مينڊيٽ
ليکڪ: پنھل چاڪراڻي | پڙهڻ جو وقت: 11 منٽ
هڪ تہ سڄي رات مڇرن تپايو ٻيو جڏهن آگسٽ جي صبح جي سج جا ڪرڻا ڳلن کان ٿيندا اکين سان لڳا تہ شمس تبريز جي ٻوٽي پچڻ جھڙي تپش محسوس ٿي. مان بہ آرسيل، چادر کي جانٺو هڻي اولھہ طرف پاسو ورائي ليٽي پيس، تہ ڪجهہ گهڙين کان پوءِ امان جو آواز ٻُريو.
”ابا مصور اُٿي!“ شايد امان مون کي اڳ ۾ ڪجهہ سڏ ڪيا هئا جيڪي ننڊ ۾ مون نہ ٻڌا. ايتري ۾ بابا جو آواز آيو.
”پٽ! اُٿي ڪاليج جو ٽائيم ٿي ويو آهي؟“ اِتي مان ننڊائتي آواز ۾ جواب ڏنو. ”بابا اڄ ڪاليج ڪونہ ويندس.“ بابا جهٽ ۾ حاضر جواب ٿيندي پڇو.
”پٽ! ڇو ڪاليج اڄ نہ کلندو ڇا؟“ مون چادر اڃا مٿي سوري منھن ڍڪيو ڇو جو صبح جي گرمي وڌنڌي ٿي وئي. چادر سوريندي جواب ڏنو سو بہ پاڻ کي بي قصور ثابت ڪندي.
”بابا ڪاليج تہ کليل آهي، پر موڪلن کان پوءِ اڄ خميس جو ڏينھن آهي، انڪري مٿئين هفتي کان ڪلاس هلندا ۽ بابا اوهان کي تہ خبر آهي تہ پھرين ڏينھنِ ۾ شاگرد توڙي استاد ڪاٿي ايندا آهن، اهو وڃي مٿيون هفتو سنڀاريو.“
بابا پنھنجي اصلي خاصيت موجب منھنجي مڪمل ڳالھہ ٻڌي ۽ پوءِ اديءَ سان مخاطب ٿيندي پڇو.
”بابا نازش! توهان تہ اسڪول ويندؤ نہ.“ اديءَ جي بجاءِ مون جلد جواب ڏنو.
”بابا جڏهن اسان ڇوڪرا ئي ڪونہ ٿا وڃون تہ هيءَ ڇوڪري وڃي ڇا ڪندي.“ مون مس ڳالھائڻ بند ڪيو. ادي مون سان سھمت ٿيندي چيو. ”بابا ادا ٺيڪ ٿو چوي، مان بہ سومر کان اسڪول وينديس.“ ايتري ۾ بابا بغير ڪجهہ چوڻ جي باٿ روم ڏانھن وهنجڻ ويو ۽ اُتان ئي بلند آواز سان امان کي چيائين:
”بلقيس نيرن جلدي ٺاهيو،“ هاڻي مان مان اٿڻ جي ڪري رهيو هئس جو هاڻي هڪ تہ گرمي ٻيو وري مٿان چادر، رهندو وري بابا رات جو ٽين وڳي اليڪشن ڊيوٽيءَ تان موٽڻ کان پوءِ صبح پنجين وڳي اُٿي اسڪول وڃڻ جي تياري ڪري رهيو هو، پر مان اڃا تائين سُتو پيو هئس. مون کي پھريان تہ ڪجهہ عجيب لڳو ڇو جو بابا اديءَ کي اسڪول يا مون کي ڪاليج نہ وڃڻ تي لفظ بہ نہ چيو جو سندس اها فطرت رهي آهي تہ، هُو اسان کي هميشہ آزاد خيال رهڻ ۽ پنھنجي پيرن تي بيھڻ جي سکيا ڏني آهي. سندن اهڙي رويي جي ڪري، اسان کي ڪڏهن بہ بابا عام پيءُ وانگر پوليس وارو نہ، پر دوست محسوس ٿيو آهي.
