App Icon

ڪهاڻي گهر

بهترين تجربي لاءِ اپليڪيشن انسٽال ڪريو

سينَ هنيائون سُڃّ ۾

ليکڪ: علي بابا | پڙهڻ جو وقت: 11 منٽ

هُو هاڪڙي جو صدين سُڪل پيٽ وٺيو، هلندو ٿو وڃي. سج- وڙاءِ سامين جي ساٿ پٺيان. ٿر جا سامي ڏسي، هو پنھنجو ماڳ وساري ويٺو آهي. هن کي تہ اها بہ ڪل ڪانہ پيئي، تہ هن کي ڪھڙي دِشا، ڪھڙي مارڳ وڃڻو هو. بس، سامي ڏسي، مَن ڀنڀرجي ويس: ڪَنَ ڪٽ، ڪن چير ڪاپڙي! اهو بہ وسري ويس تہ ڪھڙي ڪارج آيو هو. بس کڻي پيرا کنيائين، تہ سامين جو سانگ ڏسجي؛ پر چوندا آهن تہ سامين، جوڳين ۽ ڪاپڙين جو ٿر ٿانوءُ ڪٿي….!
ڏُڪاريل هاڪڙي جو وارياسي پيٽ مان، سامين پٺيان هلندي، هو ٽن ڪوهن کان بہ مٿي پنڌ پَٽي آيو آهي. چوڏس ڀِٽون ئي ڀٽون، بر بيگان آهي. لکين ڪروڙين سال اڳ، سمنڊ جون ڇڏيل وارياسون ڀِٽون. ٽي سال ساندھہ اُٺي جون هوائون ئي ڪين هليون، تنھنڪري، ٿر بر بڻجي ويو آهي. ڏهرين ۾ ڪين ڏهرين مٿان، چوڙيلين جا ڇنل ڇَنا، منَھہ ۽ چؤنرا ويڳاڻا بيران آهن ۽ پنڌ ۾ آهن، ڏُڪار کان لاڏاڻا ڪندڙ ماڻھو. ڪنڊن، ڪونڀٽن، ٿوهرن ۽ کارن کٻڙن کان سواءِ ٻيو سڀوڪي ڌوڙ آهي. ساٺيڪن جا مُنھن بہ لَٽجي ويا آهن. رکي رکي ڀٽن مان گرم باھہ جھڙا واچوڙا ٿا اُٿن، ۽ ڏهريون کورن جيان ٻرنديون پيون نظر اچن. ڀٽن مان رت جي بانس پئي اچي ۽ آسمان ۾ آهن لامارا لامارا ڳِجهون ۽ سِرڻيون، جي اُڃ ۽ تئونس کان نِسَتِ ٿي ڪريل ٻڪرين، گائين ۽ رڍن مٿان پيون لامارن سان لھن. ڍور جي پساھہ ڏيڻ کان چُهنبون اکين ۾. ڍورن جي ڦٿڪ ڦٿڪان ۽ ڳِجهن جي پَٽ پَٽان. سڄي ٿر ۾ راڙو آهي، تہ ھھڙو ڏُڪار ڪين آيو. سڄا سارا ٽي سال، ويچارن ٿرين ڪارو ڪڪر بہ ڪين پَسيو.
