٿي پوي ۽ مشين بند ٿيڻ کان بچي وڃي، شايد ان جي قوت وري ٻيو ڀيرو وڌي وڃي، ۽ پوءِ گهنٽي وڳي. ”مسٽر فيلڊ، اسان مشين کي بند ٿيڻ کان بچائي نٿا سگهون. ڪنھن بہ وقت مشين بند ٿي سگهي ٿي.“ ”ڪجهہ ڪر، خدا جي واسطي ان کي بند ٿيڻ نہ ڏي.“ ”مان ڪجهہ بہ ڪري نٿو سگهان.“ مسٽر فيلڊ جي سامھون رکيل مشين هلندي هلندي، اوچتو ئي اوچتو بيھي وئي. ”ٽام! ٽام!“ مسٽر فيلڊ رڙ ڪري چيو، ۽ سامھون رکيل مشين کي ٻنھي هٿن سان ڌونڌاڙڻ لڳو. ”اجايو آهي مسٽر فيلڊ.“ پروفيسر جو آواز آيو، ”هو وڃي چڪو آهي. مشين بند ٿي وئي آهي. مان ان جو سئچ آف ڪري رهيو آهيان.“ ”نہ، انھيءَ جو سوئچ بند نہ ڪر.“ مسٽر فيلڊ دانھن ڪري چيو. ”پر.“ ”مان چوان ٿو تہ سوئج بند نہ ڪر. مشين کي ائين ئي ڇڏي ڏي.“ ”ٺيڪ آهي، پر انھيءَ مان ڪھڙو فائدو؟ ٿي سگهي ٿو تہ مشين کي ڪو نقصان پھچي.“ ”پھچڻ ڏي. مان سڄو نقصان ڀريندس، پر انھيءَ کي بند نہ ڪر.“ ”ٺيڪ آهي.“ پروفيسر بولٽن جو آواز بند ٿي ويو ”ٽام، تون تمام عظيم آهين، ٽام.“ مسٽر فيلڊ ٻيو ڀيرو سامھون رکيل مشين ڏانھن ڌيان ڏيندي چيو، ”تون، وقت ۽ پولار مشين کان بلند آهين. تون نھايت ئي عظيم آهين. انھن سڀني کان بلند، هر شيءِ کان بي نياز. تنھنجي قوت ارادي رُڪ وانگر آهي ٽام، تون ثابت ڪري ڏيکار \_ ثابت ڪري ڏيکار.“ مشين مان آواز آيو ۽ رڳو هڪڙو لفظ ان جي پردي تي اُڀري آيو. مسٽر فيلڊ قابل يقين انداز ۾ مشين کي ڏٺو. ”ٽام تون اڃان تائين موجود آهين. تون اڃان تائين موجود آهين. تون اڃان تائين لکي سگهين ٿو. لِکُ، لکندو رھہ. جيستائين لکي سگهين ٿو. بس نہ ڪر، لک، اڃان بہ وڌيڪ لک، ٽام، ٽام. مشين وري هلي ۽ وري بہ هڪڙو ان جي پردي تي اڀري آيو. ”اڃان بہ، ٽام، اڃان بہ، اڃان بہ لک.“ مشين وري هلي ۽ اسڪرين تي ٻہ لفظ اڀريا. اهي رڪجي رڪجي هلندي رهي، ڄڻ تہ پنھنجي زندگيءَ لاءِ جدوجهد ڪندي هجي. ۽ پوءِ تمام گهڻي دير کان پوءِ هڪڙو پئراگراف مڪمل ٿي ويو. ”ٽام، تون اڃان تائين زندھہ آهين؟“ انھيءَ جو جواب مشين لڳاتار ڏھہ ڪلاڪ هلي ڏنو، جنھن ۾ ڪتاب جا ڇھہ نوان باب تحرير ٿيا هئا. ”اڄ ڇھہ هفتا پورا ٿي ويا آهن. بولٽن.“ ”مان ڪجهہ بہ سمجهي نٿو سگهان مسٽر فيلڊ، آخر اهو ڪيئن ٿيو!