App Icon

ڪهاڻي گهر

بهترين تجربي لاءِ اپليڪيشن انسٽال ڪريو

ڪائونسلنگ (ٻيون حصو)

ليکڪ: منظور ڪلهوڙو | پڙهڻ جو وقت: 10 منٽ

ڪائونسلنگ (پھريون حصو) - پڙھڻ لاءِ ٽڙڪ ڪريو

رات جا ڏهه ٿي ويا. فيروز ڪپڙا تبديل ڪري نائيٽ ڊريس ۽ گرم گائون پائي بيڊ روم ۾ ويٺو هو ته ملازم ڊنر ڪرڻ جو معلوم ڪيس، پر انڪار ڪيائين ته فلحال بک نه آهي . بيڊ جي اسٽول تي پيل سيل فون تي رنگ آيس، سيل فون تي نسرين جو نالو ۽ نمبر ڏسي هڪدم ڪال اٽينڊ ڪيائين.
نسرين يونيورسٽي ۾ ساڻس گڏ پڙهي هئي. فيروز سي ايس ايس ڪري سول سروس جوائن ڪئي ۽ نسرين پاس آئوٽ ڪرڻ کان پوءِ ميڊيا اسٽڊيز ۾ ڊپلوما ڪري پريٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي وڏي گروپ کي جوائن ڪري ورتو هو.
“ها ڊي سي صاحب، اڄ ته اوهان هيڊ لائينز ۾ آهيو ، وڌا پاور پيا ايڪسرسائيز ڪيو. منسٽر به اوهان جي زير عتاب آهن.”
نسرين رليڪس موڊ ۾ هئي، پر فيروز جي گفتگو جو لهجو ۽ انداز ٻڌي حيران، پريشان ۽ سنجيده ٿي وئي. فيروز به اندر جو اوٻر ڪڍي اڄ منسٽر سان ميٽنگ، شيرين سان ٿيل سخت جهيڙي ۽ پريشاني جي متعلق سڀ ڪجهه هميشه جيان نسرين سان شيئر ڪري ڇڏيو. اها نسرين ئي هئي جنهن سان فيروز گهڻو ڪجهه شيئر ڪندو هو ۽ ان جي صلاحن تي عمل پڻ ڪندو هو.
“فيروز تون پريشان نه ٿي، آءُ ڏسان ٿي سي ايم هائوس، ايس .اينڊ .جي. ڊي .اي ۽ چيف سيڪريٽري آفيس ۾ ڪهڙي چرپر آهي. باقي شيرين کي تون پاڻ هينڊل ڪر. فلحال ميڊيا سان ڪانٽيڪٽ ڪرڻ جي ضرورت نه آهي. جڏهن منسٽر ڪجهه ڪيو ته پوءِ صلاح ڪري آئون ان اشوءَ کي کڻنديس.”
“نسرين، مان هاڻي خاموش نه ويهندس، مان پنهنجي مستقبل سان به کيڏي ويندس پر ان منسٽر کي هرگز هرگز نه ڇڏيندس. مان ان کي ايڪسپوز نه ڪيو ته منهجو نالو مٽائي ڇڏجاءِ.”
“اوڪي فيروز، رليڪس فلحال هي وقت نه آهي اهڙين ڳالهين ڪرڻ جو ، ٺيڪ آ مان ڏسان ٿي پوءِ رابطو ڪيانءِ ٿي.”
فيروز کي ياد آيو ته سي ايس ايس ڪرڻ کان پوءِ نسرين هن جي آڏو ڪيڏو نه اسرار ڪيو هو ته مون سان شادي ڪر ، اسين هڪٻئي کي انڊراسٽينڊ ڪيون ٿا. پر فيروز ان کي سٺو دوست ٿي رهڻ جو چئي نسرين جي خواهشن جو قتل عام ڪري سيڪريٽري سروسز جي ڌيءُ شيرين سان شادي ڪئي. پر نسرين فيروز جي چوڻ مطابق هميشه ان جي سٺي دوست رهندي پئي آئي، پر شيرين سان نسرين جي ڪڏهن به نه پئي.
