سُھائي
ليکڪ: مير سجاد اختر ٽالپر | پڙهڻ جو وقت: 8 منٽ
منھنجي پاڙي ۾ هنن کي ٻہ مھينا ٿي چڪا هئا، هيترن ڏينھن کان پوءِ هوءَ منھنجي گهر ۾ پھريون ڀيرو آئي هئي. شايد امان کان اٽو وٺڻ آئي هئي، ڪاري وڳي ۾ هوءَ ڏاڍي خوبصورت ۽ معصوم لڳي رهي هئي.
مون امان کان پڇيو تہ: ”امان هي ڪٿان آيا آهن؟“
امان اٽي وارا هٿ ڇنڊيندي وراڻي:
”ابا پنھنجو ڪراچي واري پاسي حب کان لڏي هتي آيا آهن.“
مون وري پڇيو:
”ڇو امان لڏي هتي آيا آهن، اُتي ڇا ٿيو هُئنِ؟“
امان کٽ تي رلي وڇائيندي وراڻي:
”ابا پاڻ ۾ سڱاوتين جو ڪو جهيڙو هُئنِ سو اُنھيءَ جهيڙي کان بچڻ لاءِ لڏي اچي هتي رهيا آهن.“
مون کي هُن سان ملڻ جو اشتياق ٿيو سو امان کان هنن جي گهرڻ ڏانھن وڃڻ جي موڪل لاءِ چيم.
”امان، آءٌ راند ڪُڏڻ لاءِ هنن ڏانھن وڃان؟“
امان اجازت ڏيندي وراڻي:
”ڀل.... پر اچجانءِ جلدي.“
امان هائوڪار ڪئي تہ آءٌ ڊوڙي هنن جي گهر هليو ويس، هُن پريان ٿانوَ پئي سانڀيا، آءٌ سڌو هِن ڏانھن هليو ويس ۽ چيومانس:
”مون سان راند ڪُڏندينءَ.....!“
هوءَ پھرين مون کي گُهوري ڏسندي رهي ۽ پوءِ هائوڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيائين، بس پوءِ منھنجو معمول ٿي ويو تہ شام جو هنن جي گهر وڃي، هِن سان راند ڪرڻ، هوءَ گهڻو تڻو گُڏين راندي ڪندي هئي، انھي ڪري مان بہ امان کان گُڏيون ٺھرائي ويو هئس.
هڪ ڏينھن راند ڪندي، هُن جي ڏاڏيءَ جي واتان هڪ جملو ٻُڌم، جيڪا پنھنجي پُٽ کي چئي رهي هئي تہ ”ابا؛ ڇوريءَ کي ڇُڙواڳ نہ ڇڏ، اڳ ئي ڪاريءَ جي تہ ڌيءُ آهي.“ مون کي انھيءَ ڳالھہ تي حيرت ٿي ڇو تہ هوءَ اڇي کير جھڙي هئي تہ هن جي ماءُ ڪاري ڪيئن ٿي ٿِي سگهي. ٻہ ٽي ڏينھن تہ انھيءَ سوال جي جواب جي باري ۾ مان پاڻ سوچيندو رهيس، پر مون کي ڪجهہ سمجهہ ۾ نہ آيو تہ نيٺ کانئس پڇيم:
”سُھائي تنھنجي ماءُ ڪاري هئي ڇا؟“
سُھائي وراڻي:
”الائي....!“
مون حيرت وچان پڇيو:
”توکي خبر ڪونھي ڇا!“
سُھائي چيو:
”نہ تہ....!“
مون وري چيو:
”ڏاڏيءَ کان ڪونہ پڇيو اٿئي ڇا؟“
سُھائي وراڻي:
”پڇيو هئم.“
مون تجسس مان پڇيو:
”پوءِ.....!؟“
سُھائي وراڻي:
”مون کي ڏاڍي مار ڏنائين ۽ چيائين آئيندہ ماءُ جي باري ۾ نہ پُڇجانءِ.“
