App Icon

ڪهاڻي گهر

بهترين تجربي لاءِ اپليڪيشن انسٽال ڪريو

سيٺياڻي

ليکڪ: پروين موسيٰ ميمڻ | پڙهڻ جو وقت: 16 منٽ

جيئن ئي ماسي (ڪم واري) گهر ۾ گهڙي تہ منھنجي وڏي پٽ مون کي سڏ ڪيو. آئون هونئن ئي رڌڻي مان ٻاهر پئي آيس. ڪم واريءَ کي جو ڏٺم تہ دِلجاءِ ٿيم تہ هاڻي نيرن تيار ٿي ويندي. ڪجهہ ڏينھن کان ڪم لاءِ ڪو بہ ماڻھو نہ هجڻ ڪري صفا بيزار ٿي ويٺي هيس. رافع جي سڏ تي ٻاهر اچي چيومانس، ”پٽ ڇا آهي؟ رڙيون نہ ڪر، ڪم واري اچي وئي آهي. هاڻي بس جلدي نيرن تيار ٿي ويندي.“
”هيءَ ڪم واري آهي؟“ منھنجي پٽ جي اکين ۾ حيرت هئي سواليہ نظرن سان مون کي ڏسڻ لڳو.
”ها، اها ڪالھہ ڳالھائي وئي هئي، اڄ شڪر واعدي مطابق اچي وئي.“
هن ڊگهو ساھہ کڻندي چيو، ”مون تہ سمجهيو ڪا آنٽي توهان سان ملڻ آئي آهي، هيءَ ھھڙي ڪشميرڻ ڪٿان هٿ ٿي. اڳ ۾ تہ اهڙيون ڪاريون ڪوجهيون اصل غيباتون رکندي آهين. جو گرھہ ئي نڙيءَ مان ڪونہ لھندو آهي. هن انگريزياڻي حسينہ جي هٿ جي ماني تہ دِل ڀري کائينداسين، واھہ واھہ!!“
دڙڪا ڏنا مانس. ”شرم ڪر، تنھنجي وڏيءَ ڀيڻ جيتري آهي. ايئن ڪونہ چئبو آهي، شڪل صورت ﷲ تعاليٰ ڏئي ٿو، شل سيرت سٺي هجي. اڇي چمڙيءَ کي ڇا ڪبو، ايمان شل هجي.“
”اڙي امان! اهي ايمان جا ڊائيلاگ پاڻ وٽ رک. اسين تہ يقين ڪر بک مري ويا هئاسين.“
تيستائين شازيہ بہ اچي نيرن اڳيان رکي. رافع ڳالھيون تہ ٻيون پئي ڪيون، خبر ناهي مذاق مشڪريءَ ۾ يا ڇا، پر جيئن ئي شازيہ نيرن کڻي آڻي ڏنس ڏانهس نظر ڪونہ وڌائين. اک اڦراٽي ۽ بيضي ۾ هئس. هوءَ رڌڻي ۾ ويئي. مون کي ٻيھر چوڻ لڳو تہ: ”ڏس امان ماڻھو سھڻو سيبتو ۽ صاف سٿرو هوندو تہ ڪم بہ سٺو ڪندو. ڏس! نيرن ڪيتري سٺي ٺاهي اٿس، ڇا تہ اڦراٽو آهي؟ ۽ بيضو بہ پورو پڪل ۽ چانھن بہ ڪڙڪ. ان ڪري تہ چوندو آهيانءِ تہ ماڻھو ڪم لاءِ چست رک، جنازن کان پاسو ڪر.“
مون وري ڇڙٻ ڏني مانس تہ، ”گهڻو نہ ڳالھاءِ، چپ ڪري نيرن کاءُ.“
