حاجاڻي
ليکڪ: جاويد عباسي | پڙهڻ جو وقت: 8 منٽ
هاڻي ويٺا پاڻ ئي مُرڪندا رهندؤ يا منھنجي ڳالھہ بہ ٻڌندؤ.
شازي چانھہ جو ڪوپ منھنجي اڳيان ٽيبل تي رکي ڀرسان ڪرسي تي ويھي رهي ۽ مون کي ڏسڻ لڳي. زالن جو پيار، حيات جي پوئين پھر ۾ ئي سمجهہ ۾ ايندو آهي.
”سائين، ڳالھہ ٻڌايو تہ ٻڌندس.“ مون چانھہ جي ڪوپ مان چُسڪي وٺندي چيو.
”ڏسو، علينا جي شاديءَ کي ڇھہ مھينا ٿي ويا آهن، اڃا اولادي ناهي ٿي. هڪ بيبيءَ جي مزار آهي، چون ٿا تہ اتي دعا گهرڻ سان نياڻين کي اولاد ٿئي ٿو.“
علينا منھنجي هڪ ئي ڌيءَ هئي، جنھن جي ڇھہ مھينا اڳ شادي ڪرائي هئي، ماڻس کي الائي ڪھڙي جلدي هئي تہ بس علينا کي اولاد ٿئي.
”شازي، اڃا ڇھہ مھينا مس ٿيا آهن، ﷲ چاهيو تہ اولاد بہ ٿي ويندو.“
”پر ﷲ وارن کان دعا پني سي تہ ڇا ٿيندو.“ هوءَ پڪي ضدي هئي.
”چڱو هلنداسين.“
”نہ، سڀاڻي ئي هلڻو آهي.“
”چڱو ڀلا، سڀاڻي ئي ٿا هلون، پر هلڻو ڪٿي آهي؟“
”ڳوٺ ميسڙا، بيبي حاجاڻي جي مزار تي.“
”ڳوٺ ميسڙا…!“ مان پريشان ٿي ويس، نرڙ تي پگهر اچي ويو.
”ڇا ٿيو، توهان ايڏو پريشان ڇو ٿي ويا آهيو، نہ ٿا هلون ڀلا.“ شازيءَ مون کي ٻانھن کان اچي جهليو، مان کيس ٺيڪ هجڻ جو اشارو ڪيو ۽ سڀاڻي هلڻ جو چيو.
ٻہ ٽي ڏينھن ڇڏي وري ساڳِي بيٺڪ گهر ۾ لڳندي هئي ۽ ڀيڻ جي شاديءَ جو مسئلو بحث هيٺ ايندو هو، امان بابا کي چئن ٻارن جو اولاد هو، ان ۾ مون کان وڏا ٻہ ڀائر ۽ سڀني کان ننڍي هڪ ڀيڻ، راڻي. وڏو ادو محمد بخش زمينون سنڀاليندو هو، ۽ ٻيو نمبر ڀاءُ ڪريم حسين مال جي واڙي کي مُنھن ڏيندو هو، ڀليون مينھون اسان جي واڙي ۾ هونديون هيون، جن جو کير شھر موڪلبو هو. مون ميٽرڪ ڪئي هئي ۽ هاڻي شھر ۾ هڪ بورڊنگ اسڪول ۾ پڙهندو هئس. پئسي ڏوڪڙ جي پرواھہ نہ هئي، ڳوٺ ميسڙا جا ننڍا زميندار هئاسون.
”بابا… ڀيڻ کي ڌارين ۾ نہ ڏينداسين.“ ادو محمد بخش ارڏو ۽ ضدي هوندو هو، وڏو هجڻ ڪري بابا بہ هن جي ڳالھہ رکندو هو.
”ابا، پنھنجن ۾ ڪھڙا رشتا بچيا آهن، هڪ ٻہ آهن بہ تہ اهي ننڍا آهن.“
بابا، ادي محمد بخش کي سمجهائيندي چيو: نياڻين جي رشتن جي حوالي کان اسان جي ڌپ واري سوچ اڃا ناهي بدلي.
