App Icon

ڪهاڻي گهر

بهترين تجربي لاءِ اپليڪيشن انسٽال ڪريو

گُرِي گُوندَر وَلَّ جِي

ليکڪ: بادل جمالي | پڙهڻ جو وقت: 25 منٽ

رات جا ڏھہ ٿي رهيا هئا. هُو ڳوٺان موٽيو هو. حيدرآباد واري باءِ پاس تان گذرندي، ٿاڻي تي نظر پيس تہ ننڍپڻ جو دوست انسپيڪٽر عطا محمد ذهن ۾ اچي ويس. گاڏي موڙي مين روڊ تان لھي ٿاڻي پھچي ويو. پراڻا دوست آمھون سامھون ٿيا تہ ڀاڪر پئجي ويا، ۽ ٽھڪ گونجڻ لڳا:
”بادشاھہ ماڻھو، اچڻو هُيئِي تہ سوير ڀَرو اچين ها تہ ڪچھريءَ لاءِ وقت تہ ملي ها، ۽ ٻہ گِرھہ مانيءَ جا بہ گڏجي کائون ها. ڏهين لڳي پھتو آهين، وري چوندين تہ ڪراچيءَ جو پنڌ پري آ، وڃان وڃان پيو ڪندين، تنھنجي اچڻ مان فائدو ڪھڙو ٿيو؟“
”يار سچ پُڇين تہ سعيو ڪري توسان ملڻ ڪونہ پيو اچان، باءِ پاس تان گذرندي ٿاڻي تي نظر پيئي تہ تون ياد اچي وئين، ٻہ ٽي ڏينھن اڳ فيس بڪ تي پڙهيو هئم تہ تنھنجي پوسٽنگ هن ٿاڻي تي ٿِي آهي. سوچيم تہ ٻہ منٽ توسان هيلو هاءِ ڪندو وڃان. مھينن کان پوءِ مليا آهيون، نوان سنوان ٿياسون، اِهو ڪو گهٽ آهي؟“
”لک قرب تنھنجا، جو ڪَهي آئين، منھنجي صلاح آهي تہ هينئر ترسي پئو ڏاڍيون ٿا ڪيون ڪچھريون. سڀاڻي سوير هليو وڃجانءِ.“
”ڪچھري ڪرڻ ايندس تو وٽ ڪيڏي مھل، پر هينئر تڪڙو آهيان، وڃان ٿو.“
”اهڙو وڃڻ بہ تہ ماري ٿو نہ يار، بنا کائڻ پيئڻ جي، ڀلا بيٺي بيٺي بوتل ئي پيئندو وڃ تہ ڏک تہ نہ ٿئي…“
هن سپاهيءَ کي بوتل کڻي اچڻ لاءِ چيو. بوتل پيئندي، ڳالھيون ڪندي، هُو اڳتي وڌڻ لڳا. لاڪپ جي ڀر ۾ پھتا تہ اندر واڙيل هڪڙي عورت شيخن ۾ هٿ وجهي، لڙڪ لاڙيندي، نماڻين نظرن سان هنن کي ڏسي رهي هئي.
”هِن غريبِ کي ڇو بند ڪيو اٿئي؟“
”غريبِ ڪانھي سائين، ”گَشئي“ آهي. ڊيوٽيءَ دوران مشڪوڪ ڏسي سپاهي پڪڙي آيا اٿس. وڻئي ٿي تہ کنيو وڃينس پاڻ ساڻ، شيءِ چڱي اٿئي.“ هن مذاق ڪندي چيو.
”رب ڏي پناھہ، ڪھڙيون ڳالھيون ٿو ڪرين يار، ٻارن ٻچن واري ٿي لڳي، ٻچا انتظار ۾ هوندِس، ڇڏي ڏي غريبِ کي، دعائون ڏيندَئي.“
”ڇڏڻ جھڙي آهي تہ ڪانہ، پر تنھنجي سفارش تي ڇڏيونس ٿا کڻي.“
هن سنتريءَ کي چئي، تالو کولرائي، کيس آزاد ڪري ڇڏيو. ٻاهر نڪري هُوءَ شاهنواز جي اڳيان هٿ ٻڌي بيٺي.
”سر مون غريب تي وڏو ٿورو ڪيو اٿوَ، ﷲ پاڪ اَجر ڏيندوَ، ناراض نہ ٿيو تہ سائين مون کي ٽول پلازه تائين کنيو هلو، اڳتي پاڻھي وينديس.“
”گهر ڪٿي اٿئي؟“
”گهر پري آهي سائين، ڪچي آباديءَ ۾.“
”چڱو ويھہ گاڏيءَ ۾ اڳيان.“
هُو انسپيڪٽر کان موڪلائي روانو ٿيو، ڊنل، هيسيل، شرمسار عورت پاسي واريءَ سيٽ تي چپ چاپ ويٺي رهي، هڪ نظر کيس ڏسي هن پڇيو:
”چڱي ڀلي، سنئين سڌي مائي ٿي لڳين، ڇو ٿي اهڙا ڌنڌا ڪرين؟“
”ننڍڙا ٻچا، بک، بيروزگاري.“
شاهنواز جي ڌرڙي نڪري ويئي! ٿوري دير رکي وري پڇيائينس ٻار گهڻا اٿئي؟“
”ٽي نياڻيون آهن سائين، وڏي ٻارهن سالن جي، ٻي اٺن جي، ۽ ننڍڙي پنجن سالن جي آهي.“
”مڙس ڇا ڪندو اٿئي؟“
”مڙس گم ٿي ويو سر، هي ٽيون سال اٿس.
اوهان پنھنجو نمبر ڏيو سر، آئون اوهان سان رابطو ڪنديس.“
”اُن جي ضرورت ڪانھي.“ هن رُکائيءَ مان چيو.
”غلط نہ سمجهو سر آئون ٻچن خاطر اوهان کان ڪجهہ مدد وٺڻ ٿي چاهيان.“
”اڇا… ڪڏهن ڪراچيءَ اچين تہ جوهر چورنگيءَ جي ڀرسان پرفيوم چوڪ تي ”المدينہ پينٽ هائوس“ جي نالي سان منھنجو رنگن جو اسٽور آهي، اتي اچي ملازم کي چوندينءَ تہ هو رابطو ڪري، مون تائين پھچائي ڇڏيندُئي.“
ڄام شوري واري ٽول پلازه وٽ پھچي، هن پڇيس:
”ڪٿي لھندينءَ؟“
”ٿورو اڳيان سر، ڪوٽڙيءَ واري اسٽاپ تي.“
اسٽاپ تي پھچي هن گاڏي روڪي، هوءَ لھڻ لڳي تہ شاهنواز احتياطاً پڇيس:
”سوزوڪيءَ جو ڀاڙو اٿئي؟“
”سر ٿاڻي وارن اڳ ڪنھن وٽ ڪجهہ ڇڏيو، جو مون وٽ ڀاڙو ڇڏيندا؟“
”پوءِ گهر ڪيئن پھچندينءَ؟“
”بس سر، ڪنديس منٿ ڊرائيورن کي، من ڪنھن کي رحم پئجي وڃي.“
”منٿ نہ ڪر ڪنھن کي، هي وٺ.“
هن پرس مان سؤ جو نوٽ ڪڍي ڏيندي چيس.