کٽ تان اٿندي ئي وڏي اوٻاسي ڀري بيخوديءَ ۾ ئي ٻئي هٿ مٿي ڪري آرس ڀڄندي کٽ جي ساڄي پاسي کان جُتي ڏسڻ لڳس، کاٻي پاسي کان جهاتي پاتي پر جُتي جو تہ پاڇو بہ نظر نہ آيو ۽ پوءِ ڪوريئڙي وانگر ڪوشش ڪري کٽ جي پيرانديءَ وٽ بہ ڏٺم، پر جُتي نظر نہ آئي. آخر ۾ نيٺ بيزار ٿي چادر کي سٽ ڏئي لاٿو، لھندي ئي منھنجي نظر سيرانديءَ جي سڄي پائي جي ڀر ۾ پيل جُتيءَ تي پئي. فاتح وانگر جهٽ پٽ جتي پير ۾ پاتي تہ اوچتو بابا جي چيل ڳالھہ ذهن تي تري آئي، جنھن تي مان ڪڏهن بہ سنجيدگيءَ سان ڌيان نہ ڏنو، تہ ڪابہ شيءِ تيستائين جلدي نہ لڀندي جيستائين اها پنھنجي اصل جاءِ تي نہ رکبي. انھن لفظن ۾ ايتري سچائي هئي جو مان سوچيندي ئي سوچيندي سيرانديءَ کان موبائل فون کڻي ڪمري ۾ پھچي ويس.
انھن خيالن جي ڪشمڪش دوران وڃي ٽي.وي جو سُئچ آن ڪيو، جيستائين ٽي.وي مڪمل آنِ ٿئي، مان ڪمري ۾ چوڌاري نظر ڦيرائيندو رهيس. ڏسندي ئي ڏسندي ٽي.وي آن ٿي، جنھن ۾ بريڪ فاسٽ شو هلي رهيو هو، اُن ۾ هميشہ جيان اِليٽ ڪلاس جي کاڌن ۽ سندن زندگيءَ جي رهڻي ڪھڻيءَ تي چرچا ئي هوندا آهن. رموٽ هٿ ڪري چينل مٽايو، جنھن تي وري راتوڪو ٽاڪ شو رپيٽ ۾ هلي رهيو هو. مان تہ اڳي ئي انھن سياستدانن کان باغي، پوءِ نيٺ وري بہ چئنل مٽايو. چئنل مٽائيندي ئي ٽي.وي اسڪرين تي بريڪنگ نيوز لکجي آئي. مان بريڪنگ نيوز جا لفظ پڙهڻ سان ئي چيو، ”يا خدا خير،“ ڇو جو اسان جي ميڊيا جي بريڪنگ نيوز مطلب نوانوي پوائنٽ نوانوي سيڪڙو خوفائتيون خبرون‘ جو چڱو ڀلو بہ دل جو مريض ٿي پئي. بريڪنگ نيوز لفظن پٺيان ڪڙڪندڙ آواز ۾ نيوز ڪاسٽر خبر پڙهندي چيو.
”ناظرين اسان اوهان کي بريڪنگ نيوز ڏئي رهيا آهيون تہ سنڌ جي صوبائي تڪ تي ٿيل ضمني چونڊن ۾ حڪومتي پارٽيءَ جو اميدوار رئيس دلبر خان عوامي مينڊئيٽ سان آزاد اميدوار ڊاڪٽر بشير احمد ۽ ٻين کي سندس ئي تڪ ۾ شڪست ڏئي سندس خانداني سيٽ تي چوٿون ڀيرو ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.“ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، لفظ ڪنن تي پوڻ سان ئي مون رموٽ جي ڳاڙهي بٽڻ کي هٿ هڻي ٽي.وي بند ڪئي.
مون کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ فطرت جو مانڊاڻ مون سان ڪوڙ ڳالھائيندو هجي ۽ هن هار ۽ جيت جو فيصلو ڪندي سوچيم.
هڪ اهڙو شخص ڊاڪٽر بشير احمد کي ڪيئن ٿو هارائي سگهي، جنھن جا پڙڏاڏا ٻئي علائقي جا هوندي مسلسل 80 سالن کان هتي جمھوري حڪومت ڪري رهيا آهن، جن سواءِ ذاتي ملڪيت ٺاهڻ جي ٻي ڪنھن بہ بنيادي ڪم ڪرڻ جي بہ ڪڏهن تڪليف نہ ڪئي هوندي.