منھنجو تجسس ويتر وڌي ويو هو سو نيٺ وڃي امان کان پڇيم:
”امان سُھائي تہ اڇي آهي، پوءِ هن جي ماءُ ڪيئن ڪاري ٿي ٿِي سگهي؟“
امان انھيءَ سوال پُڇڻ تي ٻہ ٽي ٺاهوڪا چنبا منھنجي پُٺي تي وهائي ڪڍيا ۽ دٻ پٽيندي چيائين:
”ڇورا پنھنجو وڃي ڪم ڪر، ڇو پر ائين ڳالھين ۾ اچي پيو آهين، نڪر هِتان نہ تہ ٽنگون نہ ڀڃانءِ....“
جواب، جواب جي ماڳ، اُلٽو مار کاڌم، هاڻي پُڇان تہ ڪنھن کان پُڇان تہ سُھائيءَ جي ماءُ ڪاري ڪيئن هئي؟ جڏهن تہ سُھائي پاڻ چنڊ جھڙي سُهڻي هئي. هورا کورا تھائين ويئي وڌندي، پر جواب ڪٿان بہ نہ پئي مليو، هڪ ڏينھن گُڏين راند ڪندي مون سُھائيءَ کي چيو:
”تُنھنجي گُڏيءَ جو سڱ، مُنھنجي گُڏي لاءِ ڏي.“ چيائين:
”نہ..... گُڏا سڀ خراب هوندا آهن.“
مون کي بہ ڪاوڙ لڳي، چيومانس:
”هَل ڙي... تُنھنجي انھيءَ ڦِٿل گُڏيءَ کان منھنجو گُڏو هزار ڀيرا سھڻو آهي.“
هوءَ مون کي چِتائي چِتائي ڏسڻ لڳي، مون کي وڌيڪ رؤنشو لڳو سو چيومانس:
”تُنھنجي اِها گُڏي، تُنھنجي ماءُ وانگر ڪاري آهي. منھنجو گُڏو تہ ليليٰ جھڙي سُهڻي پرڻبو.... ها!“
هُن هيٺ ڪنڌ ڪري چيو:
”گُڏا هوندا ئي مطلب پرست آهن.“
هاڻي تہ اندر ۾ باھہ لڳي ويم تہ اسان مردن کي ٿي مھڻا ڏي، چيومانس:
”گُڏيون وري ڪھڙا پٽڪا ٻڌرائينديون آهن، مجنون ويچارو ليليٰ جي پويان ريگستان ۾ رُلي مئو. فرهاد، شيرين جي پويان جبلن ۾ ٿاٻا کائيندو رهيو.....“
هُن مون ڏانھن ڏٺو ۽ وراڻي:
”تون انھن جي ڳالھہ ڇو ٿو ڪرين، سھڻي ڏس، سھڻي ڏس، نوري جي ڳالھہ ڇو نٿو ڪرين، جنھن پنھنجون حياتيون پنھنجن لاءِ ختم ڪري ڇڏيون...“
اها ڳالھہ ٻُڌي هيڪر تہ اهڙي ڪاوڙ چڙهيم جو هُن کي وارن مان جهلي ٻہ ٽي مُڪون وهائي ڪڍان، پر ڪاوڙ ۾ راند ڦِٽائي پنھنجي گهر هليو آيس. امان مون لاءِ ماني کڻي آئي تہ اَدي وڏي امان کي ٻڌايو تہ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندڙ سؤٽ منور آيو آهي، اهو ٻُڌي، منھنجي ذهن ۾ ساڳيو سوال تري آيو تہ دل ۾ پڪ ڄاتم تہ سؤٽ منور پڙهيل لکيل ۽ شھر ۾ رهندڙ آهي، اُن کي پڪ سان خبر هوندي سو اڳيان رکيل ماني ڇڏي سؤٽ جي گهر ڏانھن ڊوڙ پاتم ۽ سؤٽ کي ڳولڻ لاءِ، سؤٽ واري ڪمري ٻاهران لياڪا پائڻ لڳس تہ سؤٽ پڇيو:
”ڇا پيو ڳولين....؟“
چيومانس:
”سؤٽ توهان کي پيو ڳوليان....“
