App Icon

ڪهاڻي گهر

بهترين تجربي لاءِ اپليڪيشن انسٽال ڪريو

خفتي

ليکڪ: بادل جمالي | پڙهڻ جو وقت: 17 منٽ

ٻن ڏينھن جي مسافريءَ کان پوءِ هو اڃا هاڻ موٽيو هو. بوٽ لاهي، ويڙهيل بستري تي مٿو رکندي، ٿَڪل ٽُٽُل جسم کي کٽ تي ڍور ڇڏيندي چيائين:
”يار لاهوتي، ڄنگهون ساڻيون ٿي پيون آهن، وارو ڪر ٻہ- ٽي زور تہ ڏي.“
لاهوتيءَ سندس پيرانديءَ کان اچي ويٺو. هن مٿي تان بوسڪيءَ جو پٽڪو لاهي پاسي ۾ رکندي پڇيس:
”ڏي خبر، ڪو آيو ويو تہ ڪونہ؟“
لاهوتيءَ سندس سَٿر ۾ مُٺيون وجهندي چيو:
”ٻيو تہ ڪير ڪونہ آيو، ٽيون ڏينھن وڏيري صالح جو ماڻھو نياپو کڻي آيو تہ، سائينءَ کي چؤ تہ سڀاڻي شام جو سنگت ساٿ سميت بَڇ جي دعوت اٿس، ڪتا ڪاهي اچي.“ چيومانس تہ، ”مرشد پاڻ آهي ڪونہ، ويو آهي آدم جي ٽنڊي اسان کي رُشڪت ڪانھي جو ڪتا ڪاهي اچون. باقي سنگت ساٿي کي چئبو، جي آيا تہ وٺي اچن، نہ تہ بہ آئون ضرور حاضري ڏيندس. ماني ٽِڪي کائي، همراھہ تہ ويو هليو، پر منھنجو سک ڦِٽي ويو. سندرو ٻڌي لھي پيس ڳوٺ ۾. خيرو، جانو، حڪيم، ڏِتو. هڪڙي هڪڙي کي در تي سڏي چيم تہ، ٻيلي سائين پاڻ آهي ڪونہ عزت جھڙي ڳالھہ آهي، پرائي راڄ ۾ هيٿن خالي هلڻ بہ ٺيڪ ناهي. ڪُتڙا تيار ڪريو تہ سڀاڻي هلي منھن ڏيئي اچون.- پر سائين جنھن کي ڏس، سو نابري واريو ويٺو آهي تہ، ’سائين ڪونھي، اسان ڪي پنھنجي منھن هلنداسين!‘“
”پنھنجي منھن ڊنا ٿي ڇا؟“
”بس سائين، ڏسو ماڙهن جا حال... پوءِ باشا سُمھاڻي تائين ڀڳس، پر ٻيو ٿيو خير. سڄي رات ڦٿڪي ڦٿڪي ڏينھن ڪيم. صبح ساڻ اوطاق جي ٻُهاري سُهاري ڪڍي، نيرن ڪري، ٻہ گهمرا گاھہ جا آندم. ڪُتر هڻي، آهورن ۾ وجهي، ائين کڻي منھن ڪيم. وڃي نڪتس صالح جي ڳوٺ. اوطاق ۾ منھن ڪڍيم تہ صالح پريان کان ئي ڀڳو آيو، چي، ’سائين ڪٿي آهي، ڪتا ڇو ڪونہ آندئي‘؟“
چيومانس، مرشد ڳوٺ ڪونہ هو، مون کي ڪتن آڻڻ جي رشڪت ڪانھي. تنھنجي نياپي تي پاڻ اچي نڪتس، جي رنج ٿين تہ موٽي وڃان- پوءِ تہ ٻک وجهي پاڻ سان وڃي ويھاريائين.“
”شابس هجيس جو توکي ايڏي عزت ڏنائين.“
”عزت؟ ۽ سا بہ مون کي! باشا اها تنھنجي ئي عزت هئي. آئون تہ ڇا، تنھنجو ڪتو وڃي ها تہ بہ عزت مليس ها،“
”ڳالھہ پئي ڪيئي؟“
”ها، سنگت ساٿ بہ گهڻي هئي. آچر ڪيريو، علي بخش ٻُچي، ڇُٽو راڄڙ. تنھنجون ڏاڍيون پڇائون ڪيائون. سلام بہ ٿي چيائون.“
”وعليڪم سلام.“
