هڪ ڊنل ماڻھو
ليکڪ: شوڪت حسين شورو | پڙهڻ جو وقت: 30 منٽ
هو فوٽ پاٿ تي رکيل سيڪنڊ هئند ۽ ردي ڪتابن جي اسٽالن تي واري واري سان بيھندو ڪتاب جاچڻ لڳو. هڪڙي هنڌ هن کي ’گارڊ فادر‘ ناول نظر آيو. قيمت پڇيائين ويھہ روپيا. هن حيرت مان اسٽال واري ڏانھن ڏٺو.
”دڪان تي هي ڪتاب اوهان کي چاليھہ- پنجاھہ رپين ۾ ملندو.“ اسٽال واري چيو ”اهو تہ سٺي حالت ۾ هوندو. هن جي حالت خراب لڳي پيئي آهي.“
”اوهان جي مرضي. مشھور ناول آهي. هن تي فلم بہ ٺھي آهي، جنھن ۾ مارلن برانڊو ڪم ڪيو آهي. پاڪستان ۾ ان فلم تي بندش پيل آهي.“ اسٽال واري پنھنجي معلومات ظاهر ڪندي چيو. هن بنا ڪڇڻ جي ڪتاب اسٽال واري کي موٽائي ڏنو.
هو هلندو ٻئي اسٽال تي اچي بيٺو. ٿلھن نصاب جي ڪتابن ۾ هن نوبو ڪوف جو ناول ’لوليتا‘ پيل ڏٺو. پڪي جلد سان بھتر حالت ۾ هن قيمت پڇي. ڏھہ رپيا.
”اٺ رپيا وٺ.“ هن چيو.
اسٽال واري بنا بحث جي ڪتاب ڏئي ڇڏيو. ’لولتيا‘ پڙهڻ جو هن کي گهڻي وقت کان شوق هو. اسٽال واري قيمت گهٽ نہ ڪري ها تہ بہ هو وٺي ها.
شام ٿي چڪي هئي. ڪراچيءَ ۾ رات جون روشنيون جڳ مڳ ٻرڻ لڳيون هيون. جارج هوٽل جي اڳيان فوٽ پاٿ تي تمام گهڻي رش هئي. ڪئسٽن جي زور زرو سان وڄڻ جو شور هو. هو ماڻھن جي پيھہ ۾ پيسجندو هليو. سندس ساھہ ٻوساٽجڻ لڳو. هو سب وي وٽان مڙي ڪئينس روڊ تي آيو. ڪپڙن جي دڪانن جي اڳيان لنگهندي هن کي خيال آيو تہ هڪ نئين پتلون ۽ قميص جي لاءِ ڪپڙو وٺي. پگهار جا سمورا پئسا هن جي کيسي ۾ هئا. گذريل مھيني هن جيڪا پتلون ورتي ۽ قميص هئي اها بہ درزيءَ کان کڻڻي هئي. کيس نَون ڪپڙن خريد ڪرڻ جي ايتري گهڻي ضرورت ڪانہ هئي. هن پنھنجو ارادو بدلائي ڇڏيو. پوءِ سوچيائين تہ ڪنھن سٺي هوٽل ۾ ويھي چانھہ پيئي ۽ ’لوليتا‘ جا پنا اٿلائي پٿلائي. شام جو عذاب هن کي ڪئين بہ ڪري سھي گذارڻو هو. هن جي دل ويھڻ لڳي. هو پئراڊائز سئنيما وٽ روڊ ٽپڻ جي لاءِ اچي بيٺو. هڪ عورت بہ ٽريفڪ بند ٿيڻ جو انتظار ڪري رهي هئي. هن عورت ڏانھن ڏٺو. هوءَ 28-30 سالن جي لڳ ڀڳ هئي. رنگ سانورو هوس ۽ مھانڊو وڻندڙ عورت بہ هن ڏانھن نھاريو ۽ پوءِ ٽريفڪ کي ڏسڻ لڳي. ٽريفڪ بند ٿي تہ هو روڊ ڪراس ڪري فوٽ پاٿ تي آيا. هلندي هلندي عورت وري بہ هڪ ڀيرو هن ڏانھن ڏٺو. هن کي تجربو ڪونہ هو، تنھن هوندي بہ اندازو لڳايو تہ هوءَ پرائيوٽ هئي ۽ گراهڪ جي تاڙ ۾ هئي. هن سوچيو تہ ساڻس ڳالھائي ۽ معلوم ڪري تہ هن جو اگهہ ڪيترو آهي. پر جيڪڏهن هوءَ پرائيوٽ نہ هجي ۽ جيڪڏهن سندس ڳالھائڻ کي خراب سمجهي تہ! هو ٻڏ تر ۾ پئجي ويو. کيسي ۾ پگهار جا سمورا پئسا هئا. هو خرچ ڪرڻ جھڙو هو، پر هن کي سمجهہ ۾ نٿي آيو تہ عورت سان ڳالھائي ڪيئن، ماڻھو نہ چڱين ڀلين عورتن کي ڦاسائي ويندا آهن ۽ هو هڪ پرائيويٽ عورت سان بہ نٿي ڳالھائي سگهيو. هن پاڻ کي همت ڏياري. عورت هن ڏانھن آڏين نظرن سان ڏٺو ۽ هن سمجهيو تہ عورت جي چپن تي هلڪي مرڪ هئي. هن سوچيو تہ اوسي پاسي ۾ ڪو ماڻھو نہ هجي تہ پوءِ عورت سان ڳالھائي. عورت ڪنھن بہ پاسي مُڙڻ کان سواءِ سڌي سڌي هلندي رهي. ريڪس سئنيمان کان اڳتي نيٺ هن کي وجهہ مليو. هن دل جهلي وک وڌائي ۽ عورت جي ويجهو اچي ڳيت ڏئي ”هلو“ چيائين. عورت هن ڏانھن ڏٺو ۽ مرڪي پئي.
”هلو،“ عورت وراڻيو. هن جي دل ٿورو وڌي.
”دل ۾ نہ ڪريو تہ ڪٿي ويھي چانھہ پيئون،“ هن کي اهو جملو عجيب لڳو. پر هن کي سمجهہ ۾ نٿي آيو تہ پرائيوٽ عورت سان ڪئين ڳالھائبو آهي.
”ڀلي،“ عورت چيو.
”وليج هوٽل ۾ ويھون؟“ چرچ جي فوٽ پاٿ تي اچي هن پڇيو.
”اوهان جي مرضي، جتي بہ هلي ويھو.“
ٻيئي گڏ هلندا وليج هوٽل جي جهوپڙيءَ ۾ اچي ويٺا. ويٽر مينو کڻي آيو. مينو ڏسندي هن پڇيو، ”ڇا گهرائجي؟“
”جيڪي بہ گهرايو،“ عورت پنھنجائپ مان چيو. هن حيرت مان عورت کي ڏٺو ۽ کيس عجب لڳو، ڄڻ هوءَ سندس پراڻي واقف هئي ۽ هن سڀ سندس مرضيءَ تي ڇڏي ڏنو هو. هن ويٽر کي چڪن سئنڊوچز ۽ چانھہ آڻڻ لاءِ چيو.
”جي؟“ هن شروعات ڪرڻ چاهي.
”جي! اوهان ٻڌايو؟“ عورت جون اکيون مرڪڻ لڳيون. هوءَ هڪ سنئين سڌي عورت هئي جنھن ۾ ڪابہ غير معمولي ڳالھہ ڪانہ هئي. نہ گهڻو ميڪ اپ ڪيل ۽ نہ وري ڪپڙن لٽن ۾ فيشنبل لڳندڙ. هوءَ بلڪل گهرو عورتن جھڙي هئي. پر ڪا مجبوري هئي جنھن هن کي ان ڌنڌي ۾ آندو هو. هن سوچيو.
