App Icon

ڪهاڻي گهر

بهترين تجربي لاءِ اپليڪيشن انسٽال ڪريو

فيميل وارڊ

ليکڪ: فاروق سولنگي | پڙهڻ جو وقت: 11 منٽ

هو ڪيفي ٽيريا واري رستي کان چڪر ڏيندو رهيو. سگريٽ ڇڪيندي هاسٽل ڏانھن هليو پر در تائين پھچندي وري خيال اچي ويس.
”چڱو راشد وٽ ئي وڃي ٿو وقت پاس ڪيان.“ هاسٽل تائين پھچي ويو. درن جي ڊگهن شيشن ۾ پنھنجو عڪس ڏٺائين، ڪراهت کان مُنھن ٻئي پاسي ٿي ويس. راشد جي ڪمري کي جيئن ويجهو آيو، اندر ويٺلن جا آواز ٻڌائين:
”اڙي جلدي تيار ٿي وٺو تہ نڪري هلون بشير بُرائي نہ اچي وڃي. سدائين اسان تي چٽي“. وري ٻيو آواز آيو. ”پر هن تہ اڳئين سال ايم. اي. ڪري ڇڏي آهي، پوءِ اڃا تائين ڇو ٿو پيو ڪيمپس ۾ ڌڪا کائي“. وري راشد جو آواز ڪن پيس.
”بس يار ويچارو آهي مڙئي غريب ماڻھو. دوستن وٽ رهيو پيو آهي. نوڪري بہ نٿي مليس“. ڪنھن ٻئي وچ ۾ ڳالھايو.
”آهي تہ ڏاڍو ذهين ڇوڪرو، پر ڇا ڪري اڄ هوشياريءَ کي ڪير ٿو پڇي“! بشير ڄڻ لوهي رجندڙ بٺيءَ ۾ ڪري پيو. لفظ ’ويچارو‘ دماغ ۾ گونجندو رهيس ’ويچارو‘... ’ويچارو‘.. ”هوُن، ويچارو رڳو مان نہ پر هت هرڪو ... ويچارو چوڻ وارا پاڻ وري ڪھڙي ڪتي جا....“ هٿ مھٽيندو ڪاوڙ ۽ شڪائپ جي گڏيل ڪيفيتن ۾ پاڻ پچائيندو سڌو اچي ڪيفي ٽيريا ۾ ويٺو. چانھہ ۽ سگريٽ جا پئسا هيس. ڪڏهن چانھن ۾ جوھہ، ڪڏهن ٻاهر آسرنھن ننڍن وڻن ۾. جيئن ئي چانھہ پي ٻاهر نڪتو تہ بس بہ اچي بيٺي. ڪي لٿا ڪي چڙهيا. ياسمين بہ لٿي. سڌو بشير ڏانھن هلي آئي. ”هفتي کن کان ڪونہ ٿو ڏسجين مسٽر“!
”ڪمري مان گهڻو ڪونہ نڪرندو آهيان.“
”ڪمري تي ڪٿي هئين. مان جو ادا گل کان روز پڇندي هيس“.
بشير جو ڪوڙ ظاهر ٿي پيو. ”بس ائين ئي ٿورو شھر ۾... ڀلا ضرور آڇا تہ روز توسان ملان“. بشير هيٺ پٿريءَ کي ٿڏو هنيو.
”ڀلا گهر ڏانھن تہ سڀ خير آ نہ؟“
”ها سڀ ٺيڪ هوندو. امان آهي سو پراوا مرچ ڪٽيندي ڪٽيندي مري ويندي. ننڍو ڀاءُ آهي سو سدائين هوٽل جو بيرو ئي تہ هوندو“.