”موالي رکوءَ کڻي ڪونڊو گهوٽيو. ڏاڍا پيالا ٿيا. وچين ٿي تہ همراھہ نڪتا ٻاهر، ميدان ۾ لٿاسون تہ فقير اڳئي رڇ ٻڌيو ويٺو هجي.“
”رڇ چڱو هو؟“
”واھہ جھڙو خراساني گڏھہ ٻيو!“
”بَليرَ! چئبو تہ همراھہ سھي سنڀري پوءِ نياپو ڪيو.“
”ٻيو نہ تہ. خلق تہ خلق! سڄي اٺاس ۾ تِرَ ڇٽڻ جي جاءِ ڪانہ هجي.“
”ڪُتا گهڻا هئا؟“
”ڪُتا چار هئا صالح جا، ٻہ وڏيري آڪن جا، هڪڙو مينڌري اوڏَ جو، ۽ ٻيو هو دِلو لوهر جو گُلر.؟“
”ها، پھرين ئي پھرين وڏيرو صالح ٿو ’شينھن‘ ۽ ’مانگر‘ کي ڇڏئي- رڇ بہ سمجهي ويو تہ هائو ٻيلي، ڪتن ۾ زور تہ گهڻو ئي آهي، پر ڏانءُ اٿن ڪونہ. سو جيئن ئي ڪتا سوڙها پيس، ٺڪاءُ ٿو ڪرائي مانگر کي ٻوٿ واري چماٽ....“
”واھہ ڙي واھہ.“
”باشا، خدا ۾ پت ڪرين تہ ڀنواٽيون اچي ويون ڪتي کي! وارو ڪيائين شينھن تي. ڀڳو، پر پوئين ڄنگهہ مان وٺي، سٽ ڏيئي کڻي اُرھہ هيٺان ڪيائينس. مانگر ڏس تہ اڃا تائين وايون بتال هجنس. اصل ڀڄڻ جا رستا پيو ڳولي. شينھن سان تہ اهڙي ڪيائين جھڙي چئجي. ڪؤن ڪؤن ڪؤن، پر سائين ڪير ڇڏائيس!
”تاڙيون وڄي ويون. وڏيري ٽِڪي باسي. فقير رڇ کي وڃي جهليو. وڏيري کي هجن باهيون، سو ڦوهاري تائين بہ ڪونہ ترسيو، ’بوڙينڊي‘ ۽ ’وڇونءَ‘ کي کڻي ڇڏيائين.“
”اهو وڇون وري ڪٿان آندائين؟“
”الائجي، چيائون پئي تہ خيرپور ڏانھن کان آندائين. چڱو وڙهيو، باقي بوڙينڊي تہ ماني بہ حلال ڪانہ ڪيس، جي اهو شامل ٿئيس ها، تہ پوءِ وڇون اڃا بہ سٺو وڙهي ها، هڪڙي جو زور لڳو ڪونہ، وڏيري وري بہ ٽِڪي باسي.“
چئبو تہ صالح سان ڏاڍي ٿي. ٻيو!“
”باشا، ٿيڻ جي ڪا حد آهي. اصل ڌڪ هڻينس تہ رت نہ نڪريس.“
”اَڪن جو ساھہ بہ هيٺ مٿي پيو ٿيندو هوندو؟“
”ٻيو نہ تہ. صالح جي حالت ڏسي، اَڪن تہ ماڳھين ويڙهائڻ کان بان پيو ڪري.“
”پوءِ؟“
”پوءِ سنگت ساٿ چيس تہ، عزت جھڙي ڳالھہ آهي، ڪتا ڇڏ، نہ تہ يا ڄمار اهو ٽِڪو ڪونہ لھندئي- نيٺ ضد ڪري بيٺو تہ پھرين دِلو ۽ اوڏ ويڙهائن. هُو ٻئي هجن الھڙ مڙس، نڪا ڪيائون هم، نڪا تم، ائين ائين کڻي رسا ڪڍيائون.“
”انھن جا وري ڪھڙا ڪتا هوندا؟“
”نہ باشا، ائين نہ چئو ڪَچا گُلر هئا، پر رنگ لائي ڇڏيائون- دِلوءَ واري تہ لھڻ شرط اُڇل ڏيئي ورتس دوُناڙ مان ۽ ٻئي ورتس ڪَن مان- مرشد، خدا ۾ پت ڪرين تہ هڪڙي ئي اُڇل سان ٻنھي کي ائين ڇنڊي ڇڏيائين، جئين کانڀاڻي ڳوڙهي کي ٿي اُڇلي! وري ڳنڍجي ويا- هِن ڀيري دلوءَ واري گُلر ورتس ڄاڙيءَ مان ۽ اوڏ واري ورتس ڄنگهن جي وچان-“
