App Icon

ڪهاڻي گهر

بهترين تجربي لاءِ اپليڪيشن انسٽال ڪريو

ڪائونسلنگ (پھريون حصو)

ليکڪ: منظور ڪلهوڙو | پڙهڻ جو وقت: 14 منٽ

ڊپٽي ڪمشنر جي وسيع ۽ ڪشادي آفيس ۾ فيروز آرامده روالونگ چيئر تي ويٺي پنهنجي اڳيان پيل شاندار ٽيبل تي رکيل سنگ مر مر جي ويٽ پيپرس سان کيڏي رهيو آهي. ٻاهر سج اولهه طرف لڙڻ سان ئي ٿڌ واسو ڪري چڪي آهي. ڪرسيءَ جي ڀرسان گيس هيٽر هلي رهيو آهي.
فل سوٽ پهريل فيروز پاڻ کي اڄ ان ڊريس ۾ تنگ محسوس ڪيو. اڄ هن کي ڳچيءَ ۾ ٽاءِ سرڪڻ ڦاهيءَ وانگر محسوس ٿي . ڪالر جو بٽڻ کولي ٽاءِ کي ڍرو ڪري ڇڏيائين. گرمي ٿيڻ لڳس، ساڄو هٿ کڻي نرڙ تي رکيائين ته ٿڌ جي باوجود نرڙ پگهريل لڳس. ڪرسيءَ تان اٿي ڪوٽ لاهي هئنگر ۾ ٽنگيائين، وڏو ساهه کڻي جسم کي ڍرڪائي ڇڏيائين.
گهڙي کن آفيس ۾ چهل قدمي ڪندي سائيڊ ۾ رکيل صوفي تي پاڻ ڦٽو ڪندي اکيون ٻوٽي دماغ کي رليڪس موڊ ۾ آڻڻ ٿئي چاهيائين ته جيئن سڀ ڪجهه گهڙي کن لاءِ وساري سڪون حاصل ڪري سگهي.
اوچتو انٽر ڪام جي ڌيمي رنگ وڃڻ ۽ ريڊ لائيٽ ٻرڻ لڳي، فيروز ڪو به ريسپانس نه ڏنو. رنگ مسلسل وڃي رهي هئي، هن جا خيال منتشر منتشر هئا.جنهنڪري اڄ هن جي ذهن جي دنيا ۾ ڪا به حدبندي ۽ سرحد نه هئي ۽ نه وري هو اڄ پنهنجي آپي ۾ هو. رنگ ۽ لائيٽ هڪ لمحي لاءِ بند ٿي وري وڄڻ ۽ ٻرڻ لڳي، فيروز صوفي تي بي ست لڳو پيو هو. پر اندر ۾ اڻ تڻ ۽ آنڌ مانڌ هيس، بيچينيءَ وڻ ويڙهيءَ وانگر وڪوڙي ورتو هوس. بي ترتيب خيالن، ٽينشن ۽ اسٽريس ڪري دماغ سور سان ٻرڻ لڳس. اوچتو دروازي تي هلڪي انداز ۾ هڪ ٻه دفعا ناڪ ٿيو. فيروز صوفي تان ڪنڌ کڻي نظرون دروازي تي کپائي ڇڏيون، سندس پي اي جو چهرو نمودار ٿيو.
“سر انٽرڪام ته ٺيڪ ڪم پئي ڪري نه؟”، پي اي نماڻو انداز اختيار ڪندي ڊڄندي ڊڄندي پڇي ورتو.
“ها”، فيروز روايتي بيوروڪريٽڪ جواب ڏنو.
“سر مون سمجهيو ته انٽرڪام خراب ٿي پئي آهي، ان ڪري اوهان ڪال اٽينڊ نه پيا ڪيو”.
“ ڇو ؟”
“سر لائين تي ڊائريڪٽر انفارميشن آهي، ڪافي ڀيرا فون ڪيو اٿائون. چون پيا ڪو امپارٽنٽ ميٽر ڊسڪس ڪرڻو آهي، شايد ڪا ايمرجنسي انفارميشن آهي”.