آچر ڏينھن گهر ۾ سڀ موجود هجن ٿا. ان ڪري منھنجو بہ شازيہ سان ڳالھائڻ ٻولھائڻ ڪونہ ٿيو، ٿورو ڪم سمجهائي ڇڏيو مانس هوءَ خوشدليءَ سان ڪندي رهي. ان ريت هفتو کن گذري ويو. نئون ماڻھو هن دور ۾ سوچي سمجهي رکڻو ٿو پوي. ڪم ڪار لاءِ عورتون تہ گهڻئي ملن ٿيون، بيروزگاري بہ ڏاڍي آهي، پر دِل کي سيبائڻ واريون ۽ سچيءَ دل سان ڪم ڪرڻ واريون تمام گهٽ ملنديون آهن. شازيہ مون کي هڏ ڏوکي لڳي، ٽوٽي اصل ڪانہ هئي، ڪم بہ دِل سان ڪندي هئي ۽ سمجهہ ۾ بہ سٺي هئڻ ڪري سڄو ڪم ڪار جلدي سمجهي وئي؛ ڪھڙي شيءِ فرج ۾ رکڻي آهي؟ ڇا فريزر ۾ رکڻو آهي؟ ڪيبنيٽ جي صفائي ڪيترن ڏينھن بعد ڪرڻي آهي؟ ڪاڪروچ اسپري ڪرڻ کان اڳ سامان ڪڍي رکڻو آهي، ڪچن جي پويان گهٽي بہ روز ڌوئڻي آهي تہ جيئن مڇر ۽ مکيون نہ ٿين. مطلب تہ رڌو پڪو، مھمانن جي خدمت سميت هر ڳالھہ هوءَ جلدي سمجهي وئي. آئون تہ ڄڻ بي فڪري ٿي ويس. الائي ڪھڙي نيڪي ڪئي هئم؟ جو ھھڙي سلڇڻي ۽ سيبتي مائي ڪم لاءِ ملي آهي؟ مون کي هِن جي پَڪَ سندس ئي مائٽياڻي رحيمان ڏني، جا کيس ڪم لاءِ ڳوٺان وٺي آئي هئي. رحيمان مون وٽ اڳ ۾ ڪجهہ مھينا ڪم ڪري وئي هئي. ماڻس کي ڪينسر ٿيڻ کانپوءِ ڪجهہ ڏينھن لاءِ ڳوٺ وئي هئي. جنھن جي ڪري پوءِ مون وري ٻي عورت رکي. رحيمان طبيعت ۾ سٺي هئڻ ڪري مون سندس چوڻ تي اعتبار ڪري شازيہ کي بہ بي ڌڙڪ رکي ڇڏيو. پندرنھن ڏينھن مَسَ کن گذريا تہ هڪ ڏينھن شازيہ روئيندي آئي.
”باجي! منھنجي ٻانھن ڀڳي آهي ڪم ڪري ڪونہ سگهنديس، ڪجهہ پئسا ڏيو تہ سول (سول اسپتال) ۾ وڃي ڏيکاريان.“
”پھرين تہ مون کي باجي نہ ادي چئو، مون سندس کي چيو. ۽ مون پندرهن ڏينھن جا پئسا ۽ گڏ ڪجهہ وڌيڪ علاج لاءِ ڏنا مانس. سندس جڳھہ تي ڪجهہ ڏينھن رحيمان ڪم ڪرڻ لڳي.
هوءَ چاڪ ٿي، ٽن هفتن ۾ آئي، پر فڪرمند ڏاڍي هئي، چيومانس: ”ڪا ڳالھہ ناهي، ڪم نٿو ٿي سگهي تہ خير آهي. تنھنجي ٻانھن هاڻي ڪيئن آهي؟“
” ادي! اها تہ پوري ڀڳي ڪانہ هئي، سير پئي هئي. پٽو چاڙهايو، هاڻي بلڪل ٺيڪ آهي. ٻانھن ڀڳيءَ کي ڇا ڪنديس منھنجي تہ دِل ئي ڀڄي پئي آهي!!“
”ڇو تنھنجي دِل کي وري ڇا ٿيو؟ ڪيتريون بيماريون ڳوٺان کڻي آئي آن؟“
مون کلندي چيو.
اکين مان لڙڪ لارون ڪري وهڻ لڳس.
آئون تہ هيڪاري پريشان ٿي ويس تہ ناحق مذاق ڪيم، هيءَ تہ ڪا گهڻي ڏکايل آهي.
