App Icon

ڪهاڻي گهر

بهترين تجربي لاءِ اپليڪيشن انسٽال ڪريو

خوابَ- اکيون

ليکڪ: ابراهيم کرل | پڙهڻ جو وقت: 21 منٽ

گل لالہ جي اکين تان ڊاڪٽر جڏهن آهستي آهستي پٽي لاهي رهيو هو، تہ سامھون سندس ڪراڙو پيءُ علم الدين بيٺو هو، جنھن جي هٿن تي مَرُ چڙهيل هئي، اکين جي هيٺيان پيل گهنج، اڌ صديءَ جي اهنجن کي ائين پئي نروار ڪيو، جيئن ايڪسري ۾ ٽاٽجي پيل هڏيون بيڪ لائيٽ پوڻ سبب ظاهر ٿي پونديون آهن. سندس اکين ۾ چمڪ هئي، هُو پُر اميد هو، تہ هاڻي سندس اڪيلي ۽ سڪيلڌي ڌيءَ هن خوبصورت دنيا کي ڏسي سگهندي، سندس هڪ اهڙي خواب ساڀيان پئي ماڻي، جنھن کي هُو مسلسل 20 سالن کان ڏسندو پئي آيو، پر وٽس ايترو ڌَنُ ڪونہ هو جو ڌيءَ جي اکين ۾ روشني آڻي سگهي. هن وَسَ تہ ڏاڍا ڪيا هئا، اسپتالن جا چڪر ڪاٽيا هئا، ڊاڪٽر جي پيرين پيو هو. پارليامينٽ جي ٻاهران مختلف سرنديءَ وارن وزيرن، ايم.اين.ايز اڳيان پنھنجو حال رکيو هو، پر سندس غريبيءَ تي ڪنھن کي بہ ڪھل ڪونہ آئي هئي. هن مسلسل ڏھہ سال ڪمند جي ڳنن مٿان ڇلھون لاهي فٽ پاٿ تي مشين هڻي ڪمند جو رس کپايو هو ۽ کپائي رهيو هو، پر صرف پيٽ جي دوزخ کي ڀرڻ لاءِ ٻن ويلن جي ماني ئي سندس نصيب ۾ لکجي سگهي هئي.
اسلام آباد جي ٻاهران سندس ابي ڏاڏي جي ٿوري زمين هئي، جنھن تي بہ سندس وڏي ڀاءُ گل محمد پنھنجو حق ظاهر ڪري ڪاغذن تي آڱوٺا هڻايا هئا، تہ پيءُ جي پڇاڙڪن ڏينھن ۾ گل محمد ئي سندس علاج ڪرايو هو. علم الدين زال کي وٺي شھر ۾ هڪ ڪارخانيدار جي ڪارخاني جو چوڪيدار ٿي سندس ئي عطا ڪيل سرونٽ ڪواٽر ۾ اچي رهيو هو. گل بيبي پاڙيوارن بنگلن ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو هو ۽ هن ڪارخاني جي چوڪيداري شروع ڪئي هئي. ڪجهہ مھينن کان پوءِ سندن گهر ۾ گل لاله جو جنم ٿيو هو، گل لاله جو چھرو ڏسي مٿس اهو نالو رکيو هئائين. پر افسوس جو ان سھڻي گل کي اکين جي ديد ڪونہ ملي هئي. سندس وڏو ڀاءُ گل محمد جڏهن گهر واريءَ سميت وٽس آيو هو تہ گل لاله جو چھرو ڏسي کيس چيو هئائين تہ گل لاله منھنجي گهر جو روشن چراغ بڻجي، پوءِ جڏهن کيس سڌ پئي هئي تہ گل لاله اکين جي نور کان محروم آهي، تہ هن پنھنجا پير جهلي ڇڏيا هئا ۽ ڇٺي ڇھہ ماهي ڀاءُ سان ڪارخاني ۾ ملي ويندو هو پر گهر جو در نہ ڏٺو هئائين. گل محمد کي هڪ پٽ خان بابا هو، جنھن تي هن پنھنجي ڏاڏي جو نالو رکيو هو.
اڄ جڏهن گل لاله جي اکين تان ڊاڪٽر اڪبر پٽي لاهي رهيو هو تہ سندس پيءُ علم الدين سامھون بيٺل هو، نہ گل محمد هو، نہ خان بابا هو، نہ سندس چاچي هئي ۽ نہ ئي سندس ماءُ هئي.
گل بيبي ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا ٿي چار سال اڳ فوت ٿي وئي هئي. پنھنجي آخري ڏينھن ۾ شوڪت خانم اسپتال جي وارڊ ۾ هن گل محمد کي گهرايو هو ۽ گل لاله جو هٿ وٺي سندس هٿ ۾ ڏيندي چيو هو تہ ”ادا مان پنھنجي گهر جو هيءُ سھڻو گل تنھنجي حوالي ڪيان ٿي، اميد اٿم تہ توهان هن کي اڪيلو نہ ڇڏيندؤ. گل محمد هٿ ڇڏائڻ جي ڪئي هئي پر ڏيندڙ هٿ ان وقت بي ستو ٿي سيني تي ڪري پيو هو ۽ ٽئي هٿ هڪٻئي کان جدا ٿي ويا هئا.