هوڏانھن ڊاڪٽر بشير احمد فارين (ولايت) مان تعليم حاصل ڪرڻ جي باوجود پنھنجي اباڻي تر جي خوشحاليءَ لاءِ پاڻ کي ارپي ڇڏيو آهي. جنھن رات ڏينھن هڪ ڪري حڪومت توڙي ٻين سماجي تنظيمن جي مدد وسيلي پنھنجي بي پناھہ ڪاوشن سان هن علائقي جي ترقي ۽ خوشحاليءَ ۾ پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. ڪڏهن ڊگري ڪاليج لاءِ بلڊنگ، ڪڏهن سول اسپتال جي گهُرَ، مطلب هر انھيءَ عمل ۾ اڳڀرو رهيو آهي، جنھن سان عام ماڻھوءَ جي زندگيءَ ۾ خوشحالي اچي تہ اهڙو شخص ڪيئن ٿو هارائي سگهي. ڇا ايترو انڌير آهي؟ جو ڊاڪٽر جھڙا انسان دوست سياستدان ڪڏهن بہ اسيمبلين تائين نہ پھچندا؟
انھيءَ فڪر دوران مون کي اوچتو بابا جي ياد آئي ڇو جو بابا ڪالھہ انھيءَ اليڪشن تي هو. ايتري ۾ بابا بہ ڪمري ۾ پھچي ويو. بابا ڪمري ۾ پھچڻ سان ئي ڪٻٽ ۾ پيل ڪتابن ڏانھن ويندي منھنجي ڪياڙيءَ تي هلڪي ٿڦڪي هڻي دوستاڻي انداز ۾ پڇيو.
”رئيس! خير تہ آهي، ڪھڙن خيالن ۾ گم آهيو؟“ سوال پوري ٿيندي ئي مان بہ ساڳئي ئي انداز ۾ ورايو.
”سائين! ڏسو دنيا دورنگي جا رنگ، ڪا ڳالھہ سمجهہ ۾ نٿي اچي.“ اڃا مان ڳالھہ پوري ئي نہ ڪئي، بابا وري سوال ڪيو.
”اهڙو ڇا ٿيو آ جو توکي اچي دنيا جي فڪر ورتو آ“ بابا جي انھي ٻئي سوال منھنجي دوستاڻي انداز ۾ دخل وجهي جذبات ۾ چوارايو.
”اهو پڇو ڇا نہ ٿيو آ، ڇا اوهان کي خبر ناهي؟ سچي خبر ڪيئن نہ هوندي، اوهان پاڻ اليڪشن تي هئا جو(؟)“ منھنجي ڳالھہ وري بہ اڌ ۾ پر بابا ڪٻٽ مان ٻہ ڪتاب ڪڍي ٽيبل تي رکندي چيو.
”ها مان هئس پوءِ ان ۾ ڇا آهي؟“ بابا جي لفظن مون کي وڌيڪ جذباتي ڪيو.
”اوهان تہ هئا تڏهن تہ پڇان ٿو تہ ڊاڪٽر بشير احمد ڪيئن هارايو؟“ بابا هڪ ٻيو ڪتاب ڪڍي ٽيبل تي رکيو ۽ ڪٻٽ ۾ ٻين ڪتابن ڏي نھاريندي چيو.
”جيئن هارائبو آ ائين.“ شايد بابا جي زبان ڪجهہ ٻيو چوڻ گهري ها جو بابا جا اهي لفظ وتائي فقير جي چرچن کان گهٽ نہ هئا. هونئن بہ مزاح اهڙي حقيقت جو نالو آهي جيڪا سڌي طرح نہ ٻڌائي سگهجي، پر بابا جي هن ڀوڳ تي مون کي کلڻ بجاءِ ڏک ٿيو ۽ بي تڪلفيءَ ۾ چئجي ويو.
”بابا! ان جو مطلب تہ اوهان بہ ڊاڪٽر جي شڪست تي خوش آهيو؟“ بابا بہ پنھنجو ساڳئي انداز ۾ وراڻيو.
”مان ڇا سڀ خوش آهن،“ انھن لفظن جو منھنجي ڪنن تي پوڻ سان تڪلف ڪاوڙ ۾ تبديل ٿيندو ويو.
”پوءِ ڇا ٿيندو؟“ منھنجي سوال بابا جي ستل سورن کي جاڳائي وڌو ۽ مون کي منھنجي ئي لھجي ۾ چيائين: ”پٽ! ڇا ٿيندو مطلب، اسان جڏهن چاهيون ئي نٿا تہ ڪجهہ ٿئي تہ پوءِ ڇا ٿيندو ٻڌاءِ!“ بابا جي تکي لھجي، منھنجي ڪاوڙ کي ٻنڊو ڏئي سوچڻ تي مجبور ڪيو، جيستائين بابا بہ ڪتابن مان هٿ ڪڍي مون ڏانھن منھن ڪري سڌو ٿي بيٺو، مان معصوميت منجھان پڇيو.