”ڇو ڇو!! ڇا ٿيو؟ معاف ڪجان جي تنھنجي دِل ڏکي آهي.“
”نہ ادي توهان جو تہ ڪو ڏوھہ ڪونھي. آئون بہ توڪل جو ترهو ٻڌي ڳوٺان هتي آيس، پر هتي تہ حال هيڻا ۽ سورَ ٻيڻا ٿيندا پيا وڃن.“
وري پاڻيھي ڳالھائڻ لڳي، روئيندي روئيندي دِل هلڪي ڪندي چوڻ لڳي:
”آئون ڪا گهٽ ڪانہ هيس، ڇھن ڀيڻن ۾ سڀني کان سھڻي، هڏ هڻڻ واري، پر منھنجي ماءُ منھنجو قدر ڪونہ ڪيو، چئن ڀينرن جون شاديون سٺيون ٿي ويون، پوءِ امان بہ اچي ڪراڙي ٿي، چوي تہ، هاڻي هنن ٻنھي جو بار لاهيان. مون کان ننڍي ڀيڻ کي تہ سئوٽ پسند ڪندو هو، هن مائيٽي موڪلي سا سڀني کي پسند بہ هئي، باقي بچيس آئون سو ٻنھي جي شادي هڪڙي خرچ ۾ گڏ ڪرڻ جي چڪر ۾ امان کڻي ڪنھن جي چوڻ تي هڪ اڌڙوٽ سان مون کي پرڻايو. نہ ماءُ نہ پيءُ، نہ ڀائر نہ ڀيڻون، ماريو ننڌڻڪو هو، نہ گهر نہ گهاٽ، بس هڪڙي نوڪري خاصي هيس تہ منھنجي ماءُ ۽ پيءُ جون اکيون ئي پورجي ويون، کڻي مون کي باھہ ۾ وڌائون. آئون ويھن سالن جي ۽ عبدالحق چاليھن کان بہ مٿي جو هو. ٻہ ٽي ڏينھن تہ ڏاڍا سٺا گذريا، چار پٽ بہ پيدا ٿيا. عبدالحق کي بلڊ پريشر ٿيو، ضدي ماڻھوءَ علاج نہ ڪرايو، نيٺ فالج ٿيس. پوءِ تہ هيڪاري اچي هنڌ تي پيو. ڳوٺن ۾ عورتن لاءِ ٻنيءَ تي ڪم ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو خاص ڪم آهي ڪونہ. آئون پوءِ رليون ٺاهي وڪڻندي هيس، محنت ايتري جو حساب ئي نہ هجي فقط ٻہ ٽي رپيا ملن. نيٺ اچي قرض چڙهيو، ڪَڪِ ٿي پيس، هاڻي جو مرد ماڻھو گهر ۾ ويٺو آهي سو بہ رڳو ڪِر ڪِر لايو وتي. گهر ۾ کائڻ لاءِ نہ هجي، هڪ ڇوڪرو بہ فوت ٿي ويو، ٻيو پاڙي ۾ خداڪارڻ ڏيئي ڇڏيم. هاڻي ٻہ ڇوڪرا وٺي رحيمان معرفت شھر آئي آهيان ڪمائڻ، پئسا تہ مون کي هتي خاصا ملن ٿا، ڳوٺ مڙس کي بہ ٿي موڪليان ۽ ڇوڪرن کي بہ ڏيان، پر هُن جي بہ ڪو خدمت ڪرڻ وارو ناهي. روز چورائي موڪلي تہ ’تون واپس اچ!‘ اُنھيءَ سڃ تي ڪيڏانھن وڃان. ماروٽ، ماسات اٿس، اهي کيس سنڀالين پيا. مون کي رحيمان بہ چوي ٿي تہ پنھنجا چار پئسا ٺاھہ. ڪالھہ وڏو پٽ وڙهي پيو تہ هل واپس ڳوٺ. ڇا ڪريان، سمجهہ ۾ ئي ڪجهہ ڪونہ ٿو اچيم اُتي تہ ’هٿ کنئي ڦڦڙ پيا ڏسجن‘ توهين پاڻ ٻڌايو؟ هن اوسر ۾ ڪير ڏئي وٺي ٿو؟“
”تون پنھنجا ڇوڪرا هتي اسڪول ۾ داخل ڪرائي ڇڏ، سڌري پوندا؟“
ڳنڀير موضوع تان سندس ڌيان هٽرائيندي اڳيان جي اميد ۽ آسري تي نئين صلاح ڏنيمانس.