”بشير ڏس هروڀرو اهڙيون ڳالھيون ڇو ڪندو آهين؟“
”تہ ڇا بکئي پيٽ ۽ لٽن ليڙ مارن تي ئي ڳالھايان؟“
”اهو تہ تنھنجو من گهريو موضوع آهي.“
”جيون جي انھن سچاين کي دنيا نہ اڳ ٻڌو آ نہ هاڻي. اڄ ڀلي تون بہ نہ ٻڌ.“
”ڏس وري جذباتي ٿي وئين نہ؟ مون کي ڇاٿو ٻڌائين تنھنجي منھنجي ڳالھہ ڪو ورهايو. هونئن بہ ديوتا ۽ داسيءَ جو پاڻ ۾ ڪھڙو رشتو هوندو آهي.
”ويدن جي دنيا مان نڪري هن ڌرتيءَ تي رهندڙ مادي وجودن جي ڳالھہ ڪر، هي جيون ڪجهہ خوبصورت جملن ڳالھائڻ جو ئي نالو تہ ناهي ياسمين!“
”توهان ماڻھو محبت ۽ قربانين جي لطيف احساسن مان ڀلا ڇا ڄاڻو.“
”اسان کان وڌيڪ حساس ۽ انسان پرست ٻيو ڪير هوندو؟“
اسان تہ هن دنيا جو ڏاڍ ۽ جبر ڏسي هن سماج سان بغاوت ڪئي آهي.“
”توکان ڳالھين ۾ بابا ڪير کٽندو آَ.“
”سچ ۽ سندرتا کان ڪنھن بہ نہ کٽيو آ.“
”خير شل اهو ڏينھن اچي جڏهن تون ۽ مان پنھنجي سوچن جي تعمير ڪيون.“
”مون سپنا ڏسڻ ڇڏي ڏنا آهن.“
”اها مايوسي آ.“
”جيڪا هاڻي اسان جهڙن جو ورثو بڻجي ٿي وڃي.“ گرلس هاسٽل اچي وئي.
”پر توهان جهڙن رڪ ورنن ماڻھن جو تہ مايوسيءَ ۾ يقين ڪونہ هوندو آهي.“ ”ڪڏهن وحشت مان پھاڙ سان ٽڪر هڻڻ ۾ رت ۾ وڌيڪ جوش ايندو هو، هاڻي لاڳيتو ناڪامين پھرين بزدل پوءِ زندگي پرست بڻائي ڇڏيو آ.“
”چڱو بشير مان هلان ٿي، توکي ڪڏهن ڪڏهن عجيب فٽس پوندا آهن.“
ياسمين جا اهي لفظ بشير جي اندرين ٻرندڙ اوڙاھہ کي برف جي ڇپ ڪري هليا ويا.
”ٻڌ ياسمين منھنجي جذباتي ڳالھين جو دل ۾ نہ ڪجانءِ. مان انھن حالتن جي پيداوار آهيان، جن ۾ رهي ڪري عام ماڻھو پنھنجي شخصيت کي مڪمل چئي نٿو سگهي؛ پر ٻڌي ڇڏ، تون منھنجو سڀ ڪجهہ آهين. تون منھنجي وجود جو هڪ حصو آهين. جنھن ڏينھن تون بہ مون کان رُسي وينءَ، ان ڏينھن هي ڪيمپس مون لاءِ قبرستان هوندو.“ ياسمين ڪنڌ هيٺ ڪري تڪڙي تڪڙي لوهي در ڏانھن هلي وئي.