فيروز پي اي کي گهوري ڏٺو، هن جي گهور جو عجيب و غريب تاب پي اي برداشت ڪري نه سگهيو. هن نظرون جهڪائي ڇڏيون، ڪنبندي چيائين،
“سر ڊائريڪٽر صاحب لائين تي آهي، مان هولڊ ڪرائي آيو آهيانس هاڻي جئين سائين جن جو حڪم ٿئي”.
“ملاءِ”. ساڳيو روايتي بيوروڪريٽڪ جواب
“جي سر.” پي اي دروازو کولي پنهنجي آفيس ڏانهن هليو ويو.
“جي ڊائريڪٽر صاحب؟”
“سر ٽيليويزن ڏسو پيا؟”
“نه، ڇو؟”
“سر چينلس تي بريڪنگ سلائيڊس پيون هلن، اڄ منجهند واري گڏجاڻي جي متعلق.”
“ڪنهن جي حوالي سان، ڇا منسٽر صاحب موقف ڏنو آهي؟”.
“نه نه سر ميڊيا وارن نيوز بريڪ ڪئي آهي، باقي منسٽر صاحب جو هن وقت تائين ڪو به موقف يا پريس نوٽ اشو نه ٿيو آهي.”
“پوءِ ڇا ڪجي؟”. فيروز بيزاريءَ مان ڊائريڪٽر کان پڇيو.
“سر ميڊيا اوهان سان ڪانٽيڪٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي، پليز انهن کي انٽرٽين نه ڪجو.آئون ڪوشش ڪيان ٿو ته اهو معاملو وڌيڪ هاءِ لائيٽ نه ٿئي.”
“ٺيڪ آهي.” روايتي جواب ڏئي فيروز رسيور رکي ڇڏيو،هڪدم انٽرڪام کڻي پي اي کي چيائين،
“ڪنهن به رپورٽر جي ڪال پاس نه ڪري ۽ نه ئي ڪا انفرميشن شيئر ڪري.”
بيل ڏنائين، نائڪ هڪدم اندر هليو آيو. ٽي وي آن ڪرڻ جو چئي رموٽ هٿ ۾ کڻي حڪم ڏنائين ته پي اي ۽ تو کان سواءِ ڪو به آفيس ۾ اندر نه اچي.
چينلس مٽائيندو، سلائيڊس پڙهندو رهيو. ٽيليويزن جو آواز گهٽ ڪري ڇڏيائين، تڏهن به گوڙ محسوس ڪيائين. بيقراري ۽ بي چينيءَ وچان واليم ميوٽ ڪري ٽي وي آڏو رکيل صوفي تي تي ڍرڪي پيو. نظرون ٽي وي اسڪرين تي کتل هيس پر ذهن جي اسڪرين تي اڄ منجهند واري ڊسٽرڪٽ ڊويلپمينٽ ڪاميٽي(ڊي ڊي سي) جي گڏجاڻيءَ واري فلم هلي رهي هيس ته ڪيئن نه اڄ هن ڀريل ميٽنگ ۾ ضلعي جي سمورن عملدارن اڳيان منسٽر جي اڪثر ڊويلپمينٽ اسڪيمن کي رد ڪندي ان جي خلاف کلي ڳالهايو ۽ موٽ ۾ منسٽر ڪيئن مٺيون ڀڪوڙي ڏند ڪرٽي هن جي خلاف پنهنجي سموري ڪاوڙ سان ڳالهائي پنهنجو، عوام جو ۽ حڪومت جو دشمن قرار ڏئي اڌ ميٽنگ مان صدارتي ڪرسي ڇڏيون ڪاوڙ مان اٿيو هليو ويو ۽ ويندي ويندي هن کي سڀني جي سامهون چيون ويوته،“ڏسان ڪيئن تون هاڻي هن ضلعي ۾ وڌيڪ رهين ٿو.”
اوچتو پرسنل سيل فون جي رنگ ٽون وڃڻ لڳس، رنگ ٽون مان ئي سمجهي ويو ته سندس گهرواري شيرين جي فون آهي. اها رنگ ٽون ان جي ئي نمبر تي سيٽ ٿيل هيس.