گل بيبي دفن ٿي وئي ۽ اها ڳالھہ بہ دلين ۾ دفن ٿي وئي.
ڊاڪٽر اڪبر، گل لاله جي اکين تي ٻڌل پٽيءَ جو آخري وڪڙ کوليو ۽ هڪ ڦوٽو کڻي سندس سامھون بيٺو ”گل لاله اکيون کولِ.“
گل لاله اکيون کوليون تہ مُرڪي پئي ”بابا مان ڏسي سگهان ٿي.“ پيءُ وڌي کيس ڀاڪر ۾ ڀريو.
”پر هي ڪير آهي؟“ گل لاله ڊاڪٽر اڪبر جي هٿن ۾ جهليل ڦوٽوءَ ڏانھن اشارو ڪندي پڇيو.
”هي اهو شخص آهي، جنھن جون اکيون توهان کي مليون آهن.“ ڊاڪٽر اڪبر جواب ڏنو. مُرڪندڙ چھرو اکين جي مٿان اڇو چشمو پھريل ڄڻ کيس مبارڪ ڏيندو هجي.
”واھہ تہ هي اکيون مون کي مليون آهن، مان انھن ئي اکين سان کيس ڏسي رهي آهيان.“ گل لاله جو چھرو سرخ ٿي ويو.
علم الدين جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي ٿو اچي.
گل لاله، ڊاڪٽر کان تصوير وٺي سيني سان لڳائي ٿي ڇڏي.
”ڪاش امي زندھہ هجي ها ۽ منھنجون اکيون ڏسي سگهي ها ۽ مان اميءَ جي خوشيءَ کي هنن اکين سان ڏسي سگهان هان.“
ڊاڪٽر اڪبر وڌي وڃي دريءَ جو پردو هٽائي ڇڏيو، جنھن جي ساون شيشن مان سامھون پيڊ تي، گلن جون ڪونڊيون پيل هيون، جن ۾ ڳاڙها، نيرا ۽ پِيلا گل لڳل هئا، جن تي پوپٽ لامارا ڏئي رهيا هئا.
گل لاله اهڙو منظر ڏسي سيني تي پيل ڦوٽوءَ کي چمي ڏني ۽ ٿڌو ساھہ ڀريو. ”مون کي ائين ٿو لڳي تہ مون اهي منظر اڳ بہ ڏٺا آهن،“
”هي ڪير آهي ڊاڪٽر صاحب؟“
”هي سنڌ جو شاعر هو، وڏي ڳالھہ تہ هي ڊاڪٽر بہ هو، فطرت سان کيس پيار هو، گل، ٻار ۽ پوپٽ کيس وڻندا هئا، حسن ۽ فطرت جي عڪاسي ڪندڙ هي شاعر سنڌ ۾ ”ورڊس ورٿ“ جي لقب سان سڃاتو ويندو هو.“
”هاڻي ڪٿي آهي؟ منھنجو پڇڻ جو مطلب، تہ سندس تدفين ڪٿي ٿي؟ ڇا هي اکيون سنڌ مان هت آيون؟“ گل لاله پنھنجو موقف چٽو نہ رکي سگهي، هوءَ گهٻرائجي وئي......
”مون کي بہ ائين ئي لڳي ٿو تہ هو پنھنجون اکيون عطيو ڪرڻ اسلام آباد آيو هو ڇو تہ هو هتان جو مستقل رهاڪو ڪونہ هو، سندس پٽ قائداعظم يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچر ڏيندو رهيو آهي، جيڪو لاهور ۾ بہ ليڪچر ڏئي ٿو ۽ هو ٻاهرئين ملڪ مان اعليٰ تعليم حاصل ڪري آيو آهي، کيس هڪڙو ئي پٽ آهي، جنھن سان هن زندگيءَ جون آخري گهڙيون گڏ گذارڻ ٿي چاهيون، جن گهڙين لاءِ هن کي پنھنجي سنڌ ڇڏڻي پئي. سندس روح جو رشتو سنڌ سان جڙيل هو، جنھن کان چڱو تہ سندس ساھہ جو سڳو ٽٽي پيو.“
گل لاله جي انھن اکين ۾ لڙڪ تري آيا جيڪي شاعر جون اکيون هيون، احساس گل لاله جا هئا ۽ اکيون شاعر جون. هن اکيون بند ڪيون تہ سندس ذهن جي اسڪرين تي کجين جا وڻ، گيڙو رتا لباس، جن جي هٿن ۾ طنبورو، چپڙيون هيون ۽ هو ڪاشيءَ جي سرن سان سينگاريل قبن واري درگاھہ آڏو رقص ڪري رهيا هئا.
سندس ڪنن ۾ الستي آواز گونجڻ لڳا ”ڳليان پريم ننگرديان حضرت عشق گهايم جوڳي رمزالايم“. کيس لڳو ڄڻ اهي ٻول هن ڪيترائي ڀيرا ٻڌا آهن، انھن صوفي سنگ جي فقيرن کي ور ور ٻڌو آهي.