”واھہ ڙي واھہ !“
”پوءِ تہ باشا، ائين گهِليائونس، جيئن ڳِجهون ڍُونڍ کي گِهلين! ڪُوڪريا ٿي ويا، تاڙيون وڄي ويون- دِلوءَ ۽ اوڏ کي ڏس تہ ڪپڙن ۾ نہ پيا ماپن- صالح جي منھن تي جھڙي هيڊ هارجي وئي- اَڪن کي بہ هورا کورا لڳي پئي هجي تہ الائي ڇا ٿئي-“
”اَڪن تہ ڇا، ڪير بہ هجي- ان گهڙيءَ ساھہ مُٺ ۾ هجيس ها.“
”ٻيو نہ تہ ... اِتي فقير رڇَ کي ٺاهوڪو ڦوهارو ڏنو- اَڪن ڊڄندي ڊڄندي ڪُتا کڻي ڇڏيا- رڇ بہ هجي مڇريل، سو وٺندي ئي هڪڙي ڪتي جي پوئين ڄنگهہ مروٽي ڀڃي وڌائين- اهو تہ گهِلبو گهِلبو پڙ مان نڪري ويو، پوءِ اچيو ٿو ٻئي کي وٺي- چَٻون، چَڪ، رانڀوٽا، پُڇ تہ چٻاڙي مرڳوئي لُنڊو ڪري ڇڏيائينس- هنيائينس چَڪ نِڙي ۾- اَڪن کان ڏس تہ رڙ نڪري ويئي، ”گهوڙا ڙي ڪتو ٿو مري!“
فقير چيس، ”بابا، ٽِڪي مَڃ تہ رِڇَ کي جهليان.“
”ٽِڪي مڃين هوندائين؟“
”واھہ، نہ مڃي ها تہ ڪتو اُڦٽ مري وڃيس ها- کيل ٿيو ختم. وڏيرا ٻوٿ ڦلِهڙو ڪري موٽيا- مون چيو: لاهوتي هاڻ هت ويھي ڇا ڪندين- هل تہ ڍڳي ڍور جي ڪريون- سو بڪيءَ تي زور.“
”چئبو تہ مزو چڱو هو-“
”ٻيو نہ تہ، مزي جي ڪا ڳالھہ هئي! هي پھريون ڀيرو هو، جو صالح هار کاڌي، نہ تہ سدائين ٽوپي نِراڙ تي رکي هلندو هو- باقي باشا- گلر دِلوءَ واري قھر ڪري ڇڏيو اهو وڙهندو، پر ڏاڍو.“
”پاڻ واري ڏينڀوءَ جھڙو آهي؟“
”مرشد، شڪ ڪجانءِ، ڪاوڙ لڳيئي تہ جوتو لاهي کڻي وٺ، باقي ڏينڀو تو وارو جَنڊ چٽيندو، مِرونءَ سان ڪونہ وڙهندو- ڪالھہ هجين ها تہ پاڻ مڃين ها-“
”ڇو ڀلا، تون ڏينڀوءَ کي بنھہ ائين ٿو سمجهين ڇا؟“
”بس سائين، هاڻي مون گنھگار جو وات نہ کول، ڏينڀوءَ جي لسَ کان آءُ واقف آهيان- - ڪتو تہ اوڏ وارو بہ چڱو ٿو وڙهي، بر مُهانڊو ڪونھيس. ڌوڏا وڏا، ڪَن ڍار، پُڇ ٿلھو، قد جو ڏس تہ جھڙو ٽَٽيِهر... باقي دلوءَ وارو گلر جھڙو هينئر پنھنجي پَٽ ۾ پيو ڪونھي. جھڙو آهي مھانڊي جو مَلوُڪڙو، تھڙو وري وڙهي ٿو... اهڙي سُوکڙي تہ هوند تو جھڙي امير جي دَر تي سُونھين ڪو خفتي لڙي اچي ڏسيس تہ هيڪر وات گيدو ٿي وڃيس.“
”ان ڳالھہ کي بہ ڏسنداسون.“
”باشا، ڏسڻ ٻسڻ واريون ڳالھيون ڇڏ. گُلر اٿئي ڏينھن پھر جو مَزمانِ. گهڻو ڪري تہ وڏيرو صالح کَنڀي ويو هوندس، جي ان کان بچيو تہ پوءِ سمجهہ تہ پيروُ کبير آيو ڪي آيو. مھل اها اٿئي. منھنجي صلاح آهي تہ هينئر ئي هلونس.“
”يار لاهوتي، گهڙي کن ساھہ پَٽڻ تي ڏي، اڃا هاڻ مري مري آيو آهيان، هٿ منھن بہ ڪونہ ڌوتو آهيم.“