”ٺيڪ آ، ٻاهر ٿا ڪريون تہ پوءِ ذات برادريءَ وارا هجن.“ ائين چئي ادو محمد بخش ڪمري مان نڪري ويندو هو ۽ مسئلو اُتي جو اُتي رهجي ويندو هو. ڪيترن سالن کان ائين ئي پئي ٿيو. ڀيڻ جي عمر چاليھن کان چڙهي هئي، هن بہ آسرو لاهي، روزي نماز جو در ورتو هو، تمام گهٽ ڪنھن سان ڳالھائيندي هئي، امان بابا پريشان رهندا هئا، ڪجهہ رشتا ذات برادريءَ وارن جا آيا تہ اهي ادي وارن کي نہ وڻيا، ائين ڄڻ ڀيڻ ويھجي وئي هئي.
ڳوٺاڻو ماحول هو، امان بابا، روزي نماز جا پابند هئا، اسان ڀائر مڙئي جمعي تي مسجد ويندا هئاسون. باقي راڻي، اسان جي ڀيڻ تھجد گذار هئي، ﷲ جي نيڪ ٻانھي هئي، ڪڏهن نہ ڪُڇندي هئي، بابا امان جي عمر بہ وڏي ٿي وئي هئي، عُمري جو ارادو ڪيائون ۽ راڻيءَ کي بہ پاڻ سان وٺي وڃڻ لڳا. هڪ ڊگهي عرصي کان پوءِ راڻيءَ جي چھري تي رونق ڏٺي. هوءَ ڏاڍي خوش ٿي وئي. عمري جي ادائگيءَ کانپوءِ سڀ واپس آيا تہ بابا اڪثر بيمار رهڻ لڳو، ڳوٺ وارا پڇڻ ايندا هئا. مايون بہ اينديون هيون، اهي وري امان ۽ ڀيڻ سان ويھنديون هيون. ائين بي اولادي مايون، راڻيءَ کي اولاد واسطي دعا ڪرڻ لاءِ چونديون هيون تہ هوءَ بہ هٿ کڻي کين دعا ڏيندي هئي. جڏهن ڪجهہ دعائون اگهاميون تہ پوءِ بس ماين جي رش وڌڻ لڳي ۽ راڻيءَ کي بہ ڄڻ وندر ملي وئي.
بابو ڪجهہ عرصو بيمار رهڻ کان پوءِ گذاري ويو، زندگي جو رُخ رواج بدلجڻ لڳو. ادي محمد بخش گهر جون واڳون سنڀاليون، ان دوران ادي محمد بخش شادي ڪئي، ادي ڪريم بہ شادي ڪئي، مان شھر ۾ پڙهائي مڪمل ڪري ورتي، پر اسان جي ڀيڻ راڻي رهجي وئي، امان بہ گذاري وئي. امان کان پوءِ گهر ڄڻ ڀوت گهر بڻجي ويو، راڻي ماين کي دعائون ۽ سڳا ڏيڻ ۾ مصروف ۽ ڀائر وري ڀاڄاين سان خوش، پر ان خوشيءَ پويان هڪ تباهيءَ بہ ڪَرُ کنيو هو، ادي ڪريم کي جوئا جي عادت پئجي وئي هئي ۽ ادو محمد بخش نشو ڪرڻ لڳو هو، ٻئي ڀائر اولادي بہ ٿي ويا هئا، پر هو پنھنجي گهر وارين ۽ اولاد کي ڄڻ ڇڄڻ لڳا هئا، امان بابا هليا ويا، ڪو دعا ڏيڻ وارو نہ رهيو، اسان جو آباد گهراڻو ڀُرڻ لڳو. ان ڏينھن تہ حد ٿي وئي. ادي محمد بخش ۽ ڀائو ڪريم مون کي ڪمري ۾ سڏايو، مان ويس تہ هُو ڪجهہ پريشان ٿي لڳا، پگهريا پيا هئا، مون کي ڪجهہ سمجهہ ۾ نہ آيو، مان مُوڙي تي ويھي رهيس.