گل لاله اکيون کوليون ”بابا سنڌ ڪٿي آهي؟“
علم الدين سندس مٿي تي هٿ رکيو ”سنڌ هتي ئي آهي، تنھنجي دل ۽ دماغ ۾ آهي.“ ڊاڪٽر مرڪ ڏئي مڙيو تہ گل لاله کيس سڏ ڪيو ”ڊاڪٽر صاحب مون کي معلومات کپي، ان ماڻھوءَ جي باري ۾، جنھن جون اکيون منھنجي اونداهين جيون کي روشن ڪري ويون آهن.“
ها هو هتي ئي دفن ٿيل آهي، شايد هو پنھنجي اکين جي ڪري ئي هت رهي پيو هجي.“
”سچ ڊاڪٽر، هو هتي آهي!“ گلا لاله جي رخ تي حيرانيءَ جا تاثر ڦھلجي ويا.
”ها هو هتي اسلام آباد ۾ دفن ٿيل آهي.“ ڊاڪٽر مُرڪي وارڊ مان نڪري ويو.
”بابا مون کي ان جي قبر تي وڃڻو آهي ۽ ڏيئا روشن ڪرڻا آهن.“ گل لاله نماڻين اکين سان پيءُ ڏي ڏسندي چيو.
”ها ڇو نہ، مان جاچ ڪري توکي ٻڌايان ٿو.“
اها جمع جي رات هئي، قبرستان ۾ اگربتين ۽ گلن جي پتين جي خوشبوءِ ڦھليل هئي. گلا لاله کي بدن تي اجرڪ اوڍيل هو جيڪو هن اسلام آباد جي هينڊي ڪرافٽس شاپ تان خريد ڪري خاص موقعي لاءِ رکي ڇڏيو هو. هن جڏهن اهو اجرڪ اوڍيو تہ لاک جي خوشبوءِ پوري بدن ۾ سمائجندي محسوس ڪيائين، نيري رنگ جي تھہ مٿان ڳاڙهين چوڪڙين ۾ اڇي رنگ جون ڦلڙيون سندس اکين کي ٿڌاڻ بخشي رهيون هيون. هن شاعر جي قبر مٿان گلاب جون پنکڙيون وڌيون، ڏيئا ٻاريا، ۽ مٿن کان بيھي دعا لاءِ هٿ اڀا ڪيا تہ سندس ذهن ۾ اڻڄاتو آواز گونجڻ لڳو ”آءُ اسان وٽ ويھہ گهڙي پل ويھہ الا او منھنجا سائين ويھہ…“
گل لاله دعا گهرندي گوڏن ڀر ويھي رهي، کيس محسوس ٿيو تہ پيرن جي ترين کي نرم ڇھاءَ جو لمس کيس عجيب اطمينان بخشي رهيو آهي. گورکن جي لٺ پٿرن تي لڳندي آواز کي ويجهو کڻي آئي.
”ڌيءَ رات ٿي رهي آهي. تون ڪير آهين؟“ هي قُبو تہ هڪ پرديسيءَ جو آهي. هن نگاھہ کڻي گورکن کي ڏٺو ”مان بہ ان ديس جي ڌياڻي آهيان، هي ڏسين نٿو منھنجي تن تي ڇا اوڍيل آهي.“
گورکن هٿ ۾ جهليل ٽارچ کي سڌو ڪيو تہ اجرڪ جون اڇيون ڦلڙيون جَرڪي پيون. گورکن گل لاله جي مٿي تي هٿ رکيو. ”ڌيءَ اويلو وقت آهي، ان ڪري پڇيم.“
”پنھنجا اويلي وقت ۾ ئي تہ گڏ هوندا آهن.“ گل لاله کان ڄڻ بيخياليءَ ۾ جملو نڪري ويو ۽ هوءَ گهٻرائجي وئي. ٻيا جملا نڙيءَ ۾ اٽڪي پيا. من آڳر تي پري کان ٻڌندڙ آواز ويجهو ٿيندو ويو. ”سدائين ائين ڪين گهٻرائبو آ، کُليءَ دل سان ڪڏهن تہ ڳالھائبو آ!!“ ۽ پوءِ گل لاله گورکن سان ڳالھائيندي قبرستان جي گيٽ تائين پھچي وئي. هن گورکن ڏانھن ڏٺو جيڪو چوڌاري ٽارچ ڦيرائي هزارن قبرن مٿان روشني هاريندو رهيو. هن ڏٺو قبرستان ۾ ٻہ ڏيئا شاعر جي آخري آرامگاھہ مٿان ٻري رهيا هئا.
”اِهي ٻئي منھنجا نيڻ ٿئي چاچا، جيڪي ٻري رهيا آهن. ان قبر تي ڪڏهن بہ اوندھہ ڪونہ ٿيندي!!“
گورکن چتائي ڏٺو تہ گلا لاله جا نيڻ ٻري رهيا هئا.