“تون ڪٿي آهين فيروز؟”
“آفيس ۾ آهيان”.
“هي ڇا پيو هلي چينلس تي؟”
“ڇا؟”
“سمورن چينلس تي بريڪنگ سلائيڊس پيون هلن، تنهنجي ۽ منسٽر صاحب جي اڄوڪي ميٽنگ ۾ ٿيل جهيڙي جون. ڇا اهو سچ آهي؟”
“......”
مون کي ته ڊيڊي ڪال ڪري ٽي وي ڏسڻ لاءِ چيو.”شيرين ڳالهائيندي پئي وئي.
“......”
ڊيڊي به ڏاڍو پريشان هو. مون کي ته ڪلب مان به ڪالون آيون آهن، فيروز”.
شيرين لانڍ سان ڳالهائيندي پئي وئي ۽ پريشاني ان جي لهجي مان جهلڪي رهي هئي.
“مان گهر اچان ٿو شيرين، توکي سڀ ڪجهه ٻڌايان ٿو . ڪا ڳالهه نه آهي، تون پريشان نه ٿي.”
“مان پريشان نه ٿيندس ته ٻيو ڪير ٿيندو. تون جلدي گهر اچ.”
********انٽرڪام جي رنگ ۽ لائيٽ آن ٿيون ته ساڳئي وقت سيل فون جي رنگ وڃڻ لڳس، دماغ ۾ درد واسو ڪري ويس.ٽينشن جي شدت ۾ اڃان وڌيڪ اضافو ٿيس. ندامت جي احساس، شرمندگي ۽ ايڪسپلينيشنس جي عذاب جي ڀوڳنا جي شروعات هاڻي کان ئي محسوس ڪيائين. اٿي انٽرڪام کنيائين.
“سر، صحافين جون ڪالون پيون اچن، سڀني کي چيو آهي ته صاحب بزي آهن. هڪ ٻن ايم پي ايز جون به ڪالون آيون آهن. ڪراچي سيڪريٽريٽ ۽ مختلف ضلعن مان اوهان جي دوستن جون به ڪالون پيون اچن.”
“ ٺيڪ آهي ڪنهن جي به ڪال پاس نه ڪر، گاڏي لڳراءِ مان هائوس تي پيو وڃان.”
انٽرڪام جو ريسيور رکي،اڌرس نمبر جي سيل فون آف ڪري ڇڏيائين. نائڪ اندر آيو ۽ اچي سامان کڻڻ لڳو. فيروز هينگر ۾ ٽنگيل ڪوٽ لاهي هٿ ۾ کڻي رف انداز سان آفيس مان نڪري گاڏيءَ ۾ ويهي گهر طرف روانو ٿيو.
ٻاهر سج لهي چڪو هو، رات جي اونداهيءَ پنهنجا پر پکيڙي ڇڏيا هئا. ٿڌ جي ڪري جسم ما سيسراٽ نڪري ويس.
**********
“تنهنجو ڇا وڃي فيروز. تون پنهنجي ڊيوٽي ڪر .” ڊپٽي ڪمشنر هائوس جي ڊرائينگ روم ۾ شيرين رڙ ڪندي ٻانهون ڦهلائيندي چيو.
“منهنجو ڇا وڃي؟ ڏاڍي عجيب ڳالهه پئي ڪرين مان پنهنجي ڊيوٽي ڪرڻ ته چاهيان ٿو، جيڪا مون کي ڪرڻ نه پئي ڏني وڃي.”
“......”
“شيري، سڀ ڊويلپمينٽ اسڪيمون بوگس ۽ گهوسٽ آهن. اهڙن هنڌن تي اسڪيمون پاس ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو وڃي ٿو جتي ڪا آبادي ۽ وسندي نه آهي، گورنمينٽ جا اربين روپياٻڏي ويندا. عوام کي ٽڪي جو به فائدو نه ٿيندو.
شيرين فيروز کي عجب وچان گهوريندي ان جي ڳالهه ٻڌندي رهي.