ٻئي ڏينھن بشير جڏهن هنڌ مان اٿيو تہ ان وقت ڏينھن جا 11 ٿيا هئا. سڄي هاسٽل خالي لڳي پئي هئي. زندگي سھس ويس ڍڪي آرٽس فيڪلٽيءَ ۾ نروار ٿي چڪي هئي. ٽھڪڙا، سندر صورتون. سنھڙا مٺڙا آواز ٻڌي جيون ۾ وڌيڪ جاکوڙ ڪرڻ جي آس ڪيڏي نہ وڌي ويندي هئي بشير مڏي بليڊ سان مـڙئي زوريءَ ڏاڙهي لاهي پٺاڻ جي هوٽل تان نيرن ڪرڻ ويو:”ابا ڇا بچيو اٿئي.“ بشير ڇوڪر کي چيو. ”سائين، سيٺ توهان لاءِ جهلي ويو آهي. پھريائين پئسا بہ اڃا ڪونہ مليا آهن، 185 روپيا ٿي ويا آهن.“ بشير اتان بيٺي ئي موٽيو. سوچيائين بيري سان ڪھڙو ويھي بحث ڪريان. موٽي ڪمري تي آيو. ڏٺائين تہ ميز جي ڪنڊ ۾ گل جا ڪجهہ کليا پئسا پيا هئا. ڏھہ پيسيون، پنج پيسيون ۽ پيسا. سڀ کڻي ڳڻيائين ساڍا چوڏنھن آنا ٿيا. ’چانھہ سگريٽ ٿي ويندا.‘
ائين ئي وقت گذرندو ويو. رات ڏينھن دربدر رُلندو رهيو، ذري گهٽ ڇھہ مھينا کن گذري ويا، پر هن کي نوڪري ڪانہ ملي. هو ذهني ڇڪتاڻ ۽ بکن تي ڏاڍو ڪمزور ٿي ويو هو. گهڻي پڙهڻ ڪري تنتي سرشتو بہ خراب ٿي پيو هئس. ٻہ- ٻہ ڏينھن ماني ڪونہ وڻندي هيس، رڳو چانھہ سگريٽ تي پيو هلندو هو... اڄ تہ لَڱَ بہ ڪوسا لڳا پيا هئس. اکين مان پاڻي پئي وهيس. ڪمري تي ٽپالي خط ڏيئي ويس. پري کان ئي اکر سڃاتائين، ننڍي ڀاءُ جا هئس. دل جو ڌڌڪو ويتر وڌي ويس. خط کوليائين. خط ۾ وري ڇا هو، سڄو مايوسين سان ڀريل هو: ڀاڻس کي هوٽل واري ڪڍي ڇڏيو هو... ماڻس سخت بيمار هئي... ۽ هن کان نوڪريءَ جو پڇيو ويو هو.
’نوڪري... نوڪري... منھنجي بابي جي هٿ ۾ آهي، سو کڻي ڏئي. هن ڇا سمجهيو آ... آخر ڪتي جي پٽن.. مان هتي جو...‘ هن خط ڦاڙي ڇڏيو. دل ۾ آيس ڀل تہ سڀئي مري وڃن تہ جلد جان ڇٽي. اچي انھن ذليلن مان بہ ڦاٿو آهيان... امان بيمار آ تہ مان وري هت ڪھڙو چڱو ڀلو وتان ٿو عيش ڪندو. گهڻو بور تہ هنن بہ ڪيو آ.‘ ايتري ۾ گل چانھہ جو ڪوپ ۽ اسيپرو آڻي ڏنس. پگهر نڪتس ۽ جان ڪجهہ هلڪي ٿيس. هٿ منھن ڌوئي، آرٽس بلاڪ هليو ويو. اُتي ياسمين مليس هٿ ۾ ’ڊان‘ اخبار هيس. ”بھترين جاب اٿئي. مون ڪالھہ کان اخبار سنڀالي رکي آ. ڏس، ضرور اپلاءِ ڪجاءِ.“