هُو دُور بيران ۾ نھاريندو، سامين جي جَٿي پٺيان هلندو، اُڃ کان، ڪُلھن سان لڙڪايل کَليءَ جي ڏؤنر کولي، پاڻيءَ جا ٻہ گُلنڀ پي، وري ڏؤنر سان کَليءَ جو مُنھن سوگهو ٻَڌي ٿو. جهولي ۽ لَڪ کان سندس کَل آرايون،- آرايون ٿي، ڦلوڪڻا ٿي وئي آهي. رکي رکي آرايون ٽچڪنس ٿيون، ۽ ٽپھريءَ جو آڳ اَلاو سجُ ڄڻ ٽڪ ٻڌي بيھي ويو آهي. دوزخ ٺاهڻ لاءِ. ڄڻ ڪڏهن ٿڌو ڪين اُلھندو- ۽ سامين جي سفر جي بہ ڄڻ ڪِٿ پُڄاڻي ڪانھي. سامين پٺيان هلندي، هانوَ. ۾ سوٽون ٿيون اُڀرنس ”وطن...وطن...“ جن ماڻھن ڪاڻ هو وڻ وڻ پيو ووڙي، سي ڪو کيس سڃاڻيندا؟ سندس ڪو آڌر ڀاءُ ڪندا؟ ماڳھين ڏمرندا، تہ ميان ڏٺو ڇا ٿئي، جو پُٺ ئي ڪين ٿو ڇڏين! پنھنجون ڄايون نِپايون ڪين اٿئي ڇا؟ ماڻھو، ماڻھوءَ کان ڇرڪيل، هي ملڪ ٿيو، ڪين راڪاس، برڙباڪاس جو پيٽ؟ بس نھار ئي پھرين، سڄا ٽي ڪوھہ وري ڪنھن ننڍڙي ٻار بہ مُڙي ڪين نھاريو، تہ پٺيان ماڙهو رهجي ويو. ڪين ڇا؟ بس، پنھنجو گس، پنھنجو منھن... ٻين سان نڪو سڱ، نڪو سياڪو!
۽ سامي آهن ٻارين ٻچين. جُواڻ، پوڙها، ڪنواريون، ٻارڙيون، ٻارڙا ۽ جُواڻ سھڻا جوڙا، پراڻن ويس وڳن مٿان تہ ڇا، پر گودڙين ۽ بُجڪن مٿان بہ ڀرتن سچلين ڪوڏين جا جَڙاو... ڪُلھي ڦاٽل ڪنجرين سان عورتون، ڪارائيءَ کان ڪلھي تائين ٻانھين- ساڻ. گڏهن مٿان ڳوڻين ۽ گودڙين ۾ ارڙ، کير، گڊا ۽ اصيل- نانگ لڏيل ۽ هڪ نينگري....جھڙي کپريل بلا! اکين ۾ ايڏو ڪامڻ، ايڏي ڏيا، جو ڏسندڙ جادوءَ ۾ اچي وڃي. ٻور سامايل ماِمڻ، وڏن ڪامڻن آرهن ساڻ ۽ ٻاريتڙين کي پُٺن سان ٻار ٻڌل. تنجيل ٻار ..... رڻ ۽ رائي ۾ ڄاول، ماءُ جي نراڙ سان، اجرڪ جي جهولي ۾ ٻڌل.
جڏهن ٽپھريءَ جي پوئينءَ ويلا ۾، سامين، ڄارين جي هڪ جُهنڊ هيٺان اچي ڊاٻو ڪيو، تہ هُن جون مَتيون موڙهجي ويون ۽ اُڻ تِڻ اورا کورا لڳي ويس، تہ هاڻ هو ڪيڏانھن وڃي؟ سامين لاءِ تہ جيھو ڪر هن جو وجود ئي ڪينھي؛ پر پوءِ بہ هو نِرلڄ ٿي، ٿورو وٿيڪو سامھين هڪ ڪنڊيءَ جي هيٺان، ٿُڙ کي ٽيڪ ڏئي، ويھي ٿو وڃي-- ۽ کولڻ لڳي ٿو ٿيلھو، جنھن ۾ بسڪوٽن جو پُڙو آهي. اکيون جَٿي ۾ کّپايو نھاريندو ٿو رهي. ۽ سچ هڪ ڀِٽ جي اوڍر ۾ ڍري ٿو وڃي. ڏسڻ ۾ اچنس ٿيون رڳو سامين جون دونھيون، دودرا ۽ پاڇا، هر پاڇو چِٽو پَٽو ۽ پڌرو، پاڇو هوندي بہ اَنھريءَ جيان روشن.
