هڪ سانوري سانجھيءَ جو، جڏهن هر طرف سرمئي رنگ هارجي ويو ۽ ڪاراڻ پنهنجا پنک پکيڙڻ لڳي ته مالڪ جو خاص خليفو پنهنجي لٺ سهاري هڪ بلند و بالا محلات جهڙي جاءِ مان ٻاهر نڪري اچي ان جي اڇي سنگ مرمر جي ٿلهي تي ...
مينهن،
وسي نه وسي
شهر ۾
گپ آهي.
موسم،
هجي نه هجي
اوڳرائيءَ ۾
گدري جي
ڌپ آهي.
قديم ڳوٺ جو رهواسي گل محمد جڏهن صبح جو سوير گاڏو تيار ڪري ان تي ٽپو ڏئي چڙهندو هيو ته پاڻ کي سگهارو ۽ چست محسوس ڪندو هيو. ...
حياتي پڳ جيان آهي،
ماڻهوءَ جي مٿي تي ويڙهيل.
ڪنهن جي ننڍي،
ڪنهن جي وڏي.
ڪنهن جي اجري،
ڪنهن جي ميري.
۽ ان جي پاندَ سان،
هرڪو اگهي ٿو،
زندگيءَ جا ڳوڙها.
تن ڏينهن سکر ۽ شڪارپور وچ ۾ پڪو رستو نه هيو. ماڻ ...
اوندهه جي
ٻن ڇيڙن وچ ۾،
رکيل آهن،
انسان جي هٿ ترين تي،
زندگيءَ جا ڏيئا.
حياتي تيل جيان آهي
۽ موت،
لاٽ جو انجام.
راند ڪنهن به صورت ۾ کيڏڻي هئي. وقت جي پونجيءَ کي ڪٿي ته خرچ ڪرڻو هو. وقت جا لمحا، گهڙيون ...
هن سان دنيا ۾ وڏيون ناانصافيون ٿيون. هو رنو ته هن جي اکين جا ڳوڙها سڪي چڪا هيا ۽ خشڪ چپن مان اڃ هيٺ ڳڙي رهي هئي. وقت ۽ حالتن هن کي نستو ڪري ڇڏيو. هن سوچيو هو وقت کان بدلو وٺندو. ناانصافين جو حساب ڪندو ...