منھنجي مشين جي طاقت ختم ٿي وئي هئي ۽ ان کي چارج ڪرڻ ۾ ٽي ڏينھن لڳا تہ جيئن هوءَ وقت جي هڪ مخصوص چينل تي پنھنجي گرفت قائم رکي سگهي. ليڪن انھن ٽن ڏينھن جي عرصي ۾ وولف موجود رهيو. منھنجي سمجهہ ۾ تہ ڪجهہ بہ نٿو اچي. منھنجو خيال آهي تہ انھيءَ ۾ وولف جي قوت ارادي جو دخل آهي. وولف هتي موجود آهي. هن صديءَ ۾ هن زماني ۾، ۽ وقت ان کي پوئتي وٺي وڃي نہ سگهيو، جيئن اسان جو انداز هو. انھيءَ جو مطلب اهو ٿيو تہ وقت جي متعلق اسان جو نظريو غلط هو. وقت ربڙ وانگر نہ آهي، جنھن کي ڇڪي سگهجي ۽ گرفت ڪمزور ٿيڻ تي هو پنھنجي اصلي وهڪري سان وڃي ملي، بلڪہ هو پاڻيءَ وانگر آهي جنھن کي ماضيءَ مان ڪڍي مستقبل ۾ جذب ڪري سگهجي ٿو، پر اسان کي وولف کي واپس موڪلڻو پوندو. ان کي واپس وڃڻو پوندو. هو شايد پنھنجي قوت ارادي ۽ پنھنجي زبردست خواهش سبب ترسيل اهي. پنھنجو نئون ڪتاب مڪمل ڪرڻ جي خواهش.“ اٺ هفتا پورا ٿيڻ کان پوءِ ٿامس وولف هڪ ڀيرو وري بہ مسٽر فيلڊ جي لئبرري ۾ بيٺو هو. هو مريخ تان واپس اچي چڪو هو. ”ڇا تون پنھنجو مسودو پڙهن چاهين ٿو، ٽام؟“ مسٽر فيلڊ پڇيو. ”نہ، جيڪڏهن اهو مون هڪڙو ڀيرو پڙهيو، تہ پوءِ ان مان ان کي پاڻ سان کڻي وڃڻ چاهيندس. جنھن جي اجازت مون کي شايد نہ ملي. ڇا توهان مون کي اهو پاڻ سان کڻي وڃڻ جي اجازت ڏيندو، مسٽر فيلڊ؟“ ”نہ ٽام، هر گز نہ. ڇو تہ هن سال تو ڪابہ ٻي تحرير نہ لکي هئي. جيڪي ڪجهہ هتي لکيو ويو آهي؛ اهو هتي ئي رهڻ گهرجي ۽ جيڪي ڪجهہ اتي لکيو ويو آهي، اهو اتي ئي رهڻ گهرجي. انھيءَ ۾ ڪابہ تبديلي ٿي نہ ٿي سگهي.“ ٿامس وولف هڪڙو ڊگهو سال کڻي ويھي رهيو. ”اڄ ڪھڙو ڏينھن آهي؟“ هن پڇيو. ”اڄ تنھنجو آخري ڏينھن آهي.“ ”هاڻي مون کي قبرستان وڃڻو آهي. 1938ع ۾ واپس مان اهو نٿو چاهيان. ڪاش، توهان مون کي اهو نہ ٻڌايو ها، ڪاش! سندس آواز جهيڻو ٿي گم ٿي ويو. هن پنھنجو منھن ٻنھي هٿن ۾ لڪائي ڇڏيو. دروازو کليو ۽ پروفيسر بولٽن اندر داخل ٿيو. سندس هٿ ۾ هڪڙي سرنج هئي. ”هي ڇا آهي؟“ مسٽر فيلڊ پڇيو. ”هن ۾ نمونيا جا جراثيم آهن. پراڻي زماني ۾ هڪڙي بيماري ٿيندي هئي، جنھن جو هو انھيءَ زماني ۾ ڪامياب علاج دريافت ڪري نہ سگهيا هئا. گهٽ ۾ گهٽ مسٽر وولف جي زماني تائين. جڏهن مان ان کي هتي وٺي آيس تہ هو انھيءَ بيماريءَ ۾ مبتلا هو. مون پھريون ان کي تندرست ڪيو، تہ جيئن هو هتي ڪم ڪري سگهي، پر مون سندس جيوڙا محفوظ رکيا هئا. هاڻي جيئن تہ هو واپس وڃي رهيو آهي، انھيءَ ڪري مون کي وري سندس جسم ۾ انھن جيوڙن کي داخل ڪرڻو پوندو.“ پروفيسر بولٽن جواب ڏنو. ”ڇا اهو ضروري آهي؟“ ”ها، ورنہ مسٽر وولف 1938ع ۾ هن بيماريءَ مان صحتمند ٿي ويندو ۽ پوءِ...........“ پروفيسر پنھنجو جملو اڌ ۾ ڇڏي ڏنو. ”انھيءَ جو مطلب آهي تہ پروفيسر، مان تندرست ٿي ويندس ۽ سيپٽمبر جي پندرهين تاريخ تي ڪونہ مرندس ۽ واپس وڃي پنھنجو ڪم ٻيھر شروع ڪري سگهندس؟ وولف چيو. ”ها، انھيءَ جو اهو ئي مطلب آهي.“ ٿامس وولف غور سان سرنج کي ڏٺو. ”جيڪڏهن مان انھيءَ سرنج کي ختم ڪري ڇڏيان، جيڪڏهن مان اها سرنج هڻائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيان؟“ ”تون ائين ڪري نٿو سگهين.“ پروفيسر مضبوط لھجي ۾ چيو. ”فرض ڪريو تہ جيڪڏهن ائين ٿي پوي تہ؟“ ”تہ هر شيءِ تباھہ ٿي ويندي.“ ”ڪھڙيون شيون؟“ ”تاريخ، زندگي، علم، حقيقتون، هر شيءِ بدلجي ويندي. خبر نہ آهي تہ پوءِ مستقبل ڪھڙي شڪل ۾ ظاهر ٿئي. ۽ اسان سڀ، جي هن زماني ۾ ويٺا آهيون، اسان جي ڪھڙي صورتحال ٿئي. خبر نہ آهي تہ هي زمانو اچي يا نہ اچي، جيڪڏهن اچي تہ اسان موجود هجون الائي نہ هجون يا وري ٻي ڪا مخلوق هجي يا مان پروفيسر نہ هجان بلڪہ مزور هجان يا وري مسٽر فيلڊ دولتمند نہ هجي، پينو يا گداگر هجي. مطلب تہ بيشمار ڳالھيون ٿي سگهن ٿيون. انھيءَ ڪري مسٽر وولف توکي مرڻو پوندو. ۽ انھيءَ جي سڄي ذميداري منھنجي ڪلھن تي آهي.“ ”جيڪڏهن مان ڀڄي وڃان ۽ توهان کي هٿ اچي نہ سگهان ۽ هن زماني ۾ ۽ هن ئي صديءَ ۾ زندھہ رهان؟“ ”مون انھيءَ ڳالھہ جو سڄو بندوبست ڪري ڇڏيو آهي، مسٽر وولف. مون کي انديشو هو، انھيءَ ڪري مان پوري تياريءَ کان پوءِ آيو آهيان. تون هن جڳھہ کان ٻاهر نڪري نٿو سگهين، ڇو تہ هن کي هڪ مشين جي ذريعي ڪنٽرول ڪيو ويندو آهي. انھيءَ کان سواءِ مون سان ڪيترائي مضبوط ۽ طاقتور ماڻھو آهن، جي توکي بيوس ڪري وجهندا ۽ مان تنھنجي جسم ۾ هيءُ جيوڙا داخل ڪري ڇڏيندس. تنھن جي لاءِ بھتر اهو ئي آهي تہ منھنجي هدايتن تي عمل ڪر.“ ٿامس وولف ڪمري ۾ موجود ماڻھن تي نظر وڌي، ۽ پوءِ ٿوري دير غور ڪرڻ کان پوءِ چوڻ لڳو: ”ٺيڪ آهي، پروفيسر مان تيار آهيان.“ هن پنھنجي قميص جون ٻانھون مٿي ڪيون. ”تون انجيڪشن هڻي سگهين ٿو.“ ۽ جڏهن پروفيسر جهڪي سندس ٻانھن ۾ سئي هڻي رهيو هو تہ هن ٻئي هٿ سان پينسل جي ذريعي انھيءَ ضخيم مسودي تي لکيو: ”مان هن ڪتاب کي مسٽر هينري فيلڊ جي نالي سان منسوب ڪيان ٿو، پريت ۽ ٿورائتي سان.“ پوءِ هن پنھنجي صحيح ڪئي. پروفيسر پنھنجو ڪم ختم ڪري چڪو هو. ٿامس وولف انھيءَ مسودي کي مضبوطيءَ سان کڻي پڪڙيو. ”هي منھنجو آخري ڪتاب آهي، ڪاش! مان هن کي پاڻ سان کڻي وڃي سگهان ها. مون کي ائين محسوس ٿي رهيو آهي، جيئن مون کي پنھنجي اولاد کان جدا ڪيو ويندو هجي.“ پوءِ هن مسودي کي چمي ڏئي، ان کي ميز تي کڻي رکيو. مسٽر فيلڊ سان گرمجوشيءَ سان هٿ مليائين ۽ ان کان پوءِ هو پروفيسر بولٽن سان گڏجي ڪمري کان ٻاهر نڪري ويو. ”خدا حافظ، مسٽر فيلڊ، هميشہ لاءِ خدا حافظ!