App Icon

ڪهاڻي گهر

بهترين تجربي لاءِ اپليڪيشن انسٽال ڪريو

آخري پَنُ

ليکڪ: اوهينري | پڙهڻ جو وقت: 14 منٽ

واشنگٽن جي ڀرسان ئي اولھہ پاسي گرين وِچ نالي هڪ ڳوٺ آهي. سڄي ڳوٺ جون گهٽيون بي ترتيب ۽ اِنگڙ وِنگڙ آهن. هڪ گِهٽي وڪڙ کائي پاڻ کي هڪ ٻن هنڌن کان ڪاٽي اڳتي لنگهي ٿي. مصورن لاءِ ان گهٽيءَ ۾ زبردست فنڪاراڻا امڪان موجود هئا، تنھنڪري مصور ۽ فنڪار سَستي مسواڙ جي ڪري ان نرالي ڳوٺ ۾ اچي پھتا. هوريان هوريان اهي ڇيڙ شاهراھہ جي بازار مان ٿانوَ ٿڦا ۽ ٻيو سيڌو سامان وٺي اتي ئي آباد ٿي ويا. اهڙيءَ طرح اهو ڳوٺ ڄڻ تہ واشنگٽن جو ئي هڪ پاڙو بنجي ويو هو.
ان ئي ڳوٺ ۾ هڪ ڪشادي ٽه- ماڙ بلڊنگ جي مٿان ’سُو‘ ۽ ’جانسيءَ‘ پنھنجو تصوير خانو ٺاهيو، جانسيءَ جو اصل نالو ’جون آنا‘ هو ۽ هوءَ ’مين هيٽن‘ کان آئي هئي ۽ سُو جو تعلق ڪئليفورنيا سان هو. روڊ نمبر- 8 جي هڪ عام هوٽل جي ميز تي انھن جي هڪٻئي سان واقفيت ٿي هئي. ڳالھين ڪندي کين خبر پئي تہ لباس، کاڌ خوراڪ ۽ مصوريءَ ۾ ٻنھي جي پسند هڪجھڙي آهي. ان جو نتيجو اهو ٿيو جو ٻنھي گڏجي ڪري هڪ گڏيل تصوير خانو قائم ڪري ورتو.
اها نومبر مھيني جي ڳالھہ آهي، جڏهن نمونيا جھڙي بڇڙي ۽ بدبخت بيماريءَ ڪيترن ئي ماڻھن کي ماري ڇڏيو. جانسيءَ جھڙي هلڪي ۽ هيڻي عورت بہ ان بيماريءَ جي سَٽَ کان نہ بچي سگهي. هوءَ ويچاري اڳ ۾ ئي ڪئليفورنيا جي رت ڄمائيندڙ ٿڌ ۽ ٿڌين هَوائن جي ڪري اڌ مُئي ٿي چڪي هئي، ويتر مٿان سيءَ بہ کيس سوڙهو ڪري ڇڏيو هو. هاڻي تہ هوءَ چُري پُري بہ ڪونہ ٿي سگهي. هوءَ پنھنجي بستري تي ليٽندي سڄو ڏينھن ننڍڙيءَ محراب دار دريءَ جي شيشن مان نظر ايندڙ گهر جي ديوار کي تڪيندي رهندي هئي.
هڪ صبح جو اڇن وارن واري ڊاڪٽر، سُوکي ورانڊي ۾ سڏيو. ”منھنجو خيال آهي تہ جانسيءَ جي زندہ بچڻ جو امڪان ڏھہ سيڪڙو آهي.“ ڊاڪٽر ٿرماميٽر کي جهٽڪو ڏيندي ٻڌايو، ”۽ اهو امڪان بہ تڏهن آهي، جيڪڏهن هوءَ پاڻ جيئري رهڻ جي ڪوشش ڪندي. جيڪي ماڻھو جيئري رهڻ جي اميد ختم ڪري ڇڏيندا آهن، تن لاءِ ڊاڪٽر جو علاج بيڪار آهي. تنھنجي سھيليءَ بہ دل ۾ اهو سوچي ڇڏيو آهي تہ هوءَ ٺيڪ نہ ٿي سگهندي. ها! اهو ٻڌاءِ تہ ڀلا سندس دل ۾ ڪا خواهش، ڪو ارمان آهي ڇا..!؟“
”اصل ۾ هوءَ خليج نيپلز جي تصوير ٺاهڻ چاهي ٿي.“ سُو ٻڌايو.