”باشا، مرڻ لاءِ اسان جھڙا فالتو کُٽا آهن جو تون مرندين! ڪَرو پاڻيءَ جو آڻي ٿو ڏيانءِ، هٿ منھن ڌوئي تيار ٿيءُ. بسم ﷲ ڪري ’ها‘ ڪر تہ گهوڙو سنجي ٺڪر ڪري آڻي ڏيان رڳو لانگهہ ورائڻ جي دير ٿيندئي.“
”اهو تہ ڀلو، پر هوُ پاڻ شوقين مڙس آهي، جو نہ ڏئي تہ پوءِ“
”باشا ڪھڙيون ٿو ڳالھيون ڪرين. تو جھڙي امير کي ڪھڙي منھن سان موٽائيندو. جي هروڀرو بڇڙائيءَ تي سندرو ٻڌائين تہ پوءِ چار ڏوڪڙ کڻي باسبس. بُک ٿو مري، پاڻ هتي پڄائي ويندو.“
”اها ڳالھہ تو واري لڳي؛ پر هاڻي پروگرام ٺاھہ تہ هلونس ڪڏهن“
”پروگرام وري ڇا جو، هينئر ئي ٿا هلونس، ٻيو نہ تہ. تون رڳو تيار ٿيءُ، تہ آءٌ گهوڙو سنجهي ٿو وٺان.“
”صفا ائين؟“
”ٻيو نہ تہ.“
”چڱو وڃ ڀلا، ڇڏيندين هونھين ڪونہ.“
ڪَکائين ڇپر جي غريباڻي اوطاق، جنھن جي هڪ ڪنڊ ۾ ڏنوڻ، سانداڻ، وڏا مترڪا، پاڻيءَ سان ڀريل ٺِڪر جي ڪوناري، ڀت سان رکيل ڪاٺ جي پراڻي پيتي، جنھن جي سامھون لوھہ ۽ ٽينَ جا ٽڪرا. هڪڙو کٽولو اوطاق ۾ اندر، ٻيو اڱڻ ۾ بيٺل نِم جي گهٽائيءَ ڇانَو ۾ رکيل. نم جي پاڙ کان ٿورڙو پرڀرو ٻٻر جي کتل منيءَ سان ٻڌل ڪڪڙ جي آني جھڙي اڇي رنگ، وڏي مٿي ۽ اُڀن ڪنن وارو ڪتو.
گهوڙي تان لھي، سائين ڪتي ڏي وڌيو. چَپٽيون وڄائي. ٻُچڪارون ڏيئي کيس ڦرڻ ڏسڻ لڳو.
لوڙهي جي پاڙ ۾ بيٺل ننڍڙي پير سان گهوڙي کي ٻڌيو. لاهوتي مرڪندو سائين ڏي ويو.
”ڪيئن ٿو ڀائين مرشد، برابر يا نه“
برابر لاهوتي. تو جيڪي چيو، گلر ان کان بہ سرس آهي-“
”ڦِري ڏسينس مرشد، شيءِ اٿئي شيءِ! ٻيو نہ تہ. سنھڙو پڇ، پر ڊگهو بہ نہ. ريشم جھڙي چمڙي، کليل واڇون، چنجهليون اکيون- عيب تہ خدا ڏنوئي ڪونہ اٿس. اصل کيسي ۾ وجهي ڇڏڻ جھڙو آهي.“
”برابر، سوکڙي آهي. ڏينڀوءَ جي جاءِ ڪانھي.“
”متان نہ مڃين. خفتي تہ آءُ بہ آهيان، پر سُڃو ٿي پيو آهيان.“
”دل نہ هَڻ، پنھنجو مال ورهايل ڪونھي.....پر هاڻي دير نہ ڪر، همراھہ کي سڏ ڪر تہ حالي حوالي ٿيونس-“
”ڪريان ٿو بندوبست، ”رڳو ڪو ماڻھو نظر اچي تہ موڪليانس.... اجهو، هو پاڻھي پيو اچي؛ پر هاڻي ڳالھائجانس. تون، مون کان تنھنجو بار وڌيڪ لڳندس.“
”تون بہ منھنجو ماڻھو آهين، ڪو ڌاريو ڪونہ آهين. بي ڌڙڪ ٿي ڳالھائينس، آءُ ويٺو آهيان.“
”چڱو هاڻي ڪريانس ٿو بسم ﷲ.“
هو کٽ تان اٿي ٻہ وکون اڳتي وڌيو ۽ منھن تي مُرڪ آڻيندي، ڪجهہ زور سان چيائين.