”توکي گهر وڃڻ جي جلدي تہ ڪانھي؟“ هن پڇيو.
”نہ. اهڙي خاص جلدي تہ ڪانھي،“ عورت وراڻيو.
هن سوچيو تہ کائنس پڇي تہ تنھنجو گهر ڪٿي آهي، پر اها ڳالھہ مناسب نہ سمجهي اهڙي عورت پنھنجي گهر جو صحيح نہ ٻڌائيندي ۽ پڇڻ مان فائدو بہ ڪھڙو. ڪجهہ نہ ڪجهہ ڳالھائڻو تہ ضروري هو. مسئلو اهو هو تہ ڳالھائجي ڇا؟ ۽ هن کي عورت ڪجهہ منجهيل پئي لڳي- اهو هن جو خيال هو!
”توکي ميڪ اپ ڪرڻ نہ وڻندو آهي ڇا؟
”ڇو؟ آئون ميڪ اپ کان سواءِ سٺي نٿي لڳان ڇا؟“ عورت کلي چيو.
”سٺي تہ لڳين ٿي،“ هن عورت جي اکين ۾ نھاريندي چيو.
”ها، تون بنا ميڪ اپ جي وڌيڪ سھڻي ٿي لڳين......“
هو کلڻ لڳي. ”اهڙيون ڳالھيون نہ ڪر جو آءٌ سچ پچ بہ پاڻ کي سمجهڻ لڳان.“
هو عورت کي ڏسندو رهيو. هن پنھنجي من کي ڪجهہ ڳروڳرو محسوس ڪيو. هن چاهيو تہ عورت جو منھن پنھنجين هٿن ۾ جهلي هن جي اکين ۾ ڏسندو رهي ۽ انھن ۾ پاڻ کي ڳولي.
”مون کي ائين ڇو ٿو ڏسين؟ آءٌ اهڙي سھڻي تہ ناهيان.....“
”آءٌ تنھنجي اکين ۾ ڪجهہ ڳوليان پيو.“
عورت کي حيرت لڳي.
”مون تنھنجي ڳالھہ نہ سمجهي....“
”سمجهڻ جي ضرورت بہ ڪھڙي آهي ٻن- ٽن ڪلاڪن جي لاءِ هڪٻئي کي سمجهي ڇا ڪنداسين!“ هو گنڀير ٿي ويو.
عجيب ماڻھو آهي. عورت سوچيو. پر هوءَ اها ڳالھہ سمجهي نہ سگهي تہ کيس ڇو هن لاءِ همدردي محسوس ٿي رهي هئي.
ويٽر سئنڊوچز کڻي آيو هو. ٻئي کائڻ لڳا. پوءِ نيپڪن سان هٿ اگهندي عورت چيو ”پاڻ کي ڪٿي هلڻو آهي؟“
”ڇا مطلب؟
”ڪا جاءِ آهي يا هوٽل ۾ ڪمرو وٺڻو پوندو؟“
هو مطلب سمجهي ويو. ”ان جي ڪا ضرورت ڪانھي. پاڻ کي نہ ڪنھن جاءِ تي هلڻو آهي ۽ نہ هوٽل ڪمري ۾.“
عورت هن کي حيرت مان ڏسڻ لڳي.
”پوءِ تون مون کي وٺي ڇو آيو آهين؟“
”آءٌ توکي ان لاءِ نہ وٺي آيو آهيان،“ هن منھن ڦٽائي چيو. هن ڏٺو تہ عورت جي منھن تي مايوسي اچي وئي.
هن کيسي مان پگهار وارا پئسا ڪڍي ٽيبل تي رکيا.
”ٻن- ٽن ڪلاڪن جي لاءِ تنھنجي جيتري في آهي، سا هنن مان کڻي وٺ.“
عورت کي ڪجهہ بہ سمجهہ ۾ نہ آيو. هن کي اهو سڀ عجيب پئي لڳو. هن جو اهڙي ماڻھوءَ سان ڪڏهن بہ واسطو نہ پيو هو. هن نوٽن ڏانھن ڏٺو ۽ اندازو لڳايو تہ هزار کن هوندو. هن ماڻھوءَ ڏانھن ڏٺو، جيڪو بنا نھار جي کيس تڪي رهيو هو ۽ پاڻ الاجي ڪٿي هو، ويٽر آيو ۽ خالي پليٽون کڻي ويو. ٿوري دير ۾ چانھہ کڻي آيو.
”نہ، مون کي اهڙا پيسا نہ کپن،“ نيٺ عورت ڪڇي.
”ڇو؟ آءٌ توکي هي پيسا خيرات ۾ ڪونہ ٿو ڏيان. اهي تنھنجي ٻن- ٽن ڪلاڪن جي في آهن.“
”عجيب شخص آهين تون! مون کي سمجهہ ۾ نٿو اچي تہ تون هروڀرو ڇو مون کي پيسا ڏئي رهيو آهين. توکي مليو ڇا؟“
هن مُرڪي ڏٺو.
”توکي ڪھڙي خبر تہ مون کي ڇا مليو. نہ، تون اها ڳالھہ واقعي سمجهي بہ نہ سگهندينءَ. خير، ڳالھہ وهنوار جي آهي. مون تنھنجو وقت ورتو آهي ۽ ان جو عيوضو مون کي ضرور ڀرڻ گهرجي. توکي جيترا مناسب سُجهن اوترا هن مان کڻ.“
”تو وٽ پيسا گهڻا آهن ڇا؟“ عورت چانھہ ٺاهيندي چيو.
”گهڻا تہ ڪونہ آهن. آءٌ معمولي ملازم آهيان. هي منھنجي پگهار جا پيسا آهن.“
”۽ اهي پيسا تون ائين وڃائي ڇڏڻ ٿو چاهين؟“
”جيڪڏهن آءٌ هوٽل ۾ ڪمرو وٺان ها ۽ توکي اتي وٺي هلان ها تہ پوءِ سمجھان ها تہ مون پيسا وڃائي ڇڏيا، پر هي سڀ آءٌ پنھنجي خوشي سان ڪري رهيو آهيان. مون کي رڳو تنھنجو ساٿ کپي. آئون توسان ڳالھيون ڪرڻ ۽ توسان رستن تي گهمڻ چاهيان ٿو. ان کان وڌيڪ مون کي ڪجهہ نہ کپي“ هن جو آواز گنڀير ٿي ويو.
عورت اکيون هيٺ ڪري پنھنجن هٿن کي ڏسڻ لڳي.
”تون سمجهندي هوندينءَ تہ آءٌ ڪو چريو آهيان.“ هن کلندي چيو.
”نہ نہ، اهڙي ڳالھہ تہ ڪانھي،“ عورت کي پيشماني محسوس ٿي. ”چڱو، پيسا تون پاڻ وٽ رک، مون کي ڪجهہ خريد ڪري ڏجانءِ.“
”ها، اهو بہ ٺيڪ آهي.“ عورت جو هٿ پنھنجي هٿ ۾ ورتو ۽ ان کي ڏسڻ لڳو. پوءِ هٿ کي مٿي کڻي ويجهو آندائين ۽ تريءَ تي پنھنجا چپ رکي ڇڏيائين. هو هر گذرندڙ پَل کي پيئندو رهيو. ويٽر هڪ ڀيرو وري آيو ۽ اندر جهاتي پائي هليو ويو.