”اڇا..... اڇا.... ٺيڪ! ڊاڪٽر چيو، ”بھرحال، جيستائين منھنجي ڳالھہ آهي تہ مان تنھنجي سھيليءَ کي بچائڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪندس، پر جڏهن منھنجو مريض پنھنجي موت جي باري ۾ گهڻو سوچڻ لڳندو آهي تہ پوءِ مان دوائن جي اثر کي اڌ سمجهندو آهيان. ها! جيڪڏهن تون ڪنھن نموني هن کي سياري جي نئين فيشن جي ڪوٽ جي ٻانھن جي باري ۾ هڪ سوال پڇڻ تي راضي ڪري سگهين تہ پوءِ مان پَڪ سان چئي سگهان ٿو تہ سندس بچڻ جي اميد ڏھہ سيڪڙو بدران ويھہ سيڪڙو ٿي ويندي.“
ڊاڪٽر جي وڃڻ کانپوءِ سُو تصوير خاني ۾ ويئي ۽ ڪينواس تيارڪرڻ لڳي. ڪجهہ دير کانپوءِ هوءَ ڊرائنگ بورڊ سميت سيٽي وڄائيندي جانسيءَ جي ڪمري ۾ داخل ٿي. هوءَ بيحس ليٽيل حالت ۾ دريءَ ڏانھن گُهوري رهي هئي. سُو سمجهيو تہ شايد هوءَ سُمھي پئي آهي، تنھنڪري هن هڪدم سيٽي وڄائڻ بند ڪري ڇڏي.
هن پنھنجو بورڊ هڪ هنڌ ڄمائي رکيو ۽ هڪ رسالي جي ڪھاڻيءَ لاءِ تصوير ٺاهڻ لڳي. انھن نوجوان مصورن لاءِ، جيڪي مصوريءَ ۾ اڳتي وڌڻ جي خواهش ٿا رکن. اهو ضروري آهي تہ شروع شروع ۾ اُهي ڪھاڻين جون تصويرون يا اسڪيچ ٺاهي پنھنجو رستو گهڙين، ائين جيئن نوجوان اديب مٿانھون ادبي مقام حاصل ڪرڻ لاءِ ننڍيون ننڍيون لکڻيون سرجيندا آهن.
سُو پنھنجي هيري جي جسم تي رياست اَڊ اهو جي ڌنارن جھڙي سُٿڻ ۽ هڪ شيشي جي عينڪ ٺاهڻ ۾ مصروف هئي. کيس ڪو جهيڻو آواز بار بار ٻڌڻ ۾ آيو. هوءَ هڪدم جانسيءَ جي بستري وٽ پھچي ويئي.
جانسيءَ جو اکيون کليل هيون. هوءَ دريءَ کان ٻاهر ڏسي رهي هئي ۽ ڪا ڳڻپ ڪري رهي هئي، اُبتي ڳڻپ.
’ٻارنھن....‘ هن چيو ۽ ڪجهہ دير کانپوءِ،
’يارهن‘ ۽ وري هڪدم، ’ڏھہ‘ وري، ’نَوَ‘، ’اَٺَ، سَت‘.
سُو وڏي ڌيان سان دريءَ جي ٻاهران ليئو پائي ڏٺو، اتي اهڙي ڪھڙي شيءِ هئي، جنھن کي هوءَ ڳڻي رهي هئي. کيس هڪ اڱڻ ۽ گهر جي ديوار کان سواءِ ٻيو ڪجهہ بہ نظر نہ آيو. ها! پر وڻ ويڙهيءَ جي هڪ پُراڻي وَلِ کيس ديوار سان چنبڙيل نظر ٿي آئي، اها وَل ڪومائجي چُڪي هئي ۽ ان جون پاڙون بہ ڳَري ويون هيون. سرءُ جي تيز ۽ ٿڌين هوائن ان وَلِ جا اڪثر پَن ڪيرائي ڇڏيا هئا ۽ هاڻي رڳو خالي ڏارَ ديوار سان چنبڙيل هئا.
”ڇا ڳالھہ آ پياري جانسي؟“ سُو پڇيو.