”ٿئنڪيو سر، ﷲ پاڪ اوهان کي اجر ڏيندو.“
گاڏيءَ مان لھي، وڃڻ لڳي تہ ڪجهہ سوچي، هن پويان سڏ ڪيس:
”ٻُڌ…“
هُوءَ مُڙي، گاڏيءَ جي دريءَ تي جُهڪي بيٺي.
”جي سر؟“
”ٻارڙيون بک تي هوندئي، انھن لاءِ ماني وٺيو وڃجانءِ.“
پنجين سئين جو نوٽ ڏيندي هن چيو.
”صاحب ڪھڙيءَ زبان سان اوهان جا ٿورا مڃيان؟ ﷲ سائين ججهو ڏيندوَ، موليٰ سائين آباد رکندوَ…“
هن جون اکيون، شڪرگذاريءَ واري جذبي کان ڀرجي آيون. اکيون اُگهندي رواني ٿي، اسٽاپ تان هوڪا ڏيندي سوزوڪي وڃڻ لڳي تہ اشارو ڪري اُن کي روڪي ورتائين. پنھنجي علائقي ۾ پھچي، هوٽل تان ڪڪڙ جو ٻوڙ، گرم نانَ ۽ مرنڊا جي ٿڌي بوتل وٺي، گهر پھتي. ننڍڙي ثمرين سُتي پيئي هئي، عنبرين جون اکيون بہ ننڊ کان ڳوريون پئي ٿيون، ماءُ کي ڏسي هُوءَ سجاڳ ٿي پيئي. نسرين اڳتي وڌي، ماءُ کان ماني ورتي.
”ثمري ڪيڏيءَ مھل سُتي آهي؟“ هن برقعو لاهيندي چيو.
”چڱي دير ٿي اٿس امي.“ نسرين پليٽون کڻندي وراڻيو.
”بخار ڪيئن هئس؟“
”بخار تيز هئس، هر هر توکي پئي ياد ڪيائين.“
”صدقي وڃانس، آئون وس ۾ هجان تہ ڪٿي ويھان ها پٽ!“
هن ڪلھن کان جهلي، کيس ٿورو ڌونڌاڙيو:
”ثمر راڻي، اُٿي ماني کاءُ… اوجاني… اُٿ ماني کاءُ.“
هوءَ اکيون مليندي اٿي ويٺي، اوٻاسي ڏيئي، مانيءَ کي ڏسي پڇيائين:
”ڇا جو ٻوڙ آهي امي؟“
”ڪڪڙ جو ٻوڙ آهي پرين، توکي وڻندو آهي، نہ ڪڪڙ جو ٻوڙ؟“
ماءُ کيس هنج ۾ ويھاريندي چيو.
بخار ۽ غنودگيءَ جي ڪري، هُن ڪو جواب ڪونہ ڏنو، مانيءَ جي ننڍڙي گرھہ تي، ٻوٽيءَ جو ذرو رکي، رس ۾ ٻوڙي، ماءُ سندس وات ۾ ڏنو. بيدليءَ سان گِرھہ چٻاڙيندي، بوتل تي نظر پيس، تہ رڙ ڪيائين: ”امي، بوتل پيئنديس.“
”بوتل کوڙ منھنجي مٺيءَ لاءِ، پھرئين ٿوري ماني تہ کائي وٺ.“
ماني کائي، بوتل پي، نسرين ۽ عنبرين اُٿيون، تہ ثمرين ماءُ جي گوڏي تي مٿو رکي، وري سمھي پيئي. ماءُ جا هٿ اچانڪ دعا لاءِ کڄي ويا.
”پروردگار اُن سخي انسان جي روزي رزق ۾ برڪتون وجهہ، هر قسم جي ڏکن ڏولاوَن کان محفوظ رکينس، من جون مرادون پوريون ڪرينس، جنھن منھنجي ٻچن لاءِ رزق جو ذريعو بڻيو آهي.“
صبح ٿيندي ئي هُوءَ گهر جي ڪمن ۾ لڳي ويئي، رکي رکي محسن جي ياد دل ۽ دماغ ۾ وراڪا ڏيندي رهيس، ٻہ ڏينھن جيئن تيئن گذاري، ٽئين ڏينھن دل ۾ ڪيئي آسون اُميدون کڻي، وڃي ڪراچيءَ نڪتي، ٻڌايل ائڊريس تي پھچڻ ۾، ڪا گهڻي تڪليف ڪانہ ٿيس، اسٽور تي ويٺل ملازم مالڪ سان رابطو ڪرڻ بعد، هن کي وٺي سامھون واري رهائشي پروجيڪٽ ۾ پھتو، بيل ڏيئي هو در تي انتظار ڪرڻ لڳا. ٿوريءَ دير ۾ شاهنواز پاڻ اچي در کوليو، هن کي ڏسندي ئي رشيده جي منھن تي سرهائي اچي ويئي.
”سر السلام عليڪم.“
”وعليڪم السلام، تہ تون آهين رشيده بيگم؟“
”جي سر.“
”اچ، اندر اچ‏… پٽ اسان کي ڪلو کن کير آڻي ڏي.“ ملازم کي چيائين.
هُو در بند ڪري اڳيان ٿي هليو، لائونج ۾ پھچي، رشيده کي ائين لڳو، ڄڻ ڪنھن باغ ۾ داخل ٿي هجي، هر طرف گلن ۽ ٻوٽن جا مختلف نمونا نظر آيس. ڪي ولائتي ولين جا ننڍڙا گملا تہ ڇت ۾ بہ ٽنگيل هئا. فينسي مڇين جي اَڪوائريم ۾ رنگ برنگي ننڍڙيون مڇيون تَري رهيون هيون. لائونج کي لتاڙي، ڊرائينگ روم ۾ داخل ٿي تہ پير قالين ۾ ٻہ اڍائي انچ هيٺ لھي ويس، اندر ۾ هڪ لطيف احساس جنم ورتس، جنھن مان گهر جي معيار جي خبر پيس. گئلريءَ ۾ بہ گل ٻوٽا لڳل هئا، رنگين طوطن جو پڃرو بہ هو، جيڪو دريءَ مان نظر پئي آيو.