”ادي، اهي وري پڙهي ڪھڙا اَڪَ ڪارا ڪندا. سڀاڳا پٽ پينگهي ۾ ئي پڌرا ٿا هجن. اهي بہ پڻھنس تي ويا آهن. ساڳيا پَرڪار اٿن. ڳوٺ ۾ پڻ ڦٽين تي پاڙي جي چاچي وَلوءَ جي معرفت موڪليندي هئس، پر سندن ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهہ. ڦري گهري واپس اچي ٿورو گهڻو ڪمائي، پاڻ ئي ئي خرچ ڪري ڇڏيندا هئا. مون تہ هنن ڪاڻ رحيمان کان مٿي ڪمرو بہ مسواڙ تي کنيو تہ ڀلي الڳ ٿلڳ هجون، ڪنھن جي ڪاڻ ڇا لاءِ ڪڍون، پر ڇورا ٽڪن ئي نٿا. چون تہ ابا وٽ ٿا وڃون. ڀلي وڃي سوڪون کائين اُتي وري ڪھڙي انھن جي لاءِ ڪُني ڍڪي پئي آهي.“
”چڱو تون دل نہ لاھہ تنھنجا هٿ سونا آهن، پاڻ ڪمائين ٿي.“
لڙڪ اگهي وري وڃي ويچاري ڪَمَ کي لڳي. وڌيڪ پئسا ڪمائڻ جي لاءِ ٻين گهرن جو بہ ڪم ڪرڻ لڳي تہ جيئن هتي ۽ هُتي ٻنھي هنڌن جي پورت ڪري. سندس ڪم جو گاڏو رڙهندو رهيو. آئون بہ بي فڪر ٿي ويٺي هيس، گهر جي ڪا بہ اون ڪونہ هيم، منھنجا ٻار بہ مطمئن ٿيا تہ امان ڪم جي فڪر کان ڇُٽي پئي آهي.
رحيمان سمجهي وئي تہ شازيہ وٽ روڪڙو گڏ ٿيئي پيو سو اچي اکين تي لالچ جي پٽي پيس، مڙس کي سبق پاڙهڻ لڳي تہ ”هن وٽ پئسا جام جمع ٿي ويا آهن ڇو نہ هن کان کڻي پاڻ رڪشو وٺون، جيڪا ڪمائي ٿيندي ان مان کيس واپس ڪندا اينداسين. پنھنجو بہ ڪم ٺھي ويندو تہ هن جا پئسا بہ محفوظ ٿي ويندا.“
هاڻي تہ شازيہ سوني ڪڪڙ ٿي وئي. سليمان بہ اچي پاسو ورتس؛ بھاني بھاني ادي ادي ڪري ساڻس ڳالھائڻ جي ڪندو هو. هونئن بہ شازيہ کي پنھنجي گهر ۾ رهائڻ جي موڪل بہ انھيءَ ڪري ڏني هئائين جو سندس وَرِ عبدالحق هِن جو پري جو مائٽ هو. سندن مالي حالتون تمام خراب ڏسي شازيہ کي اچڻ ڏنائين، جو ڏٺائين پئي تہ هتي رحيمان بہ صفائي، ڪپڙا ڌوئڻ، رڌو پڪو، استري ۽ ٻيا گهرو ڪم ڪري خاصا پئسا گهر ۾ آڻي ٿي ۽ چئن ٻارن کي اسڪول ۾ بہ پڙهائي پئي. باقي سندس تہ حال پورو هو. ريزڪي مانڊڻي هئس، پر اها ڪانہ هلي جو هر گهٽيءَ ۾ ٽي ٽي چار دوڪان هلن پيا. گهڻو پئسو هن وٽ بہ ڪونہ هو جو کڻي وڌيڪ وِکرَ دوڪان ۾ وجهي. ان ڪري آهستي آهستي اهو ننڍو دڪان ختم ٿي ويو هو، هاڻي بي روزگاري هئي، ڪڏهن ڪڏهن سوٽ جو رڪشو ڪاهي ڀاڙو ڪمائي ايندو هو، جنھن مان اڌ کيس ڏيندو هو ۽ اڌ پاڻ کڻندو هو. ان ريت پئي گاڏو هليو. پنھنجو رڪشو وٺڻ جي ڳالھہ تہ سندس هيانءُ تي ڇنڊو وجهي ڇڏيو. ڪيترن ڏينھن کان دِلي خواهش هئس تہ پنھنجو وٺان. رحيمان وري مُرليون وڄايس تہ تون رڳو ٿورو ٺھينس، وڌيڪ آئون پاڻيھي ٿي کيس پٽڙيءَ تي آڻيان.“
هو بہ سگريٽ دکائي دونھن ڪڍي مَنَ ئي مَنَ ۾ مُرڪڻ لڳو، هڪڙي ٽڪيٽ ۾ ٻہ مزا، مائي ۽ مال مفت پئي مليا.