’ڇھہ.....‘ جانسيءَ ڀُڻ ڀُڻ ڪئي. ”هاڻي اهي جلدي جلدي ڪِري رهيا آهن. ٽي ڏينھن اڳ سَوَ جي لڳ ڀڳ هئا، انھن کي ڳڻي ڳڻي منھنجو تہ مَٿو ئي ڦِري ويو هو، پر هاڻي ڳڻڻ سولو آهي... ها! هڪڙو ٻيو بہ ڪِري پيو. هاڻي رڳو پنج وڃي بچيا آهن.“
”پنج ڇا، پياري سھيلي؟ پنھنجي سُو کي ٻڌاءِ نہ!“
”پَنَ.... وڻ ويڙهيءَ جي وَل مان جڏهن آخري پَنُ ڇڻي ويندو، تہ پوءِ مان بہ مري وينديس. ٽن ڏينھن کان مون کي ان ڳالھہ جي خبر آهي. توکي ڊاڪٽر ناهي ٻڌايو ڇا....؟“
”اُف.....! بڪواس نہ ڪر ڇوڪري.... مان پنھنجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن بہ اهڙي فضول ڳالھہ ناهي ٻُڌي... آئيندي اهڙي بَڪ نہ ڪجانءِ..“ سُو کيس پيار مان داٻو ڏيندي چيو. ” ڀلا، ان پراڻي وڻ ويڙهيءَ جي وَل جو تُنھنجيءَ صحت سان ڪھڙو تعلق؟ ۽ ها! توکي تہ اها وَل ڏاڍي وڻندي هئي، شرير ڪنھن جاءِ جي! تون ڊڄڻي نہ ٿيءُ، ڳالھہ ٻڌ! اڄ صبح ئي ڊاڪٽر مون کي ٻڌايو آهي تہ تنھنجي تندرست ٿيڻ جو ڏھہ سيڪڙو امڪان آهي. ٻڌ تہ! جڏهن اسان نيويارڪ ۾ ٽيڪسيءَ تي سير سپاٽو ڪري رهيا هوندا آهيون يا وري ڪنھن نئين عمارت وٽان لنگهي رهيا هوندا آهيون، تڏهن بہ اسان جي زندہ گهر پھچڻ جا امڪان بہ ڏھہ سيڪڙو هوندا آهن، ڳالھہ کوپڙيءَ ۾ وئي؟ بس، هاڻي ٿورڙي يخني پيءُ ۽ پنھنجي سوُ کي ڪم ڪرڻ ڏي تہ جيئن هوءَ تصويرن جي پئسن مان پنھنجي ۽ تُنھنجي پيٽ لاءِ دال روٽيءَ جو بندوبست ڪري سگهي.“
”هاڻي تون منھنجي ڳڻتي نہ ڪر.“ جانسيءَ پنھنجو اکيون دريءَ کان ٻاهر ڄمائيندي چيو، ”آ....! هڪ ٻيو پَن بہ ڪِري پيو... نہ..... نہ! مون کي يخني نہ گهرجي. مان نہ ٿي پيئڻ چاهيان. هاڻي رڳو چار پَن وڃي رهيا آهن. مان رات جي اوندھہ پکڙجڻ کان اڳ آخري پَن کي ڪِرندي ڏسڻ چاهيان ٿي، پوءِ مان بہ مري وينديس.“
”جانسي! پياري جانسي!“ سُو مٿس جُهڪندي چيو، ” جيستائين مان پنھنجو ڪم ختم ڪريان، تيستائين تون پنھنجون اکيون بند ڪري نہ ٿي سگهين؟ هي تصويرون مون کي سڀاڻي تائين ڏيڻيون آهن. مون کي روشنيءَ جي ضرورت هئي، نہ تہ مان دريءَ تي پردو ڪيرائي ڇڏيان ها...“
”ڇا تون اهي تصويرون ٻئي ڪمري ۾ نہ ٿي ٺاهي سگهين؟“ جانسيءَ لاپرواهيءَ مان پڇيو.