الاهين دير کان پوءِ هڪ پاڇو ڏانھنس وڏي ٿو. هو ڏسي ٿو، اڇي ڏاڙهيءَ ساڻ هڪ گيڙوءَ رتو، ڪن چير ڪاپڙي سندس مٿان اچي بيھي ٿو. گنڀرتا سان ڏاڙهي کنھندي چوي ٿو:
”اچي، هي ٻاجهريءَ جي ماني ۽ هي ڳڙ ذرو ...... جيڪي اڳيان، سو پيش پِرَينِ ...“
پوڙهو اُٻاڻڪي منھن سان آيو هو ۽ اُٻاڻڪي منھن سان وڃڻ لڳو هو، پر الائي ڇا سوچيندي، وري، موٽي ٿو اچي، ۽ نج چانڊوڻيءَ رات ۾ سندس ٿيلھي، بوٽن ۽ جين جي پينٽ ۽ جاڪٽ ۾ نھاريندي ڀڻڪي ٿو:
”ڇو پُٽ، هن ڏُڪارين ڏِسائن ۾ ڪھڙو وندر پيو ووڙين؟“
”آئون… آئون اخبارون ڇاپيندو آهيان.“ هو منجهي ڪوڙ ٿو ڳالھائي.
”پوءِ ڏُڪارئي پاسي ڪوھہ نٿو وڃين؟“
”سُڪار آهي ڪٿي؟ ۽ اوهان….. اوهان ڪيڏانھن پيا وڃو؟“
”اسان… اسان تہ جُڳن کان اها ئي واٽ پيا وڃون… اِهي ئي پراڻا پنڌ، اِهي ئي پيرا…“ سامي اونھو ساھہ ٿو ڀري، ۽ مٿاهنس گهري نھار سان نھاريندو، واپس وڃڻ ٿو لڳي، ڪجهہ گام پري هلندو، دونھن ۽ دودرن ڏانھن، پاڇولو ٿيندو ٿو وڃي.
هو ساميءَ ۾ نھاريندو پري ٻاجهر جي اڌ مانيءَ مٿانهس رکيل ڳُڙ ۾ نھاري ٿو. ۽ وري پري سامين جي پَڙاوَ ۾ نھاريندو، ڳُڙ ماني کائيندو، سوچن جي ٻوڏار ۾ هليو ٿو وڃي.
”هان.... منھنجي تہ تصور ۾ بہ ڪين هو تہ ھھڙي ڏُڪار ۾ بہ ڪو هيئن ٿيندو! هنن جون ريتيون ئي نراليون آهن. هتي، هن پِڙ تي ويٺي، ائين پيو وِسھيم، ڄڻ پراڻا وڃايل گم ٿي ويل ڪال ۽ سال وري موٽي آيا آهن. هتي، هن پرٿويءَ تي، سڀڪجهہ پراڻو ۽ سچ آهي. نئون ۽ ڪوڙو رڳو مان آهيان، پنھنجن هنن ڪپڙن جيان، جي هتي جي جهولن کان مون کين نٿا بچائي سگهن.“
هو جاڪٽ ۽ گنجي لاهي، وڻ ۾ ٽنگي ٿو، ۽ ٿيلھي مان نئون نڪور اجرڪ ڪڍي، پَٽ تي وڇائي ٿو، اشانت مَن کي آسيس ڏيڻ لاءِ. پٺين اُگهاڙو، پاڻيءَ ڍُڪ پي، سيرانديءَ کان ٿيلھو ڪري، ليٽي ٿو پوي ۽ تارا تارا اُڀ ۾ اکيون اٽڪائي ٿو ڇڏي.
۽ جيئن جيئن رات وهامي ٿي، سورهينءَ سترهينءَ جي چنڊ رات، جرڪندي ٿي وڃي. ۽ واري سون روپو ٿي، روشن ٿيندي ٿي وڃي. پري پري برف جيان اڇيون ۽ ڌنڌليون ڀِٽون رات جو جهوليءَ ۾ بہ برفاني چوٽين جي ڏکاءُ ڏين. هونءَ بہ برپٽ ڪين وارياسي ۾ اکيون ڀنڀلجي وينديون آهن.... ڪڏهن ڪڏهن برپٽ ووڙيندي ائين بہ ڀاسندو آهي، تہ سمونڊ ڇوليون پيو هڻي... ڪڏهن اوماس جي راتين ۾، چوڏس نانھن جھڙا ڏيک ڏسڻ ۾ ايندا آهن. هُو ڪنائي ٿو.... رات جو نوائيءَ ۾ پري ڪٿان ڪو قافلو پيو گذري، اُٺن جي چنگ چُڙن جا آواز نوائي وايو منڊل ۾ ڏور ڪٿان پڙاڏ جندا پيا وڃن. ڏکن ڏولاون جا گيت.