”ويھہ رشيده.“ شاهنواز کيس صوفي تي ويھڻ جو اشارو ڪندي چيو.
”ڇا کائيندينءَ ڇا پيئندينءَ؟“
”سر پھرئين تہ پاڻي پيئنديس، پر اوهان تڪليف نہ ڪريو، اجازت ڏيو، تہ آئون پاڻ ئي اندران پي وٺان.“
”تنھنجي خواهش آهي تہ ڀلي پِي وٺ.“
هوءَ اُٿي بيٺي، برقعو لاهي تھہ ڪري، ٿيلھو کڻي ڪمري ۾ ويئي. شاندار بيڊ روم، عاليشان ڊبل بيڊ، مئچنگ الماريون، ٽيبلون، نفيس ڊريسنگ ٽيبل، ديوارن تي لڳل قيمتي پينٽنگس، فئمليءَ جون ڪجهہ تصويرون، ووڊن فريم سان لڳل، پينڊوليم وارو، رائل برٽش اسٽائل جو شاهي گهڙيال، وڏي ۽ ويڪري باٿ روم ۾ ليئو پائي ڏٺائين تہ هر شيءِ اعليٰ ڪوالٽيءَ جي نظر آيس. فرج مان بوتل ڪڍي پاڻي پيتائين، شاهنواز نئون صابڻ ۽ ٽوال ٽيبل تي رکندي چيو:
”باٿ وٺي فريش ٿي گرميءَ ۾ پگهرجي پيئي آهين.“
”مھرباني سر، مون وٽ پنھنجو سامان آهي.“
”جيڪا تنھنجي مرضي.“
هُوءَ شاور وٺي فريش ٿي، هلڪي گلابي رنگ جو ڪاٽن جو وڳو پائي، شئمپو ڪيل وارن کي ڊراءِ ڪري ڊريسنگ ٽيبل تي ويھي، چھري کي ميڪ اپ جو ٽچ ڏنائين، شيشي ۾ ڏسي چپن کي موڙا ڏيئي، سرخيءَ کي چيڪ ڪري، اُٿي بيٺي، آئيني اڳيان سڌا ۽ پاسيرا پوز ٺاهي، آڳا پيڇا ڏسي مطمئن ٿي، رائل مئريج جي اسپري ڪري، ماحول کي خوشبوءِ ۾ واسيندي، ڊرائينگ روم ۾ پھتي. هن کي ڏسي شاهنواز رڳو ٿورو مُرڪي سگهيو. چيائين ڪجهہ ڪونہ، اکيون اکين سان ملي جُهڪي ويون، وري مليون وري جُهڪيون، جوان دلين ۾ اُٿندڙ لھرون، حجابن جي پردن ۾ تڙپي تڙپي ٿڌيون ٿي ويون ۽ طوفان ٿي نہ سگهيون، هيڏي هوڏي نھاري سڪتي کي ٽوڙيندي رشيده پڇيو:
”اوهان جي بيگم نظر نٿي اچي سر، ڪٿي ويئي آهي شايد؟“
”ها، ويئي هلي!“ هن وڏو ساھہ کڻي چيو:
”پيار جي شادي ڪئي هئي سين، وڏگهراڻي ڇوڪري هئي، اسان فقيرن وٽ مزو نہ آيس، ٽن سالن جي ٻارڙي کڻي، ڪورٽ پھچي ويئي، فيصلو هن جي حق ۾ آيو، ويئي هلي پنجاب مائٽن ڏانھن…“
”جيڪا عورت اوهان سان نڀاھہ ڪري نہ سگهي، ان لاءِ ڇو ٿا پاڻ کي پريشان ڪريو سر؟ وساري ڇڏيوس.“
”ڪيئن وساريانس؟ هُوءَ اڪيلي تہ نہ ويئي نہ، منھنجيءَ ڪائنات کي بہ پاڻ سان کڻي ويئي. آئون تہ ان جي جدائيءَ ۾ ذهني مريض ٿي پيو آهيان. هلندي ڦرندي ماڻھن سان اَٽڪندو ٿو وتان، گهر ڦِٽي ويو، ڪاروبار تباهيءَ جي ڪناري پھچي ويو. عورت ذات کان ئي نفرت ٿي ويئي اٿم!“
”اها تہ زيادتي ٿا ڪيو سر. بيوفائي ڪئي تہ ڪنھن هڪ عورت ڪئي، ان جي سزا عورت ذات کي ڇو ٿا ڏيو؟ عورت تہ گهر ۽ ور تان سر ساھہ بہ گهوري ڇڏيندي آهي. ڪنھن اهڙيءَ عورت سان پلئہ ڳنڍي تہ ڏسو. منھنجي مڃو تہ نئين شادي ڪري، ٺٺ سان زندگي گذاريو…“
”ڳالھہ تنھنجي صحيح آهي، شادي ڪري نئين ڪنوار تہ آڻي ٿو سگهان، پر ڪائنات کي ڪٿان آڻيان؟ ان کان سواءِ سڪون ڪٿي ملندم؟“
سچ پڇين تہ منھنجي حالت ان مڇيءَ جھڙي آهي، جنھن جي ڪَلين ۾ ڪُنڍي ڦاسڻ کان پوءِ، ڏور وچان ڇڄِي پيئي هجي! ڏسڻ وارا تہ ڏور ڇِڄڻ تي افسوس ڪندي، شڪاريءَ سان همدرديءَ پيا ڪن، مڇيءَ بابت تہ ڪير سوچي ئي نٿو تہ اها ڄاڙيءَ ۾ ڦاٿل ڪنڍيءَ ۾ ڇِڳل ڏور سان گڏ ڪيئن ٿي زندگي گذاري…!!“
”ساري سر، مون تہ ائين ئي ڳالھہ ڪئي هئي. مون کي خبر نہ هئي تہ معاملو ايڏو سنگين هوندو. خواه مخواه اوهان جا زخم وري تازا ٿيا آهن.“
”اِن ۾ تنھنجو ڏوھہ ڪونھي رشيده، تون پريشان نہ ٿيءُ، ٻي ڪا ڳالھہ ڪر.“
”سر اوهان جاب ڪھڙي ٿا ڪيو، سرڪاري نوڪري اٿوَ، يا پنھنجو ڪو ڪاروبار ٿا ڪيو؟“
”سرڪاري نوڪري تہ ڪانھي، پنھنجو ننڍڙو ڪاروبار آهي، ڪنسٽرڪشن جو، ننڍا ننڍا ٺيڪا کڻندو آهيان، اسڪولن جا، اسپتالن جا، روڊ رستن جا.“
”اِهي ٺيڪا ننڍا تہ ڪونہ آهن سر.“