”نہ...! مان تو وٽ هجڻ چاهيان ٿي.“ سُو چيو، ۽ ٻيو اهو تہ مان نہ ٿي چاهيان تہ تون هَروڀَرو وڻ ويڙهيءَ جي وَلِ کي تڪيندي رهين.“
”چڱو، تون جڏهن پنھنجو ڪم ختم ڪرين تہ پوءِ مون کي ٻڌائجانءِ.“ جانسيءَ پنھنجون اکيون ٻوٽيندي چيو، ”مان آخري پَن کي ڪِرندي ڏسڻ چاهيان ٿي، مان انتظار ڪري ڪري ٿڪجي پئي آهيان. سوچيندي سوچيندي بيزار ٿي ويئي آهيان. مان هن دنيا کان آزاد ٿيڻ چاهيان ٿي ۽ انھن ويچارن پَنن وانگر ڇَڻي وکري ختم ٿي وڃڻ گهُران ٿي.“
”آرام ڪر... سمھڻ جي ڪوشش ڪر.“ سُو چيو،
”مان پوڙهي فقير جي تصوير ٺاهڻ لاءِ ’باحرمن‘ کي ماڊل بنائڻ چاهيان ٿي. مان کيس سڏڻ ٿي وڃان. بس، هڪ منٽ ۾ موٽي آيس. تون منھنجي موٽي اچڻ تائين بستري تان اٿڻ جي ڪوشش هرگز بہ نہ ڪجانءِ.“
پوڙهو باحرمن هڪ مصور هو، جيڪو ان ئي بلڊنگ جي هيٺين ماڙ تي رهندو هو. سندس عمر سٺ سالن کان بہ مٿي هئي. جسم مائيڪل اينجلو جي ٺاهيل مجسمي ’شيطان‘ جھڙو هئس. ڏاڙهي حضرت موسيٰ عليہ السلام جي مجسمن جھڙي ۽ ڪَنَ اساطير جھڙا. باحرمن هڪ ناڪام مصور هو. گذريل چاليھن سالن کان هُو بُرش وسيلي ڪاغذي چادرن تي رنگ ٿڦي رهيو هو، پر هڪ پَن بہ ٺاهي ڪو نہ سگهيو هو. هُو سدائين هڪ شاهڪار ٺاهڻ جا سپنا ڏسندو رهندو هو، پر ان شاهڪار کي ٺاهڻ شروع بہ نہ ڪيو هئائين. هُو ان ڳوٺ جي انھن سيکڙاٽ مصورن جو ماڊل بنجي ڪجهہ ڪمائي وٺندو هو، جيڪي ڪنھن مناسب ماڊل جي في ڀرڻ جي سگهہ نہ رکندا هئا. هُو سگريٽ ڏاڍا پيئندو هو ۽ اڪثر پنھنجي ايندڙ شاهڪار جي باري ۾ وڏا وڏا حَوال ڪٽڻ لڳندو هو. هو بلڊنگ جي تصوير خاني ۾ رهندڙ ٻن نوجوانڙين يعني سُو ۽ جانسيءَ جي حفاظت ڪرڻ پنھنجو فرض سمجهندو هو.
جڏهن سُو باحرمن وٽ پھتي تہ هُو جونيپر ٻير جا پَن سنگهي رهيو هو. هڪ ڪنڊ ۾ خالي ڪينواس ايزلا تي رکيل هو. اهو ڪينواس پنجويھن سالن کان شاهڪار جي پھرين لڪير جي اوسيئڙي ۾ هو. سُو کيس جانسيءَ جي وهم جي باري ۾ سڀ ڪجهہ ٻڌائي ڇڏيو. سُو ڊڄي رهي هئي تہ ويچاري جانسي ڪنھن پَن وانگر هيڻي تہ آهي ئي ۽ ڪٿي ائين نہ ٿئي جو دنيا مان بيزار ٿي، ٻِي دنيا ڏانھن هلي پئي.
پوڙهو باحرمن ڳاڙهين اکين سان لاڳيتو سُو کي تڪيندو رهيو ۽ جانسيءَ جي اهڙي بيوقوفاڻي سوچ تي کلندو بہ رهيو.
