App Icon

ڪهاڻي گهر

بهترين تجربي لاءِ اپليڪيشن انسٽال ڪريو

عشق جو اظھار

ليکڪ: رسول ميمڻ | پڙهڻ جو وقت: 5 منٽ

منھنجي نظر ڪمزور نہ آهي، نہ ئي وهمي يا تھمت پرست آهيان. هڪ صحتمند ۽ سيبتو شخص آهيان.
اهو لقاءُ حيرت ۽ خوف جو سبب هو، جڏهن منھنجي کٻي هٿ پويان ڪاري تِرَ ڪنھن جيت جيان چُرپر ڪئي. تِر جيڪو کٻي هٿ جي پٺئين پاسي هو، اوچتو هيڏانھن هوڏانھن چُريو. اهڙو منظر ڏسي منھنجي جسم مان ڌُرڙي نڪري ويئي.
سخت اونھاري جو ڏينھن هو، گرمي ايڏي هئي جو لڳي پيو، هر شيءِ سڙي ويندي. مان بستر تي ٽيڪ ڏيئي ويٺل هئس. پکو هليو پئي، پر پگهر جسم تان خشڪ ئي نہ پئي ٿيو.
مون ڏٺو گوڏي تي رکيل هٿ پويان ڪارو تِر چُريو ۽ هيڏانھن هوڏانھن ڪنھن ننڍڙي جيت جيان تيزيءَ سان گهمڻ لڳو.
اهو اهڙي پريشان ڪاري جيت جيان هو، جنھن کي سمجهہ ۾ نہ پئي آيو تہ ڪيڏانھن وڃي.
منھنجا لڱ سُن ٿي ويا، خيال آيو تہ سڄو هٿ کٻي هٿ تي چُرپُر ڪندڙ ڪاري جيت تي وهائي ڪڍان. سوچيو اهو تِر آهي، جيت نہ آهي. وري سوچيم تِر آهي تہ پوءِ جيت ۾ تبديل ڪيئن ٿيو؟
مون سڄو هٿ کڻي گوڏي تي رکيل کٻي هٿ جي پٺ کي ڇُهيو، اهو تِرُ هو. ساڪن تِرُ، هڪ هنڌ ڄميل، جنھن ۾ ڪا چُرپُر نہ هئي.
ان ڏينھن سوڀيا سان ملاقات ڪرڻي هئي. ملڻ جو واعدو هو. گرمي بہ گهڻي هئي، رستو بہ ڏکيو هو، پر مون کي پڪ هئي تہ سوڀيا سان ملاقات کان پوءِ موسم تبديل ٿي ويندي. اهو هڪ پارڪ هو، جنھن جي وچ تي سينواريل ڍنڍ هئي. ڍنڍ جو پاڻي سدائين سائو هوندو هو. ڪناري سان بيد مشڪ هيٺان هڪ بينچ پيل هئي، اُتي مون هر دفعي سوڀيا سان عشق جو اظھار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪڏهن عشق پھريون ٿيندو آهي ۽ اظھار پوءِ بہ ڪرڻو پوندو آهي. سوڀيا سان عشق ڪندي مون ڪڏهن اهڙو اظھار نہ ڪيو، ۽ نہ ئي سوڀيا ڪو اهڙو تاثر ڏنو تہ ان جو مون سان عشق آهي، پر ملاقاتن جي سلسلن ۾ ڪو اهڙو جذبو ضرور هو جيڪو نہ ملڻ ڪري هڪ بيچيني ۽ تانگهہ جي صورت ۾ موجود هوندو هو.
منھنجي تصور ۾ سائي ڍنڍ ڪناري بينچ تي ويٺل سوڀيا مُرڪي ۽ مون ڏٺو پگهر ۾ آلي هٿ پويان تِر ڪنھن جيت جيان هلندو منھنجي اگهاڙي ٻانھن تي چڙهي آيو. منھنجون نظرون جيت جي چُرپُر تي ٽِڪيل هيون. اهو هيڏانھن هوڏانھن گهميو ٿي، وري چُپ ڪري هڪ هنڌ بيھي ٿي رهيو، وري تيزيءَ مان گول ڦري هڪ هنڌ ڄمي ٿي ويو.
ڄائي ڄم کان منھنجي جسم تي ٻيا بہ ڪيترائي تِر آهن، ڪي اهڙا تِر بہ هئا جيڪي مٽجي چڪا آهن. مون کي ياد آهي سڄي هٿ جي چيچ تي تِر هوندو هو، جيڪو هاڻي نہ آهي. کٻي کڙيءَ مٿان، دُن ڀرسان، کاڏيءَ جي پاسي کان تِر هئا، جيڪي وقت سان مٽجي چڪا آهن. تِر جسم جا نُڪتا هوندا آهن، انھن ۾ شخصيت جو مفھوم سمايل هوندو آهي، تِر مٽجي وڃي تہ شخصيت جي معنيٰ بدلجي ويندي آهي. اهوئي سبب آهي جو مان بي معنيٰ ٿي پيو آهيان، ڪوئي مون کي سمجهي نہ سگهيو آهي، سوڀيا مون ڏي ائين ڏسندي آهي ڄڻ ڪو مُنجهيل جملو هجان، جنھن ۾ نُڪتن جون غلطيون هجن.