“مون سڀني اسڪيمن کي رد ڪرڻ جو نه چيو، پر انهن مان ڪجهه کي پاس ڪرڻ جو وزير صاحب کي ٻڌايم. پر هن جو ضد هو ته اڄ هن گڏجاڻيءَ ۾ سڀ اسڪيمون ائپروو ڪيو.انجنيئرس اڳ ئي مون کي انهن اسڪيمن متعلق بريف ڪيو هو. اڄ جڏهن موصوف وزير صاحب جو ميٽنگ ۾ موڊ ڏٺائون ته دٻيل انداز ۾ انهن به منهنجي حمايت ڪئي ۽ وري جو مون ڳالهايو ته وزير
صاحب جو موڊ ويتر خراب ٿي ويو، هن اوور ريئڪٽ ڪيو.”
“مان ان جي ڌمڪي ۽ توهين آميز رويي جي باوجود به خاموشي اختيار ڪري نارمل رهيس.”
“فيروز تون ان کي نارمل انداز ٿو چوين، نيوز بليٽينس ڏٺيون اٿئي، تو جيڪا ميٽنگ ۾ تقرير ڪئي ان جا حوالا ڏنا پيا وڃن. اڃا ته شڪر آهي جو گڏجاڻي جا فوٽيجز نه آهن ۽ تون اهو ٻڌاءِ فيروز تنهنجي ڪريئر ۾ اهو پهريون دفعو ائين پيو ٿئي جو اهڙين اسڪيمن پاس ڪرڻ لاءِ تو کي پريشرائيز ڪيوپيو وڃي. اهو ته ٿيندو رهيو آهي، هو انهن حلقن جا عوامي نمائندا آهن ، هو جتي چاهين اسڪيمون ڏين، پوءِ اعتراض ڇو فيروز؟”
“شيري پليز، مون کي انڊر اسٽينڊ ڪر. هي نسورو ناحق پيو ٿئي.”
“او فيروز ، بس ڪر، گهڻو تماشو ڪيو تو.”
“تماشو مون ڪيو؟” فيروز وائڙو ٿيندي چيو.
“مون کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي فيروز، هي ڪڏهن ڪڏهن تو کي ڇا ٿي وڃي ٿو. توسان ڪو نفسياتي پرابلم آهي. ڪڏهن ڪڏهن تون پنهنجي انا هٿان ايترو ته مجبور ٿي وڃين ٿو جو ڪنهن جي به پرواهه نه ٿو ڪرين سڀ ڪجهه تباهه برباد ڪري ڇڏين ٿو.”
“......”
“اڄ ڏس پاڻ کي ، تون ائين پيو فيل ڪرين ڄڻ تون وڏو ايماندار آفيسر آهين ۽ تو ڪڏهن به ڪو گناهه جو ڪم ناهي ڪيو.”
“......”
“مسٽر فيروز ، حقيقت پسند ٿي ، تو کي جنهن ڪم لاءِ چيو پيو وڃي اهو تون پهريون دفعو نه پيو ڪرين. تو اڳ ۾ ئي اهڙا بيشمار ڪم ڪيا آهن. پر بيوروڪريٽ واري انا تنهنجي نفسياتي ڪمزوري بڻجي پئي آهي جو سال کن کان پوءِ تون اهڙو تماشو ضرور ڪندو آهين.”
فيروز خاموش رهيو ۽ شيرين جي چهري کي تڪيندو رهيو. ڳچيءِ مان ٽاءِ لاهي ڦٽي ڪيائين، شرٽ جا ٻه اڳيان بٽڻ ۽ ڪفلنگ کولي ڇڏيائين.
“تون ڳالهائين ڇو نه ٿو فيروز؟”. شيرين پڇيو.
“مان ڇا ڳالهايان شيري ، تو هميشه جيان اڄ به سڀ ڪجهه ڳالهائي ڇڏيو. پر اڄ وڌيڪ اضافو ڪري ڇڏئي ته مون سان نفسياتي پرابلم آهي.”اهو چوندي ڪنڌ جهڪائي ٻئي ٻانهون گوڏن تي رکي ٻنهي هٿن سان دماغ کي پڪڙي سور جي شدت کي محسوس ڪيائين.