”بيوقوفيءَ جي حد آ...!“ پوڙهي اوچتو وڏي آواز ۾ ڳالھايو، ”ڇا دنيا ۾ اهڙا ماڻھو بہ موجود آهن، جيڪي بيڪار وَلين جي پَنن ڪِرڻ سان مري ويندا هجن، مان تہ ڪڏهن اهڙي ڪا ڳالھہ ناهي ٻُڌي. نہ بابا نہ! مان تنھنجي لاءِ پوڙهو فقير ڪو نہ ٿيندس. ڀلا تون جانسيءَ جي کوپڙيءَ ۾ اها چريائپ واري ڳالھہ ڇو اچڻ ڏني؟ هاءِ! ويچاري جانسي!“
”هوءَ گهڻو بيمار ۽ ڪمزور آهي.“ سُو ٻڌايو، ”۽ تيز بخار سندس دماغ کي عجيب ۽ غريب مريضاڻين سوچن سان ڀري ڇڏيو آهي. اڇا باحرمن صاحب! تون جيڪڏهن منھنجي لاءِ فقير جو ماڊل نہ ٿو بنجڻ چاهين تہ نہ بڻج، وڃي ڌُوڙ پاءِ... تون ڪنھن بہ ڪم جو ناهين. هڪ بيڪار پوڙهو آهين.... رڳو بَڙبَڙ ڪندو وتندو آهين.“
”تون بہ هڪ بيڪار عورت آهين!“ باحرمن وات ڦاڙي چيو، ”مان اهو ڪڏهن چيو تہ مان فقير جو ماڊل نہ ٿيندس؟ هل، مان تو سان گڏ ٿو هَلان. مان تہ اَڌ ڪلاڪ کان بَڪي رهيو آهيان تہ مان ماڊل ٿيڻ لاءِ تيار آهيان، تون ٻڌين ئي ڪو نہ ٿي. هاءِ ويچاري جانسي! ان کي تہ بيمار نہ رهڻ گهرجي. هي اهو هنڌ ناهي جتي ڪو بيمار ٿي پوي. هڪ ڏينھن مان پنھنجو شاهڪار ٺاهيندس. پوءِ اسان هتان لڏي هلنداسين، ٺيڪ آنہ؟“
جڏهن اهي ٻئي مٿي پھتا تہ جانسي سُتي پئي هئي. سُو دريءَ تي پردو ڪيرائي ڇڏيو ۽ باحرمن کي ٻئي ڪمري ۾ اچڻ جو اشارو ڪيو. ٻئي ڪمري ۾ پھچي پھرين هنن دريءَ مان ليئو پائي وڻ ويڙهيءَ جي وَلِ کي خوف وچان ڏٺو ۽ پوءِ ڪجهہ گهڙيون هڪٻئي کي تڪيندا رهيا. هُو چاهيندي بہ هڪٻئي سان ڳالھائي ڪونہ سگهيا. ٻاهر تيز مِينھن وسي رهيو هو ۽ برف بہ ڪِري رهي هئي. باحرمن نيري رنگ جي پراڻي قميص پايو ڪاٺ جي هڪ اسٽول تي فقير بنجي ويھي رهيو.
جڏهن سُو رات جو ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين سٺي ننڊ ڪري صبح جو اُٿِي تہ سندس نظر جانسيءَ تي پئي. جانسي دريءَ جي ڪِريل پردي کي اداس نظرن سان ڏسي رهي هئي.
”پردو هٽاءِ.... مان ڏسڻ چاهيان ٿي.“ جانسي هلڪي آواز ۾ حڪم ڏيندي چيو.
سُو بيدليءَ مان پردو هٽائي ڇڏيو.
پر ڏسو تہ سھي! ڪيڏي نہ حيرت جي ڳالھہ آهي جو سڄي رات مينھن وسندو رهيو ۽ تيز هَوا بہ گهلندي رهي، پر سامھون ديوار سان گڏ وڻ ويڙهيءَ جي وَلِ تي هڪ پَن اڃا بہ لڳل هو. اهو وَلِ جو آخري پَن هو. ان جا ڏندائتا ڇيڙا ڪومائجي هيڊا ٿي ويا هئا، پر اهو سنھڙي ٽاريءَ وٽان اڃا تائين سائو هو ۽ زمين کان لڳ ڀڳ ويھہ فوٽ مٿي ديوار سان وَلِ جي شاخ تي لٽڪيل هو.