سؤٽ مون کان پڇيو:
”ڇو خير تہ آهي، ڪو ڪم اٿئي ڇا؟“
سؤٽ ٽوال سان منھن اُگهندي چيو:
مون چيو:
”ها سؤٽ، توکان هڪڙي ڳالھہ پُڇڻي اٿم؟“
سؤٽ کٽ تي ويھندي وراڻيو:
”ها ڳالھہ ڪر.“
مون پنھنجي سوال پڇڻ کان اڳ ۾ تمھيد ٻڌندي چيو:
”سؤٽ توکي تہ خبر آهي تہ پنھنجي پاڙي ۾ سردار بھليم خان وارا اچي رهيا آهن، (سؤٽ ڪنڌ سان هائوڪار ڪئي) اُنھن ۾ سُھائي آهي نہ (سؤٽ وري هائوڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو) ڏس سؤٽ اُها ڪيڏي نہ سھڻي ۽ صاف سُٿري آهي (سؤٽ وڏي سڏ چيو ”ها ها“) پر چون ٿا تہ هُن جي ماءُ ڪاري هئي....؟“
سؤٽ منور مون ڏانھن دوڏا ڦاڙي ڪاوڙ مان نھاريندي چيو:
”اڙي ڇورا تُنھنجي راند ڪرڻ جي عمر آهي، ڪي پرائين معاملن ۾ ٽنگ اڙائڻ جي، تون وڃي پنھنجي راند ڪر، ڪير ڪارو آهي ۽ ڪير اَڇو آهي، اُن ۾ تنھنجو ڇا وڃي....؟“
مون ضد ٻڌندي چيو:
”سؤٽ آهين نہ..... ڏِس سُھائي جو پيءُ ڪارو تہ ماءُ بہ ڪاري تہ پوءِ سُھائي اهڙي اَڇي ڪيئن ٿي؟“
سؤٽ منور چماٽ اُلاريندي وراڻيو:
”ٽر هِتان، پراون معاملن ۾ تنھنجو ڇا وڃي ڙي، اهڙو ڪُٽيندوسانءِ جو گهڻا ڏينھن ياد رکندين.“
اُنھيءَ دڙڪي کان پوءِ ڊپ ۾ وٺي گهر ڀڳس، ٻئي ڏينھن سُھائي جي گهر رونق لڳي پئي هئي، سڄي اوڙي پاڙي جي مائين جي اچ وڃ لڳي پئي هئي، امان بہ انھن جي گهر ويل هئي، پاڙي جي ٻاهران اوطاق ڏانھن فائرنگ جا آواز پئي آيا، مان بہ ڊوڙي سُھائيءَ وارن جي گهر ويس تہ وڃي سُھائي کان پُڇان تہ ڪھڙي پئي خوشي ملھائجي. سُھائي کي سڄي گهر ۾ ڳولي بيھي رهيس، پر سُھائي ئي نہ آئي، سو وڃي سُھائي جي ڏاڏيءَ کان سُھائيءَ جي باري ۾ پُڇيم:
”ڏاڏي، ڏاڏي سُھائي ڪيڏانھن ويئي آهي!؟“
سُھائيءَ جي ڏاڏيءَ مون ڏانھن نھاري بغير وراڻي:
”سُھائيءَ جي اڄ شادي آهي، اڄ کانپوءِ هوءَ هِتي ڪونہ هوندي ۽ تون پنھنجي گهر وڃ، هتي گوڙ نہ ڪر.“
اِهو ٻُڌي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي تہ سُھائي پنھنجي گُڏيءَ جو سڱ، مُنھنجي گُڏي کي نہ ڏنو هو تہ پنھنجي ئي شادي ٿي ويس. اها خوشخبري ٻُڌائڻ لاءِ گهر ڊوڙي آيس تہ اڃا امان ڪانہ آئي هئي، اَدي وڏي ڪمري ۾ ويٺي هئي سو ڊوڙي وڃي اَدي وڏي کي ٻُڌايم تہ سُھائيءَ جي اڄ شادي آهي.