هُو ٿڪ کان چُور سمھي پوڻ ٿو چاهي؛ پر سندس من ۾ الائي ڪھڙا ڪھڙا اُڌما ايندا، کيس جاڳائيندا ٿا رهن ۽ سامي مُرليون وڄائيندا، دودرا دکايو، ڄڻ پرارنٿا پيا ڪن. هن کي ننڊ ڪانھي... ايستائين جو سامين جي سيٻن جا آواز بہ رات جي ماٺار ۾ لُڙهي ٿا وڃن ڏکڻ کان ايندڙ ٿڌڪار، ٽچڪيل جسم کي اَسيس پئي ڏئي. هُو پاسا ورائي ٿو، ننڊ لاءِ سوچي ٿو پنھنجي اڄ جي پاڳل پڻي لاءِ، تہ هن کان هيءَ ڪھڙي حرڪت ٿي، هن کي تہ پارڪر وڃڻو هو! آخر هن اُنھن سامين ۾ ڏٺو ڇا... ڇا اها ساري جاکوڙ ۽ ولوڙ ان ڇوڪريءَ کي ڏسڻ لاءِ..... توبھن! سھڻي تہ ڪيڏي نہ هئي، جھڙي ڪر ديو مالائي ڪھاڻين جي راڄڪماري. اکين ۾ ڪيڏا تيج تجلا ۽ اَهم ۽ الماس هئس! پر هنن سامين جو هيءُ ڪھڙو سانگ آهي، ڪجهہ بہ ٿئي صبح جو آئون ساڻن گڏ وِچڙ ٿي ويندس، آخر تہ هي ڪھڙو ويراڳ آهي؟ سندن ڪپڙا ڪيڏا نہ ٽريڊيشنل آهن. سنڌ جي کوج لھڻ ڪيڏو نہ اوکو ڪم آهي. شايد ئي پرٿويءَ تي سنڌ جھڙو پراسرار ملڪ هجي، رڳو اونھي اک سان سنڌ جي جاگرافيءَ ۽ رهڻي ڪھڻي ۽ بُگن کان هلندڙ ريتن رسمن کي ڏسڻو آهي. ڇا اها پراسرار ڳالھہ ڪين هئي، تہ اڄوڪي سنڌ ۾، جوڳين جي تاريخ ۾، برٽش دور کان وٺي اڄ تائين ڪو جوڳي ڪورٽ ۾ گهُربل ڪينھي.... ڪنھن وارتا ۾ بہ نہ!
هِتان جا تارا هُتان وڃي ٿا نڪرن. چنڊ بہ الائي ڪيڏا سفر ڪري، ٻوڏار ۾ پيو وڃڻ جون ڪري، سامين جون دونھيون ڪڏهوڪيون اُجهامي رَکَ ٿي ويون؛ پر هن کي ننڊ ڪانھي- رات جيئن پوءِ ٽِلڪندي ٽمڪندي ٿي وڃي، هو اکيون ٻوٽيون پاسا ورائيندو ٿو رهي.
”تون..... ڪير آهين تون؟“ اچانڪ هو پنھنجي مٿان بيٺل پاڇو ڏسي ڊيھو ٿو ڀري.
”ٻڌاءِ، تو اسان جو پيڇو ڇو ڪيو؟“ پاڇي سمان نينگري سندس آڏو ڪاٺ جيان بيھو ٿي وڃي. تون ساڳيو کونھر وارو آهين نہ، ٻڌاءِ...اکين ۾ ڇا ٿي چيئي؟“
”مان سيلاني آهيان، مان پنھنجي واٽ وٺيو پيو وڃان...“
”ڪوڙ، توکي منھنجي ڪامڻ ڪايا ورتو آهي؟“
”.... ..... ......“ هو نينگريءَ ۾ نھاريندو رهجي وڃي ٿو. اوچتو هڪ هڙ سندس اڳيان ڦھڪو اچي ٿي ڪري.