ٻئي ڏينھن شازيہ جيئن ئي ڪم تان موٽي مٿي وئي، سليمان بہ وٽس وڃي اوڀاريون لھواريون ڪرڻ لڳو ۽ خوامخواه جون همدرديون ڪندي چيائين، ”تون اڪيلي جند آهين، مسواڙ ڇو ٿي ڀرين آئون پاڻيھي ڏيئي ڇڏيندس.“
شازيہ تہ خوش ٿي وئي. اهو ضرور سوچيائين تہ گهڻو ٿورو نہ کڻان باقي سندن گهر جو ڪم ڪار ڪيان تہ جيئن رحيمان کي بہ آرام ملي. هُن جي ٽنگن ۾ سور ٿو رهي گهڻا گهر ڪري نٿي سگهي، وري گهر جو ڪم اچي ڪري سو آئون ئي ڪري ڇڏيان. انھيءَ مسواڙ جي ٿوري لاهڻ لاءِ سندن سانجڻ جو ڪم هُن ڄڻ بنا چوڻ جي پاڻ تي کنيو. هاڻي تہ سليمان ٻئي ٽي ڏينھن مٿي ايندو هئس ۽ کيس پنھنجا ڪپڙا ڌوئڻ لاءِ ڏيئي ويندو هو تہ، ”تون سٺا ٿي ڌوئين، رحيمان چڱيان نٿي ڌوئي.“
ڪڏهن ڪڏهن کيس ڪا بازار جي شيءَ وٺي کارائيندو هو تہ ڪڏهن ڪو تحفو ڏيندو هو، چوندو ئي هئس ’سيٺياڻي‘ شازيہ سڄي خوش تہ منھنجي عزت ٿو رکي. هاڻي ڪا اها ويھن ورهين جي وهيءَ واري شازيہ ڪانہ هئي. هيءَ پاڻ ٽيھن سالن جي پڪي عورت، جنھن دنيا جو سرد گرم ڏٺو هو. سمجهي وئي تہ سليمان ساڻس ڇو ٿو ائين هلي، پر هو خود هن کي بہ وڻڻ لڳو جو سندو مڙس تہ سالن کان بيمار هو. جوان عورت هئي، کيس هنن جي گهر ۾ ڏاڍو مزو اچڻ لڳو. رنگ ئي نکري ويس. هيڏي پورهئي جي هوندي بہ ڄڻ ڳلن تي گلاب وکري ويا هجنس، ڪشميرياڻي تہ ڄڻ اڳيئي هئي، پر هاڻي تہ ويتر جو سينڌ سرمو ڪيائين تہ منجهائنس اک ئي ڪونہ نڪرندي هئي. سليمان بہ ’سيٺياڻي‘ ’سيٺياڻي‘