سيل فون جي رنگ وڳي پريان نسرين هئي.
“تنهنجو اندازو درست نڪتو فيروز، پاور ان حڪمرانن کي انڌو ڪري ڇڏيو آهي. ڪا به گورنس نه رهي آهي، سي ايم تو کي رپورٽ ڪرائڻ لاءِ ڊئريڪٽوز پيو جاري ڪري ، سڀاڻي چيف سيڪريٽري ۽ ايس اينڊ جي ڊي اي مان ائپرول ٿي ويندي.”
“ڪو الزام هنيو اٿائون نسرين؟”
“نه نه صرف رپورٽ ڪرائڻ لاءِ چيواٿائين.”
“ڪٿان ڪنفرم ٿيو نسرين؟”
“سيڪريٽري ٽو سي ايم، پر چيائين سيڪريٽ.”
“ٿينڪ يو نسرين.”
“ڪا ڳالهه نه آهي فيروز، هاڻي تون آرام ڪر . سڀاڻي ڀل ڪاروائي ٿي بيهي پوءِ پاڻ ان تي ڊسڪس ڪنداسين.”
“او ڪي نسرين.” فيروز مايوسيءَ وچان چيو.
“ها ٻڌ فيروز شيرين ڪٿي آهي؟

فيروز ٿڌو ساهه ڀريندي چيو،“ گهر نه آهي شايد ڪلب هلي وئي آهي.”
“اڄ به؟”
“ها نسرين اڄ به . ڪٿي شيرين، ڪٿي آئون. هوءَ اپر ڪلاس، آئون ٿرڊ ڪلاس مڊل ڪلاسي.” فيروز نسرين کان بنا موڪلائڻ جي ڪال ڊسڪنيڪٽ ڪري ڇڏي.
بيڊ روم جون بتيون وسائي فيروز سمهي پيو. پر ننڊ اڄ هن کان ڪوهين ڏور هئي، اڪيلائي پريشاني، بي عزتي جو احساس، شيرين جو رويو،طعنا ۽ مهڻا، رڙيون،گوڙ ۽ شور هن جو سڪون ڦٽائي ڇڏيو هو. هو بيڊ تي پا سا ورائيندو رهيو، ذهني ڪوفت ۾ مڪمل طور جڪڙجي چڪو هو. ايس. اينڊ . جي . ڊي . اي ۾ رپورٽ جا سين، او ايس ڊي آفيسرن جا حال، سيڪريٽري ۽ چيف سيڪريٽري اڳيان پيشيءَ جا منظر هاڻي ئي فيروز جي اکين اندر هلڻ شروع ٿي ويا.
ٻاهر قهر جي ٿڌ هئي، پر هو گرميءَ جي وڏي پد ۾ ورتل هو. مٿو چڪرائجڻ لڳس، درد وچان هلڪي دانهن نڪري ويس. اڪيلائي ۽ خاموشي ڳهي رهي هيس ته اوچتو سيل فون جي ٽون وڳي ، ٽيبل ليمپ آن ڪر روشني ڪيائين. سيل فون تي نسرين جو نالو ۽ نمبر آيو، هڪدم ڪال اٽينڊ ڪيائين.
“فيروز ٽي. وي آن ڪر جلدي.”