”بابا! اهو ڪيئن؟“ بابا بہ ڄڻ منھنجي سوال جو انتظار ڪري رهيو هو ۽ سندس لھجو اڃا بہ تکو ٿيندو ويو.
”پٽ! اهو ائين تہ اليڪشن کان ڪجهہ ڏينھن اڳ شايد تو بہ ٻڌو هوندو تہ سڀني جي زبان تي هڪ ئي رٽ هئي تہ ’رئيس دلبر خان هونئن بہ جيئن جو تيئن کٽي ويندو، باقي اسان ڊاڪٽر بشير کي ووٽ ڏئي ڇو ڏٺا ٿيون‘، ها! سڀ کان اهم ڳالھہ اِها تہ اسان جي هڪ يا ٻن ووٽن سان ڪھڙو کٽندو.“ اتي بابا جو لھجو انقلابي سياستدانن کان بہ جوشيلو ٿي لڳو، رهندو جڏهن منھنجو اهو پڇڻ تہ: ”ان سان ڇا ٿيندو؟ اهو تہ سڀ چئون پيا.“ منھنجي انھن لفظن بابا جي اندر جي باھہ تي گاسليٽ جو ڪم ڪيو.
”اڙي! سڄو اڇو منھن اتي ئي تہ آهي، جو اسان کي ڪير سمجهائي تہ اسان کان سواءِ ٻيو ڪير بہ ووٽ ڏيڻ ڪونہ ويندو ۽ جڏهن اسان سڀني جي اهائي سوچ هجي تہ ڊاڪٽر جھڙي ماڻھن کي ووٽ ڪير ڏيندو، جڏهن آهيون ئي اسان ۽ اسان ئي ٿا ووٽ ڏيون تہ جنھن کي ڏينداسين اهو ئي کٽندو ڇو تہ اسان پيرن، ميرن، وڏيرن ۽ رئيسن جا ذهني غلام آهيون ۽ اها ذهني غلامي ئي اسان جي جھالت جو سبب آهي ۽ جاهل ڪڏهن بہ ڊاڪٽر جهڙن سياستدانن کي اسيمبلين ۾ ڪو نہ موڪليندا، هاڻي سمجهئي رئيس مصور خان!“
بابا جو اهو رويو جنھن مون کي رئيس مصور خان جي فضيلت سان نوازيو، اهو جلدي سندس قابو ۾ اچي ويو ۽ پنھنجي ساڳئي ڪم سان لڳي ويو، جنھن لاءِ ڪمري ۾ آيو هو يعني وري ڪتاب ڳولڻ لڳو تہ اتي مون کي بابا جون جاهلن بابت ٻڌايل نشانيون ياد آيون ۽ بي اختيار زبان مان نڪري ويو تہ:
”جاهل سچ ۾ جاهل آهن جو هنن کي خبر ناهي تہ سندن طاقت ڇاهي، نہ ئي سندن کي ذميواري جو ڪوئي احساس ۽ نہ ئي هنن کي پنھنجي حق جي ڪا سُڌ آهي جو پنھنجي پيرن تي بيھي پنھنجو مقدر بدلائي سگهن.“ منھنجي هن جوش ۽ ولولي بابا تي ڪوبہ اثر نہ ڇڏيو ۽ بابا آهستي آهستي ڪتابن کي ٿيلھي ۾ سھيڙڻ لڳو. مان رهندو جذباتي ٿيندي چيو:
”ها بابا! اوهان بلڪل ٺيڪ آهيو، اهڙن جاهلن کي ڊاڪٽر بشير جهڙن جو قدر ڇو ٿيندو، ڇو تہ هنن کي خادم نہ پر حاڪم کپن جيڪي هنن تي ظلم ڪن، هنن جا حق غضب ڪن ۽ هنن کي ذهني غلامي توڙي معاشي استحصال جو شڪار بڻائين، سچ تہ اهڙن جاهلن جو مقدر ڪڏهن بہ نہ مٽبو، جيستائين هُو پاڻ نہ چاهيندا، هي تہ ڊاڪٽر آ ڀلي ڪو آسمان کان فرشتو اچي تہ بہ هنن جي قسمت نٿو بدلائي سگهي.“