”ننڍائي سمجهہ، پنجويھن ٽيھن ڪروڙن جي اندر اندر هوندا آهن، وڏا ٺيڪا تہ اَربن ۽ کربن جا هوندا آهن، اوتري طاقت اسان ۾ ڪانھي.“
”شڪر ڪريو سائين، خدا اوهان کي ڪروڙن ۾ پھچايو آهي. ماڻھو تہ ويلي جي مانيءَ لاءِ بہ موت سان کيڏندا ٿا وتن.“
”بيشڪ مالڪ جا ڪروڙين احسان آهن.“
ايتري ۾ ملازم کير وٺي آيو، شاهنواز اُٿي، ڪچن ۾ چانھہ جي تياري ڪرڻ لڳو، رشيده بہ پاڻ مرادو اندر پھچي ويئي:
”مون کي ڏيو سر، آئون ٿي چانھہ ٺاهيان.“
”تون مھمان آهين رشيده، مھمان جي خدمت ڪرڻ منھنجو فرض آهي، مون کي پنھنجو فرض نڀائڻ ڏي پليز…“
”آئون اهڙي مھمان بہ ڪانہ آهيان سر، جو رڳو کائڻ لاءِ ويٺي هجان، اوهان شايد سمجهو پيا تہ منھنجي ٺاهيل چانھہ، اوهان کي پسند نہ ايندي، پر آئون چانھہ تمام سٺي ٺاهيندي آهيان، موقعو ڏيئي تہ ڏسو.“
”چڱو، جي اِها ڳالھہ آهي تہ اچ، ڏسي ٿا وٺون تنھنجيءَ مھارت کي.“
هن پيالو چُلھہ تي رکيو تہ شاهنواز پڇيس:
”مڙس تنھنجو ڪيئن گُم ٿيو؟ ڪنھن سان دشمني هئس ڇا؟“
”نہ سر، منھنجي ڪھاڻي بہ ڏاڍي عجيب آهي، ماءُ پنجاپڻ، پيءُ سنڌي، مڙس وري پٺاڻ هو، سو بہ وانا جو، جتي فوج ۽ دهشتگردن وچ ۾ جنگ هلندڙ هئي.
ماءُ سان ملڻ جو چئي، هُو نڪتو تہ وري موٽيو ئي ڪونہ.
”ڪم ڪھڙو ڪندو هو؟ دهشتگرد تہ ڪونہ هو؟“
”نہ سائين، اشراف ماڻھو هو، رازڪو ڪم ڪندو هو، کائڻ پيئڻ لاءِ ڏاڍا خوش هئاسين. هُن کان پوءِ اسان عذابن ۾ اچي وياسين…“
”هاڻي گهر ڪيئن ٿو هلي، ڪير ٿو ڪفالت ڪري؟“
”ڪير ڪونہ ٿو ڪري سر، ﷲ جي آسري آهيون، هن کان پوءِ گهر ۾ رکيل ميڙي چونڊي ختم ٿي، تہ فاقہ ٿيڻ لڳا، تعليم ايتري هئي ڪانہ جو نوڪري ملي سگهي ها، نہ وري ڪا سفارش هئي، ٻچن خاطر مجبور ٿي، بنگلن ۾ ٿانوَ ٻُهاري ڪرڻ لڳس. چئن گهرن ۾ جان مارڻ کان پوءِ بہ ايترو نٿي مليو، جو گهر هلي سگهي ها…“
چانھہ تيار ڪري هُوءَ کڻي آئي، شاهنواز بہ ڪيڪ، بسڪٽ ڪڍي ٽيبل تي رکيا، چانھہ جو ڍُڪ ڀري چيائين:
”واھہ جي چانھہ ٺاهي اٿئي! واقعي چانھہ جي ماهر آهين.“
”ٿئنڪيو سر، رڳو چانھہ ئي نہ، آئون ٻي ڪُڪنگ بہ تمام سٺي ڪندي آهيان، منھنجي امڙ، رڌپچاءَ جي ماهر هئي، ان کان سکيو اٿم.“
”تو ڳالھہ پئي ڪئي ڪم ڪرڻ جي…“
”ها سر، چئن گهرن مان، چار هزار بہ پورا ڪونہ پئي مليا، تنھن کانسواءِ، ايندي ويندي ماڻھو بہ تنگ ڪندا رهندا هئا. نيٺ بيزار ٿي اهو ڪم ڇڏيم.“
”پوءِ؟ هاڻي ڇا ٿي ڪرين؟“
”ان کان پوءِ شھر ۾ ايندي ويندي، ڪارو برقعو پائي پنڻ وارين جا ٺٺ ڏسي، مون کي بہ ريس آئي، برقعو پائي، مون بہ پنڻ شروع ڪيو.“
”او نو…؟“
”جي سر، سچ ٿي چوان.“
”اوه ماءِ گاڊ…!!“
”بس سر ڇا ڪجي، چوندا آهن بک بڇڙو ٽول دانا ديوانا ڪري، سڄو ڏينھن ماڻھن اڳيان هٿ ٽنگي، منٿون ايلاز ڪرڻ کان پوءِ بہ، ڪڏهن اڍائي سؤ تہ ڪڏهن ٽي سؤ روپيا ملندا هئا، گذارو وري بہ نہ پئي ٿيو.“
”هي جو پنڻ وارين جا ٺٺ پئي ٻڌايَئي…؟“
”ها سر، انھن ٻيا ڌنڌا بہ ڪيا ٿي، جيڪي مون کان نہ ٿيا، پنڻ ۾ ﷲ جي نالي تي روپيو يا ٻہ روپيا ئي ملن ٿا، ڏهين وارو نوٽ بہ اتفاق سان ئي ملندو هو. ماڻھن جون گهوريندڙ نظرون، ڇِڇوريون حرڪتون ۽ چُڀندڙ جملا بہ برداشت ڪرڻا پوندا هئا، پريشانيون روز وڌنديون پئي ويون.“
”ڏاڍي ڏک ڀري ڪھاڻي آهي تنھنجي!“
”اِها تہ شروعات آهي سائين، ڏک جو ذڪر تہ اڃا ڪيوئي ڪونہ اٿم. بنگلن ۾ ڪم ڪندي، ڪن مالڪن مھربان ٿيڻ جي ڪوشش بہ ڪئي… هڪڙو صاحب، جيڪو وڏو آفيسر هو، ڏسڻ ۾ بہ شريف ماڻھو ٿي لڳو، نوڪري ڏيڻ جو پڪو دلاسو ڏنائين. ان جي ڳالھين جو اعتبار ڪري، پھريون ڀيرو دوکو کائي ويٺيس…!“
هُوءَ ڏکاري ٿي، ڪجهہ دير لاءِ خاموش ٿي ويئي.