اٿي تڪڙ تڪڙ ۾ ڊرائنگ رو۾ ۾ آيو ۽ ٽي.وي آن ڪيائين. منسٽر رات جو هڪ وڳي نيوز بليٽين ۾ لائيو انٽرويو ڏيندي چئي رهيو هو ته،
“ڊپٽي ڪمشنر فيروز صاحب ۽ منهنجا ڪي اختلاف نه آهن، ميڊيا جا ڪجهه دوست هروڀرو ڊي سي صاحب ۽ منهنجي وچ ۾ دوريون پيدا ڪرائي رهيا آهن. اسان جي ضلعي لاءِ جيترو فيروز صاحب ڪم ڪيو آهي تاريخ ۾ ٻئي ڪنهن به ڊپٽي ڪمشنر نه ڪيو آهي. جن ڊويلپمينٽ اسڪيمن جي ميڊيا جا دوست ڳالهه ڪن ٿا ، انهن اسڪيمن تي اسان جا ڪي به اختلاف نه آهن. فيروز صاحب ته اڃان مون اڳيان ٽريو پڪچر پيش ڪئي آهي. مان ان اسڪيمن تي نظرثاني لاءِ فيروز صاحب سان اڳواٽ ئي اتفاق ڪري چڪو آهيان. مان واضع ٿو ڪيان ته مان ڊي سي صاحب کي ٽرانسفر ڪرائڻ جي ڪا به ڌمڪي نه ڏني آهي. فيروز صاحب جي اسان جي ضلعي کي اشد ضرورت آهي، هو ڪاڏي به نه پيو وڃي ۽ فيروز صاحب ئي اسان جي ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر رهندو.”
فيروز هڪو ٻڪو ٿي ويو، هن جي سمجهه ۾ ئي نه پئي آيو ته آخرڪار هي سڀ ڪجهه ڪيئن ممڪن ٿيو. ايڏو طاقتور ضدي وزير ڪيئن هن تي اڌ رات جو ايترو مهربان ٿيو جو پاڻ ميڊيا تي اچي سڀ ترديدون ڪر ڇڏيائين.
سيل فون تي نسرين هئي، هڪدم ڪال اٽينڊ ڪيائين.
“فيروز معجزو ٿي ويو. ان معجزي جو موجد ڪير آهي؟ فيروز ايڏي سرپرائيز؟” نسرين خوشيءَ ۽ حيرت وچان ڳالهائيندي پئي وئي.
فيروز هڪدم سڀني پريشانين مان پاڻ کي آجو محسوس ڪندي خوشيءَ سان ٽمٽار ٿيل لهجي ۾ نسرين سان ڳالهايو پئي ته اوچتو شيرين ڊرائنگ روم ۾ داخل ٿي ،
“ٺيڪ آهي پاڻ سڀاڻي وڌيڪ ڳالهائينداسين، رات به گهڻي ٿي وئي آهي. شيرين به اچي وئي آهي. چڳو موڪلاڻي نه آهي، سدائين گڏ، گڊ نائيٽ.” هن سيل فون ڊائينگ ٽيبل تي رکي ڇڏيو.
*******************
“رحمت هي وٺ جلدي ڪر ماني ٽيبل تي لڳراءِ، ڏاڍي بک لڳي آهي وقت به گهڻو ٿي ويو آهي صاحب به ماني نه کاڌي هوندي.
اڄ انتظار ڪري صاحب جي پسنديدهه ڊشز تيار ڪرائي آئي آهيان، جلدي کڻي اچ ته کائون.” شيرين شاپنگ بيگس ملازمه رحمت جي هٿ ۾ ڏيندي چيو،
“جي بيگم صاحبه اوهان ويهو آئون جلديءَ ۾ کڻي ٿي اچان.”
“ها رحمت ٻڌ، ڪجهه ميڻ بتيون به کڻي آ، ڪافي ڏينهن ٿي ويا آهن صاحب ۽ مون گڏجي ڪينڊل لائيٽ ڊنر نه ڪيو آهي اڄ ان روايت کي وري جياري ڊنر ڪيون.” شيرين فيروز ڏانهن نهاريندي چيو.
“جي بيگم صاحبه.” ائين چئي رحمت ڪچن ڏانهن هلي وئي.
“اچ ويهه.” شيرين هٿ کان وٺي فيروز کي ڊائينگ ٽيبل جي چئير تي ويهاريندي چيو.
“تو ڊنر نه ڪيو آنه ؟” شيرين پيار ڀرئي لهجي ۾ فيروز کان پڇندي چيو.