”دلِڻ اسان تنھنجا ئي گهورا هئاسين.“
دِلوءَ پريان ايندي حيرت گاڏڙ مرڪ سان چيو:
”خير تہ آهي، اڄ ڪيئن ڀُلجي پيا آهيو؟“
”بس بابا، اڄ ويٺي ويٺي سائينءَ چيو، هل تہ ڪاريگر وٽان چڪر هڻي اچون چيومانس تہ، باشا حڪم تنھنجو کپي. مون کي ٻيو ڪم ڪھڙو آهي. پوءِ تہ وهندا اچي هتي پھتاسون، پر تون هئين ڪونہ. ماڻھو پئي ڳوليوسون تہ توکي سڏايون. ڀاڳن وارا آهيون جو تون پاڻھي اچي نڪتو آهين، ملياسون ٻيو مڙئي خير.“
”کپئي خير. ڀلي آياؤ جي آياؤ.... اسان جون خبرون خير، هي ڪکڙا پنھنجا، ويٺا آهيون منڊل مچايو. اوهان کي ﷲ آندو، مليا آهيون، پر ٻيو مڙئي خير... سائين باشا، خوش آهيو، چڱا ڀلا، مڙدانا، آسودا.“
”دعا، رحم، رب جا ٿورا.“
”هاڻي اوهان ويھو تہ آئون گهران ٿي ٿو اچان.“
”نہ ادا نہ. ماني ڌانيءَ جي ڪا تڪليف نہ ڪر، اسان کايو پيا اچون؛ رڳو چارگهڙيون ويھہ تہ ڪچھري ڪريون.“
”آئون حاضر آهيان، لک ڪچھريون ڪيون، پر مانيءَ جي مھل آهي، وڌيڪ نہ، تہ بہ- ٽي گرھہ تہ کائو.“
”ادا، اسان کي حجاب ڪونھي، اجهو هاڻ ڳوٺان کايو پيا اچون، اڌ ڪلاڪ کن مس ٿيو آهي.“
 ”ڀلا چانھن تہ ٺھرائي اچان؟“
”چانھن جي بہ تڪليف نہ ڪر. اسان تڪڙا آهيون. وري ڪنھن ٻيءَ ساعت چانھن پيبي.“
”اهو ڇاهي، ڀلا سائين، هيڪر ٿا چؤ تہ ڪچھري ڪرڻ آياسون، ٻيھر ٿا چؤ تہ تڪڙا آهيون. ظلم تہ اِهو جو نہ چانھہ لاءِ ٿا ترسو، نڪا ماني ٿا کائو. آخر مون غريب تي ڇو ايڏي ڪاوڙ اٿوَ؟“
”ادا، تون اسان جو ڀاءُ آهين، ڪاوڙ توتي ڪانھي؛ پر ڪجهہ ٻيا بہ زماني جا ڪم آهن، ان ڪري ڪجهہ تڪڙا آهيون.“
”پوءِ ڀلا، ڪيئن تڪليف ڪئي اٿوَ؟ ٿورڙيون خبرون تہ ٻڌايو.“
”لاهوتي، ٻڌاءِ ڀلا ڪاريگر کي خبرون.“
”حاضر باشا... ادا، مرشد اڄ تڪليف ڪري تو وٽ آيو آهي گُلر جي لاءِ. ڪالھوڪيءَ بڇ کان پوءِ گُلر جي ڳالھہ ٻڌي اٿس گهڻي، سو مَنُ هرکجي پيو اٿس. تون پاڻ مولائي مڙس آهين، سادات توکي خوش ڪري ڇڏيندو.“
”خوش ڪرڻ جو مطلب؟“
”مطلب تہ جيڪي چار ڏوڪڙ پنھنجي وات سان گهُرندين، سائين توکي ان کان سَرسَ ڏيندو.“
”ادا، سائين قسمت سان منھنجي تڏي تي آيو آهي، آءُ باشا کان ڪتو ڪين جهليان ها پر اوهان اچڻ سان ئي مون کي گار ڏني آهي. آءُ ڪو ڀاڙيو ڪونہ آهيان، جو ڪتي جا پئسا وٺي کائيندس.....اوهان گهٽ ۾ گهٽ مون کي آزمائي تہ ڏسو ها، منھنجو جواب تہ ٻڌو ها، اچڻ سان ائين کڻي واڪ ڏنوَ، ڄڻ آءٌ ڪتن جو ڪو واپاري هجان! هاڻي وهنداؤ تہ ڪچھريون ڪنداسون، وينداؤ تہ خدا خوش ڪندوَ. باقي ڪتو ڪونہ ڏيندس.“