”ٻڌ تون مونک وڻيو آهين مونک ماڻڻ لاءِ هي وڳو پائي اڌوتي ٿي وڃ. ڊڄ نہ، ٻڌاءِ ڪيڏو جگر اٿئي؟“
هو موڳاٽجي سامي نينگريءَ ۾ نھاريندو ٿو رهي. کيس سمجهہ ۾ نٿو اچي، تہ ڪھڙو جواب ڏئي.
”ٻڌاءِ نہ، ڪيڏو جگر اٿئي، مونکي ماڻڻ لاءِ هي رُڃ جو سمنڊ جهاڳيندي؟ ٻڌاءِ، ڀٽن ۾ ويلا ۽ چِلا ڪڍندين؟ ڏس، مان تولا ڪيڏا سوڻ ساٺ ڪري آئي آهيان، سڄو لوڪ سُمھاري،“
هُو سامي نينگريءَ جي ڪاون ۽ ڪوڏين جڙيل پولڪا ۽ پڙي ۾ نھاري ٿو. چانڊوڪيءَ ۾ هوءَ ڄڻ ننڊ ولايت جي ديوي ٿي لڳي. راڄاڻ سونھن جو روپ ڏسي، نِڙي سُڪي ٺوٺ ٿيو وڃينس.
”تون ڳالھائين ڪوھہ نٿو. ٻُڌاءِ منھنجي پريم، موھہ ٽوھہ ۾ ڪاپڙي ٿيندي؟ ڪَن چيرائيندين؟ مون کي تو ۾ پورو وشواس آهي- تو اجگر واري ڇَپَ ڇو هنئي آهي؟ هوءَ مٿي تان گندي ڍرڪائي، کيس پُٺ ڏئي ٿي بيھي.
”منھنجي پولڪا جا سڳا اڃا ڪنوارا ۽ اَڇوهيل آهن. توکي ڪھڙا ڊيڄوڙا پيا آهن! سامين سان سڱ ٿو ڪرين تہ سامي ٿي، کولي ڇڏ منھنجي پولڪا جا ڌاڳا؛ ڌوئي ڇڏ منھنجو ۽ پنھنجو سارو تن من؛ ڪڍي ڇڏ سارو ڪينو.“ سامي نينگريءَ جي آواز ۾ کيپ ڀرجيو ٿا وڃن. هوءَ اَپڇرا جيئن کيس پُٺ ڏيو، جَواڻيءَ جي کپن ۽ خمارن ۾ ڄڻ وِٽڙجيو بيھي ٿي وڃي، ۽ هو ڪنھن خوفناڪ سوچن جي ٻوڏار مان نڪري، پٽ پيل چُني کڻي، هن جي سامھون اچي ٿو ۽ چُني ٻيھر ڏاڍي موھہ سان سندس مٿي تي اوڍائي، کيس کاڏي کان آڱر ڏئي سندس منھن مٿي ٿو ڪري. تون ...... تون آپڇرائن کان وڌ سھڻي آهين، پر آءٌ تولاءِ دنيا تياڳي نٿو سگهان. تون غلط سمجهي آهين .... مون کي ڏاڍو ڏور وڃڻو آهي. پري پري، سُڪارن جي ڳولا ۾.
منھنجي انگ لاءِ تو وٽ ڪپڙا آهن، پر مون وٽ تولاءِ ڪجهہ بہ ڪينھين. جنھن ڏينھن مان تولاءِ پٽ جا ڪپڙا وٺي آيس، اُن ڏينھن تنھنجا سمورا ڌاڳا کولي، توکي پنھنجي اندر ۾ سموئي ڇڏيندس. ساري ڀونءَ سامھون.... سمجهينءَ؟“
”نہ.... ٻڌاءِ کونھر مٿان اهڙين اکين سان ڇو ڏٺو هيئي؟ ...ڇو؟ ڇا ماڻھو اَپي کان نڪري ويندو آهي؟“
”ها، شايد مان ڪنھن ڪامڻ ۾ اچي ويو هئيس. جادوءَ ۾.“
”ڪامڻ ۾؟ ... ڪوڙا جي جيءُ کي جادو لڳي ويو هيئي، تہ پوءِ مون سان رُڃن ۾ ڀٽڪڻ جي شڪتي تو ۾ ڇو ڪانہ جُڙي؟ چئہ نہ، تو ۾ اها شڪتي ڇو ڪانہ جُڙي؟“ سامِڻ ڇوريءَ جي ڇَپرن ۾ لَڙڪ ڄڻ ڇم ڇم ڪندا ٿا اچن.