” اهو آخري پَن آهي.“ جانسيءَ ڳالھايو، ”مان سمجهيو ٿي تہ رات اهو پَڪ سان ڪِري چڪو هوندو. رات تہ ڏاڍي هَوا بہ گهُلي رهي هئي. خير، اهو ضرور ڪِرندو ۽ پوءِ مان بہ مري وينديس.“
”منھنجي پياري سھيلي!“ سُو پنھنجو ٿَڪل چھرو وهاڻي وٽ جُهڪائيندي چيو، ”اهڙيون ڳالھيون تہ نہ ڪر، جيڪڏهن توکي پنھنجو خيال ناهي تہ پوءِ ڀلا منھنجو ئي خيال ڪر. مان توکان سواءِ جيئري رهڻ جو سوچي بہ نہ ٿي سگهان.“
پر جانسيءَ ڪا بہ ورندي نہ ڏني. اهو روح، جيڪو پنھنجي هڪ ڊگهي ۽ پُراسرار سفر جي تياريءَ ۾ مصروف هجي، دنيا جي سڀ کان وڌيڪ اڪيلي شيءِ هوندو آهي. جانسيءَ کي هن دنيا سان لاڳاپو ۽ سُو سان دوستيءَ جو رشتو ڪمزور ٿيندي محسوس ٿيو. جانسي خيالن جي دنيا ۾ گُم ٿيندي ويئي.
ڏينھن ختم ٿي ويو، پر شفق جي روشنيءَ ۾ وڻ ويڙهيءَ جو اڪيلو پَن اڃا بہ اهڙيءَ طرح ئي ديوار سان وَلِ تي چنبڙيل نظر اچي رهيو هو. رات ايندي ئي برسات ۽ هَوا جو سلسلو وري شروع ٿي ويو. اُتر جي تيز هَوا لاڳيتو گهُلي رهي هئي ۽ مينھن جون بوندون درين جي شيشن تي ٽَپ ٽَپ ڪري رهيون هيون.
ٻئي ڏينھن جڏهن اُسَ نڪتي تہ جانسيءَ وري حڪم ڏنو تہ پردو هٽايو وڃي.
وڻ ويڙهيءَ جو پَن اڃا بہ موجود هو.
جانسي ڳچ دير تائين ان پن کي تڪيندي رهي ۽ پوءِ هُن سُو کي سڏ ڪيو، جيڪا پريان رڌڻي ۾ سندس لاءِ چڪن سوپ تيار ڪري رهي هئي.
”سُو! مان ڏاڍي خراب ڇوڪري آهيان.“ جانسيءَ چيو، ”ڪنھن غيبي طاقت ان آخري پَن کي اُتي ئي روڪي ڇڏيو آهي، تہ جيئن مون کي خبر پئي تہ مان ڏاڍو بُرو سوچيو هو. مرڻ جي خواهش ڪرڻ تہ گناھہ آهي. هاڻي ائين ڪر تہ منھنجي مٿي ۽ پُٺيءَ کان ٻہ- ٽي وهاڻا رک تہ مان ٽيڪ ڏئي ويھان ۽ توکي چڪن سوپ ٺاهيندي ڏسان.
سوپ پيئڻ کانپوءِ جانسيءَ چيو، ”سُو! مان ڪنھن ڏينھن خليج نيپلز جي تصوير ٺاهينديس.“
منجهند جو ڊاڪٽر آيو ۽ جانسيءَ کي ڏٺائين. سُو کيس ڇڏڻ ورانڊي تائين آئي.
”جانسيءَ جي طبعيت سڌرندڙ آهي.“ ڊاڪٽر ٻڌايو، ”جيڪڏهن تون ان جو گهڻو خيال رکندينءَ تہ پوءِ هوءَ زندگيءَ جي جنگ کٽي ويندي. مان هاڻي هيٺ هڪ ٻئي مريض کي ڏسڻ پيو وڃان. ان جو نالو باحرمن آهي ۽ هو بہ مصور آهي. ان ويچاري کي بہ نمونيا ٿي ويئي آهي، پوڙهو ۽ ڪمزور ماڻھو آهي. نمونيا جو حملو بہ شديد ٿيو اَٿس. سندس بچڻ جي ڪا بہ اميد نظر نہ ٿي اچي. پر مان اڄ کيس اسپتال وٺي پيو وڃان تہ جيئن اُتي کيس وڌيڪ آرام ملي سگهي.“
ٻئي ڏينھن ڊاڪٽر سُو کي ٻڌايو، ”تنھنجي سھيليءَ جي حالت هاڻي خطري کان ٻاهر آهي. هوءَ کٽي ويئي آهي. هاڻي ٿورڙي سٺي خوراڪ ۽ احتياط جي ضرورت آهي، بس!“
ان ڏينھن ٽيپھريءَ جو سُو جانسيءَ جي ويجهو آئي. سُو وڏي ڌيان سان بستر تي ليٽي نيري رنگن جو سوئيٽر اُڻي رهي هئي. سُو سندس ڀرسان رکيل وهاڻن کي پنھنجي ٻانھن ۾ جڪڙي ورتو ۽ وڏي اداس لھجي ۾ ٻڌائڻ شروع ڪيو.