”اُها سڄي رات مون روئندي، تڙپندي گذاري هئي، ضمير ملامت ڪندو رهيو، جيئڻ تان ارواح کڄي ويو. اهڙي زندگيءَ کان ڇوٽڪاري جو هڪڙوئي طريقو هو، تہ آپگهات ڪري ڇڏجي…!!“
”اهڙيءَ پريشانيءَ ۾ ڪنھن مٽ مائٽ سان صلاح تہ ڪرين ها، شايد ڪو چڱو ماڻھو، سھڻي صلاح ڏيئي، تنھنجو ارادو بدلائي وٺي ها.“
”ڪنھن سان صلاح ڪيان ها سائين، ڪير آهي اسان جو سڄڻ؟ صبح سوير ٻارڙين کي ساڻ ڪري واھہ جي ڪناري پھچي ويس. ارادو ڪيم، تہ ٽنھي ڇوڪرين کي ڀاڪر ۾ ڀري وڏو ٽپو ڏيئي، واھہ ۾ پونديس، گهڙي پل ۾ کيل ختم ٿي ويندو! پر واھہ جو پاڻي ۽ ڇوليون ڏسي، دهشت طاري ٿي ويئي. هٿن پيرن مان ساھہ ڇڏائجي ويو، ٽپو ڏيڻ جي همت ئي نہ ٿي، ڪناري تي ويھي روئندي رهيس… وڏي ڇوڪريءَ پڇيو:
”ڇو ٿي روئين امي؟ پاڻ ڇو هتي آيون سين؟“
چيومانس، ”روز روز جي مصيبتن کان بيزار ٿي پيئي آهيان، اڄ پاڻ واھہ ۾ ٽپو ڏيئي، خودڪشي ڪنديون سين…!!!“
ٻڌڻ شرط، هُوءَ ”نا امي… نا امي…“ چوندي، رڙيون ڪندي، ڀيڻن کي گهلي، بند تان لھي، هيٺ وڃي بيٺيون. هنن جي حالت ڏسي سوچيم، مون کان پوءِ هنن معصومڙين کي ڪير سنڀاليندو، ڪير هنن جي حفاظت ڪندو؟ وحشي بدمعاش هنن جي عزتن سان کِلواڙ ڪري، برباد ڪري ڇڏيندن. منھنجي سھاري جي هنن کي سخت ضرورت آهي. اهو سوچي موٽي آيس. روزگار جو ٻيو ڪو ذريعو هو ڪونہ، انڪري وري پنڻ شروع ڪيم، ائين ئي اُن رات پڪڙجي ٿاڻي پھتي هئس… قسمت چڱي هئي جو اوهان پھچي ويا هئا، نہ تہ سپاهي سڄي رات مون سان ’راند‘ کيڏندي، صبح تائين مون کي لاش ڪري ڇڏين ها…!“
”ڪجهہ عقل کان ڪم وٺين ها، تہ شايد ڪو عزت وارو ڪم بہ ملي وڃئي ها، ٻيو نہ تہ، رڳي سلائيءَ واري مشين وٺين ها، تڏهن بہ چڱي روزي ڪمائي وٺين ها، هروڀرو پاڻ کي گند ۾ ڪيرائي ڪِنو ڪيو اٿئي.“
”مجبوري انسان کان سڀ ڪجهہ ڪرائي ٿي سائين، نہ تہ گند ۾ ڪرڻ جو شوق ڪنھن کي ڪونہ هوندو آهي… سچ پڇو تہ دنيا ڪوئلي جي کاڻ ٿي پيئي آهي، انسان لک ڪوشش ڪري تڏهن بہ ڪٿان نہ ڪٿان، ڪونہ ڪو داغ لڳي ٿو وڃيس…! پارسائيءَ جي دعويٰ ڪير ڪري ئي نٿو سگهي… ماءُ غريب ۽ مجبور هوندي بہ پنھنجي ٻچن کي، بک ۽ بيماريءَ ۾ ڦٿڪندي نٿي ڏسي سگهي. مانيءَ جي لولي ۽ دوا جي چمچي لاءِ هُوءَ ڪجهہ بہ ڪري سگهي ٿي. اُن گهڙيءَ هن جي نظر ۾، عزت، آبرو ۽ حيا، شرم جھڙا لفظ، بلڪل بي معنيٰ ٿيو ٿا پون… اِهو ڏاڍو ڏکوئيندڙ جھان هوندو آهي سائين، اِن جي پيڙا کي اُهوئي محسوس ڪري سگهي ٿو، جنھن تي اهڙو وقت گذريو هجي…!!“
هن جون اکيون ٽِمي پيون، شاهنواز بہ سندس ڏک کي محسوس ڪرڻ لڳو.
”حيرت آهي، ڏک کي رڳو تنھنجو گهر ئي ڇو پسند اچي ويو؟ الائي ڇو، مون کي تون ڀٽائيءَ واري گوندر وَل جي گُري پئي لڳين…!“
”سڀ قسمت جا کيل آهن سر، اسان ڪڏهن سوچيو ئي نہ هو تہ اسان تي اهڙو وقت بہ ايندو… هڪڙو عرض ڪيان سر جي اجازت هجي تہ؟
”چؤ…؟“
”عيد اچڻ واري آهي، منھنجي ٻچن کي عيد ڪرايو سائين، مارڪيٽ ۾ ٻارن جا هلڪي ڪوالٽيءَ وارا سستا ڪپڙا بہ هوندا آهن، هنن کي نوان ڪپڙا وٺي ڏيو. خوش ٿي دعائون ڏيندوُ… اوهان تہ هونئن بہ غريبن جي مدد ڪندا هوندؤ…“
”سوچيندس، پر واعدو نٿو ڪري سگهان.“
”ڇو سر؟ واعدو نہ ڪرڻ جو سبب؟“
”غريب ۽ لاوارث ٻارن جي مٿي تي، همدرديءَ مان ماڻھو هٿ تہ رکن ٿا، پر پوءِ اڳتي هلي انھن جا ايترا تہ وارث ۽ مٽ مائٽ نڪري ٿا پون، جو مدد ڪرڻ وارو شريف ماڻھو، عذابن ۾ اچي ٿو وڃي. طرحين طرحين جا الزام ۽ بُهتان هڻي، هن کي ٿاڻن ۽ ڪورٽن ۾ گِهلي، ذليل ڪرڻ کان پوءِ ميڊيا تي بہ بدنام ڪيو ٿو وڃي، اهڙي ڀلائيءَ کان ماڻھو پري ئي رهي تہ چڱو.“
”اهڙي ڳالھہ ڪانھي سر، آئون ماءُ هنن سان گڏ آهيان، ٻيو ڪو مٽ مائٽ اٿنِ ئي ڪونہ، تہ بدنام ڪير ڪندو؟“
”چڱو ڏسون ٿا اِن ڳالھہ کي… عيد کان ٻہ ڏينھن اڳ، وٺي اچينِ، ڪجهہ نہ ڪجهہ وٺي ڏيندوسانِ.“
”لک مھربانيون سائين، رب ججهو ڏيندوَ.“
سيٺ جي دلاسي تي خوش ٿي هُوءَ موٽي ويئي. گهر پھچي ٻارڙين کي چنبڙي پيئي، هنن جا وار ڪٽي، سيٽ ڪيائين. کوکي ۾ پيل ڪپڙن مان چڱيرڙا ڪپڙا ڳولي ڪڍي، ڳنڍ ٽوپ ڪري، ڌوئي استري ڪيائين، ٻن ڏينھن بدران، پورو هفتو عيد کان اڳ، ٻارڙين سميت هُوءَ ڪراچي پھچي ويئي. ڀورين اکين، سونھرن وارن واريون، سواتي صوفن جھڙيون ٻارڙيون، پراڻن سادن ڪپڙن ۾ بہ شھزاديون پئي لڳيون. هنن کي ڏسي، شاهنواز کي پنھنجي پياري ڪائنات اکين اڳيان اچي ويئي. خاص ڪري ثمرين تہ هن جي همعمر، هن جيان سنھڙي سيپڪڙي، چنچل ۽ ڪيوٽ هئي. شاهنواز جو من ڀرجي آيو، پر ڏک جي اُٿندڙ لھر کي گُهٽي وڌائين.