”تون اهڙو ڇو آهين؟“ عورت ڀڻڪيو.
”اهڙو ڇا؟“
عورت سوچڻ لڳي تہ هوءَ کيس پنھنجي ڳالھہ ڪيئن سمجهائي. هوءَ چپ ٿي وئي. هو عورت جي ٻانھن تي ٿڌڙا ڪڍڻ لڳو.
”ٻڌ....“ عورت ڀڻڪار ڪيو.
”چئو؟“
عورت نہ ڪڇي.
”ڇا ڳالھہ آهي؟ چئين ڇو نٿي؟“ هن هٿ وڌائي عورت جي ٻل تي رکيو ۽ عورت جو ڪنڌ هن جي هٿ تي لڙي پيو.
”تنھنجي زال هوندي! تنھنجا ٻار هوندا!“ عورت هٻڪندي چيو.
”نہ منھنجا ٻار آهن ۽ نہ مون کي زال آهي.“
”تون بلڪل اڪيلو آهين!“ عورت حيرت مان چيو. ”تنھنجو ڪوبہ ڪونھي.“
”منھنجو ڪوبہ ڪونھي.“ هن سوچيو تہ عورت کان پڇي، ’تون منھنجي ٿيندينءَ؟‘
پر هو چئي نہ سگهيو. عورت کي شايد اها ڳالھہ ٻڌي همدردي محسوس ٿي هئي. هن سندس هٿ کي هلڪو زور ڏنو.
هن چاهيو تہ عورت کان نالو ۽ حال احوال پڇي، پر پوءِ هن اهو خيال بدلائي ڇڏيو. ان سان ڪوبہ فرق نہ پئي ها. هوءَ هڪ عورت هئي. سندس پاسي ۾ ويٺي هئي. ساڻس ڳالھائي رهي هئي ۽ اهو ئي هن لاءِ ڪافي هو. هوءَ ڪير هئي، اهو پڇي هو ڇا ڪري ها. کيس حاصل ڪجهہ بہ نہ ٿيڻو هو. اهي ئي ڪجهہ گهڙيون، جيڪي هوءَ ساڻس گڏ هئي، سندس حاصلات هيون. انھن گهڙين کان اڳ ۽ انھن گهڙين کان پوءِ ٻنھي جو هڪٻئي سان ڪو بہ واسطو نہ هو، ڪابہ سڃاڻپ نہ هئي. هن کي ڪنھن جي ساٿ جي ضرورت هئي. اهو ساٿ جيڪو هن کي ايڏي ساري اجهاڳ شھر ۾ نہ ملي سگهيو هو، سو هن پئسن تي خريد ڪيو هو. بس، ان کان وڌيڪ کيس ڪجهہ نہ کپندو هو
هن واچ ۾ وقت ڏٺو. اٺ ٿيڻ وارا هئا. هو پريشان ٿي ويو.
”اڙي! اٺ پيا ٿين، دڪان تہ بند ٿي ويندا“، هن گهٻرائجي چيو.
”نہ، دڪان دير تائين کليل هوندا. عيد ويجهي آهي نه“، عورت چيو. تڏهن هن کي ياد آيو تہ عيد ۾ باقي ٽي ڏينھن آهن. جنھن ڏينھن جو ماڻھو ايڏو انتظار ڪندا آهن، ايترا پيسا خرچ ڪري ڪپڙا لٽا ۽ سامان وٺندا آهن، سو هن جي لاءِ سخت بور ڏينھن هوندو آهي. هو سڄو ڏينھن ستو پيو هوندو آهي. ڪنھن وٽ وڃڻ يا ڪنھن سان ملڻ نہ چاهيندو.
”منھنجي خيال ۾ پاڻ کي هاڻ هلڻ کپي“. هن ويٽر کي سڏ ڪري بل گهرايو ۽ پسا ڏئي عورت سان گڏ اُٿيو.
ٻئي آهستي آهستي گهمڻ جي انداز ۾ فوٽ پاٿ تي هلڻ لڳا- ڄڻ هو روز ائين گڏ گهمندا هئا... ڄڻ اهو سندن معمول هو.
”آءٌ سمجھان پيو جھڙوڪ اسين ٻئي روز رات جو ڪراچيءَ جي روڊن تي گهمڻ نڪرندا آهيون ۽ اڄ بہ ائين گهمون پيا“، هو کلڻ لڳو.
”ها، مون کي بہ ائين پيو لڳي“، عورت بہ کلڻ لڳي. ”ڄڻ اسين ورهين کان هڪٻئي کي سڃاڻندا هجون ۽ گڏ رهندا رهجون....“
”هون....“ هن هونگار ڪري عورت جي اکين ۾ ڏٺو ۽ هوءَ سچ پچ شرمائجي وئي. هن کي عورت جي شرمائجڻ تي مزو آيو ۽ ٽھڪ ڏيڻ لڳو.
”ڪِنا!“ عورت ڪوڙي ڪاوڙ وچان هن جي ڪلھي تي ڌڪ هنيو. هن کلندي کلندي عورت جو هٿ پنھنجي هٿ ۾ ورتو ۽ پوءِ گڏ کلڻ لڳا. کلڻ جو ڪوبہ سبب نہ هو، پر کين هرڀروکل پئي آئي. ٻئي خوش هئا.
هو ريو سنيما وارو ڪراس ٽپي ايلفيءَ ۾ داخل ٿيا.
”تہ سائين جن ڪھڙي خريداريءَ جو ارادو رکن ٿا؟“
”آءٌ عيد جي لاءِ هڪ وڳو وٺندس. تون بہ عيد جي لاءِ هڪڙو وڳو وٺجانءِ. هونءَ پيسا اجايا خرچ ٿي ويندا. ڪپڙا هوندا تہ پيا ڪم ايندا.“
”نہ، آءٌ عيد جي لاءِ ڪپڙا نہ وٺندو آهيان.“
”ڇو؟“
”آءٌ عيد تي ڪيڏانھن نڪران ئي ڪونہ، پوءِ ڪپڙا وٺي ڇا ڪندس!“
”اوھہ! . . .“ عورت کي ڄڻ ڪجهہ سمجهہ ۾ اچي ويو هو ۽ هن کي پنھنجي غلطيءَ جو احساس ٿيو. هن عورت جي هٿ کي زور ڏنو- شايد اهو چوڻ لاءِ تہ ’ڪا ڳالھہ ناهي‘.
”ڀلا ڪنھن خاص دڪان تان ڪپڙو وٺبو؟“ هن مذاقي انداز ۾ پڇيو.
”نہ، ڪلاٿ مارڪيٽ ۾ ٿا هلون.“ عورت هن جي منھن ۾ نھاريو ۽ کلي پئي. هو ٻئي ڪلاٿ مارڪيٽ ۾ آيا. هڪڙي دڪان ۾ گهڙي ويا. عورت مختلف ڪپڙا ڏسڻ لڳي ۽ هن کان رايو پڇندي وئي.
”مون کي ڪپڙن جي خبر نہ پوندي آهي. تنھنجي مرضي، توکي جيڪو وڻي سو وٺ“، هن چيو نيٺ عورت ڪپڙو پسند ڪيو. قميت تي هو دڪاندار سان اٽڪي پئي. هو بنا ريڙھہ پيڙھہ جي پيسا ڏيڻ لاءِ تيار هو؛ پر عورت کيس روڪيو.
”تون چپ ڪري بيھہ. اوهان مردن کي هونءَ ئي دڪاندار ڦريندا آهن.“ هو چپ ڪري بيھي رهيو. هوءَ دڪاندار سان بحث ڪرڻ لڳي.