خان بابا هاڻي وڏو ٿي ويو هو ۽ ياري، دوستيءَ ۾ ايترو اڳتي نڪري ويو هو جو راتين جون راتيون گهر کان ٻاهر رهڻ لڳو هو. ڪڏهن ڪڏهن ون ٽوفائيو موٽر سائيڪل تي ڪوھہ مري جي پھاڙن تائين نڪري ويندو هو. ون ويلنگ سندس شوق هو. ان شوق کيس ڪيترائي ڀيرا چالان بہ ڪِرائي وڌو هو. گل محمد کي هميشہ اها ڳڻتي ورائي ويندي هئي، تہ خان بابا جا اهي شوق، ڪنھن ڏينھن کيس ڪنھن وڏي ميصبت ۾ نہ وجهي ڇڏينِ، جنھن جو ذڪر هن پنھنجي گهر واريءَ گل زرين سان بہ ڪيو هو، پر ماءُ جي ممتا ۽ اڪيلي پٽ جي خوشين ۾ هن زهر ڀرڻ نٿي چاهيو. گل زرين جي جسم ۾ زهر تہ ان ڏينھن ئي ڦھلجڻ شروع ڪيو هو جڏهن اسپتال مان ٽيسٽ ڪرائڻ دوران کيس ڪاري ڪامڻ هجڻ جي تصديق ٿي ملي هئي. سندس جيرو مڪمل ختم ٿي چڪو هو. حياتيءَ جي انھن گهڙين ۾ هن پٽ جي خوشي ڏسڻ چاهي تہ رئوپيرن تي رکي هن گل محمد کي پنھنجي ڀاءُ علم الدين ڏانھن رشتي گهرڻ لاءِ وڃڻ جو زور ڀريو.
علم الدين ڪنڌ هيٺ ڪري ويھي رهيو. کيس اهي پل ياد اچڻ لڳا جڏهن گل بيبي ڪينسر جي اسپتال ۾ موت ۽ حياتيءَ جي جنگ وڙهي رهي هئي. گل بيبي، گل لاله جو هٿ پڪڙي سندس هٿ ۾ ڏنو هو ۽ پارت ڪئي هئي پر هن سواءِ مايوسيءَ جي سندس جهول ۾ ڪجهہ بہ نہ وڌو هو. هاڻي هو ڪھڙو منھن کڻي علم الدين جي سامھون وڃي ها ۽ ٺڪرايل رشتي کي پنھنجي ڪرڻ جي ڳالھہ ڪري ها!
اهو ضروري بہ ٿي پيو هو تہ اڙيل گهوڙي کي لغام ڏيڻ لاءِ سندس اڳياڙيون پڇاڙيون ٻڌڻ هڪ شھہ گهوڙي سوار لاءِ لازمي بڻجي پوندو آهي، سو دل تي پٿر رکي اکين ۾ آس جا ڏيئا ٻاري هو ڀاءُ جي در تي هليو ويو. اها مارچ جي 29 تاريخ هئي، بھار جي ڦوھہ جواني رستن ۽ باغيچن ۾ هر طرف گل ٽڙيل هئا. گل لاله حسبِ معمول شام ٿيندي ئي قبرستان هلي ويندي هئي ۽ ڏيئا ٻاري شاعر جي قبر تي گلن جون پتيون هاري ايندي هئي.
گل محمد جڏهن ڀاءُ جي در تي پھتو تہ بيھي رهيو. هو فيصلو نٿي ڪري سگهيو تہ جنھن گهر جو در هن پاڻ بند ڪيو هو، اهو ٻيھر ڪھڙي منھن سان کولي اندر داخل ٿئي ها! ڪمند جي ڳرين تان سڪن پنن جي لھڻ جو آواز سندس ڪنن ۾ ٻُرڻ لڳو، کيس لڳو اهي سُڪل کَلون ڄڻ سندس جسم تان لھي رهيون آهن.
الائي ڪيئن علم الدين کيس جهاڙي ورتو، ادا در کليل آهي، تون ٻاهر ڇو بيھي رهيو آهين، هلي آءُ مون پنھنجو در کليل رکيو آهي.
گل محمد جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو ۽ هو ڪنڌ هيٺ ڪري بيھي رهيو. علم الدين اچي هٿ سندس ڪلھي تي رکيو. ڀائر ڪوٽن جون ٻانھيون ٿيندا آهن. منھنجي گهر جون چار ئي ڀتيون سلامت آهن، اندر هل...“
هن ڀاءُ جي اڇي ٻچي ڏاڙهي تي نظر وڌي ۽ مُنھن ۾ تڪيو، جنھن تي پيل گهنج کيس ماضيءَ جون حقيقتون ٻڌائڻ لڳا. ڪيئن هن علم الدين کي زمين تان بيدخل ڪيو هو. ڪيئن گهر ڇڏيندي مھل هن جي اکين مان حياءُ ڇڏائي ويو هو. هن هٿ تہ ڇا پر وات سان بہ کيس روڪڻ جي ڪوشش ئي نہ ڪئي هئي. اڄ علم الدين جو هٿ سندس ڪلھي تي هو ۽ مک تي مسڪراهٽ هئي.
”ڀاڄائي ڪيئن آهي؟“ علم الدين جي اهڙي سوال تي هو ڇرڪي ويو.