”رشيده، مڃڻ ۾ ئي نٿو اچي، هي گوريون، چِٽيون گولڊن گرلس، تنھنجي پيٽان ڄايون آهن…!“
”سڀ ائين ٿا چون سر، اصل ۾ هي پنھنجي بابا تي ويون آهن، گل بخت خان جو رنگ بہ اهڙوئي هو.“
”اڇا… تڏهن هي پھاڙي پريون ٿيون لڳن، ماشاءﷲ، ادب احترام بہ ڪمال جو اٿنِ.“
”اِنھن جي ڪري تہ سر، مون پاڻ کي قربان ڪري ڇڏيو آهي!“
”نالا ڇا ڇا اٿنِ؟“
”هيءَ وڏي نسرين آهي، هيءَ ٻيون نمبر عنبرين آهي ۽ هيءَ پِتڪڙي ثمرين آهي.“
”واه، نالا بہ سڀ سُر ۾ رکيا اٿئي! ثمرين، هيڏي آءُ پٽ.“
هن شرمائيندي، انڪار ۾ مٿو ڌوڻيو.
”ڇو پٽ، ڇو نٿي اچين؟“
”توهان ڌاريا آهيو، امي ٿي چوي، ڌاريي ماڻھوءَ وٽ ناهي وڃڻو.“
”اوھہ، ايڏي پرهيز…! رشيده، هيءَ ڇا ٿي چوي؟“
”ها سر، اها پرهيز بہ هنن جي تربيت جو حصو آهي، اوهان کي خبر آهي تہ اڄڪلھہ معصوم ٻارڙين سان بہ، ماڻھو ڇا ڇا نٿا ڪن… اِنڪري، هنن کي اهو بہ سمجهائڻو پيو.“
”اِن جو مطلب تہ آئون بہ ڌاريو ٿيس نہ؟“
”اڃا تہ آهيو نہ سر. پنھنجو ڪري پيار ڏيندؤ نہ، تہ هنن جو اِهو خوف لھي ويندو. تڏهن ئي اوهان کي ويجهو اينديون.“
”واه، خوب! اوهان جي تربيت واقعي لاجواب آهي.“
شام جو هنن کي وٺي، هو جامع ڪلاٿ مارڪيٽ پھتو، جتي هر طرف دوڪانن ۾، ٻارن جا خوبصورت لباس ٽنگيل هئا. پھرئين تہ هنن کي سڄي مارڪيٽ جو سير ڪرايائين. ان بعد وڏي دوڪان ۾ داخل ٿيا. هر ٻارڙيءَ پنھنجي پسند جو لباس کنيو، تہ ماءُ پريشان ٿي ويئي، تہ ڇو ٿيون ايڏا قيمتي وڳا کڻنِ، پر شاهنواز کيس روڪي وڌو:
”ڇو ٿي روڪينِ رشيده؟ ڇڏي ڏينِ، پنھنجيءَ پسند تي جيڪي وٺڻ چاهينِ ٿيون، ڀلي اهوئي وٺنِ، پئسن جو فڪر نہ ڪر.“
”سر، جيڪي قيمتي وڳا هي کڻن پيون، ايترو تہ اسان لھون بہ ڪونہ ٿيون، هر شيءِ پنھنجي حال سارو وٺڻ گهرجي.“
”خوش ٿيڻ ڏي معصومن کي هنن تي خرچ ڪري، آئون کُٽي ڪونہ پوندس. ننڍڙيون راضي ٿيون، تہ معنيٰ رب راضي ٿيو. جي رب راضي ٿِي ٿو پوي، تہ پوءِ ٻيو ڇا کپي؟“
ٻہ ٻہ جوڙا پسند تي وٺڻ کان پوءِ، هنن سينڊل، چوڙيون، ميندي، پونيون، ڪِلپون، ڪانٽا ۽ سرخي پائوڊر کان علاوہ ڪجهہ رانديڪا بہ ورتا.
”تون بہ پنھنجي لاءِ ڪجهہ وٺ نہ.“ هن رشيده کي چيو.
”سر، هنن مارڪيٽ سڄي کڻي مٿي تي کنئي آهي، اُهو خرچ گهٽ آهي، جو مٿان آئون پنھنجي لاءِ بہ وٺان؟“
”ﷲ مالڪ آهي، پئسن لاءِ ڪونہ ڇڏيندو. ڪجهہ تہ وٺ.“
شاهنواز جي زور ڀرڻ تي ٻہ جوڙا ڪپڙن جا هُن پنھنجي لاءِ بہ ورتا. ان کان علاوہ سينڊل، چوڙيون، شئمپو ۽ ڪجهہ ميڪ اپ جو سامان بہ ورتائين.
آخر ۾ خوبصورت سوٽ ڪيس وٺي، سامان ان ۾ وجهي، گاڏيءَ ۾ رکيائون.
”هاڻي ڇا پروگرام آهي، کائڻ پيئڻ جو آهي ڪو موڊ؟“
”انڪل، آئيس ڪريم کائينديون سين.“ عنبرين وات پاڻي ڪندي چيو.