”جي اهڙيو سٺيون نوڪريون اسان جهڙن کي مليون، تہ پوءِ وڏن ماڻھن جا پٽ ڇا ڪلارڪي ۽ ماستري ڪندا!“
”تون دل تہ نہ لوڙھہ. اپلاءِ تہ ڪري ڏس. منَ لَڪ ٿي پويئي.“
”بابا، انھن نوڪرين لاءِ ڪيئي پنا ڪارا ڪري چڪو آهيان.“
”تہ بہ درخواست تہ ڪري ڇڏ.“
”چڱو، اخبار ڏي. نوڪري تہ هونئن ئي ڪونہ ملندي. ملي نہ ملي. هاڻي زندگيءَ ۾ ڏاڍو ٿڪجي پيو آهيان. جي وڌيڪ سگهہ نہ ٿي، تہ پوءِ سوچان ٿو تہ ڪڏهن کڻي سِليپنگ پِلس جو اوور ڊوز ڪبو. اهو تہ پوءِ بہ پنھنجي وس ۾ آهي.“
ياسين کي لفظن جا اُهي نيش من ۾ کپي ويا. سانڍيل آسون نراسجي ويس. سندر سپنن جو سنسار ٽُٽي پيس. دل جهٻي کاڌيس. اکيون آليون ٿي ويس. من ۾ آيس بشير کي ڀاڪر هڻي، زور سان سڏڪا ڀري ڪلھا آلا ڪري ڇڏيس. پر رڳو هن جي گهاٽين پنبڻين ۾ڪوسو پاڻي اٽڪي بيھي رهيو. ”نہ نہ بشير تون زندگيءُ کان ايڏي نفرت نہ ڪر.توکي ڪجهہ ٿيڻ سان منھنجي هستي بہ ڌُڏي ٿي وڃي.منھنجو ساٿ تنھنجو موت جو ويري رهندو. توئي تہ چيو هو نہ تہ مان تنھنجي وجود جوهڪ حصو آهيان جذبات ۾ بشير جو سڄو جسم ڏڪڻ لڳو. انھن لفظن جي امرت رسُ کي اندر ۾ اوتڻ لاءِ حواس وڃائڻ وارو هو. تہ ياسمين تڪڙي تڪڙي ڏاڪڙ ڏانھن هلي وئي. اڄ رات ياسمين بستري تي پاسا ورائيندي ٿڪجي پئي هئي:’اُن شخص ۾ ڪيڏي نہ سچائي آهي ڪيڏو تہ سادو آهي شخصيت ۾ ڪيڏي نہ بيوس، لاچار، مجبور. لعنت آهي اهڙي دنيا تي. ساڙي ڇو نہ ٿا ڇڏين اهي سڀ لائبرريون، جن جا ڪٻٽ مانيءَ سان نہ، پر رڳو ڪتابن سان ڀريا پيا آهن.‘ ياسمين اُٿي گهُگهيءَ مان پاڻي پيتو، وري اچي کٽ تي سُتي. سمھڻ سان وري ويچار ورائي ويس. ’اڳي داسيون پنـهـنـجن ديـوتـائـن لاءِ پـنـهـنـجـو پـاڻ کـي باھہ ۾ اڇلائي ڇڏينديون هيون. لطيف سائين پنھنجي پريـنءَ جـي رڳـو چيچ ڏسي وڃي ڀٽون وسايون هيون ۽ اسين آهيـون جو.... بزدل، ڊڄڻا ۽ عام روايتي.. پر مـان بـه نيـٺ ڇـا ٿـي ڪـري سگهان. مان پاڻ هيٺئين وچولي طبقي جي فرد آهيان.‘ ڪجهہ گهڙين لاءِ پاڻ کان نفرت ٿي وڃيس ٿي. الائي ڪيستائين سوچيندي سوچيندي ننڊ کڻي ويس. صبح ٿيندي ئي ڪراچيءَ هلي وئي. ڪراچيءَ پھچڻ تي خبر پيس تہ سيڪريٽري راولپنڊي ويل آهي.