”طبعيت ۾ مزو ڪونھيس.“ کوھہ جي تري مان ڄڻ آواز ڀريو هجي.
”ﷲ سائين رحم ڪندو.“ گل بيبي بہ ائين هلي وئي جو خبر ئي نہ پئي. علم الدين جون اکيون ڀرجي آيون.
”ماڻھوءَ جي هجڻ سان، ان جي قدر جي خبر نٿي پوي، وئي کان پوءِ اکيون کُلي ٿيون پون. اک جو ڳوڙهو سُڪي ڪونہ ٿو!!“
ٻنھي جا ڪنڌ هيٺ آهن......
”ادا اڄ مان سوالي بڻجي تنھنجي در تي آيو آهيان!“ گل محمد زري گهٽ ڍنڍڪر ڏني ۽ چپ ۾ چڪ وجهي ڀاءُ آڏو جملو ڇڪي ٻاهر ڪڍيو.
علم الدين ڇڪي کيس سيني سان لاتو ”ڀائر، ڀائرن وٽ سوالي بڻجي نہ پر مالڪ بڻجي ايندا آهن، ائين نہ چئہ ادا، مان تنھنجو ننڍو ڀاءُ آهيان!“
”مون کي چوڻ تہ نہ گهرجي پر گل زرين جي حال کي ڏسي وري بہ خالي جهولي تو در کڻي آيو آهيان، منھنجي جهوليءَ ۾ گل لاله.....“ اڳتي اکر نہ اڪليس، نيڻن مان ڳوڙها وهي ڳلن تان هيٺ ڪِرڻ لڳس.
علم الدين چُپ ٿي ويو، پير جي آڱوٺي سان زمين کوٽڻ لڳو.
”جواب ڇو نٿو ڏئين علم الدين، مان اڄ ننڍو ٿي تو وٽ آيو آهيان.“ گل محمد جي نڙيءَ ۾ ڄڻ ڪنڊو ڦاسي پيو هجي.
”نہ ادا تون منھنجو وڏو ڀاءُ آهين، ابي جي جاءِ تي آهين پر ان ڌيءَ کي ڪھڙو مُنھن وٺي چوندس، جنھن اونداهيءَ جي گهڙين ۾ پنھنجي ماءُ جي ڪريل هٿ کي محسوس ڪيو هو ۽ تنھنجي زبان مانَ هڪ اکر بہ ڪونہ اُڪليو هو!“
”مان مڃان ٿو ان وقت مون کي ائين نہ ڪرڻ گهربو هو پر مان ڇا جواب ڏيان ها توکي تہ خبر آهي. خان بابا جي طبعيت جي، منھنجي ها بعد ۾ پڇتاءَ کان سواءِ ڪجهہ نہ هجي ها ڇو تہ مون کي خبر هئي تہ خان بابا، گل لاله کي قبول نہ ڪري ها! تہ پوءِ هاڻي ڇو قبول ڪندو.“ علم الدين جو ڪنڌ مٿي ٿيو ۽ هن ڀاءُ جي اکين ۾ حياءَ کي ڳولھڻ جي ڪوشش ڪئي. ”ڪھڙا ويھي دليل ڏيان، ڪھڙيون ويھي ڳنڍيون کوليان، ريشم جي ويڙهي کي کولڻ بہ ڪو سولو هوندو آهي ڇا؟ تند تند جو خيال رکڻو پوندو آهي، علم الدين، پَٽُ تہ هونئن ئي ترڪڻو ڇلڪڻو ۽ تڪڙ ۾ گنجرڻو ٿي ويندو آهي. منھنجي زال ۽ پٽ جو ڏنل ڳنڍيون مون کان نہ کولراءِ ڀاءُ“...... گل محمد سڀ هٿيار ڦٽا ڪرڻ چاهيا.
”پر مون کي بہ تہ ڪو دڳ ڏي، مون تہ هميشہ سُٽَ جي سڳن کي پنھنجو ڪيو آهي. سڀئي پَٽَ تنھنجي حوالي ڪري پنھنجو آڏاڻو اچي هنيو ۽ هميشہ جسم کي ڍڪڻ جي ڊوڙ ۾ رهيس ۽ ائين سونٽي ڄار کي سلھجائيندو رهيس.“
”تنھنجو چوڻ گل لاله ڪونہ موٽائيندي.“ گل محمد، علم الدين جي اکين ۾ نھاريندي چيو.
”تنھنجو خان بابا چوڻ موٽائي سگهي ٿو، تہ گل لاله ڇو نہ.“
”هوءَ عورت آهي ۽ ان جو اختيار اسان وٽ آهي.“
”ڪنھن ڏنو آ اهڙو اختيار اسان کي؟“
گل محمد مُنجهي بيھي رهيو.
”هر ڪنھن کي پنھنجي زندگي جيئڻ جو حق آهي. مون تڏهن بہ ڪنڌ هيٺ ڪري تنھنجي ماٺ کي منھن ڏنو هو ۽ اڄ بہ ماٺ ڪيان ٿو.“ علم الدين چپ ٿي ويو.