”خاموش بدتميز! هيڏو خرچ ڪرائڻ کان پوءِ وري آئيس ڪريم، صفا لنگهياڻيون ٿي پيون آهيو، ايترو بہ ڪنھن کي تنگ نہ ڪجي جو…“
”ڇو ٿي دڙڪا ڏينِ؟ اهائي تہ عمر آهي کائڻ پيئڻ ۽ انگل آرا ڪرڻ جي، منھنجي بہ دل گهري پئي تہ آئيس ڪريم کائجي.“
هو ڦري، برنس روڊ تي آئيس ڪريم پارلر پھتا. واپسيءَ تي قائدِ اعظم جي مزار جو سير بہ ڪرايائينِ، بيشمار تصويرون ۽ سيلفيون بہ ورتائين. اِن دوران هنن جي وچان اجنبيت واري وِٿي ختم ٿي ويئي. هُو گهر جي سربراھہ وانگر، هن کي چنبڙنديون رهيون. گهر پھچي هنن سمورو سامان کولي ڏٺو. نوان ڪپڙا ۽ سينڊل پائي، شيشي اڳيان، نازن ادائن سان ڪئٽ واڪ ڪري دل خوش ڪنديون رهيون. شاهنواز وري بہ سندن تصويرون ورتيون… اهو گهر، جيڪو عرصي کان انساني چُرپُر ۽ آوازن کان وانجهيل ۽ محروم هو، جنھن کي پاڙي وارا ’ڀُوت بنگلو‘ سڏيندا هئا، اوچتوئي اوچتو ٻارڙين جي ٽھڪن شرارتن ۽ کِلڪارين سان گونجڻ لڳو. گهر ۾ هرطرف هنن جون چپلون، سينڊل، ڪپڙا ۽ رانديڪا ٽِڙيل پکڙيل نظر اچڻ لڳا…
شاهنواز کي پھريون ڀيرو احساس ٿيو تہ گهر ڇا هوندو آهي، زندگي ڇا ٿيندي آهي، خوشي ڇاکي چئبو آهي؟ هو پاڻ بہ ٻار ٿي، ٻارڙين سان کيڏڻ لڳو…
”منھنجو خيال آهي تہ هاڻي مانيءَ لاءِ نڪرجي، هن کان پوءِ ننڍڙين کي ننڊ اچي ويندي.“
”ڪا ضرورت ڪانھي هلڻ جي سر، آئيس ڪريم، سموسا، پڪوڙا ۽ برگر کايو ويٺيون آهن، بک ڪانہ اٿنِ، اوهان ڀينڊيون ۽ چماٽا وٺي اچو، ماني آئون پچائي ٿي وٺان. طلب هوندنِ تہ بہ ٻہ گِرھہ کائي وٺنديون.“
”سٺو نٿو لڳي، اوهان جي تہ دل پڪي آهي، ٻارڙيون اسان وٽ مھمان آهن، ڀينڊيون ڇا سوچينديون؟“
”ڪجهہ ڪونہ سوچينديون، هروڀرو هوٽلن ۾ پئسا ضايع نہ ڪريو سر، ڪجهہ بچت بہ ڪندا ڪريو.“
”اهڙي بچت ڪيون ها تہ هينئر شھر ۾ اسان جون پلازائون نہ هجن ها! تيار ٿيو، تہ عثمانيه ٿا هلون.“
”ڪٿي بہ ڪونہ ٿا هلون سر، ٿڪجي چُور ٿي پيون آهيون، هلڻ لاءِ دل نٿي چوي، اوهان وڃي ڀاڄي وٺي اچو، گهر ۾ ٿا رڌيون.“
”مجبوراً هن کي وڃڻو پيو، ثمرين ۽ عنبرين کي بہ پاڻ سان گڏ وٺي نڪتو. ٿوريءَ دير کان پوءِ ڀينڊين، چماٽن بدران، شاهي پيزا وٺي موٽيو. ٻارڙيون پيزا ڏسي، ڪپڙن ۾ نہ پيون ماپن. هنن پھريون ڀيرو پيزا ڏٺو! کائي پِي خوش ٿي، ثمرين ۽ عنبرين تہ شاهنواز جي بيڊ تي ئي سمھي پيون. ماءُ هنن کي کڻڻ آئي تہ هن منع ڪري ڇڏيس.
”سر سڄي رات پاسا ورائيندي، لتون هڻندي، اوهان جي ننڊ ڦِٽائينديون رهنديون، ڇڏيو تہ هُن پاسي کڻي وڃان.“
”ننڊ تہ اسان جي هونئن ئي ڦِٽل آهي، اڄ هنن ڦِٽائي تہ ڇا ٿي پيو. سمھڻ ڏينِ.“
هُو ٻنھيءَ جي وچ ۾ سمھي پيو، اڌ رات جو سماءُ لھڻ خاطر رشيده آئي تہ شاهنواز گهريءَ ننڊ ۾ هو، هن ثمرين کي ڀاڪر ۾ ڀري، سيني سان لڳائي رکيو هو، عنبرين جا مُڙيل گوڏا، هُن جي پُٺيءَ سان لڳل هئا. منظر ڏسي هن کي خوشگوار حيرت ٿي ۽ ٿوريءَ دير تائين مُرڪندي، هنن کي ڏسندي رهي ۽ پوءِ چادر ڇڪي، هنن مٿان وجهي، دعائون ڏيندي موٽي ويئي…
صبح ساڻ اُٿي هُوءَ واپسيءَ جي تياري ڪرڻ لڳي. ٻارڙين جا ڪپڙا چپلون، رانديڪا ڳولي، ڇنڊي، ڦوڪي شاپرن ۽ پئڪيٽن ۾ وڌائين. شاهنواز نيرن لاءِ حلوو، پُوريون، ڇولا ۽ ڌؤنرو وٺي آيو. ان دوران رشيده پنھنجين، ٻارڙين کي تيار ڪري ورتو، وڃڻ کان اڳ، هنن مھربان انڪل کان ڀاڪر پائي موڪلاڻي ڪئي تہ سڀني جا نيڻ ڀرجي آيا. شاهنواز جون اکيون نَم ٿي ويون، رشيده ڀريل ڳلي سان چيو:
”سالن کان پوءِ سک جون ڪي گهڙيون نصيب ٿيون هيون. ٻارڙين جو تہ خوشيءَ مان پاءُ رت وڌي ويو آهي. اسان کي هتي ئي رهڻ ڏيو سر، ٻارڙين سان گهر ۾ رونق لڳي پئي هوندوَ، اوهان جي دل بہ وندري پئي هوندي. آئون بہ اوهان جي خدمت ڪندي رهنديس، اوهان جي پسند جا طعام تيار ڪري کارائيندي سانوَ.“
”هينئر عيد جون سموريون تياريون ڪري ويٺيون آهيو، عيد ڀلي پنھنجي گهر ۾ وڃي سڪون سان ڪريو. بعد ۾ ڏسنداسين تہ ڇا ٿو ڪري سگهجي.“ هن خاموشيءَ سان عيد لاءِ ڪجهہ رقم رشيده کي ڏني.