”اڃا ٻہ- ٽي ڏينھن اڳ منھنجي سھيلي هي ڪپڙو وٺي وئي آهي. مون کي اگهہ جي خبر آهي. اسين عيدا وارو اگهہ نہ ڏينداسين.
دڪاندار قسم کڻڻ لڳو، تہ هو عيد جو اگهہ ڪونہ پيو وٺي؛ پر عورت اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار نہ هئي. هوءَ دڪان مان ٻاهر وڃڻ لڳي، تہ دڪاندار پٺيان سڏ ڪيو:
”ٺيڪ آهي ڀلا وٺي وڃو.“
”ڏٺئي!“ عورت مرڪندي هن کي چيو، ”هي دڪاندار وڏا حرامي اٿئي.“
دڪاندار ڪپڙو ڪٽي پئڪيٽ ۾ بند ڪيو. هن کيسي مان پيسا ڪڍي دڪاندار کي ڏنا. دڪان مان ٻاهر آيا تہ هڪ فقيرياڻيءَ هنن کان خيرات گهري.
”خدا جوڙي سلامت رکي.....“ ٻنھي هڪٻئي کي ڏٺو ۽ مرڪي پيا. هن کيسي مان رپيو ڪڍي فقيرياڻيءَ کي ڏنو.
”ويچاري فقيرياڻي! سندس دعا اجائي وئي....“ اڳتي هلي کلندي هن چيو. عورت جي چپن تي مرڪ هئي.
”اڃا بہ ڪجهہ وٺڻو آهي؟“ هن پڇيو.
”نہ، بس.“
”حجاب نہ ڪج.“
”نہ، حجاب ڪھڙو مون کي ٻئي ڪنھن شيءِ جي ضرورت ناهي“ عورت هن کي يقين ڏياريو.
”۽ هاڻي؟“ هن عورت کان پڇيو.
”۽ هاڻي؟“
”هاڻي ڇا پروگرام آهي؟“
”منھنجو تہ ڪو پروگرام ڪونھي. جيئن تون چئين؟“
”هل تہ ڪٿي ماني هلي کائون.“
”ماني؟ پر بک تہ ڪانھي.“
”چائنيز ۾ ٿا هلون. هلڪو کاڌو آهي. ٺيڪ آهي نہ؟“
”ٺيڪ آهي. جيڪا تنھنجي مرضي“، عورت ڳالھہ مڃيندي چيو.
هلندي هلندي عورت چيو، ”عيد جي ڪري ايتري رونق آهي. نہ تہ هونءَ اٺين کان پوءِ سڃ هوندي آهي.“
”ها، اڄ سچي بہ رونق آهي. مون کي بہ نظر اچي پئي“، هن عورت ڏانھن نھاريندي چيو.
”مون ۾ ڇا ٿو ڏسين؟ رونق رستن تي آهي، مون ۾ ڪانھي“، عورت ٽھڪ ڏنو.
”مون کي تہ تنھنجي ڪري پئي رونق محسوس ٿئي“، هن سنجيدگيءَ سان چيو.
”سچ؟“ عورت بہ سنجيدي ٿي وئي.
”سچ.“ ۽ هن ڏٺو تہ عورت جي منھن تي اُداسي اچي وئي هئي.
ٻئي ڪيفي هانگ ڪانگ ۾ اچي ويٺا. دير ٿيڻ سبب رڳو ٽي- چار جوڙا ويٺا هئا.
”تون بور تہ ڪانہ ٿي پئي آهين؟“
”نہ. بلڪل نہ، ڪمال آهي، تو اهو ڪيئن سمجهيو!“ عورت مرڪندي ۽ ناراض ٿيندي چيو.
”الائي! آءٌ تہ ائين سمجهندو آهيان، تہ منھنجي ساٿ ۾ ٻئي کي رڳو بوريت پلئہ پوندي آهي.“
”تون بہ عجيب ماڻھو آهين. پنھنجي لاءِ پاڻ ئي خيال ٺاهيو ويٺو آهين“، هوءَ کلڻ لڳي.
”خير، منھنجي اڄوڪي شام تنھنجي نالي آهي. شايد منھنجي زندگيءَ جي اها پھرين شام آهي، جيڪا تنھنجي ڪري بوريت کان سواءِ گذري وئي ۽ مون کي خبر بہ نہ پئي.“
”پر مون تہ ڪجهہ بہ نہ ڪيو آهي!“
هل کلي چپ ٿي ويو.
هنن جيستائين ماني کاڌي، هوٽل ذري گهٽ خالي ٿي چڪي هئي. هن بل گهرائي پيسا ڏنا. ٻاهر اچي هن چيو، ”هاڻي تون ويندينءَ؟“
”ها. وڃڻو تہ آهي“ عورت کلي چيو.
”ڪا ٽيڪسي هٿ ڪجي......“ هو هيڏانھن هوڏانھن ٽيڪسيءَ لاءِ نھارڻ لڳو.
”ٿورو هلون ٿا. صدر ۾ ٽيڪسي ملي ويندي“، عورت چيو ۽ ٻئي هلڻ لڳا. هن کي پنھنجو من ڳرو ڳرو ۽ ٿڪل محسوس ٿيو. هن ان احساس کي دٻائڻ لاءِ ڪجهہ ڳالھائڻ چاهيو.
”جيڪڏهن تون وري ڪٿي ملي وڃين تہ مون کي سڃاڻندين؟“
”آءٌ توکي وساري نہ سگهنديس“، عورت پوري سنجيدگيءَ سان چيو. هو ٽھڪ ڏيڻ لڳو.
”ڇو؟ ان ۾ کلڻ جي ڪھڙي ڳالھہ آهي؟“
”اهو ڊائلاگ تہ فلمن ۾ محبوبہ ڳالھائيندي آهي“، هو اڃا ٽھڪ ڏئي رهيو هو. عورت هن ڏانھن ڏٺو ۽ سندس نظرن ۾ ڏک هو.
هو اوچتو چپ ٿي ويو ۽ چيائين، ”ٽيڪسي تہ نظرئي نٿي اچي...“ عورت نہ ڪڇي هو سمجهي ويو، ۽ سندس ڳالھہ عورت کي رنجايو آهي؛ پر هو ڪري بہ ڇا ٿي سگهيو. هن کي عورت جو جملو بلڪل روايتي قسم جو لڳو هو-- ۽....۽ کلڻ تہ هن زوريءَ ٿي چاهيو.
ٻئي هلندا رهيا ۽ ٻئي خاموش هئا. ٽريفڪ گهٽجي وئي هئي ۽ شھر جو شور ٿڪي ٽٽي ساڻو پئجي ويو هو. هڪ ٻئي کان پري پري هلي رهيا هئا. هڪ خالي ٽيڪسي پاسي مان اچي لنگهي. هن رڙ ڪري ٽيڪسي بيھاري. ٻئي وڌي ٽيڪسيءَ وٽ آيا. هن پويون در کوليو ۽ عورت خاموشيءَ سان ٽيڪسيءَ ۾ وڃي ويٺي. هن ڊرائيور کي ڀاڙي جي لاءِ ڏهين جو نوٽ ڪڍي ڏنو ۽ پوءِ ٽيڪسيءَ جي کليل دريءَ وٽ جهڪي عورت کي ڏٺائين ۽ ڳري آواز ۾ چيائين، ”ساٿ لاءِ مھرباني...“
عورت اکيون مٿي کڻي هن کي ڏٺو. سندس اکيون ڀِنل هيون... يا هن کي ائين لڳو هو. ٽيڪسي ٻنھي جي نظرن جي ڏور کي ڇنندي هلي وئي.