گل محمد اٿيو ”تہ پوءِ مان ڇا سمجھان، ان عورت کي ڪھڙو جواب ڏيان جيڪا موت جي منھن ۾ پئي آهي.“
”موت جي منھن ۾ منھنجي گل بيبي بہ پئي هئي ۽ منھنجي گل لاله بہ بي سھارا ٿي زندگيءَ جون اونداهيون ڪَٽيون، اڄ جڏهن سندس اکين ۾ نور آهي تہ......“ گل محمد اٿيو هليو ويو تہ گل لاله اچي در تي پھتي. هن پنھنجي چاچي کي پُٺيرو ويندي ڏٺو. پيءُ کي فڪر ۾ ويٺل ڏسي، هن سوال ڪيو.
”بابا خير تہ آهي؟“
”ها پٽ تنھنجو چاچو آيو هو.“
”پٽ!... بابا اڄ مان ڌيءَ مان پٽ ڪيئن ٿي ويس.“
”تون منھنجو پٽ ئي تہ آهين.“ علم الدين جي اکين ۾ چمڪ اچي وئي.
”ڇا ڳالھہ آهي بابا؟“
”هاڻي تون عقل واري ٿي وئي آهين.“
”پر امان تہ چوندي هئي تہ عقل جي ڏاٺ چاليھن سالن کانپوءِ نڪرندي آهي!“
”ڪنھن ڏٺي آهي اها ڏاٺ، مڙئي ماڻھين چري هوندي هئي، تون منھنجي ڀرسان ويھہ، تہ هڪ ڳالھہ ٻڌايانءِ.“
”جِي بابا.“
”هاڻي تون سمجهدار ٿي وئي آهين، مان چوان ٿو تہ تون پنھنجي گهر جي ٿي وڃ.“
”هاڻي مان ڪنھن ٻئي گهر جي آهيان ابا جو پنھنجي گهر جي ٿي وڃان.“
”پٽ! منھنجي ڳالھہ سمجهندي بہ ناسمجهہ ڇو ٿي ٿئين؟“
”صحيح تہ چوان ٿي بابا، تہ مان پنھنجي گهرجي تہ آهيان. ڇا هي گهر منھنجو ناهي؟“
”مون اهو ڪٿي چيو تہ هي گهر تُنھنجو ناهي پر عورت جو گهر ان جي مڙس جي نالي سان هوندو آهي، ۽ هر عورت کي پنھنجي پنھنجي گهر وڃڻو پوندو آهي.“
”معنيٰ تہ عورت کي مڙس جي گهر کان اڳ گهر هوندو ئي ناهي، اها سوالي گهرن م رهي، سوالي کاڌو کائيندي آهي، سوالي ڪپڙا پائيندي آهي ۽ ٻين جي رحم ڪرم تي هوندي آهي.“
علم الدين جون اکيون ڀرجي ويون. هن هٿ مٿي ڪري کيس ڪجهہ چوڻ چاهيو پر چئي نہ سگهيو.
”گهر تہ بابي جو هوندو آهي، جتي امان بہ هوندي آهي، ڀائر بہ هوندا آهن، ڀينر بہ هونديون آهن. بابا تون مون کي ڪھڙو گهر ٿو ٻڌائين، جتي نہ بابو، نہ امان، نہ ڀينر نہ ڀائر.“
هت ڪھڙا ڀائر ۽ ڀينر اٿئي ۽ ڪھڙي ماءُ ويٺي اٿئي، هڪ اڀاڳو پيءُ، اتي توکي پنھنجا ٻار ٿيندا ويڙهو وسندءِ، سڄو ڏينھن اکين اڳيان رونق رهندءِ“.