”ادا تون ڪاوڙ ڇو ٿو ڪرين، اسان تہ پاڻ خيال ڪندي، پئسن جي آڇ ڪئي هئي، ڪجهہ سوچ تہ ڪر، صبح کان شام تائين لوھہ ٿو ڪُٽين، تڏهن پنج- ڏھہ روپيا ملنئي اسان توکي گهر ويٺي هزارو کن ڏيون ٿا تہ ڪھڙي ڪَس اٿئي؟“
”سائين باشا، لوھہ ڪُٽڻ ڪو گناھہ ڪونھي، حق حلال جو پورهيو آهي. ڪڏهن اوهان وٽ سوالي ٿي تہ ڪونہ آيس، تہ مون کي اَن جي ٻوري ڏيو؟“ افسوس جھڙي ڳالھہ آهي جو اوهان پئسي کي ئي سڀ ڪجهہ سمجهي ويٺا آهيو.“
”ڪاريگر، اسان توکي ناراض ڪرڻ تہ ڪونہ آياسون، تون هروڀرو ٿو رنج ٿين. اسان پنڌ ڪيو آهي گُلر جي لاءِ، اسان کي خالي هٿين نہ موٽاءِ؛ پوءِ پئسن سان نہ سھي، قرب ۾ ئي سھي، پر گُلر اسان کي ڏئي.“
”قرب واري تہ اوهان ڳالھہ ئي ڪانہ ڪئي. اوهان تہ سوداگر ٿي پئسن جو واڪ ڏنو آهي. منھنجو ڪتو ويڪو ڪونھي، ٻيو ڪو جاچيو، ڳوٺ ۾ ٻيا بہ گهڻائي ڪتا اٿوَ.“
دلِوءَ جو کٽو جواب ٻڌي، سائين باشا ۽ لاهوتي مايوس ٿي ويا. ڪن گهڙين لاءِ خاموش ٿي ويئي. وڏيرو صالح پريان ظاهر ٿيو ۽ اتان ئي رڙ ڪيائين:
”ابا، سائين باشا پيو ڏسجي ڇا؟“
”هائو بابا، تو تہ اچڻ ڇڏي ڏنو، اسان چيو هاڻي اسان ئي ننڍا ٿي تو وٽان گهمي اچون.“ سائين باشا جي چوٽ ڪرڻ تي وڏيري وراڻيو: ”شابس هجيوَ بادشاھہ، جو اهڙيون ڳالھيون ڪريون ٿا. آءٌ تہ اهو ئي ٻانھيءَ جو ٻار آهيان؛ پر اوهان ڪجهہ وڌي ويا آهيو. ڪالھہ بَڇ هئي، ٽيون ڏينھن هاسيڪار اوهان ڏي ماڻھو موڪليو هئم تہ سائينءَ کي دعوت ڏيئي اچ؛ پر سائين، خبر پئي تہ بادشاھہ ٽنڊو آدم پيو گهمي.“
”يار، مون کي پاڻ ڏک آهي، جو بَڇ تي نہ اچي سگهيس. ڪم هو ٿورو سيٺين ۾، پر يڪا ٻہ ڏينھن ويھاري ڇڏيائون. تون پاڻ سيٺين جي ڏيتي ليتيءَ کان واقف هوندين، شل نہ ڪو ڪم پوين، ويٺا بھانا ڳوليندا تہ ڪئين همراھہ کي گشو ڏيئي جِند ڇڏائجي؛ پر سائين، آءٌ بہ آءٌ آهيان، ڪٿي ٿو ڇڏيانِ. ٻہ ڏينھن بہ ترسي، پنھنجي ليکو چُڪتو ڪري آيس. جي اِتي هجان ها تہ پاڻ کڻائي بہ تو وٽ پڄان ها.“
”بس مرشد، هاڻي آءٌ گنھگار اُمتي ڇا چوان، دل جو سور دل ۾ آهي... ڀلا ڪيئن اچڻ ٿيو؟“
”خبرون خير، ڪالھہ لاهوتي بَڇَ ڏسڻ تو وٽ آيو هو، گُلر ڪو چڱو لڳس. پڇا ڳاڇا تي خبر پيس تہ اهو هِن يار جو آهي. لاهوتي ضد ڪري ويھي رهيو تہ ’بادشاھہ گُلر اهو پاڻ کي کپي‘. چيومانس، ”هلون ٿا ڪاريگر وٽ، پوءِ ڏئي يا نہ ڏئي، اها ٿي سندس مرضي. گلر ڏسڻ کان پوءِ مون کي بہ وڻيو. همراھہ کان گهُريوسون؛ پر ٺُپ جواب ڏيئي ڇڏيائين. وڃڻ وارا هئاسون جو تون مٿان اچي وئين.“