”ابا محمود، توسان ڳالھائڻو آهي.“ ادي محمد بخش ابتدا ڪئي، مون کي هُو ان وقت بہ نشي ۾ لڳو.
”جي ادا، حڪم ڪريو.“ مان ڌيان ڪري کيس ٻڌڻ لڳس، هن جا چپ خشڪ پئي ٿيا، هن ادي ڪريم ڏانھن ڏٺو.
”ڀائو ڳالھہ ڪرينس.“ ادي ڪريم بخش مُنھن تي بوڇڻ ڦيري، پگهر اُگهندي وڌي ادي کي همت ڏياري.
”محمود، اسان تنھنجي وڏن ڀائرن فيصلو ڪيو آهي تہ هاڻي مال ملڪيت پاڻ ۾ ورهائي کڻون ۽ پنھنجي منھن زندگي گذاريون.“ ادي محمد بخش جلديءَ ۾ چيو. مان حيران ٿي ويس، بابا جي جوڙيل ملڪيت، ٻني ٻارو ائين ڇو ورهايون، جڏهن تہ معاملا سڀ ٺيڪ پئي هليا.
”ان جي ڪھڙي ضرورت آهي ادا، سڀ ٺيڪ تہ هلي پيو، پاڻ ۾ خوش آهيون.“
”نہ ابا، سڀ ٺيڪ ناهي، زمينن ۾ اها طاقت ناهي رهي، واڙي واري ڪمائيءَ ۾ بہ ڪا بچت ناهي، گڏجي هلڻ مشڪل آهي.“ ادي محمد بخش ڳالھايو تہ مان سمجهي ويس تہ ٻئي وڏا ڀائر فيصلو ڪري چڪا آهن.
”تون نہ گهٻراءِ، اسان توکي خرچو ڏيندا رهنداسين، جيستائين توکي نوڪري ملي.“ ادي ڪريم منھنجي ڪُلھي تي هٿ رکيو.
”بس راڻيءَ جو مسئلو آهي.“ ادي محمد بخش چيو، مون نہ سمجهندي ڏانهس ڏٺو.
”ادا، مسئلو وري ڪھڙو آهي، هوءَ نياڻي آهي، وڏي عمر جي ٿي وئي آهي، شادي تہ ٿيندس ڪونہ، پوءِ حصو پتي وٺي ڇا ڪندي؟“ ادي ڪريم وڏي ڀاءُ جي ڳالھہ کڻي ورتي، مان ٻن وڏن ڀائرن جي وچ ۾ ويٺو ڪڏهن هِن کي ٿي ڏٺو، ڪڏهن هُن کي. مون کي لڳو مان ٻن بگهڙن جي وچ ۾ ويٺو آهيان. مان سمجهي ويس تہ وڏي ادي کي پنھنجي نشي پتي لاءِ زمينون گُهربيون هيون ۽ ننڍي ڀاءُ کي واڙو گهربو هو تہ جيئن جوئا ۾ اُڏائي سگهي. منھنجو ۽ راڻيءَ جو هنن کي ڪو اُلڪو نہ هو. هُو مون کي ۽ راڻيءَ کي ملڪيت تان ماري بہ سگهيا ٿي ۽ ٿيو بہ ائين ٻئي ڏينھن مان شھر هليو آيس. بئنڪ جي نوڪريءَ لاءِ انٽرويو بہ هو. ﷲ مھرباني ڪئي، نوڪري ملي وئي، پوءِ مان واپس ڳوٺ نہ ويس. ان وچ ۾ هڪ ڏينھن اطلاع مليو تہ رات جو راڻي ساھہ ٻوساٽجڻ سبب گذاري وئي، بگهڙن کيس کائي ڇڏيو. ورهيہ گذري ويا، نوڪري پڪي ٿي وئي، گهر ورتم، شادي ڪيم، ننڍڙي علينا ڄائي، وڏي ٿي، سندس شادي ڪرايم، وارن ۾ اڇاڻ اچي وئي، پر وري ڳوٺ جو منھن نہ ڪيم.