“الائي ڇا ڏٺو ڊيڊي تو ۾ نه ته تنهنجي بئچ ۾ ته ٻيا به ڪيترائي ڊي ايم جي گروپ ۾ ڪامياب ٿيا هئا، بس منهنجو نصيب.” شيرين اڳ کان وڌيڪ رڙ ڪندي فيروز کي چئي ڏنو.
فيروز ڪنڌ کڻي شيرين ڏانهن نهاريو .
“ڇا پيو ڏسين ؟ سچ ٿي چوانءِ. تون ايماندارنه آهين ۽ نه وري کير جو ڌوتل! تون به ٻين جيان ڪرپٽ آهين، تو وٽ نا جائز دولت آهي. پيٽرول پمپ ۽ سي ان جيز آهن. تنهنجا ٻار مڊل ڪلاس ۾ هوندي يو ڪي ۾ پڙهن پيا ۽ هيءَ تون جيڪا شاهي زندگي پيو گذارين اها تنهنجي 18 گريڊ واري نوڪريءَ جي پگهار مان هر گز گذري نه ٿي سگهي. هي ڪراچي ڊفينس ۾ بنگلو، ڪلفٽن ۾ فليٽ، هي نئين نئين ماڊلز جون گاڏيون....، تنهنجي مالڪن ۽ ڀائرن کي ماهوار امدادون.......، اهو سڀ ڪجهه تنهنجي پگهار مان
ادا ٿين ٿا؟”
“......”
هي جو تون ٻن ٽن سالن کان پوءِ اسٽيٽس جا ٽوئر ٿو ڪرين، اها عياشي تنهنجي سيلري افورڊ ڪري سگهي ٿي؟”
“......”
“فيروز ڳالهاءِ چپ ڇو آهين؟ ٻڌاءِ ته انشورنس پاليسيون تنهنجي پگهار مان هر سال پي ٿين ٿيون. هي جو تو نئوان پيٽرول پمپ ۽ سي اين جيز جا پراجيڪٽ اسٽارٽ ڪيا آهن اهي تنهنجي ٽي اي ڊي اي مان ٺهي تيار ٿيندا؟”
“........”
“فيروز تنهنجي پگهار ته تنهنجن چئن بهتر فل سوٽس ۾ ئي ختم ٿي ويندي، پوءِ به ايڏو ايماندار....، حق نا حق ...ظلم ۽ نا انصافيءَ جو ڀوت تو تي سوار ڇو ٿو ٿي وڃي؟”
“تو کي ته هاڻي احساس ڪرڻ گهرجي ته ڊيڊي هاڻي سيڪريٽري ناهي رهيو، هو رٽائرڊ ٿي ويو آهي ۽ رٽائرڊ بيوروڪريٽ جي ڇا وڃي حثيت رهندي آهي اهو توکي احساس تڏهن ٿيندو جڏهن تون پاڻ رٽائرڊ ٿيندين.”
“ادا ويچارو اڃان ايڊيشنل سيڪريٽري آهي. تسليم جو مڙس سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ سال کان وٺي رپورٽ ڪرايو ويو آهي ۽ تون آهين جو ويٺو تماشا پيو ڪرين؟”
“......”
“فيروز اسان جا ٻار ٻاهر آهن، هزارين ڊالرس ساليانو انهن جا خرچ آهن. اڃان انهن کي اتي سالن جا سال پڙهڻو آهي. پيٽرول پمپ ۽ سي اين جيز جا منصوبا اڌورا پيا آهن. حيدرآباد وارو بنگلو انڊر ڪنسٽرڪشن آهي، فارم هائوس کي جديد بڻائڻو آهي. توکي مئنيجمينٽ ڪورس تي وڃڻو آهي، تنهنجو اڃان ڪيرئير پيو آهي. تون سڀاڻي جو سيڪريٽري آهين. منهنجو خواب آهي ته تون ايڊيشنل چيف سيڪريٽري، وفاقي سيڪريٽري يا چيف سيڪريٽري ٿي رٽائر ڪر، پر تون آهين جو پنهجي انا هٿان شڪست کائي ٿو وڃين.”