ڪندي ڪونہ ٿڪبو هو. هن بہ جيڪو الھو تلھہ هئس کيس رڪشو وٺڻ لاءِ ڏيئي ڇڏيو. رحيمان پئسا ملڻ ۽ رڪشو خريد ڪرڻ تائين تہ خوش هئي جو سازش ئي سندس سٽيل هئي، پر جڏهن سليمان چيو تہ آئون شازيہ سان نڪاح ٿو وجهان، تڏهن تہ سندس ’ٻہ بہ ويون تہ ڇھہ بہ ويون.‘ ليلان واريءَ ڪرت کانئس وَر تہ کسي ڇڏيو، ’پنھنجي وڍيءَ جو نہ ويڄ نہ طبيب‘ سو ’مٺي بہ ماٺ مٺي بہ ماٺ‘ ڪري پئي رنگ ڏٺائين. وٽس جوان اولاد هو، سوچيائين ويندو ڪيڏانھن؟ آخر تہ اولاد منھنجو آهي، ان تان هٿ ڪونہ کڻندو، ٻي ڳالھہ تہ رڪشي جي ڪمائي بہ کيس آڻي ڏيندو هو، چَپَ سبڻ ۾ ڀلو سمجهيائين، پر جڏهن بہ سليمان کي شازيہ تي گهڻو اڪن ڇڪن ڏسندي هئي تڏهن وَهَلور ضرور ويندي هئي، عورتاڻي فطرت تحت هڪ ڏينھن سليمان کي ڦيري ڏنائين تہ ”شازيہ جي بنگلي تي ويس هوءَ اُتي ڪم تي ڪانہ هئي، وري ٻئي هنڌ ويس اُتي بہ ڪانہ هئي، الائي ڪيڏانھن ويئي؟“
سليمان جو تہ مٿو ئي گهمي ويو. کيس شازيہ ۾ شڪ پوڻ لڳو، جيئن ئي گهر ۾ گهڙي تہ مٿانس وري ويو تہ، ”تون ڪاڏي ٿي وڃين؟ بنگلن تي ڪونہ آهين! پوءِ ڪٿي ڌوڙ پائڻ ٿي وڃين؟“
هوءَ جيئن ئي صفائي لاءِ ڳالھائي ٺڪاءُ جو کيس ڌڪ هنيائين تہ وڃي پري ڪري. هٿ ۾ چانھن جي لوهي ڇارڻي هئس اُمالڪ اها اڇلي مٿي ۾ هنيائين جا نڪ ۾ لڳيس نَڪَ مان اچي رت وهيو. پوءِ تہ شازيہ بخيل ٿي وئي. کيس بہ گهڻئي لفظ چيائين. سڌي روئيندي مون وٽ آئي، سربستي مٿئين ڳالھہ ڪيائين.
روئيندي چوڻ لڳي، ” ادي ڪجهہ پئسا ڏئي تہ ڳوٺ وڃان. هنن مردارن وٽ ڪونہ رهنديس، ٻار وٺي ٿي اچان، الڳ گهر ڪري رهنديس.“
مون کيس پئسا ڏنا.
مون کي تسلي ڏيندي، چيائين، ”واپس ضرور اينديس ۽ توهان وٽ ئي اينديس. ڳوٺ ۾ تہ سڃ پئي واڪا ڪري. روزگار آهي ڪونہ، پر في الحال هتان وڃان ٿي.“
ٻئي ڏينھن ڏسان تہ شازيہ ساڳئي وقت کان اڳ کلندي ڪڏندي پئي اچي. آئون عجب مان کيس ڏسڻ لڳيس. هن جي ڪاوڙ ۽ تڙي تہ ڄڻ هوائي هئي، پر ڪجهہ بہ ڪونہ پڇيومانس. پاڻ ئي چوڻ لڳي.