پگهر جسم مان وهي رهيو هو ۽ کٻي هٿ جو تِرُ منھنجين نظرن اڳيان چُرپُر ڪري رهيو هو.
تِرُ ننڍي ڪاري جيت جيان ٻانھن تي آيو ۽ پوءِ ڏوري وٽ بيھي ڄڻ مون کي ڏسڻ لڳو. جيتن جون اکيون انڪري تيز هونديون آهن جو سنھيون هونديون آهن، شيءِ جيتري سنھي هوندي، ايتري اندر ۾ پيھجي ويندي. نظرن کي بہ چھنب هوندي آهي. طوطي جي ڳاڙهي چھنب سائي مرچ ۾ گهري ويندي آهي.
گرميءَ جو احساس وڌي ويو آهي، هن سال گرمي تمام گهڻي پئي آهي ۽ گذريل سال بہ ڪنھن ساڳيو جملو چيو هو تہ هن سال گرمي تمام گهڻي پئي آهي. موسمن جو اسان جي عيبن تي اثر آهي. گرمي اگهاڙو ڪري ٿي ۽ سردي ڍڪ ڍڪي ٿي.
گرمي گهڻي آهي ۽ مان اڌ اگهاڙو آهيان، اڌ اگهاڙپ جو سبب اڌ اونھارو آهي. اُميد تہ گرمي نہ وڌندي ۽ اڌ اگهاڙو هوندس. مون لاءِ گرمي مسئلو نہ آهي، پر اهو خوف مسئلو آهي جيڪو ٻانھن تي گهمندڙ تِر ڪري پيدا ٿيو آهي.
ڪارو تِرُ ڦڙتيلي جيت جيان گهمي، هڪ هنڌ بيھي وري گُهمي رهيو هو، ڄڻ هڪ هنڌ بيھي ڪجهہ سنگهندو هجي. تِر هلندو منھنجي ڪُلھي وٽ پھتو. مون ٽيڏي اک ڪري ڏٺو، اهو ڪاري ٽٻڪي جھڙو هو جيڪو مون کي پريشان ڪري رهيو هو. تِر مٿي چڙهي ڳچيءَ ڏي سُريو تہ منھنجين نظرن کان اوجهل ٿي ويو. انسان پنھنجو ڪنڌ ڏسي نہ سگهندو آهي ڇو جو ڪنڌ ٻين لاءِ هوندو آهي. خوبصورت ٻانھن لاءِ يا ڦاهيءَ لاءِ.
مون هٿ هڻي ڪنڌ کي ڇُهيو ۽ پوءِ کٻي هٿ پويان ڏٺو، کٻي هٿ پويان منھنجو پيدائشي تِرُ نہ هو. جيت جيان مٿي چڙهي ڪنڌ وٽ پھتل تِر کي ڏسڻ لاءِ آئيني جي ضرورت پئي. مان ٽپو ڏئي اُٿيس ۽ آئيني اڳيان بيٺس. مون ڏٺو تہ ڪنڌ اڳيان کٻي پاسي ڳچيءَ وٽ موجود هو. مون ان کي مھٽيو. هر هر آڱر هڻي محسوس ڪيو. اهو جيت نہ هو، تِر هو. مون لاءِ حيرت جي ڳالھہ هئي تہ هٿ پويان هڪ تِر جيت جيان هلندو ڳچيءَ جي کاٻي پاسي پھچي ڄمي ويو هو.
ان ڏينھن جڏهن سائي ڍنڍ ڪناري بيد مشڪ هيٺان رکيل بينچ تي سوڀيا مون سان گڏ ويٺل هئي تہ اوچتو منھنجي نظر سندس ڪنڌ جي کٻي پاسي ڳچيءَ تي پئي، ڇِرڪ نڪري ويو، ڇو جو کيس اُتي تِرُ هوندو هو، جيڪو نہ هو. اهو تِرُ منھنجين نظرن جو مرڪز هوندو هو. ڳچيءَ جو خوبصورت تِرُ، جنھن کي ڏسي سوچيندو هئس تہ ڪڏهن ان کي چمندس. مون پريشان ٿي سوڀيا کان پڇيو.
”سوڀيا تنھنجي ڳچيءَ جو تِرُ ڪيڏانھن ويو؟“
سوڀيا مون ڏانھن پيار مان ڏٺو ۽ پوءِ کٻو هٿ ڏيکاريندي چيو.
”خبر نہ آهي اهو تِرُ ڳچيءَ وٽان هلندو کٻي هٿ پويان ڪيئن پھتو؟“