هو ايمپريس مارڪيٽ جي بس اسٽاپ تي آيو ۽ پنھنجي بس ۾ چڙهي پيو. سڄي واٽ هن جو ذهن خالي هو. گهر جي ويجهي اسٽاپ تي بس مان لٿو ۽ سُڃي گهٽي لتاڙي پنھنجي ڪمري جي در جي اڳيان اچي بيٺو. در کولي اندارن در جي پاسي ۾ ڀت تي هٿراڙيون ڏئي بٽڻ ڳولي بتي ٻاريائين. ڪمري ۾ روشني پکڙجي وئي. هو ڇرڪي دهلجي در تي ئي بيھي رهيو. ڪمري جي ويراني ۽ اڪيلائيءَ جو دهشت هڪدم هن تي ڇائنجي وئي. هو اکيون ڦاڙي حيرت ۽ ڊپ وچان ڪمري کي ڏسڻ لڳو. ڪمري ۾ پيل هر شي ساڪت ۽ مئل هئي، هن کي اوچتو موت جو احساس ٿيو ۽ سندس من ۾ ڊپ ڀرجي ويو. هانءَ اڇل کائي نڙيءَ ۾ اچي ڦاسي پيو. هن چاهيو تہ پوئتي ڀڄي، پر سندس پير پٿرائجي ويا هئا. کيس محسوس ٿيو تہ ڪمري ۾ ڀريل اڪيلائي ۽ ويراني، آهستي آهستي هن ڏانھن وڌي رهي هئي ۽ پوءِ اها هن جي سچي وجود کي گهيري وئي.
لفظن
کي صرفي سان ڪتب آڻڻ گهرجي- لفظن کي حلال ڪمائيءَ جيان ڪم آڻڻ گهرجي؛ نہ ڪي رشوت جي مال جيان.
شرجيل
من جو اڱڻ
اها ڪيڏي نہ وڏي ٽريجڊي آهي، جو تو پنھنجي جوانيءَ جا سڄا سارا ست سال گذاري، ۽ پوءِ هڪ اهڙي ماڻھوءَ سان شادي ڪري ڇڏي- جنھن سان ٻن سالن تائين ايڊجسٽ ٿي نہ سگهي آهين-!
- اهو سوال، تون پنھنجو پاڻ کان ڇو نہ ٿو پڇين!؟
اسان مردن جي ٻي ڳالھہ آهي جَمي، جيتوڻيڪ مون اڃا شادي ڪانہ ڪئي آهي. تنھنجو وجود ۽ انڊراسٽينڊنگ وسارڻ جھڙي ڪونھي- تڏهن بنا انڊراسٽينڊنگ جي ڪافي جسم مليو وڃن. بس اهو ئي فرق آهي، تنھنجي منھنجي ٽريجڊيءَ ۾-
- پوءِ تون شادي ڇو نہ ٿو ڪري ڇڏين!؟
اهو تہ سنئون سڌو تون مون کان پنھنجو محرومين ۽ غلطين جو بدلو وٺڻ ٿي چاهين-
-نہ، مان صرف توکي خوش ڏسڻ ٿي چاهيان.
اهڙيءَ طرح سان، جھڙيءَ طرح تون خوش آهين!؟
- نہ؟-
تہ پوءِ ٻيون ڪھڙيون خوشيون ملي سگهن ٿيون-؟
- اهي خوشيون توکي پنھنجي ماءُ ۽ جوان ڀيڻ جي ارمانن جي پوري ٿيڻ جي معاوضي ۾ ملنديون-
آهين نہ عورت! تڏهن تہ مردن جي معاملي ۽ ضرورتن کي اهميت نہ ڏينديون آهيون-
- ڇا، توکي پنھنجي ماءُ ۽ جوان ڀيڻ جو ڪوبہ خيال ڪونھي؟
هنن کي پنھنجي حصي جون خوشيون ضرور ملنديون--- ايندڙ مھيني جي 27- تاريخ تي سعيدا جي شادي ٿي رهي آهي- شادي سندس پسند وٽان ٿي رهي آهي- اِن ڪري جو جيڪي غلطيون وڏن کان شروع ٿين، انھن جو ورجاءَ اولاد ۽ ننڍن لاءِ سخت هاڃيڪار ثابت ٿيندو آهي-
- ڇوڪرو ڇا ڪندو آهي؟-
هو يونيورسٽي ۾ ليڪچرار آهي-
- ڇا، شاديءَ کان پوءِ سعيدہ کي ماستري ڇڏڻي پوندي؟
اهو انھن ٻنھي جو مسئلو آهي، منھنجو ۽ امان جو ڪونھي.
- تو پوءِ ماسي تہ اڪيلي رهجي ويندي- اُن لاءِ سھي--
ڏس جَمي، ڳالھہ امان جي اڪيلي رهڻ جي ڪانھي- ڳالھہ اُن غلطيءَ کي ورجائڻ جي آهي، جيڪا توکان شروع ٿي آهي.
- مطلب؟
مطلب تہ تو ماٺ ميٺ ۾ شادي ڪري ڇڏي هئي.
- تون جيڪڏهن منھنجي جاءِ تي هجين ها، تہ شايد ائين ئي ڪرين ها.
سمجھان ٿو تہ ڏي وٺ واري اڻ گهڙيل رسم جي ٻَل چڙهي ويين، جڏهن تہ تون پنجن سالن تائين پنھنجي شاديءَ کي ٽاريندي آيين.
- مَنو پراڻين ڳالھين کي نہ کوٽ. مان سخت مونجهہ پئي محسوس ڪريان.
هر ماڻھوءَ کي پنھنجو ڏک وڌيڪ ويجهو ۽ سخت محسوس ٿيڻ لڳندو آهي ۽ اها فطري ڳالھہ آهي؛ پر جڏهن ماڻھو ’گِلٽي هئڻ جي حيثيت ۾ ٻين سان همدردي يا دشمني ڪندا آهن تہ پوءِ تو وانگر ئي مونجهہ ۽ ٻوسٽ محسوس ڪندا آهن.
- چڱو مان هلان ٿي.
ٻہ منٽ ويھہ- سعيد چانھہ پئي ٺاهي- هائو جائي ياد آيم، ڪالھہ سعيدہ جيئن اسڪول کان موٽي تہ پھريائين مون کي اچي اِها خبر ٻڌايائين تہ تون ويجھڙائيءَ ۾ امريڪا پئي وڃيين!
- مان، وڃان ڪانہ پئي، مون کي رفيق وٺي پيو وڃي.
چڱو تہ ڪري پيو ويچارو- ڏسي ڪونہ پيو تہ سندس مومل جي هت مَن ڪونہ پيو لڳي- هونئن بہ سٺي ڳالھہ آهي- ماحول جي مَٽَ انساني ذهن ۽ فڪر ۾ تبديليون آڻي ڇڏيندي آهي.
- تون پنھنجي زندگيءَ لاءِ اڃا سيريس نہ ٿيو آهين.
مان سيريس هوس- ايستائين جيستائين اُهو پارٽ
مليل هو. منظر بدليا آهن ظاهر آهي، مون کي اُن آهر ڪم ڪرڻو آهي.
- مَنو- ڏس، منھنجي اکين ۾ چتائي ڏس، ڇا توکي اُتي ساڳي جَمي نظر نٿي اچي؟
نہ، جَمي نہ- مشرقي سماج اسان کي لتاڙي، چيڀاٽي گذري چڪو آهي- اسان ٻئي ان جي سمجهہ ۽ نگاهن ۾ مُئل ۽ فنا ٿيل وجود آهيون- تون ڪھڙيءَ جَمي جي ٿي ڳالھہ ڪرين؟ ان جي- جنھن رفيق ٺيڪدار سان چپ چاپ شادي ڪري ڇڏي!