  ٻن ڏينھن کان پوءِ سيڪريٽري اچي ويو. ياسمين آفيس ۾ وڃي مليس. عام رواجي گفتگو کان پوءِ اصل مقصد تي آيا. ”هون، تہ توهان رڳو ميٽرڪ ڪري وڌيڪ پڙهڻ ڇڏي ڏنو.“ سيڪريٽريءَ سگريٽ جو ڊگهو سوٽو هڻي، وات مان دونھون ٻاهر ڪڍندي، پاڻ کڻي پوئتي روالونگ ڪرسيءَ تي ڇڏيو. ”ها، سر.“ ياسمين ڪوڙ هڻندي چيو. ”تہ پوءِ مٿي ڇو نہ ٿيون پڙهو“ جيئن هرڪو وڏو ماڻھو وڏ ماڻھائپ مان ڪنھن غريب مسڪينيءَ تي همدردي ڪندو آهي، يا ڄڻ رات جو گهرايل ڪنھن پراس کي هرڪو چوندو آهي، تہ شادي ڪري، شريف زندگي ڇو نہ ٿي گذارين... ياسمين کي ڳالھہ نہ وڻي. وري اصل مقصد تي آئي. ”سر، پو ڀلا بشير جي نوڪريءَ اسان تي پنھنجي مھرباني ڪريو. ڏاڍو انٽيليجنٽ آهي.“ ”اڄ ڪلھہ هوشيار هجڻ ڪا وڏي ڳالھہ ناهي. سفارش هجي، پئسو هجي يا وري....“ سيڪريٽري چپ ٿي ويو. ”سر بشير غريب ڇوڪرو آهي ۽ هوشيار آهي.“ سيڪريٽريءَ ياسمين کي گهوري ڏٺو تہ نرڙ ۾ گهنج پئجي ويس: ”اهو اميد وار توهان جو ڇا ٿئي؟“ ”سر، هو منھنجو ڪزن آهي. سوچيو هوم تہ توهان کي پرسنلي ان لاءِ رڪئيسٽ ڪيان سر، خدا جي واسطي بشير کي آرڊر ڏيو.“ ياسمين ٻئي هٿ کڻي سيڪريٽريءَ کي ٻڌا؛ پر هڪدم ان وچ ۾ هن کي پنھنجي ان ٻاڏائڻ تي شڪائپ بہ ٿي ۽ هن جي اندر هڪ لڪل خود دار هستيءَ بہ ڪَرُ کينو؛ پر هيءَ پاڻ تي ضبط ڪري وئي ۽ هن جي منھن تي اهي اندر جون ريکائون اُڀري آيون. ”پر فقط رڪئيسٽ مان ڇا ٿيندو مس ياسمين!“ ”سر، ٻارهن مان هڪ سيٽ تہ قابليت تي ڏيو.“ ”چئبو تہ آرڊر مڙئي مون کان وٺي ويندينءَ“ ”سر، توهان جي مھرباني ٿيندي.“ ”چڱو هي منھنجو ڪارڊ رکو پاڻ وٽ، مون سان ڪانٽيڪٽ ڪجو.“ ياسمين ڪارڊ کڻي کيسي ۾ وڌو. ”پوءِ ڀلا مس ياسمين، ڊنر مون سان ڪيو. پوءِ ڪٿي هلي ڪيبري وغيرہ ڏسنداسين.“ ”سر، توهان....“ ياسمين کان ڇرڪ نڪري ويو. مٿي کي ڀنواٽيون اچڻ لڳس. باھہ جا آلا اکين مان نڪري آيس. دل ۾ آيس تہ ميز تي رکيل پيپر ويٽ کڻي ٺڪاءُ سيڪريٽريءَ جي منھن ۾ ڪرائي؛ پر هٿ روڪجي ويس. الاجي ڇو چپ چاپ ٻاهر هلي ويئي. ”ٻڌو.. ٻڌو... ياسمين... توهان ناراض ٿي ويون... منھنجو مقصد.... خير اهي ڇوريون.....“ سيڪريٽري خاموش ٿي ويو. ڏاڪڻ تان لھندي سڄي آفيس هن کي لُڏندي محسوس ٿي رهي هئي؛ پر زلزلو تہ هن جي اندر ۾ آيو هو ’ذليل... ڪتو... واهيات... سيڪريٽريءَ جو پٽ... ماڻس...