ڊگهي عرصي کان بعد پنھنجي ڳوٺ ميسڙا ۾ قدم رکيو تہ حيران ٿي ويس، اهو ڳوٺ جنھن جي سڃاڻپ اُتان جون زمينون، کير مکڻ ۽ خوشحالي هوندي هئي، هاڻي ان ڳوٺ جي سڃاڻپ ’بيبي حاجاڻي‘ جي مزار سان هئي.
وڏي مقبري واري هڪ مزار ٺھيل هئي، جنھن ۾ فقط عورتن کي وڃڻ جي اجازت هئي، مردن لاءِ ٻاهر چبوترا ٺھيل هئا، ديڳيون پئي رڌيون، لنگر عام جام هو، مجاورن جي فوج هئي، ڄڻ ميلو هجي.
مان شازي ۽ علينا کي دعا لاءِ اندر ڇڏي، پنھنجن اباڻن ڪکن ڏانھن رخ ڪيم، ابول… ڀينگ لڳي پئي هئي. زمينون ڪلراٺجي ويون هيون، گهر ٽٽل هئا، واڙو تہ نظر ئي نٿي آيو. سالن پڄاڻان اڄ ڀڳل ٽٽل گهر جو دروازو کڙڪايو تہ اندران ڪمزور ۽ ٿيڙ کائيندو هڪ همراھہ نڪتو، هُو منھنجو وڏو ڀاءُ محمد بخش هو. ادي مون کي نہ سڃاتو، پر جڏهن ٻڌايومانسِ تہ محمود آهيان تہ چنبڙي پيو. لُڙڪ اکين مان بيھنس ئي نہ پيا، اندر وٺي ويو ۽ هڪ ڇڳل کٽ تي ويھاريائين.
”ادا، هيءُ سڀ ڇا ٿي ويو آهي؟“ مون ڏک ۽ حيرانيءَ مان ادي جا هٿ جهليندي پڇيو تہ هُو اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳو.
”ابا، محمود مون کي معاف ڪر ٻيلي، مان پنھنجي ڪيئي جو لوڙيان ٿو، نشي پتي ۾ سڀ لائي کپائي پورو ڪيم، تنھنجي ڀاڄائي ڏک سھي سھي گذاري وئي، ٻئي ڀاڻيجا تنھنجا بہ موالي ٿي ويا، حاجاڻيءَ جي درگاھہ تي پيا هوندا آهن، اَبا مون کي معاف ڪر.“ ادو وري روئڻ لڳو.
”ڀلا ڀائو ڪريم ڪٿي آهي؟“ مون پنھنجي ئي ڀاءُ لاءِ پڇيو تہ هُو وري سُڏڪن ۾ پئجي ويو.
”جوئا ۽ فراڊ جي ڏوھہ ۾ جيل ۾ آهي، هڪ خون جو الزام بہ لڳس، هاڻي جنم ٽيپ ٿو ڪاٽي، گهر واري بہ ڇڏي ويس، اولاد هئس ڪونہ.“
منھنجو مٿو چڪرائجي ويو، سڀ ڪجهہ ختم ٿي ويو، امان بابا جي عمر جو جُڙيل گهر ائين تباھہ ٿي ويو.
”اَبا، مان تنھنجو ۽ راڻيءَ جو ڏوهاري آهيان، راڻيءَ سان اسان ڏاڍو ظلم ڪيو، ان ظلم جي سزا آهي، هوءَ مرڻ کان پوءِ بہ ماڻھن لاءِ دعاگو آهي ۽ اسان زندہ هوندي بہ برباد ٿي وياسون.“