”اَبا اڌ زندگي جتي اوندھہ ۾ گذري، اهي هٿن سان ڇُهيل جايون ڪيئن ڇڏي سگهنديس جن جي گهٽ،گهير، هيٺائين، مٿاهين، ٻسائپ ڇسائپ هٿن سان ماپيل هجي ۽ ڇھيل هجي. ان کي اکين وارو انسان تہ ڏسي درگذر ڪري سگهي ٿو پرمن سان ڇھندڙ ماڻھو ڪٿي ٿو ڀُلائي سگهي.“
”پر پٽ هيءَ جڳ جي ريت آهي، تہ هر ڪنھن نياڻيءَ کي پنھنجي پيءُ جو گهر ڇڏڻو پوندو آهي. پيغمبرن، اوليائن، پيرن، رهبرن پنھنجون نياڻيون پرڻايون ۽ هٿن سان انھن کي الوداع ڪيون.“
”ها پر امان توهان کي ڇا چيو هو، ياد آهي اوهان کي؟“
”ڇا چيو هو تنھنجي ماءُ.“
”توهان کان وسري ويو.“
”نہ پر مان تنھنجي واتان ٻڌڻ ٿو چاهيان.“
”توهان کي امان چيو هو تہ منھنجي چنڊ جھڙي ڌيءَ جو خيال رکجانءِ ۽ پاڻ کان پري ٿيڻ نہ ڏجانءِ.“
”تہ ڪٿي ڪري رهيو آهيان پري“؟
”تہ پوءِ اهڙيون ڳالھيون ڇو ٿا ڪريو؟“
”دراصل تنھنجو چاچو گل محمد آيو هو.“
”ها مون ڏٺو چاچا کي“ اڳي تہ ڏسي نہ سگهندي هيس، پر افسوس جو چاچا کي مون هميشہ تصور ۾ ڏٺو آهي، اکين سان اڄ سو بہ پٺيرو.“
”هو ويھي ها پر گل زرين جي طبعيت ٺيڪ ڪانھي.“
”ڇو، ڇا ٿيو چاچيءَ کي؟“
”پٽ ان کي ڪارو ڪامڻ ٿي پيو آهي، سندس جيرو ختم ٿي ويو آهي.“
”بابا مون کي وٺي هلو، مان چاچيءَ کي اکين سان ڏسڻ ٿي چاهيان.“
”ها پٽ اسان صبح جو هلنداسين، مان تہ اِهو بہ سوچيو آهي، تہ تنھنجو هٿ ان جي هٿن ۾ ڏئي ايندس، ٻہ چار گهڙيون تہ سک جون گذاري.“
”بابا توهان کي ياد آهي جڏهن امان ڪينسر جي اسپتال ۾ هئي ۽ منھنجو هٿ وٺي چاچي گل محمد جي هٿ ۾ ڏئي پارت ڪئي هئائين، تڏهن تہ چاچا انڪار ڪيو هو.“
”هي تون ڪھڙيون ڳالھيون ٿي ڪرين، تون پاڳل ٿي وئي آهين ڇا؟“
”نہ بابا مان پاڳل ڪٿي آهيان، اوهان ئي تہ چيو مان سمجهدار ٿي وئي آهي، ۽ جڏهن ڌيئر سمجهدار ٿي وينديون آهن، تہ پٽ ٿي پونديون آهن.“
”چڱو چڱو هاڻي بس ڪر، ڌيئر جڏهن اهڙيون ڳالھيون ڪنديون آهن تہ اهي سائڪو ٿي وينديون آهن ۽ گوليون جاڳي پونديون آهن.“
صبح جڏهن گل لاله منھن ڌوئي، وار سنواري بدن تي اجرڪ اوڍيو جيڪو هن هينڊي ڪرافٽ جي دڪان تان ورتو هو، تہ سندس من ڦلڙيون ڦلڙيون ٿي پيو. آئيني سامھون بيٺي تہ شاعر جون اکيون کيس ڏسڻ لڳيون. هن پھريون دفعو ائين محسوس ڪيو تہ ڪو کيس ڏسي رهيو آهي.
گهر مان نڪرڻ مھل هن پيءُ سان انگل ڪيو تہ قبرستان مان ٿيندا هلون، خبر ناهي ڪھڙي مھل موٽون، شام ڏيئا ٻاري بہ سگهان الائي نہ......
علم الدين سندس اکين ۾ ڏٺو ۽ جسم تي اوڍيل اجرڪ کي ڏٺو. ڳاڙهي اجرڪ ۾ گل لاله واقعي گل جيان ٽڙي پئي هئي. هن انڪار نہ ڪيو. سڌو ٻئي قبرستان پھتا، هنن قل پڙهيا، گورکن پاڻيءَ جو دٻو ڀري آيو ۽ قبر مٿان ڇڻڪار ڪيائين تہ گل لاله اجرڪ جي ڪنڊ مان سَوَ جو نوٽ ڇوڙيو. ”چاچا متان مون کي دير ٿي وڃي، شام قبر تي ڏيئا ضرور ٻارجانءِ.“ متان پرديسي شاعر سوچي تہ ڏيئا ٻارڻ واري گل لاله دير ڪئي.“
علم الدين دعا گهري، گل لاله کي هٿ خالي خالي لڳا. نہ ئي زبان مان ڪي حرف نڪتا، خاموش نگاهن سان هن قبر کي ڏٺو، جنھن مٿان گلن جون پتيون سرگوشيون ڪري رهيون هيون، اکيون ٻوٽيائين تہ کجين جا باغ، گل، درگاهون، صوفي راڳي گيڙو ويس نظر آيس. ڪنن ۾ گيت ٻرڻ لڳس. اسان پنھنجو وارو وڄايون وڃئون ٿا.“
گل محمد دراندران علم الدين ۽ گل لاله جو استقبال ڪيو. گل زرين بستر تان ڪنڌ کڻي ڏٺو ۽ دل تي هٿ رکي چيو ”اچي ويا منھنجا پنھنجا اچي ويا“.
گلا لاله وڌي وڃي کيس ڀاڪر ۾ ڀريو. گل زرين پيشانيءَ تي کيس چمي ڏني.
ايتري ۾ اوچتو زور زور سان درکڙڪيو.
”گل محمد! خان بابا جو ايڪسيڊنٽ ٿي پيو آهي، هو اسپتال ۾ آهي، جلدي پھچ.“ گل زرين هنيانءَ تي هٿ هنيو ”يا حسين هيءَ ڪھڙي گهڙي ڦِري آئي.“
گل محمد چپل پائيندي ڪِري پيو، علم الدين کيس سھارو ڏنو.