“نه .” فيروز پڻ ان ئي لهجي ۾ جواب ڏنو.
“1ڄ ته ٻاهر ڏاڍي ٿڌ آهي.” شيرين چيو.
“ها واقعي ئي اڄ ڏاڍي ٿڌ آهي ، جي سيءُ ٿئيي ٿو ته هيٽر هلايان؟” فيروز شيرين جي چهري تي پنهنجون پيار ڀريون نظرون کپائيندي چيو.
“نه نه تون ويهه رحمت اچي ته چوانس ٿي.”
ڊائينگ ٽيبل طعامن سان سجائي وئي، حال جون سموريون بتيون وسائي ميڻ بتيون روشن ڪيون ويون ۽ ملازمن کي موڪل ڏني وئي.
فيروز کي شيرين جي رويي ۾ تبديليءَ جو ٻيو سرپرائيز مليو نه ته شيرين رٺي ڄڻ جڳ رٺو. ڏينهن جا ڏينهن، مهينن جا مهينا ان کي پرچائڻ ۾ لڳي وينداهئا. ڀل کڻي ڏوهه شيرين جو هجي، پر پرچائو پوءِ به فيروز کي پوندو هو نه ته گهر جو آرام، سڪون حرام هوندو هو ۽ مٿان وري خاندان ۾ ڦشري ۽ شڪايتن جو ڊرامو قسطوار هلندو هو. پر اڄ قسمت جي ديوي فيروز تي مهربان هئي جو منسٽر جو مسئلو به حل ٿي ويو ۽ شيرين به خوش و خرم بلڪه فيروز جي ڪاڻ ڪڍي رهي هئي.
ڊنر ختم ٿيوشيرين فريش ٿيڻ ۽ چينج ڪرڻ جو چئي بيڊ روم ۾ هلي وئي. فيروز عادت مطابق هائوس جي لان ۾ ڊنر کان پوءِ پسار ڪري رهيو هو ته سيل فون جي رنگ وڳس، نئون نمبر هو اهو به پرسنل سيل فون تي، پسار ڪندي ڪال اٽينڊ ڪيائين،
“سائين ڊي سي صاحب. منسٽر صاحب سان ڳالهايو.” پريان آواز آيو
“منسٽر صاحب.” فيروز پڇيو.
“جي سائين اچي ڳالهايو.”
“هلو فيروز آرامي ته نه هيوءُ؟”
“نه نه سر،بس هاڻي سمهڻ وارو ئي هيس.”
ٻنهي طرفن کان ڪجهه لمحن لاءِ خاموشي رهي.
“سر اوهان جي مهرباني.” نيٺ فيروز ڳالهايو.
“خير آ فيروز، ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿي ويندو آهي.”
“ڏسو هاڻي پنهنجي دوستي پڪي آهي. اڄ جيڪڏهن اوهان جي مسز مون وٽ نه اچي ها ته پنهنجو ڏاڍو سخت جهيڙو ٿئي ها جنهن ۾ اسين ٻئي ڀوڳيون ها.” منسٽر جي واتان شيرين جو نالو ٻڌندي ئي فيروز جي دماغ مان ٺڪاءَ نڪري ويا.
“اوهان جي مسز پسند آئي.” منسٽر معني خيز جملو شرارتي انداز ۾ ڳالهايو.
“هوءَ ڏاڍي سياڻي ليڊي آهي. آخرڪار سياڻي ڇو نه هجي، هوءَ به هڪ ڪامياب بيوروڪريٽ جي ڌيءُ ۽ مستقبل جي ٻئي ڪامياب بيوروڪريٽ جي مسز آهي. ڪيئن فيروز؟” منسٽر جي اوچتي سوال تي فيروز ڇرڪي پيو،
“ جي سر اوهان ٺيڪ پيا چوءُ.”
“ها فيروز اوهان جي مسز “ڪائونسلنگ” جي ماهر آهي. ڇا ته ڪائونسلنگ ۾ ايڪسپرٽيز اٿس.”