مون کي ائين محسوس ٿيو بابا منھنجي ڳالھين تي ڪو بہ ڌيان نہ پيو ڏئي، شايد انھن ڳالھين ۾ رڳو واويلا ئي محسوس ٿيس، هونءَ بہ ڏاهپ ان ۾ آهي تہ مسئلن تي اجائي بڪ بڪ بجاءِ ڪو مثبت حل تلاش ڪجي. انھيءَ مھل بابا کان سواءِ ٻيو ڪو چارو نہ هو جيڪو مون کي اهو ٻڌائي تہ هن مسئلي جو حل ڇا آهي. مان بابا کان پڇڻ تي هئس تہ بابا ڪمري کان در طرف قدم وڌايا، تيستائين منھنجي خيالن جو پڙلاءُ منھنجي زبان تي آيو ۽ جوشيلي آواز ۾ پڇيو:
”بابا! پوءِ انھيءَ جو حل ڇا آهي؟“ منھنجي سوال، بابا جي پيرن ۾ زنجير وجهي ڇڏيا جو بابا جا قدم اتي ئي ٽڪيا ۽ قدم بہ اڳتي نہ هليا ۽ اتي ئي مان سوال جو ٻيو حصو پڇيو:
”ڇا اهڙا وڏيرا اسان کي هميشہ ذهني غلام ۽ ذليل ڪندا رهندا، ڇا اسان جو مقدر اهو ئي آهي، ڇا اسان جي تقدير بدلجڻ واري نہ آهي، تہ پوءِ ڇا ڪجي؟“ منھنجي سوال جي پڇڻ سان ئي بابا جي منھن تي ڪاوڙ بجاءِ ڪنھن فتح جون نشانيون نظر آيون، سندس اهڙو انداز ۽ لھجو مون ڪڏهن بہ نہ ٻڌو هو ۽ سندس ڪڙڪيدار آواز منھنجي ڪنن تي ڪجهہ هيئن پيو:
”جيستائين اوهان جھڙا لکيل پڙهيل جاهل هوندا، تيستائين توهان تي اهڙا حڪمران صديون ڇا تا قيامت حاڪم رهندا.“ بابا جي اهڙي لھجي ۽ آواز تي ٻاهران امان جو آواز آيو.
”ڇا ٿيو اٿوَ ڇو ٿا وڙهو؟“ بابا بہ امان کي اهڙي ئي انداز ۾ چيو:
”ڪجهہ بہ نہ.“ ۽ پنھنجو مڪمل ڌيان مون ڏانھن ڪري چوڻ لڳو تہ:
”پٽ! تون ۽ تنھنجي ڪاليج وارن دوستن کان وڌيڪ ڪو ٻيو جاهل ٿيندو، جو اوهان سڀ هنن جاهلن وانگر اهو چئو ٿا تہ هن هفتي ڪير ڪاليج ڪونہ ايندو ڇو جو اونھاري جي موڪلن کان بعد پھريان ڏينھن آهن. اڙي انڌؤ اوهان کان سواءِ ٻيو ڪاليج ۾ ڪير آهي، اوهان شاگرد، استاد ۽ کڻي ٻيو ٿورو گهڻو اسٽاف، ٻيو ڪير آهي؟ اوهان سڀ يعني استاد، شاگرد ۽ اسٽاف وارا اهو چوندؤ تہ ڪاليج ڪير ڪونہ ايندو تہ جاهلو ڪير ويندو. هاڻي ٻڌاءِ انھيءَ جھالت جو ڪھڙو علاج آهي، هاڻي ڪير وڌيڪ جاهل آهي؟ اوهان يا هو ووٽرجن وڏيري جي ڀوَ کان ان کي ووٽ ڏنا، پر اوهان سان تہ اهڙو ڪو مسئلو ڪونھي جو اوهان کي ڪو ڪاليج يا اسڪول وڃڻ تي تشدد ڪري تہ نہ وڃو، تہ پوءِ اوهان طاقت، حق ۽ ذميواريءَ جو مظاهرو ڇو نہ ٿا ڪيو پٽ!“
پٽ چوندي بابا جو لھجو نرم ٿي ويو، باقي پھريان تہ منھنجو ساھہ مُٺ ۾ هو، نرم لھجي ۾ بابا جا ڳالھايل لفظ ياد آهن جيڪي هن ٿيلھي کي ڪُلھي تي سوريندي چيا.
”جيسيتائين هرڪو پنھنجو ڪم ذميواري سان ڪرڻ بجاءِ ٻين تي ٺٺوليون ڪندو تيستائين خدا بہ چاهي تہ اسان جي قسمت نٿو بدلائي سگهي، اهو فطري اصول آهي.“
بابا جا اهي لفظ سڄي ڪمري ۾ گونجڻ لڳا ۽ مان اتي ئي بيٺو رهيس، پر بابا موٽر سائيڪل اسٽارٽ ڪري پنھنجي اسڪول هليو ويو.