”گلر ڏيندو وري ڪئين نہ؟ ابا دِلڻ، هي تون ڇا ٿو ڪرين، امام جي اولاد کي ڪُتي لاءِ موٽي ٿو ڇڏين؟ اسان تہ هوند بہ سر مٿانئس گهوري ڇڏيون... ڏاهو ٿيءُ، ڪجهہ عقل ڪر، قيام اهو ڇڏائيندئي. جي رنجايئيس تہ ٽنگيو پيو هوندين. ماٺڙي ڪري، پيرين پئي مرشد کان بخشراءِ ۽ پوءِ ڪُتو ڇوڙي ڏينس، پاڻ ڳوٺ پڄائي اچينس.“
”وڏيرا، سائين کان آءٌ ڪتو ڪونہ جهليان ها؛ پر هي خفتي ٿي ڪونہ آيو، سوداگر ٿي آيو آهي. سوداگر لاءِ مون وٽ ڪتو ڪونھي.“
”سوداگر وري ڪئين؟“
”ائين جو اچڻ سان چيائين تہ، ڪتي جا پئسا وٺندين؟“
چيومانس، ’آءٌ ڪو گُرگُلو ڪونہ آهيان جو ڪتو وڪڻي پئسا کائيندس‘. هاڻي تون پاڻ انصاف ڪر، خفتيءَ لاءِ هن کان وڌيڪ ٻي ڪا گار آهي؟“
”مرشد، اها اوهان بي واجبي ڪئي آهي. دِلو اهڙو مڙس ڪونھي، جو اوهان جھڙي امير کي هوند جواب ڏيئي ها. اوهين پھرين سنگت ۾ چئي تہ ڏسوس ها...“
”ادا، اسان کان ٿي جو اهڙو گفتو ڪڍيوسون. هاڻي چوي تہ کڻي معافي وٺونس. هروڀرو ڳالھہ مان ڳالھوڙو ٺاهي ويٺو آهي.“
”بس بادشاھہ، اوهان جي پاران آءٌ معافي وٺي ڇڏيندوسانس. گلر اوهان جو ٿيو....“ هاڻي منھنجي صلاح آهي تہ گهڙي کن مون واريءَ اوطاق ڏي هلون، اتي بہ دعا جا پير گهمائي اچو، پوءِ موٽ تي هتان ٿيندا، گلر ڪاهيو وڃجو. ڪئين دِلو؟“
”وڏيرا، ڳالھہ مون ڪئي هڪڙي، ٻي ٿيندي ڪانہ. ڪتو آءٌ بي جھاني ڪونہ ڏيندس. باقي اتي ويھي ڪچھري ڪن، يا تو وٽ هلن، اها سندن مرضي آهي، آءٌ ڪونہ ٿو جهليان.“
”چريا، وڏن جي ڳالھہ کي مانُ ڏبو آهي. هروڀرو ٻار نہ ٿيءٌ دلو!“
وڌيڪ نہ دلوءَ ڳالھايو، نہ وري وڏيرو ۽ سائين ڪڇيا، ماٺڙي ڪري هو اوطاق مان نڪري ويا. لاهوتي بہ گهوڙي کي ڳليءَ مان جهلي، سندس پٺيان پٺيان هلڻ لڳو. هنن جي وڃڻ کان ڪجهہ گهڙيون پوءِ دلو اٿي گهر ڏي ويو، ۽ ماني کائي پينگهي ۾ سمھي پيو. ڪلاڪ ڏيڍ کان پوءِ چؤنري لسيءَ جي ۽ ٻہ- ٽي ڊَڳڙ ڪتي لاءِ کڻي، هو گهران نڪتو. اوطاق ۾ اچي ڏسي تہ مُنِي خالي آهي، ڪُتو سنگهر سوڌو غائب آهي اندر سَڙي ويس. هيٺ ڌڌڙ ڏي ڏٺائين تہ ڪتي، گهوڙي ۽ همراهن جا پيرا اوطاق کان ٻاهر نڪري، ڳوٺ جي ڏکڻ طرف ويندڙ وڏي رستي ڏانھن پيا وڃن... انتقامي جذبي جي لھر نَس نَس مان ڊوڙي ويس. لسيءَ جي چؤنري ۽ ماني واري دٻڪي کڻي ذري گهٽ ڊوڙندو گهر پھتو. ٽپڙن جي گهڙامنجيءَ تي رکيل، سَوَڙ جي تَهن مان بندوق ۽ ڪارتوسن وارو ڳٺو کڻي، پوري زور سان پيرن پٺيان ڀڳو. سامھون بيٺل گهاٽن وڻن جي اوٽ مان نڪرندي ڏٺائين، تہ سَڏُ کن پنڌ تي همراھہ وڃن پيا. سائين گهوڙي تي آهي، لاهوتيءَ کي ڪُتي جي سنگهر هٿ ۾ آهي، هو پوئتي نھارڻ کان سواءِ ڏاڍي مزي مزي سان وڃن پيا.