” ادي سليمان مون کي سامان ۾ هٿ ئي نہ وجهڻ ڏئي. اصل منھنجي پيرن ۾ ڪري پيو. چوي تون منھنجي راڻي آهين، سيٺياڻي آهين. مون کان تنھنجي لاءِ ڪا بہ غلط ڳالھہ برداشت نٿي ٿئي. مون کي مٺي آهين، مون کي معاف ڪر. روئي پيو.“
شازيہ جي ڳالھہ ٻڌي مون کيس ايترو چيو تہ، ”شازيہ، مون کي سمجهہ ۾ نٿو اچي تہ هُو توتي ايترو حق ڇو ٿو جتائي، نہ تون هن جي زال آهين؟ نڪا ويجهي مٽ؟“
” ادي! مِٽَن کان وڌيڪ آهيان، نڪاح لاءِ ايلاز پيو ڪري.“
”پوءِ رحيمان؟ اها ڪونہ چوندي تہ هن سان مون نيڪي ڪئي، هيڪاري مون کان مڙس ئي ڦري ورتائين؟“
”ادي ڇو چوندي؟ اسان وٽ گهڻا ٻہ ٻہ شاديون ڪندا آهن. آئون ڪا بڇڙي رن آهيان ڇا؟ پنھنجو ڪمايان ٿي، پنھنجو کاوان ٿي؟ ڪنھن تي بار ڪونہ آهيان، حقي شرعي نڪاح ٿي ڪيان، رحيمان بہ راضي آهي.“
”پوءِ تنھنجو عبدالحق؟“
”ادي هن کي مون چيو آهي ’طلاق ڏي!‘ سو زباني ڪلامي ڏئي ٿو ، لکت ۾ نٿو ڏئي.“
”پوءِ؟“
”مون چورائي موڪليو اٿمانس تہ پنو لکي ڏي تہ تومان آجي ٿيان؟“
”تنھنجا پٽ ڇا ٿا چون؟“
”اول تہ ادي اهي ايترا وڏا ۽ ڪمائو ڪونھن جو منھنجي معاملي ۾ ڳالھائين ۽ سليمان بہ انھن کي ڀائيندو آهي، شيءَ شگل وٺي ڏيندو اٿن. اهي اعتراض ڪونہ ڪندا.“
”جڏهن ڪنھن کي اعتراض ڪونھي پوءِ تون مارون ڇو پئي کائين؟“
”بس نصيب ڦٽل آهن، ڊڄان ٿي وري نہ سورَ ڪنڌ ۾ پون. سڄي حياتي پورهيو ڪري ڪمايون، اسان کي مڙس ٿورو ئي ٿا پالين، اهي تہ جيڪو ڪمائينداسين سو هوٽلن تي سنگت ساٿ ۾ چانھن پيئڻ، مين پوريءَ جا نشا ڪرڻ ۾ ڦٽائيندا. رڳو گهر جي مسواڙ ڏين تہ بہ لک کٽيو، باقي تہ سڄو اسين عورتون ڪمايون ۽ گهر سنڀاليون. ٻار بہ اسان جي ڪنڌ ۾ ٽن چئن گهرن ۾ ڪم ڪرڻ سان گهر جو سيڌو نڪري ايندو آهي. پراڻو سراڻو گندي ڪپڙو بنگلن مان مليو وڃي. نوان ڪپڙا ۽ گهمڻ ڦرڻ تہ اسين سوچي ئي ڪونہ ٿا سگهون. ڪڏهن ڪجهہ پئسا بچائي ميلي تي وڃي زيارت ڪري دُعا پني اچون، پوءِ بہ ٿڪ بُجو اسان جو مقدر آهي.“
”دلگير نہ ٿي، جڏهن سڀ راضي آهن تہ پوءِ سڻائي ٿيندي. ٻڌ! رحيمان جي دِل نہ ڏکائجان!“
”نہ ادي، اسان وٽ اها ريت ئي ڪانھي، سڀ کير کنڊ ٿي رهندا آهيون. آئون بہ ڏاڍي سوچ ۾ آهيان، هونئن جو منھن اَڇو ڪيان، تنھن کان حق ڪريان تہ آڱر تہ نہ کڄي، ماءُ ۽ ڀائر بہ راضي آهن. ٽنڊي الھيار مان صبح ايندا، آچر جي ڏينھن نڪاح جو رٿيو اٿن. خرچ ڪوبہ ڪونھي، گهر ۾ ئي ملان ايندو، ٻہ اکر پڙهائي ويندو. ٻين بنگلي وارين عيد جو جوڙو ڏنو آهي، اهو پائينديس، پٽ لاءِ سون جي ڦلي ٺھرائي هئم، اها پائي ڇڏينديس. سليمان تي تہ روپيو بہ خرچ ڪونھي.“
آئون سندس بي وسيءَ واري حياتيءَ تي افسوس کائيندي بہ هن جي بي جگريءَ ۽ ڏاڍائيءَ تي حيران ضرور هيس، پر ڪجهہ ڪونہ چيم. زباني ڪلامي جيڪڏهن کيس ڪا نصيحت ڪيان ها تہ اها بي سود هجي ها جو هوءَ هاڻي ٻڌڻ ۽ سمجهڻ جي ڪيفيت کان مٿي هئي. هڪڙو ئي جنون هئس تہ سليمان کي خوش رکان، نڪاح ڪريان، کيس ڪمائي کارايان. بينظير پروگرام وارا چوڏهن هزار مليس، اهي بہ وڃي رحيمان ۽ سليمان جي هٿ تي رکيائين. عشق جي نشي ۾ پنھنجا سڳا پيٽ ڄاوا پٽ بہ وسري ويس.