- پر مان توکي هميشہ جي وسارڻ جي سگهہ نہ ساري سگهي آهيان. مان تو سان ماسيءَ سان ۽ سعيدہ ساڻ ملي، ڪيڏي نہ روحاني خوشي محسوس ڪندي آهيان- تو ڪڏهن ان جو ڪاٿو بہ لڳايو آهي!؟
- اها تنھنجي پنھنجي غلطي آهي جمي- ۽ تنھنجي غلطين جا اندازا مون کي هاڻي ڏئي بہ ڇا ٿا سگهن؟ سواءِ ان جي جو تنھنجو روح سان پيار ڪندو رهان- ائين نہ؟ ماڻھو پولار سان پيار ڪندا آهن. مان الائي ڇو نٿو ڪري سگهان.
- اڄ مان تو وٽ پڇاڙڪو ڀيرو آئي آهيان. مون کي خبر هئي تہ تون اهڙيون ئي ڳالھيون ڪندين- پوءِ بہ تو وٽ آئي آهيان- جو غلطي منھنجي آهي- مون کي خبر آهي تہ تون مون کي وساري چڪو آهين.
ڳالھہ وسارڻ جي هرگز ڪانھي جمي- صرف نئين مليل ڪردار جي پرفارمنس جي آهي.
- سعيدہ سچ چوندي آهي.
ڇا چوندي آهي سعيدہ؟
- بس اهو ئي ڪجهہ، جيڪو تون اڄڪلھہ آهين-
ڇا مطلب!
- مطلب تہ پنھنجي زندگي ۾ آئيندي کان بي پرواھہ رهڻ.
ڪنھن حد تائين سعيدہ جو مون لاءِ صحيح تجزيو آهي- ظاهر آهي هوءَ منھنجي ڀيڻ آهي، هوءَ مون کي وڌيڪ سڃاڻي؛ پر جڏهن ماڻھو پنھنجي ذات مان نڪري ٻين ۾ داخل ٿيندو آهي، تہ پوءِ ذات ۽ وجود ٽئين درجي جي وڃي حيثيت وٺندو.
- پر تڏهن بہ پنھنجي وجود کي پيڙي ڇڏڻ سياڻپ تہ ڪانھي- جڏهن تہ تون هاڻي ٻين لاءِ جيئرو آهين- پوءِ انھن ٻين ۾ مان، سعيد ۽ ماسي بہ شامل آهيون-
سعيدہ، ويجھڙائيءَ ۾ پنھنجي ننڍڙي جنت ماڻيندي- رهيو سوال تنھنجو ۽ امان جو- سو اوهان ٻنھي جي خواهش هڪ جھڙي آهي- فرق صرف امان ۽ تو ۾ آهي- امان مون کي پُٽ سمجهي منھنجون خوشيون (جن ۾ سندس بہ ڳچ حصو آهي) مون کي وٺي ڏيڻ ٿي چاهي- تون منھنجي ڪجهہ هيئين- پوءِ ناتا ٽٽي پيا- الڳ ٿي وياسين- مان ايندڙ وقت ۾، جڏهن بہ مون پاڻ ۾ همت محسوس ڪئي، امان کي ڌيءُ، ننھن ۽ پُٽ جو بي انتھا پيار ڏيندس- هان، هي چانھہ وٺ-
- منو-
هون-
- مون کي ڪراچيءَ ايئرپورٽ تي SEE OFF تہ ڪرڻ هلندين نہ؟
تون تہ آخري گهمرو مون سان منھنجي گهر ملڻ آئي آهين- پوءِ ايئرپورٽ تي ٻيھر ملڻ جو مقصد؟
- مون کي توسان هڪ ضروري ڳالھہ ڪرڻي آهي-
ڇا ڳالھہ ٿي نہ چڪي آهي، ۽ جي نہ تہ پوءِ هينئر نٿي ٿي سگهي!
- نہ،
ڇو؟
- جو ڳالھہ ئي اهڙي آهي-
جمي، تنھنجي ٽٽل وجود کي ڏسي الائي ڇو جهُري پوندو آهيان- ڪڏهن ڪڏهن پاڻ کي ڏوهي بہ سمجهندو آهيان پر ساڳي وقت آءٌ بي ڏوهي بہ تہ آهيان.
- مان توتي پنھنجو ڏوھہ تہ ڪونہ پئي مڙهيان- هونءَ بہ تون منھنجي نگاهن ۾ معصوم آهين- جيتوڻيڪ مون توکي اونداهين ۾ ڪونہ رکيو هو، مان تولاءِ سالن تائين وڙهندي رهيس، پوءِ مون پنھنجي خاندان ۽ پنھنجي ڀاءُ جي آڏو ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو-
ڏس چري- مان توکان سواءِ جيئان پيو نه- ڳالھہ سھاپي، قرباني ۽ پٿر دليءَ جي هرگز ڪانھي- تون بہ جيئڻ سکي ڇڏ- جو اڃا تائين پھاڙن جيڏا سال پيا آهن-
- نہ منو- مان نٿي جِي سگهان، منھنجي اندر ۾ سَڀڪجهہ ٽٽي چڪو آهي- اڳي يونيورسٽي ۾ دل پرڀي پئي هوندي هئي- ڪجهہ مھينا اڳ ۾ رفيق نوڪريءَ کان بہ جهلي ڇڏيو.
هن دنيا ۾ هر انسان پنھنجي پنھنجي حصي جا ڏک ۽ سور اڪيلو ئي سَهي ۽ ڀوڳي ٿو- پر مان ڪيڏو نہ خود غرض آهيان جو تنھنجي اندر ۾ بچيل باقي شين کي بہ ڀوريو ڀڃيو ڇڏيان. سچ جمي، مان ائين محسوس ڪندو آهيان، ڄڻ تہ منھنجي حصي جا ڏک سور بہ تو پاڻ تي کڻي ڇڏيا آهن- اڙي چري، هي ڇا!- روئين پئي، امان ۽ سعيدہ ڏسي ورتو تہ هو بہ اڪيلائيءَ ۾ روئنديون وتنديون، ائين نہ ڪر- زندگي رڳو ڏکن. سورن ۽ ڳوڙهن جو تہ نالو ڪونھي- انسان چاهي تہ پنھنجي اندر مان سڪل پنن ۽ ڪومائل گلن کي ٻھاري ٻاهر ڦٽي ڪري سگهي ٿو-- ۽ پوءِ جڏهن بھار جي ويجهي اچڻ جا اهڃاڻ هجن تہ گلاب ۽ موتي جا ڏندڻ کوڙي ڇڏي- هان، هي رومال وٺ ڳوڙها اگهي ڇڏ، ڄاڻ سعيدہ چانھہ جا ٿانوَ کڻڻ آئي.
- مان- هَل- اَن- ٿي- تون- ڪراچي- ايئر- پورٽ تي ضرور- - اچجانءِ- - ٽڪيٽ- ملڻ تي- توکي- - تاريخ ۽- - فلائيٽ جو اطلاع - - ڪنديس - - !
تو ڊرائيور کي يارهين بجي جو وقت ڏنو هو- هينئر ڏھہ ٿيا آهن- اُٿي تہ توکي ٻاهر رڪشا ڪري ڏيان.