اَدي وڏي مون کي ٻانھن مان جهلي کٽ تي پنھنجي ڀر ۾ ويھاريندي چيو:
”سارنگ تو پُڇيو پئي نہ، تہ سُھائي جي ماءُ ڪاري ڪيئن هئي؟“
مون کي هڪدم پنھنجو سوال ياد اچي ويو سو رڙ ڪري چيم:
”ها ها اَدي.... پر مون کي ڪير ٻُڌائي ڪونہ ٿو!“
اَدي وڏي ڏک ڀرئي لھجي ۾ وراڻي:
”سارنگ، سُھائيءَ جي امان، سُھائي جيان اَڇي هئي، هُن کي تہ هُن جي پنھنجن ڪارو ڪيو هو، اڄ سُھائيءَ جي جنھن سان شادي پئي ٿئي نہ، سو سُھائيءَ جي ماءُ جو مڱيندو آهي، سُھائيءَ جي جان بخشي بہ انھيءَ سڱ عيوض ٿي آهي. مون اَدي وڏي جي ڳالھہ نہ سمجهندي چيو:
”مطلب.....!!!!“
اَدي وڏي اُٿي ٻاهر ڏسڻ ويئي، هيڏانھن هوڏانھن ڏسي، پوءِ کٽ کڻي ڪمري جي اُڀرندي پاسي رکيائين، جتان گهر جو ٻاهريون دروازو صاف نظر اچي رهيو هو. اَدي وڏي دروازي واري پاسي مُنھن ڪري کٽ تي ويٺي ۽ چيائين:
”سُھائيءَ جي امان جو مڱڻو، پنھنجي سؤٽ سان ٿيل هو ۽ سُھائيءَ جي امان ۽ سُھائي جي امان جي مامي جي پٽ حلاج خان جو هڪٻئي سان نينھن هو، تنھنڪري جڏهن سُھائي جي امان جا ڏينھن ٻڌاڻا تہ سُھائيءَ جي امان پنھنجي مامي جي پٽ حلاج خان سان گهران نڪري، اُن سان وڃي شادي ڪئي ۽ پوءِ سڄي راڄ جي سامھون راڄ جي سردارن هنن کي ڪارو ۽ ڪاري قرار ڏيئي ڇڏيو ۽ پوءِ اڪبر وارا انھن ٻنھي کي ڳولڻ لاءِ نڪري پيا. علائقي جي ڪُنڊڪڙڇ ۾ پکڙجي ويا، نيٺ ڪجهہ سالن کان پوءِ هنن جي وَر تي حلاج خان چڙهي ويو، پھرئين گولي هڻي ماريائون ٿي، پر هن جي مرڻ کان پوءِ هنن کي ڪاري ڪيئن ملي ها سو هِن کي مارڻ بجاءِ پنھنجن سردارن وٽ کڻي آيا. انھن هن جي جان بخشي، انھيءَ شرط تي ڪئي تہ ڪاريءَ کي پنھنجن هٿن سان ماريندو، ۽ پنھنجي ڌيءُ جو سڱ اڪبر وارن کي ڏيندو تہ سندس جان بخشي بہ ٿيندي ۽ رکيل رقم بہ معاف ڪئي ويندي، جنھن تي حلاج خان راضي ٿي ويو ۽ اڪبر وارن سان گڏجي، حلاج خان، سُھائيءَ جي امان وٽ پھتو ۽ اُن جي ڪڇ مان سُھائيءَ کي ڇڪي، دونالي سندس سيني تي رکي. سُھائي جي امان اکيون ڦاڙي، حلاج خان کي ڏسندي رهجي ويئي، جيڪو ساھہ وانگر هن کي ويجهو هو سو اڄ ڪوهين ڏور نظر پئي آيو. ڊبل بيرل بندوق جي ٺڪاءَ سان ڪاري ڪِري پئي، هن جون اکيون آسمان ۾ کُتل، هٿ ۾ سورة النساء وارو سيپارو هو. اڄ هي لاڏو حلاج خان بيعزتي جو پٽڪو پائي، پنھنجي معصوم ڌيءُ کي ستر سالن جي پوڙهي کي پرڻائي پيو ڏي ۽ وري هڪ ٻيو خون بيدرديءَ سان ڪيو پيو وڃي.“
اَدي وڏيءَ جا ڳوڙها ڪِرڻ لڳا. مون کي ائين لڳو، اهي سڀ ڏوھہ ڄڻ مون ڪيا آهن، منھنجي ڪنن ۾ سُھائيءَ جا لفظ گونجي رهيا هئا.
”سسئي ڏس، سھڻي ڏس ۽ نوريءَ جي ڳالھہ ڇو نٿو ڪرين جن پنھنجون حياتيون پنھنجن لاءِ ختم ڪري ڇڏيون....!