”جيڪا اوهان جي مرضي سر، اسان جون تہ هر وقت دعائون اٿوَ.“ هن بيوسيءَ مان چيو.
هو گاڏيءَ ۾ ويھي، صدر واري لاري اڏي تي پھتا، ٽڪيٽ وٺي کين ڪوچ ۾ ويھاري، شاهنواز ڳؤريءَ دل سان موٽيو… گهر پھچي دروازو کوليائين تہ پنھنجو ئي گهر کيس کائڻ آيو! ٿوري دير اڳ، جنھن گهر ۾ ٽھڪ هئا، مُرڪون ۽ شرارتون هيون، خوشيءَ ڀريا هنگاما هئا، اهوئي ساڳيو گهر کيس موهن جي دڙي جيان اُجڙيل اُجڙيل ۽ کنڊر کنڊر لڳو! هن کي لڳو ڄڻ گهر جي ڪنڊ ڪڙڇ مان، رشيده زندگيءَ کي ڪک پَن وانگر، ٻُهاري کڻي ويئي هجي…!!
حيرت ۽ افسوس مان ڏسندي، ڪي گهڙيون تہ بيٺوئي رهيو…
ڪپڙا بدلائڻ لاءِ الماري کوليائين تہ وات مان رڙ نڪري ويس:
”اڙي…!!“ الماريءَ جي ڪنڊ ۾ ثمرين جي ڀورن وارن واري گُڏي، پئڪٽ ۾ مُرڪي رهي هئي، جيڪا هن کان وسري ويئي هئي…
ثمرين جي شڪل ۾، هن کي پنھنجي ڪائنات جي جهلڪ نظر ايندي هئي، اِن ڪري هو ساڻس خصوصي اُنس رکڻ لڳو هو. هن جي گُڏي کڻي هو تيزيءَ سان نڪتو. ڪراچيءَ جي ’مين بس ٽرمينل‘ تي پھچي ٽائيم ڪيپر کان ڪوچ بابت پڇيائين، جنھن ٻڌايس تہ اها ڄاڻ اچڻ واري آهي، ڪجهہ ئي منٽن ۾ ڪوچ پھچي وئي. هن شيشي مان هٿ لوڏي، گُڏي ڏيکاري تہ هنن ۾ ڄڻ ساھہ پئجي ويو. ثمرين ۽ عنبرين، ماڻھن جي پيھہ مان گُهت هڻي، زوريءَ نڪري آيون. هن ٻنھيءَ کي ڀاڪر ۾ ڀري، گُڏي ثمرين جي حوالي ڪئي ۽ رشيده کي لھڻ جو اشارو ڪيائين تہ هوءَ تڙتڪڙ ۾ ٿيلھيون کڻي نسرين کي ساڻ ڪري لھي آئي.
”ڇا ٿيو سر؟ وري خير ۾ موٽيا آهيو؟“ هن پريشانيءَ مان پڇيو.
”وٺڻ آيو آهيان اوهان کي، واپس هلو.“
سڀني جا منھن خوشيءَ مان ٽِڙي پيا. هن ڪنڊڪٽر کي بيگ ڪڍي ڏيڻ لاءِ چيو تہ رشيده دانھن ڪئي:
”سر ڀاڙو بہ واپس وٺوسِ نہ.“
”عيد جو موقعو آهي، ڀاڙو ڪونہ ڏيندو، خواه مخواه ڦڏو ٿيندو، اچو تہ هلون.“
هلو کِلندي، مُرڪندي اچي گاڏيءَ ۾ ويٺا. ثمرين ٽپ ڏيئي هن جي هنج ۾ ويٺي. اسٽيئرنگ ۾ هٿ وجهي، گاڏي هلائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي… فليٽ جي در کلندي ئي هو ائين ڊوڙي اندر گهڙيون، ڄڻ پنھنجو گهر هجينِ! هو گلن، ٻوٽن، مڇين ۽ پکين کي ڏسي، انھن سان ڳالھائي ٻولھائي، واپس ڊرائينگ روم ۾ آيون تہ ثمرين کي کڻي جهوليءَ ۾ ويھاري، شاهنواز شفقت مان سندس مٿي تي چمي ڏني، جواب ۾ هن بہ سندس ڪنڌ تي چمي ڏني، تہ هن جا چوڏنھن ئي طبق روشن ٿي ويا. اِن جاءِ تي هن جي لاڏلي ڌيءَ ڪائنات ئي کيس چُميون ڏيندي هئي. هِن کي لڳو، ڄڻ اِها چمي بہ ڪائنات ئي ڏني آهي…!! سندس گلي جي کليل بٽڻ کي بند ڪندي، انتھائي معصوميت مان ثمرين چيو:
”انڪل… اوهين… اوهين… اوهين نا…!
”پٽ، اڳتي بہ چؤ نہ، رڳو اوهين تي ئي ڇو سُئي اَٽڪي پيئي اٿئي؟“
شاهنواز جي هُشيءَ تي، هن وري ڪوشش ڪئي:
”انڪل، اوهين نا، اميءَ سان شادي ڪري، اسان جا اَبو ٿي وڃو نا…!“
رشيده ڇِرڪي پيئي، شاهنواز جي مغز مان ٺڪاءُ نڪري ويو! ناراض ٿيڻ بدران، مُرڪي پاٻوھہ مان چيائين:
”حاضر منھنجي ماءُ، هاڻي تہ اِهوئي ڪرڻو پوندو…!!“
ثمرين هن جي هنج مان ٽِپ ڏيئي اُٿي، تاڙيون وڄائي، چيلھہ کي موڙا ڏيئي نچندي ڳائڻ لڳي:
لونگ ڦوٽا ٿالھيءَ ۾ آئون کنيو پئي اچان،
راڻل ايندم اڳ ۾ آئون نچندي اچان.
نسرين ۽ عنبرين بہ اُٿي، هن سان شامل ٿي ويون، تاڙين ۽ سھرن جي ڌمچر سان، ڏسندي ئي ڏسندي، گهر ۾ شاديءَ جھڙو ماحول ٺھي پيو. رشيده بہ جذبات کي روڪي نہ سگهي، ٻنھي هٿن ۾ مُنھن لِڪائي، پنھنجي خوش بختيءَ تي سُڏڪي پيئي، شاهنواز سندس ڪلھي تي هٿ رکي، آٿت جي ٿپڪي ڏني، تہ هن سندس هٿ کي ٻنھي هٿن ۾ مضبوط جهلي، چپن تي رکي، سُڪون جو وڏو ساھہ کنيو…
ڄڻ سالن جي اڻانگي سفر کان پوءِ ٿڪل ٽُٽل مسافر کي، اچانڪ منزل ملي ويئي هجي…