“.......”
“ٿورو سوچ فيروز، هي منسٽر سڀ پاور فل آهن، اسيمبلي ۾ انهن جي اڪثريت آهي . هو پنهنجن حلقن جا بي تاج بادشاهه آهن. انهن وٽ پئسو آهي، پاور آهي، پٺ آهي. تو جهڙن بيوروڪريٽس جون انهن جي دروازن تي قطارون لڳيون پيون آهن، جيڪي پوسٽنگس لاءِ پئسا به ڏين ٿا ته ايلاز به ڪن ٿا ۽ واعدا به ڪن ٿا ته هر ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. رڳو پوسٽنگ وٺرائي ڏيو.”
“......”
“پاڻ واري دوست شاهنواز کي ڏٺو اٿئي جنهن کي تون گروڇڙو گروڇڙو چئي چيڙائيندو آهين، جنهن تي تنهنجي اک به نه ٻڏندي آهي اهو ڪٿان کان وڃي ڪٿي پهتو آهي. جنهن به ضلعي ۾ ڊپٽي ڪمشنر مقرر ٿئي ٿو اتان جي حڪمرانن جي اکين جو تارو بڻجي رهي ٿو.”
“.......”
پر اڄ پاڻ کي ڏس فيروز، جنهن منسٽر سان تون اڄ وڙهيو آهين اهو ڪيڏو نه با اثر آهي . هو پاڻ منسٽر، هڪ ڀاءُ ايم اين اي، ٻيو ڀاءُ ايس ايس پي. هڪ سوءُٽ ايم پي اي، ٻيو ڪزن سينيٽر. تون پڄي سگهندين انهن سان؟ سڀاڻي ڏسي وٺجاءِ پنهنجي رويي جو نتيجو. صبح سان ئي اچي فيڪس پهچندئي ته ايس. اينڊ. جي. ڊي. اي ۾ رپورٽ ڪر. پوءِ ڪير ڪرائيندو تنهنجي
پوسٽنگ؟ پوءِ ڪٿان ڪمپليٽ ٿيندا اهي پراجيڪٽ؟ ڪٿان ايندا ڊالرس جو ٻارن جي پڙهائين جا خرچ پورا ٿيندا؟”
“ خدا جي واسطي خاموش ٿي شيري،منهنجو سور وچان دماغ ٿو ڦاٽي. پليز مون کي اڪيلو ڇڏي ڏي .”
“ مان چريو آهيان، بيوقوف آهيان. انا پرست آهيان، ڪرپٽ آهيان. نا اهل آهيان، مس فٽ آهيان.” فيروز رڙيون ڪرڻ لڳو.
“ اچي وئين نه پنهنجي ٿرڊ ڪلاس مينٽلٽي واري رڳ تي؟ فيروز، چوانءِ ٿي رڙيون نه ڪر.” شيرين به فيروز وانگر رڙيون ڪندي فيروز کي خاموش ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندي چيو،
“۽ جڏهن تون رڙيون ڪرين ٿي اتي توکي ڪجهه به نه ٿو ٿئي. ڇو ته تون اپر ڪلاس جي اهين ۽ مان ٿرڊ ريٽ مڊل ڪلاسي آهيان.”
“ ها، ها تون مڊل ڪلاسي آهين، تنهنجو سڀاءُ ئي مڊل ڪلاس وارو آهي. تون ڪڏهن به اسان جي ڪلاس ۾ داخل ٿي نه ٿو سگهين. تو ۾ اهي گٽس ۽ ڪئپسٽي ئي نه آهي جو منهنجي ڪلاس ۾ پاڻ کي ائبسارو ڪري سگهين.”
“مون کي خبر آهي شيري، تنهنجي ڪلاس جي روين، بهيو، ائٽيٽيوڊ جي. اڙي تو کي پنهنجي ڪلاس ۾ زندهه رهڻ ۽ عياشيون ڪرڻ لاءِ مون جهڙي ٿرڊ ڪلاس مڊل ڪلاسي مينٽلٽي رکندڙ سهاري جي ضرورت آهي.”