صبح جو سوا پنجين بجي جڏهن بوئنگ جھاز رن وي تي ڊوڙي رهيو هو- هو آهستي آهستي ماڻھن جي ميڙ مان نڪري اچي گاڏيءَ ۾ ويٺو، (جيڪا حيدرآباد ۾ هڪ دوست کان چويھن ڪلاڪن لاءِ گهري هئائين.) هن جميءَ کي سندس ڀائرن، ڀينرن، ماءُ ۽ ڀاڄائي سان گڏ رومال ۽ هٿ لوڏي رخصت ڪيو هو- جمي ڪجهہ ڳالھائي نہ سگهي هئي- البت هلندي وقت جميءَ پرس مان لفافو ڪڍي، اک وٺي هن کي ڏنو هو- ”جان محمد، گاڏي اسٽارٽ ڪر، سڌو حيدرآباد هلڻو آهي-“
هن ڊرائيور کي پاڻ ڏانھن سوال وارين نگاهن سان ڏسندي وراڻيو- هو گاڏيءَ جي پوئين سيٽ تي آهلي پيو- - ڪي گهڙيون ائين رهيو- جڏهن گاڏي ايئرپورٽ روڊ تي ڊوڙڻ لڳي- هن سڌو ٿي ٻانھن وڌائي، ڇت واري بلب جو سوئچ اَن ڪيو- - هلڪي پيلي روشني گاڏيءَ ۾ پکڙجي وئي- - ڊرائيور پوئتي مڙي کيس ڏٺو- - هن ڪوٽ جي کيسي مان لفانو ڪڍيو- خط کولي پڙهڻ لڳو.
22- فيبروري
مُنو
مون سعيدہ جي هٿان، توکي تاريخ ۽ فلائيٽ جو اطلاع ڏئي ڇڏيو آهي- مون کي اُميد آهي تہ تون ضرور ايندين- هي خط مان وڃڻ کان ٻہ ڏينھن اڳ ۾ لکي رهي آهيان- رفيق جي پروگرام سارو سال رهڻو آهي- هائو جيڪڏهن تون نہ آئين تہ هي خط توکي اُتان پوسٽ ڪنديس منو، مان سچ پچ گلٽي آهيان، مان ڪھڙي نہ عجيب عورت آهيان، جنھن مان ڪوبہ خوش ڪونھي- تو سچ چيو آهي مون کي پنھنجا ڏک سور ياد رهندا آهن- مون پنھنجي خاندان جا ڏک سور، عزتون ۽ رک رکاءِ، سڀ سوچي سمجهي هنن جي خواهش پٽاندر پنھنجي سر کنيا آهن، ايڏي وڏي فيصلي ۽ معاهدي کان پوءِ بہ هو سڀ خوش نہ آهن، جو مان خوش نہ آهيان- هو سمجهن ٿا ۽ سوچين ٿا تہ اهو سڀڪجهہ ٺيڪ نہ ٿيو آهي، پوءِ بہ هو ٺيڪ سمجهن ٿا- اها مون سان ۽ انھن سان وڏي ٽريجڊي آهي، مون زندگيءَ جا ست سال، هڪ جھڙيءَ ئي اذيت ۾ گذاريا آهن. توکان تہ منھنجي زندگي جي هڪ گهڙي بہ ڳجهي ڪانھي- مون سوچيو هو تہ تنھنجي شادي ٿي وڃي- پر تون هر ڀيري اها ڳالھہ مختلف بھانن ۽ طعنن سان ٽاريندو رهين، ۽ اها ڳالھہ پاڻ وڌيڪ مونکي ڏوهي ثابت ڪندي وئي، تو چواڻي تہ ’سماج اسان کي لتاڙي چيڀاٽي گذري چڪو آهي- اسان ٻئي، هڪٻئي لاءِ مئل ۽ فنا ٿيل وجود آهيون-‘ پر پوءِ بہ ملون ٿا! ڇا اهو ڪوڙو سچ ڪونھي! شايد تون مون کي جذباتي چوين- پر اها حقيقت آهي منو، تہ مان ايندڙ زندگيءَ جا سال خوش نٿي گذاري سگهان منھنجي ڄاڻ، منھنجي سوچ، منھنجو پيار مون لاءِ عذاب بڻيل آهي- رفيق منھنجو سوٽ آهي، ۽ ساڳي وقت ٻن سالن کان گهر وارو پڻ، انھن ٻن سالن ۾ گهر جي ضرورت کان سواءِ سينگار، ٺاھہ جوڙ ۽ لگزريءَ جي هر شيءِ آندل آهي، مون کي گهر ۾ ڪجهہ بہ ڪونہ ٿو ڪرڻو پوي، ايڏيون وڏيون قيمتي شيون ۽ زيور ڪٿان ٿا اچن! مون کي خبر آهي، رڳو منھنجي چپن تي مرڪ ڏسڻ لاءِ ايڏا وڏا جتن ڪيا ٿا وڃن، سچ پڇين منو، مون کي ڪڏهن ڪڏهن رفيق تي ڏاڍو ترس ايندو آهي، پر مان هن لاءِ ڇا ٿي ڪري سگهان! ڪجهہ بہ نه- هو سڀڪجهہ سمجهي ٿو- پوءِ بہ مون کي کٽڻ لاءِ جنگ جاري رکيو ويٺو آهي، هو مون کي امريڪا وٺي وڃي رهيو آهي، رڳو مون کي خوش رکڻ لاءِ، هو لبرل آهي- تون خود چوندو آهين تہ اسان سماج ۾ ڪيترائي پڙهيل لکيل ماڻھو لبرل رڳو پنھنجي آنا ۽ مفاد جي خاطر هوندا آهن‘- هو مون کي تنھنجي گهر رڳو ان ڪري ڇڏيندا آهن، جيئن هو پنھنجي آزادانہ ذهنيت جو طعنو ڏئي، مونکي پنھنجي مرضين ۽ ڪن مخصوص ضابطن جو غلام بڻائي سگهن- منو، مون توکي ايئرپورٽ تي اچڻ لاءِ رڳو انڪري زور ڀريو هو. هڪ تہ تنھنجي صورت کي ٻين پنھنجن سان گڏ ڏسڻ پئي چاهين، ٻيو تہ اهو ڪجهہ جيڪو توکي ٻڌائيندي رهي آهيان، يا اڃا اهو ڪجهہ جيڪو توکي نہ ٻڌائي سگهي آهيان، توکي ٻڌائڻ پئي گهران، جيتوڻيڪ اهڙي تحرير توکي اتان پوسٽ بہ ڪري ٿي سگهيس تڏهن بہ مناسب سمجهيم تہ توکي روبرو ڏئي ڇڏيان- ٻڌ منو، رفيق منھنجو مڙس آهي، ۽ رڳو مون کي ذهني طرح حاصل ڪرڻ لاءِ هن سرڪاري ٺيڪي ۾ پنجن لکن جي گهوٻي هنئي آهي، مرد جڏهن عورت کي پنھنجي ڪمزوري محسوس ڪندو آهي، تہ هو پنھنجا وڏي ۾ وڏا راز بہ کولي ويھندو آهي، ۽ رفيق اهو سڀڪجهہ مون کي ڀرپور پيار جي احساس ڏيارڻ جي عيوض ۾ ٻڌايو آهي، ان صورت ۾ جڏهن مان تنھنجو ۽ رفيق جو مقابلو ڪندي آهيان تہ مون کي خواب ۽ حيقيقت، ڪارو ۽ اڇو، ڏينھن ۽ رات، محبت ۽ نفرت جيڏا فرق ۽ تفاوت نظر ايندا آهن- رفيق منھنجو مڙس آهي، پر ذهني هڪجھڙائي نہ هئڻ ڪري هو مون کي کٽڻ لاءِ ان وڏي خال کي دولت ۽ وندر سان ڀرڻ ٿو چاهي، تون منھنجي سماجي ۽ قانوني طرح ڪجهہ بہ ڪونہ آهين، پر اسان ٻئي ذهني طرح ڪلھہ وانگر اڄ بہ ائين ئي آهيون- پر تون ان هوندي بہ مون تي ڪوبہ دٻاءُ يا حيثيت ڪونہ ٿو مڙهين، پر تڏهن بہ مان پاڻ کي سڄو توڏانھن ليٽيل محسوس ڪندي آهيان- مان ٻن ڏينھن کان پوءِ هيءَ سر زمين ڇڏي رهي آهيان، مون کي ڪوبہ ڏک ڪوني- ڏس، مان ڪيڏي نہ بي حيا عورت آهيان، جو قانوني مڙس هوندي بہ هڪ غيرقانوني مرد جي ضرورت پئي محسوس ڪريان! جيڪڏهن مان چاهيان تہ هڪ گهڙيءَ ۾ اهو ڪجهہ ڪري ڏيکاريان جيڪو سال ڏيڍ کان منھنجي ذهن ۾ آهي، پر آءُ ائين نٿي ڪري سگهان، جو ادا جي ٻن ٻارڙن جون معصوم صورتون آڏو ڦرن ٿيون، مون کي اها بہ خبر آهي تہ رفيق هڪ نہ هڪ ڏينھن ضرور گرفتار ٿيندو، هو ايترو اثر رسوخ وارو هرگز ڪونھي، جيڪو آسانيءَ سان جان ڇڏائي سگهي- جن بہ وڏن آفيسرن سان هن سٽل ڪيو آهي، اهي خود هن جا هڪ نہ هڪ ڏينھن دشمن ٿي بيھندا- اهڙن شڪن جو خود رفيق ذڪر ڪيو آهي، انھن ايندڙ حالتن جو بہ اڻ سڌي طرح منھنجو پنھنجو وجود ذميدار آهي؛ پر منھنجو ذهن ۽ خواهشون هرگز نه- اِن ڪري مان مطمئن آهيان-
مُنو تو منھنجي جوانيءَ جي ستن سالن جو ذڪر ڪيو آهي- - پر هي تہ سڄي جيون جي ٽريجڊيءَ جو ذڪر آهي- ۽ اهڙيءَ طرح مان توکي پنھنجي ٽريجڊيءَ ۾ هرگز شامل نٿي ڪرڻ گهران- - مون اچڻ کان اڳ ۾ ماسيءَ کان اِهو واعدو ورتو هو، تہ هوءَ تنھنجي ڪنھن مناسب هنڌ ڳالھہ ٻولھہ هلائيندي- انڪار نہ ڪجانءِ- هي اهڙو بار آهي، جيڪو لاڳيتو ٻن سالن کان کنيو پئي وتان- - ڇا تون اِن بار کڻڻ ۾ منھنجي مدد نہ ڪندين!!؟- مون کي هڪ پڪ آهي مُنو، تون ضرور شادي ڪندين. آءٌ جڏهن بہ ۽ جنھن بہ حالت ۾ پنھنجي سرزمين ڏانھن موٽيس- آءٌ ڪجهہ نہ ڪجهہ تبديلي ڏسڻ ٿي چاهيان.
مان خط لکان پئي، عجيب احساس ۽ اڌما پيا جاڳن- - مون کي احساس آهي تہ اسان مڙئي عورتون ائين ئي ڪنديون آيون آهيون- - اسان پنھنجي پِريَن کي پيار ڏئي، مٿي آسمانن تي کڻي وينديون آهيون- گڏ مرڻ ۽ جيئڻ جا واعدا ۽ وچن ڏينديون ۽ وٺنديون آهيون- پوءِ جڏهن خاندان ۽ سماج هلڪو سڏ ڪندو آهن تہ، سڀ ڪجهہ وساري وڃي اڏيءَ تي سِر رکنديون آهيون- مان ائين پنھنجي ڪُسجڻ تي رڳو ڦُٿڪي آهيان- - آواز نہ اٿاري سگهي آهيان- صرف تنھنجي آڏو- تنھنجي زندگيءَ کي ڪو موڙ ڏيڻ خاطر مطالبو ٿي سگهي آهيان- ۽ بس- - توسان ڪيل ڳالھہ ٻولھہ واري ڀريل ڪيسٽ پاڻ سان گڏ کينو پئي وڃان- مان سمجھان پئي، وڌيڪ نہ لکي سگهنديس- جو نوڪرياڻيءَ چانھہ ڏيندي ٻڌايو تہ مٿي ادا وڏي سان ڀاڄائي اٽڪي پئي آهي-- ۽ اهو هر چوٿين پنجين ڏينھن جو نيم آهي. توکي تہ خبر آهي- ڀاڄائي پنھنجي ڀاءُ جو پلاند، منھنجي ڀاءُ کان طعنن، جُٺين، جهڙن ۽ ڪڏهن ڪڏهن ننڍڙن ٻارن کي مارڻ جي صورت ۾ وٺندي آهي-- سچ جيڪڏهن ادا وڏي کي ايترو جلدي ٻار نہ ٿين ها، تہ مان هڪ ئي ڌڪ سان ٻہ ڪم ڪري وٺان ها- هاڻي مان وڌيڪ لکي نٿي سگهان. ذهن ڪم نٿو ڪري- - چانھہ بہ جيئن ٺھي رکي آهي، پئي ٿي-- ڪي گهڙيون اڳ ۾ امان مون کي پنھنجي ڪمري ۾ گهرايو آهي- - اوڏانھن بہ وڃڻو اٿم- اهو چوڻ ۽ لکڻ غير مناسب ٿي سمجھان تہ اهي ڳالھيون جيڪي توکي لکيون اٿم، ڪنھن سان نہ ڪجانءِ- - مان وڃڻ ساڻ سعيدہ لاءِ ڪا خوبصورت سوکڙي وٺي موڪلينديس- کيس شاديءَ جي موقعي تي ڏجانءِ-
ماسيءَ ۽ سعيدہ کي مون طرفان پيار ۽ ڳواٽڙي-
فقط
جَمي
هُن جي هٿ ۾ خط جا پنا ڀڪوڙيل هئا- هو اکيون پوري، سيٽ تي وري اَهلي پيو- ڊرائيور پوئتي مڙي ڏٺو- ۽ پوءِ کاٻو هٿ وڌائي بتي آف ڪري ڇڏيائين-
ڪار، تيزي سان سپر هاءِ وي تي حيدرآباد ڏانھن ڊوڙي رهي هئي - - هو ليٽو رهيو - - هن جي ذهن ۾ ڪيترائي ڏيک ڦرڻ لڳا- - پاڻ مرادو، هن جي ڪنن ۾ شرناين ۽ دُهلن جا آواز پڙاڏو بڻجي ٻُرڻ لڳا- هن کي محسوس ٿيڻ لڳو، ڄڻ هن جا هٿ تڪڙ تڪڙ ۾ سڪل پنن ۽ ڪومائل گلن کي ميڙي گڏ ڪري اڱڻ مان ٻاهر اُڇلي رهيا آهن- ۽ پوءِ آهستي آهستي هن کي اڱڻ جي چئني پاسن کان پوسل واري مٽيءَ ۾ کتل گلاب ۽ موتئي جا ڏندڻ ساوا ساوا گؤنچ ڪڍندي محسوس ٿيا.