”بابا سان بہ اسپتال هلنديس.“ گل لاله اجرڪ کي ٺاهيندي چيو.
”نہ ڌيءَ تنھنجي چاچيءَ جي طبعيت ٺيڪ ڪانھي، تون کيس سھارو ڏي، اسان وڃئون ٿا.“
گلا لاله پاڻ روڪي نہ سگهي، ۽ پيءُ جي ڪڍ لڳي وئي.
”يوٽرن وٽ خان بابا جو ايڪسيڊنٽ ٿيو. ڏوھہ ڪار واري جو نہ هو، خان بابا ٽرن ڪرڻ وقت پوئتي ڪونہ ڏٺو، کيس مٿي ۾ شديد ڌڪ رسيا آهن. ڪار وارو ڪو ڊاڪٽر هو جيڪو تسلي ڏيئي کيس اسپتال کڻي ويو آهي.“ هڪ همراھہ سھڪي بہ رهيو هو ۽ بيان بہ ڪري رهيو هو.
اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ پيھہ متل هئي، گل لاله سائيڊ ۾ رکيل بئنچ تي ويٺي. گل محمد ۽ علم الدين اڳتي وڌي ويا.
”هي آهي خان بابا جو پيءُ گل محمد.“
ڊاڪٽر اڳتي وڌي آيو. ”چاچا منھنجو نالو اڪبر آهي، منھنجي ڪار سان اوهان جي پٽ جو ايڪسيڊنٽ ٿيو آهي.“
”منھنجو پٽ ڪٿي آهي؟“
”چاچا علم الدين توهان هتي؟“ ڊاڪٽر اڪبر
علم الدين سان هٿ ملائيندي پڇيو.
”ها، گل محمد منھنجو ڀاءُ آهي ۽ خان بابا منھنجو ڀائٽيو......
گل لاله بہ آئي آهي؟
”ڪٿي آهي“
گل لاله بئنچ تان اٿي اڳتي آئي ۽ ڊاڪٽر جي سامھون بيٺي. ڊاڪٽر سندس مٿي تي هٿ رکيو.
”توهان مون سان، منھنجي ڪمري ۾ اچو.“
سڀئي ڪمري ۾ آيا.
”دراصل خان بابا کي مٿي ۾ شديد ڌڪ لڳا آهن، رت جي ضايع ٿيڻ ڪري هو هوش ۾ ناهي. مون رت جو بندوبست ڪري ڇڏيو آهي. حياتي بچي وئي آهي پر.....“
”پر ڇا ڊاڪٽر توهان چپ ڇو ٿي ويا آهيو، ٻڌايو ڇو نٿا؟“ گل محمد ڊاڪٽر جي ڳچيءَ تائين پھچي ويو.
”چاچا مان چوان ان ۾ اسان جو ڪو ڏوھہ ڪونھي، اسان هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي پر ﷲ کي ڪجهہ ٻيو منظور هو. سندس اکين کان ڏسڻ واري صلاحيت کسجي وئي آهي.“
”يا خدا هي ڇا ٿي ويو، منھنجو اڪيلو پٽ، هي پھاڙ زندگي ڪيئن جِي سگهندو؟“
”صبر ڪيو چاچا جيڪو ﷲ کي منظور.“ گل لاله، گل محمد جي ڪلھي تي هٿ رکيو.
”اهڙي زندگي ڪھڙي ڪم جي جيڪا سھاري سان گذارڻي پوي.“
گل لاله چاچي جي وات تي هٿ رکيو. ”مايوسيءَ جون ڳالھيون نہ ڪريو ﷲ وڏو آهي.“
”اڙي منھنجي دنيا ئي لُٽجي وئي.“
ڊاڪٽر اڳتي وڌيو ”چاچا هي بہ تہ اوهان جي گهر جي نياڻي آهي. هن بہ تہ همت ۽ حوصلي سان تڪليفن کي منھن ڏنو آهي......“
عورت جي ڳالھہ ٻِي آهي، اها تہ گهر سان نڀائي ٿي وڃي، هي تہ مرد آهي، ڪيئن گذاري سگهندو هي اجگر زندگي، مان پوڙهو ماڻھو ڪيترو سھارو ڏيئي سگهندو سانس، منھنجو تہ گهر اُجڙي ويو.“
”مان سھارو ٿينديس خان جو، مان اکيون ٿينديس خان جون....“ علم الدين جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو.
گل محمد تي سڪتو طاري ٿي ويو.
”مون کي اکيون آهن، جن هميشہ ٻين کي اڳتي ڏسڻ چاهيو آهي، جن ٻين کي ڪجهہ ڏيڻ چاهيو آهي. مان ڪنديس خدمت خان جي.........“
ڊاڪٽر اڪبر شاعر جي تصوير ڪڍي سڀني جي سامھون ٿي بيٺو ۽ شاعر جو شعر پڙهيو.
”ڪجهہ ڏيئي وينداسين، ڪجهہ نہ کڻي وينداسين،
ٻور آهيون ڏيئي ميوو ڇڻي وينداسين.“