“ڪائونسلنگ؟” فيروز ورجايو.
پريان منسٽر به ورجايو.“ ڪائونسلنگ”.
ان لفظ جي گونجار پويان منسٽر وٽ ويٺل ماڻهن جي زوردار ٽهڪن جا آواز هلڪي انداز ۾ فيروز جي ڪنن سان ٽڪرايا.
فيروز جو چهرو هيڊ هاڻو ٿي پيو، چپن ۽ هٿن ۾ رڦڻي اچي ويس.
“ها ته فيروز مون پئي چيو ته پنهنجو جهيڙو ختم، نائو وي آر فرينڊس. مون شيرين سان واعدو ڪيو آهي ته جيسيتائين اسان جي ضلعي جو ترقياتي پراجيڪٽ پورو نه ٿو ٿئي ان وقت تائين اوهان جي پوسٽنگ منهنجي ضلعي ۾ ئي رهندي ۽ پوءِ سي ايم کي چئي اسپيشل ڪيس طور اوهان کي مئينيجمينٽ ڪورس تي موڪليو ويندو. هاڻي ته خوش نه.....”
“ٿينڪ يو سر.”
“يو آر ويلڪم فيروز.” چئي منسٽر ڪال ڊسڪنيڪٽ ڪري ڇڏي.
جيئن منسٽر جي ڪال پوري ٿي ته ويٽنگ ڪال جي رنگ وڳي پريان نسرين هئي.
“فيروز اڃان جاڳين پيو. ها سائين هاڻي مبارڪون وصول ٿينديون هونديون، ڪير هو جنهن سان ايتري وقت کان وٺي پيو ڳالهائين.”
“منسٽر هو نسرين.”
“او فيروز آخر اهو رئيس ڪيئن ماريئه، ڪجهه اسان کي به ته پتو پوي.”
“نسرين زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪامياب انسان به غلط فيصلا ڪندا آهن.ائين مون کان به ڪو غلط فيصلو ٿي ويو هوندو. اڄ ان غلط فيصلي جا ثمرات هڪ ڪامياب بيوروڪريٽ جي صورت ۾ ملن ٿا. هاڻي خبر پئي ته ڪامياب بيوروڪريٽ ٿيڻ لاءِ بيوروڪريٽس جون گهرواريون رات جو 12 وڳي منسٽرس جون ڪائونسلنگ ڪن ٿيون ۽ موٽ ۾ پوسٽنگ ۽ مئينيجمينٽ ڪورس تي وڃڻ جا اعزاز ملن ٿا. غلط فيصلن جا فروٽ فل نتيجا ها ها ها....ها ها ها.”
“فيروز تون ڇا پيو چوين، منهنجي سمجهه ۾ ته ڪجهه به نه پيو اچي.”
“ايتري چري نسرين تون به نه آهين. اڄ کان پوءِ منهنجي زندگي وهه جو ڍڪ آهي جنهن جي سپ سپ مان پي جيئرو رهندس ۽ منهنجي ڪاميابيءَ جا جشن شيرين جو ڪلاس انجواءِ ڪندو رهندو. ها ها ها.... زندگيءَ جو وهه ....ها ها ها..... فيروز ٽهڪ ڏيندي ڪال ڪٽي ڇڏي.
اوچتو لان ۾ پٺيان فيروز کي شيرين ڀاڪر وڌو
“اچ جان اندر هلون ،ٻاهر ڏاڍي ٿڌ آهي بيمار نه ٿي پوين رات به ڪافي ٿي وئي آهي. مان ٿڪل به ڏاڍي آهيان پوءِ به دل چوي ٿي تو سان اڄ ضرور ڪائونسلنگ ڪيان. سڀاڻي توکي آفيس به وڃڻو آهي ۽ مون کي به ڪلب ۾ فيشن شو۾ مهمان خاص طور شريڪ ٿيڻو آهي.”
(ختم)
manzoorkalhoro2k16@gmail.com