ٿورن گهڻن ڏينھن کانپوءِ ٻئي پيون جهيڙو ڪنديون هيون. اڪثر رحيمان کيس گهڻو تنگ ڪندي هئي. سليمان ڪڏهن هِن کي ٻہ هٿ ڪڏهن هُن کي گاريون ڏيئي چپ ڪرائيندو هو. رحيمان هاڻي بي حيثيت چڪي هئي، ڄاڙي هڻي ٿڪجي پوءِ پاراتا ڏيڻ لڳندي هئي. شازيہ جو رنگ بہ ڪجهہ ڏينھن ۾ ڪومائجڻ لڳو، گهڻو ڪم کانئس نٿي پڳو، پر هنن کي جو پئسن تي هيرايو هئائين ڇا ڪري.
اسان جي هتان بدلي ٿي وئي. منھنجي دِل تان بہ شازيہ ميسارجي وئي، پر جڏهن بہ ڪراچيءَ ۾ ڪا شڪل جي موچاري ڪم واري ڏسندي هيس تہ هڪدم خيال ايندو هئم تہ شازيہ شڪل صورت جي ڪيتري نہ سھڻي هئي؟ ۽ ڪھڙو نصيب هئس جو سک جو ٽڪر ڪٿي بہ نہ مليس جو ويھي کائي.
ڪافي سالن کانپوءِ حيدرآباد ۾ ساڳي ڪالونيءَ ۾ هڪ ساهيڙيءَ سان ملڻ ويس. اتفاق سان مون واري ساڳي ماسي شازيہ انھيءَ جي گهر بہ ڪم ڪيو هو. پڇيومانس تہ ٿڌو ساھہ ڀري ٻڌايائين تہ، جييڪا پنھنجي اولاد لاءِ سڳي ماءُ نہ ٿي، انھيءَ سان ڪير سچو ٿيندو؟ سليمان تہ وري وڃي ٽين شادي ڪئي. شازيہ جا پٽ هاڻي جوان ٿي ويا آهن، ڪمائين پيا پر ساڻس واسطو نٿا رکن. پھرين پاڻ هئي ڪمائڻ جي مشين، جيسين هئس سرير ۾ سَت، سڀني ڌارين کي خوب ڪمائي کارايائين. هاڻي جڏهن ڪمزور ٿي بستري ڀيڙي ٿي آهي، تڏهن ڪير پڇيس بہ ڪونہ ٿو. مڙيئي هڪ ٻن گهرن ۾ ڪم ڪري پنھنجي پيٽ قوت ڪري پيئي، پر سليمان جي بي وفائيءَ سندس اندر اڌ ڪري ڇڏيو آهي. سڀ ڪم واريون مايون چون پيون تہ پاڻ بہ عبدالحق ۽ پٽن کي ڇڏي دل ڏاڍي ڪئي هئائين، هاڻي اهو تہ جھڙي ڪرڻي تھڙي ڀرڻيءَ وانگر حساب ڪتاب آهي.
آئون هن جي عشق جي اهڙي انت جو ٻڌي سراپجي ويس. ’سيٺياڻي‘ سان هن ريت ٿيندو. اهو خود هن ويچاريءَ بہ ڪڏهن ڪونہ سوچيو هو!!