دلو ڊُڪندو ڊڪندو کين ويجهو وڃي پيو، ۽ گار ڏيندي هڪل ڪيائين:
”اڙي لاهوتي، اِتي بيھہ، تنھنجي تہ.....! توکي همت ڪئين ٿي جو منھنجو ڪتو ڪاهيو اٿئي؟“
سائين ۽ لاهوتي بيھي رهيا. کيس ڏسي ڪتو پڇ لوڏڻ لڳو. سائينءَ گهوڙي جي ڳلي ٽيڪيندي وراڻيس:
”زبان سنڀالي ڳالھائيءِ لوهر جا پٽ! ڪتو اسان کي صالح ڇوڙي ڏنو آهي وڃي ان سان ڳالھاءِ. اسان سان ٽَرٽَر نہ ڪر.“
”سڃاڻا ٿو صالح کي بہ اوهان سان گڏ، ڇڏ ڪتي کي لاهوتي!“
”ٿڌو ٿي ٿڌو... دماڪ جاءِ تي ڪر. ساھہ گهڻو اٿئي جو بندوق کڻي ڀڳو آهين؟“
لاهوتيءَ ٽوڪ واري ڍنگ ۾ چيس. سندس ڳالھہ کي ٽيڪ ڏيندي شاھہ چيو:
”درياھہ ۾ رهڻو اٿئي تہ واڳونءَ سان وير نہ رک، نہ تہ هوندين ئي ڪونہ.“
”اهي دڙڪا ٻين کي ڏجانءِ ڦڏي کي وڌائڻ مان فائدو ڪونہ پوندئي. آءٌ مئي مارائي ڪتو ڪونہ ڏيندس.“
”اڙي، تون آهين ڇا، جو ايڏو ڊگهو ڊگهو پيو ٿئين؟ آءٌ تہ سمجهندس تہ هڪڙي اٺاس جون ڦُٽيون نہ کاڌم، تنھنجا ٻچا ئي رُلي ويندا!“
دلوءَ اکين ۾ شور وجهي مرشد ڏي ڏٺو، ۽ پوءِ لاهوتيءَ ڏي وڌيو. ڪتي جي سنگهر ۾ هٿ وجهندي چيائين:
”سنگهر مان هٿ ڪڍ لاهوتي!“
هو لاهوتيءَ جي سامھون اڏول جبل جيان بيھي رهيو. لاهوتيءَ مرندي ڪسندي مرشد ڏي ڏٺو. هو سندس نھار جو ملطب سمجهي ويو. گهوڙي کي آڙي هڻي، دلوءَ جي مٿان اچي بيھاريائين. هن منھن مٿي ڪري کيس ڏٺو. هاٿيءَ جيڏي گهوڙي تي، ديوَ جھڙو ٿلھو ٿنڀرو قداور شخص، سندس هٿ ۾ ريوالور.
لاهوتيءَ هڪ گهمرو وري مٿس چٿر ڪندي چيو:
”پئسن لاءِ پيٽ ۾ سور اٿئي تہ اها ڳالھہ ڪر، نہ تہ چار ئي دروازا کليل اٿئي. جنھن کي وڻئي تنھن کي دانھن ڏي. ٻيو نہ تہ.“
”پئسن ڏيڻ واري جي جوءِ کي.... پئسن وٺڻ واري جي بہ رَن کي....!“ دلو گار ڏيئي، ٻہ وکون پوئتي هٽيو، ۽ خبر ناهي ڇا سوچي، بندوق سڌي ڪري ڌوڙيو کڻي ڪرايائين. ٻہ چار چار بولاٽيون کائي، ڪتو ڪري پيو. ماحول تي موت جھڙي ماٺ ڇائنجي ويئي.
دلوءَ ڦٽيل هانءَ سان پڇاڙڪو گهمرو مئل ڪتي ڏي ڏٺو ۽ ٿڌو ساھہ کڻي، بندوق ۾ نئون ڪارتوس ڀري، ڳورن قدمن مان پوئتي موٽيو.
لاهوتي ۽ سائين باشا، هراس ۽ اچرج وچان کيس ڏسندائي رهجي ويا.
ــــــــــــــ اسان جا نقاد ڳالھہ کي ڳالھوڙو ڪري پيش ڪرڻ جي اڻٿڪ محنت ۾ رُڌل آهن.