”شڪتي.... ها ڪانھين، آءُ ڪوھہ ڄاڻان پنڌ ڪيچ جو!“
”پوءِ ميار متان رکي اٿئي، تہ اک اڙائي، جوڳياڻي ڪچون ڪري وئي! الائي ڪيڏن اوسيئڙن کان پوءِ مون ورُ چونڊيو هو. اڳيا ورتي هئي. هاڻ... اڄ صبح جو سامي مونکي هيڪل ڏسي، ڪاريھر نانگ کان ڏنگرائي ڇڏيندا، تہ مون ڪوڙو ورُ ڪيئن چونڊيو؟ منھنجي اکين ڪوڙ تي اَرو ڪيئن ڪيو؟ اَلا... منھنجي نيڻن تہ مونک ڪڏهن بہ دوکو ڪين ڏنو، ڪڏهن ڪُلاپ ڪين ڪيو؟ اَلا ڪٿ وڃي اڙيون...“ هوءَ گڏَڪي گَڏڪي رنڀون ٿي دٻائي ۽ کن لاءِ هو سُن ۾ اچيو وڃي، ۽ کيس دلداري ڏيڻ لاءِ وڌي ٿو، سامِڻ ڇوريءَ کان ڇرڪ نڪريو وڃي:
”نہ نہ، متان ڇھيو ٿئي.... ٻڌاءِ، ڇو رُڃن ۾ اکيون اڙايئي، پريم جي سبن هنئي هيئي؟ جتان آيو آهين، ونءُ هليو.“
سامياڻي ڏهڪاوَ ڀريل نيڻن سان اندر جا ڄيرا ڇيرا پنھنجي اندر ۾ اوتيندي، بجڪو هن جي پيرن ۾ پيل ڇڏيو. سندس نيڻن ۾ وڏي ڦٿڪاٽ سان نھاريندي، اچانگ اوڇنگارن سان سَٽ ڏئي موٽ ٿي کائي. کن لاءِ هو ڄڻ سراپجي پنڊ پھڻ ٿيو وڃي. اچانڪ ڪو سانگ ساري هو پٺيانهس نھاريندي واڪو ٿو ڪري:
”ترس، نہ پوري ڳال نہ مھاڙ، ايڏو ڦوڙائو، گيڙوءَ رتو آهيان. جي نيڻن سان گڏ ٻانھن بہ وڌائي اٿئي، تہ پوءِ مون کي بہ اروڙ جي ٻَنڌ ڀڃڻ ٿي اچي.“
هو سنياسين جيان پنھنجيءَ وڏي اجرڪ جو ٻانڌڻو ڳچيءَ سان ٻڌي ٿو. وڻن ۾ لٽڪيل پنھنجي ڪپڙن ڏانھن نھاري بہ نٿو. بس، رڳو بجڪو ۽ پاڻيءَ جي کَلي ۽ بسڪوٽ کڻي، پٺيري سانت ڀريل ماٺار ۾ بيھي ويل سامِڻ جي ڪلھي ۾ پاڻيءَ جي کَلي ۽ ٻانھن ۾ ٻانھن اڙايو ساڻس جٽ ٿيو هلڻ لڳي ٿو.
ٻہ پاڇا وڃي رهيا آهن.... جوڳين جي دونھين ۽ دودرن ڏانھن، چِٽا پَٽا، ٻہ روشن پاڇا اَنھريءَ جيان.
لفظ
گونگا، ٻوڙا ۽ انڌا هوندا آهن. انھن کي چوڻ، ٻڌڻ ۽ ڏسڻ جي سگهہ عطا ڪرڻ ليکڪ جو ڪم آهي ۽ ائين هو ’سرجڻھار‘ جي رتبي کي رسي ٿو.