‘ هوءَ پنھنجي مُنھن ڀُڻڪندي وئي. اڄ بہ هوءَ سڄي رات لُڇندي رهي. سوچن جي ڌٻڻ ۾ هيٺ ڦاسندي وئي. بشير جا جملا پڙاڏو ٿيڻ لڳس. ’ويدن جي دنيا مان نڪري، اصل دنيا ۾ اچ.‘ ياسمين کي وري پنھنجا چيل لفظ اڳيان اُڀري آيا ’توهان ماڻھو محبت ۽ قربانيءَ جي لطيف احساسن کي ڀلا ڇا ڄاڻو!‘ هوءَ کٽ تي اٿي ويھي رهي. وري کٽ تان لھي ٿرماس مان چانھہ ڪڍيائين. چانھہ جي ڍُڪ ڍُڪ سان زندگيءَ کي نون نون روپن ۾ ڏسڻ لڳي. ڪنھن ڍُڪ ۾ جيون اُجهاڻل لڳيس؛ ڪٿي جيون ڀريا ٽھڪڙا گونجڻ لڳس. ٻُڏ تَر ۾ ٽنگجي پئي: ’جيڪڏهن بشير کي نوڪري هجي، تہ بابا بہ لالچ تي منھنجي شادي ان سان ڪري سگهي ٿو؛ پوءِ مان بہ هن سان جيون ساٿي ٿي سگهان ٿي... جيون ساٿي ٿي سگهان ٿي...‘ ان جملي ۾ ايڏي تہ لذت هئي، جو ياسمين ان کي ڪيتري وقت تائين ورجائيندي رهي. ان مان هن کي ڪيئي قسم جا سرور ۽ لذتون اچي رهيون هيون؛ ’پر بشير کي نوڪري نہ ملي تہ پوءِ... تہ پوءِ بشير جو ڇا ٿيندو... منھنجو ڇا ٿيندو؟‘ ياسمين ٻئي هٿ کڻي منھن تي رکي ڏنا، آڱريون وارن ۾ وچڙجي ويس پاڻ کڻي وهاڻي ۾ سٽيائين. ياسمين ستي پئي هئي، هڪ ٽنگ پلنگ کان هيٺ هيس. گلابي ڳٽا پسي ويس. سڏڪندا، چچريل لفظ ’آخر مان ڇا ڪيان بشير...... مان ڪاڏي وڃان... ڇا وڏي آھہ ڀري، اندر ۾ ڪجهہ اوريندي وئي...! چئن ڏينھن کان پوءِ، ڪمري تي ٽپالي شير کي هڪ لفافو ڏنو. ليٽر پڙهي آرٽس بلاڪ ڏانھن لوُھہ پاتائين. سڌو ياسمين جي ڪلاس روم وٽ پھچي ويو. ٻاهر ورانڊي ۾ شاهدا مليس. ”ادي معاف ڪجو، ياسمين ڪٿي آ؟“ ”ڇو ادا، اڄ ڏاڍا خوش آهيو!“ ”بس، ادي جلدي ٻڌايو تہ ياسمين ڪٿي آ؟“ ”ادا، ٽيون ڏينھن کان جيئن ڪراچيءَ کان آئي آهي، ويچاري بيمار ٿي پئي آهي. سول اسپتال ۾.“ بشير جي زبان اٽڪي پيئي. ”بيمار آ! ڇو-- ڇا ٿيو- مون کي تہ خبر بہ ڪانھي.“ پوءِ هن شاهدا کان وارڊ ۽ بيڊ نمبر پڇيو ۽ ذري گهٽ ڊوڙندو ڪيمپس مان نڪري ويو. بيڊ تي ياسمين نِست پيئي هئي. منھن تي هيڊ هاري پئي هُيس. هَن ياسمين جي ٻرندڙ نِراڙ تي هٿ رکي ڇڏيو. ياسمين جا سُڪل ۽ ٺوٺ چَپَ چَريا؛ پر ڪوبہ لفظ نہ چئي سگهي- - ۽ هن پنھنجون ڏرا ڏنل اکيون کوليون. بشير کي ڏسي چپن تي رُٺل مُرڪ تري آيس- - ۽ سندس هٿ وٺي پنھنجي سُڪل ۽ ٺوٺ چپن تي رکي ڇڏيائين. گهڻن لفظن، سٽن ۽ ڪاڳر ڪارا ڪرڻ سان ئي گهڻي ڳالھہ چئي سگهجي ٿي، ان ۾ منھنجو ويساھہ ڪونھي.