“شيرين بيگم، ڪن کولي ٻڌ مون توکي چيو هو ته اٺين ڪلاس جي ٻارن کي يوڪي موڪل. پنجويهه پنجويهه هزار ڊالرس ساليانو فيس جي مد ۾ ڀر.پر اها ته تون ئي هئين جنهن کي اسٽيٽس شو ڪرڻو هو. ڪلب ۾ صدارتون، مهمان خاص جون ڪرسيون سنڀالڻيون هيون ۽ پارٽيون اٽينڊ ڪرڻيون هيون. سير سپاٽا ڪرڻا هئا. جنهنڪري ٻارن مان جند ڇڏائڻ لاءِ فارين بورڊنگ ايجوڪيشن جي بهاني کان وڌيڪ ڪو ٻيو بهتر بهانو ٿي نه پئي سگهيو؟ مون تو کي چيو هو ته پئٽرول پمپ ۽ سي اين جيز خريد ڪر، يا نوان پراجيڪٽ اسٽارٽ ڪر. پر اها تون ئي هئين جنهن کي بيوروڪريٽس جي سائيڊ پزنس جا قصا ٻڌائڻ کان واند ڪائي ئي نه هوندي هئي. مون ڪڏهن چاهيو هو ته مون کي ڊفينس ۾ بنگلو هجي ۽ ڪلفٽن ۾ فليٽ هجي. ٻڌاءِ مون کي مان ڪڏهن استعمال ڪندو آهيان تنهنجون جي ايل آءِ ۽ ويگو وينس. مون ڪڏهن چيو هو ته يورپ ۽ اسٽيٽس جا ٽوئر ڪيون؟ پر تون پنهنجي ڀاءُ ۽ ڀاڄائي جي فارين ٽرپس ۽ ٽوئرس کي ياد ڪري ڏينهن رات جهيڙا ۽ موڊ آف ڇو ڪندي هئين.”
ٻڌاءِ منهنجي هڪ به انشورنس پاليسي آهي؟ ٻڌاءِ اسلام آ باد، ڪراچي ۽ لاهور جي بوتيڪس تان ڳرا ڳرا بل ڪنهن جا ايندا آهن. ڪنهن وٽ ڪريڊٽ ڪارڊس آهن ۽ ڪير ڊيبٽ ڪارڊس جو ستياناس ڪندو آهي؟ پوءِ به مان ٿرڊ ڪلاس.....مڊل ڪلاس مينٽليٽي رکندڙ آهيان. اڄ مان نفسياتي مريض ٺهرايو ويو آهيان، ڪرپٽ سڏيو ويو آهيان. نا اهل چيو ويو آهيان، مسز شيرين!؟”
“او اسٽاپ اٽ فيروز، اٽس ٽو مچ نائو.”
“سچ ٻڌڻ تي تو کي به ڪاوڙ ٿي لڳي منسٽر جيان شيرين.”
“بند ڪر اهي پنهنجا واهيات طعنا فيروز. منهنجو ڊيڊي سيڪريٽري رٽائرڊ آهي، مون ننڌپڻ کان جواني تائين ان ڊي سي هائوسز ۽ سيڪريٽري هومس ۾ شاهاڻي انداز سان زندگي بسر ڪئي آهي. تون پنهنجو فڪر ڪر.” شيرين جي رڙ دوران هائوس جو آپريٽر فيروز کي ٻڌائڻ آيو،
“سر لائين تي ڪمشنر صاحب آهي.”
شيرين ڪاوڙ مان تڪڙي تڪڙي ڊرائنگ روم مان نڪرندي فيروز کي چوندي وئي ،
“پاڻ تي به ماڻهو کلائيي ۽ مون کي به جڳ ۾ ڏٺو ڪيئه، هاڻ ڀوڳ ويٺو.”

جاري آھي....
ٻيو حصو پڙهو
ڪائونسلنگ (ٻيون حصو) - منظور ڪلهوڙو