”باحرمن صاحب ويچارو اڄ اسپتال ۾ نمونيا وگهي گذاري ويو. هُو رڳو ٻہ ڏينھن بيمار رهيو. چوڪيدار ٽيون ڏينھن کيس پنھنجي ڪمري ۾ هيڻي حالت ۾ ڏٺو هو، سندس بوٽ ۽ ڪپڙا صفا آلا هئا ۽ ٿڌا پڻ، ماڻھو حيران هئا تہ باحرمن آخر رات جو ويو ڪيڏانھن هو؟ ماڻھن کي سندس ڪمري ۾ هڪ لالٽين نظر آئي، جيڪا ٻَري رهي هئي ۽ هڪ ڏاڪڻ بہ، جيڪا ڪيڏانھن گهِلي کنئي ويئي هئي ۽ ڪجهہ برش بہ، جيڪي هيڏي هوڏي وکريا پيا هئا. هڪ تختو بہ جنھن تي سائو ۽ هيڊو رنگ ملايو ويو هو ۽.... ۽ منھنجي پياري سھيلي! ٿورو دريءَ کان ٻاهر ديوار تي وڻ ويڙهيءَ جي آخري پَن کي ڏس... ڇا توکي ان ڳالھہ تي حيرت نہ ٿي ٿئي تہ اهو پَن هَوا جي گهُلڻ سان لُڏي ڇو نہ ٿو؟ منھنجي جان! اهو باحرمن جو شاهڪار آهي، جنھن رات آخري پن ڪِريو هو، تنھن رات هن پَن جي اها تصوير اُتي ٺاهي هئي.


**(آمريڪي ڪھاڻي)**

سنڌيڪار: ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگي
 

وليم سڊني پورٽر، جنھن جو قلمي نالو اوهينري آهي، مشھور آمريڪي ڪھاڻيڪار ٿي گذريو آهي. هڪ ڀرپور تجسس ۽ حيرانيءَ تي ختم ٿيندڙ اوهينريءَ جي ڪھاڻين کي سڄي دنيا ۾ وڏي مڃتا حاصل پئي رهي آهي. پاڻ 11 سيپٽمبر 1862ع تي گرين بورو، اتر ڪيرولينا، آمريڪا ۾ ڄائو ۽ سندس وفات 5 - جون 1910ع تي ٿي.
’آخري پَنُ‘ اوهينريءَ جي اها ڪھاڻي آهي. جنھن کي دنيا جي ڪھاڻين جي ’شھزادي‘ سڏيو ويو آهي. هيءَ ڪھاڻي 1907ع ۾ ڇپيل اوهينريءَ جي ڪھاڻين جي مجموعي "The Trimmed Lamp and other stories" (اجهاميل ڏيئو ۽ ٻيون ڪھاڻيون) ۾ شامل آهي. آخري پن گرين وچ نالي هڪ ڳوٺ ۾ نمونيا جي پکڙجڻ جي پس منظر ۾ لکي وئي آهي. هن ڪھاڻيءَ ۾ ٻن ساهيڙين ۽ هڪ پوڙهي مصور جي ڳالھہ ٿيل آهي. انھن مان هڪ ساهيڙي نمونيا ۾ وٺجي وڃي ٿي ۽ مايوس ٿي موت جو انتظار ڪري ٿي، پر پوڙهو مصور کيس همٿائي ٿو ۽ جيئڻ جو حوصلو ڏئي ٿو، نيٺ هو پاڻ بہ مري وڃي ٿو.
اوهينريءَ 600 ڪھاڻيون لکيون، جيڪي دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪيون آهن. - سنڌيڪار)