“ ”خدا حافظ، منھنجا ٻچا.“ مسٽر فيلڊ ڳوڙهن ڀريل اکين سان ان کي ڏٺو ۽ پوءِ منھن ڦيري ڇڏيائين. هو انھن کي اسپتال ۾ چھل قدمي ڪندي مليو. ”مسٽر وولف!“ ڪنھن رڙ ڪري چيو. ”ڇا آهي؟“ ”مسٽر وولف، خدا جو شڪر آهي، جو توهان ملي ويا. اسان سمجهيو پئي تہ توهان اسان جي بي خبريءَ ۾ هليا ويا.“ ”هليو ويس؟“ ”توهان ڪيڏانھن هليا ويا هئا مسٽر وولف؟“ ”ڪاڏي؟ ڪاڏي؟“ هو اسپتال ۾ پنھنجي ڪمري طرف وڃي رهيو هو، جتي سندس اڇو ۽ نرم بسترو کيس آغوش ۾ وٺڻ لاءِ منتظر هو. ”مان ڪاڏي ويو هوس، جيڪڏهن اهو مان توهان کي ٻڌايان بہ کڻي، تہ بہ توهان اعتبار ڪونہ ڪندؤ.“ ”هي اٿوَ بسترو، توهان کي هتان وڃڻ نہ کپندو هو. طبيعت ڏاڍي خراب اٿوَ ۽ توهان کي ڪنھن سان ملڻ جلڻ جي منع ڪئي وئي آهي. هاڻي آرام ڪريو.“ ”مريخ، مريخ“! هن بستري تي ليٽندي، آهستگيءَ سان چيو، ”منھنجو شاهڪار، جنھن کي اڃان لکڻو آهي، جنھن کي اڃان ڇپجڻو آهي، ٽن صدين کان پوءِ.“ ”توهان ڏاڍو ٿڪجي پيا آهيو، ۽ توهان جو بخار بہ ڏاڍو تيز ٿي ويو آهي. مسٽر وولف مان هينئر جو هينئر نرس کي موڪليان ٿو.“ ڇا سچ پچ؟“ ٿامس وولف جي منھنجي هڪ پُراسرار مُرڪ پکڙجي وئي. چند گهڙين بعد جڏهن نرس ڪمري ۾ داخل ٿي تہ ٿامس وولف هميشہ لاءِ سمھي چڪو هو. **(آمريڪي سائنسي ڪھاڻي)** **ترجمو: غلام نبي ميمڻ** Sindhi Translation of A. Bradbury’s short-story ‘The Return of Time’.
(هن ڪھاڻي ۾ جنھن مکيہ ڪردار اديب، وولف Thomas wolfe جو ذڪر آيو آهي. اهو آمريڪا جو مشھور ناول نويس آهي جيڪو 1900ع ۾ پيدا ٿيو، 1938ع ۾ گذاري ويو. سندس لکيل ناول گهڻا ئي آهن پر پھريون ناول ‘Look homeward Angel’ (1929ع) آهي ۽ سندس آخري ناول ‘You can’t Go Home Again’ (1940ع) آهن، جيڪو سندس موت کان ٻہ سال پوءِ شايع ٿيو. ناولن کان سواءِ هن ڪھاڻيون ۽ ڊراما بہ لکيا. سندس اڄ تائين جَٽا ڪندڙ مقبوليت جو راز سندس لکڻين ۾ ’امريڪيت‘ آهي. هن آمريڪي زندگي، ماڻھو، ڏيک، وقت، شيون، ڪرت، تان جو بوءِ بہ اهڙي طرح پيش ڪئي آهي جو ان مان رڳو امريڪيت بکي ٿي. سندس ناول ۽ ڪھاڻيون ڄڻڪ هڪ ئي وڏي بي ربط ڪھاڻي يا ناول جا مختلف ٽِڙيل پکڙيل ٽڪرا لڳن ٿيون. پر اهڙي طرح جو ان وڏي ناول يا وڏي ڪھاڻيءَ جي نہ شروعات پَسي سگهجي نہ پڄاڻي.
سندس لکڻيءَ ۾ جا بيپرواهي ۽ گهاڙيٽي کي نظر انداز ڪرڻ جو رخ آهي، سائي شايد سندس خوبي آهي. سندس موت 38 سالن جي عمر ۾ نمونيا وگهي ٿيو.)