App Icon

ڪهاڻي گهر

بهترين تجربي لاءِ اپليڪيشن انسٽال ڪريو

نسيم کرل جا ليکَ ۽ ڪهاڻيون

ڪهاڻيون 22 منٽ پڙهڻي

شبنم شبنم، ڪنول ڪنول

نسيم کرل

هن اسپتال جي هر شيءِ من موهيندڙ آهي. ڪمپائونڊ اندر وڏا وڏا، ساوا ساوا، اکين جي جوت وڌائيندڙ لان، وچ ۾ اسپتال جي ڳاڙهي اوچي عمارت، ٻنهي پاسن کان مٿي وڃڻ لاءِ ريلنگ واريون ڏاڪڻيون، جن جي مٿان ٻه شاندار...

ڪهاڻيون 32 منٽ پڙهڻي

زماني جي گردش

نسيم کرل

جڏهن رئيس قيصر خان نئين آيل مهمان کان، جنهن جا ڪپڙا ميرا ۽ اڌوراڻا هئا، جنهن جو منهن جهولي ۾ مسافريءَ سبب ڪاراٽجي ويو هو، جنهن جي پٽڪي جي ڀير، هلت چلت ۽ ڪٺ ڪميت گهوڙي جي شان اوغان مان سندس معتبرائپ ظا...

ڪهاڻيون 18 منٽ پڙهڻي

گٽس

نسيم کرل

گهڻن ڏينهن جي غير حاضري بعد، هو جڏهن پنهنجي نئين ڳاڙهي شيو کي ڪراچي ڪلب جي پورچ ۾ بيهاري، اندر بار ڏانهن وڃڻ لڳو ته سامهون ڪنهن کي ڊيل وانگر ٽلندو ٻاهر ايندو ڏٺائين. هن جا قدم اڳتي وڌڻ کان انڪار ڪري و...

ڪهاڻيون 19 منٽ پڙهڻي

ڪچو رنگ

نسيم کرل

هڪ پوياڙيءَ جو جڏهن رئيس شاهنواز خان پنهنجي بنگلي جي ڪشادي اڱڻ ۾ کٽ تي ليٽيو بلگاري حق مان ڳڙ ۽ تماڪ جون ٿڌيون ۽ مٺيون ڦوڪون ڀريندي، ڪمدار ڪاراون کان سڄي ڏينهن جي ڪارگذارين بابت پڇا ڳاڇا ڪري رهيو هو،...

ڪهاڻيون 14 منٽ پڙهڻي

گذريل واردات

نسيم کرل

جڏهن انسپيڪٽر درياشاڻيءَ کي واردات تي لٿي چار پنج ڏينهن گذري ويا ۽ سندس جاچ مان ڪو کڙتيل ڪونه نڪتو ۽ جڏهن هو پوليسي دستور موجب ايس پي صاحب جي ميسيج جو بهانو ڪندي منزل پٽڻ لڳو، تڏهن ڀر واري لانڍي ۾ ويٺ...

ڪهاڻيون 15 منٽ پڙهڻي

زر ۽ زور

نسيم کرل

جيڪڏهن منشي کنياتي مل اسپيشل اوورسيئر جي جوڙيل نقشي سال 1906ع تي نظر وجهبي ته ديهه سنجر خان ۽ چانڊڪيءَ جي ڀرسان ڪيٽي نورپور تي نظر پوندي. ان ڪيٽيءَ جي ايراضي ايتري ته وڏي آهي جو سڄو ڏينهن ڀلو وهٽ ڊوڙا...

ڪهاڻيون 11 منٽ پڙهڻي

ڳڻ

نسيم کرل

جيتوڻيڪ اڄ سندس گهوڙي کي نوان زريءَ جا سنج پيل هئا ۽ سندس پشوري گاڏي تازو نڪل ٿيڻ سبب چلڪي پئي، پر تنهن هوندي به جڏهن هو پنهنجي پنج ڪلياڻ بور کي دڙڪي ڪاهيندو، اسٽان تي پهتو ته ڪنهن به اکر ڪونه ڪڇيو. ه...

ڪهاڻيون 9 منٽ پڙهڻي

ڪني آڱر

نسيم کرل

وڏيري نور محمد خان جي ڌيءَ رات اوچتو بيمار ٿي پيئي هئي، سو ڳوٺ جون زائفون پڇڻ آيون هيس. نينگري سوڙ ۾ ويڙهي سيڙهي سمهي پئي هئي. ڪي زائفون مٿن کان، ڪي پيرانديءَ کان ويٺيون هيس ۽ ڪن کيس زور پئي ڏنا ته اي...

ڪهاڻيون 9 منٽ پڙهڻي

ڀت

نسيم کرل

هن پهريون اٿي ڪوٺيءَ جو دروازو بند ڪيو، جيئن ڀر واري ڪوٺيءَ ۾ سمهيل ڀاڻس ڳالهائڻ تي اٿي نه اچي. پوءِ الماري کولي، ان مان هڪ ڳاڙهو چلڪڻو پئڪيٽ ڪڍيو. پئڪيٽ صاف هو، مٿس مٽيءَ جي دز به ڪانه هئي، پر ان جي...

ڪهاڻيون 22 منٽ پڙهڻي

ڊمي

نسيم کرل

مسز ۽ ميان امين الدين وارن وٽان موڪلايوسون ته سندس مکڙي تي اها ئي ”پئٽنٽ“ مرڪ هئي، جنهن سان چپن تي لڳل ”گالا“ جي سرخي به نه بگڙندي آهي ۽ ماڪوڙي کاڌل بي سرا ڏند به نظر نه ايندا آهن. موٽ تي به هوءَ ماٺ...

ڪهاڻيون 18 منٽ پڙهڻي

منڌ ٻوڙيو مهراڻ

نسيم کرل

مان ڪورٽ جا ڪپڙا بدلائي، منهن تي ٿڌي پاڻيءَ جو ڇنڊو هڻي اڃا ويهڻ جي ٿو ڪيان ته ورانڊي ۾ پنهنجي مومل جي هلڻ جو گيهو ٿو ٻڌان. اهو گيهو ۽ سهڪو هلندي هلندي مون واري ڪمري تائين پهچي ٿو ۽ ان دم هوءَ اچي منڍ...

ڪهاڻيون 12 منٽ پڙهڻي

مساوات

نسيم کرل

ايس – پي هاءِ ڪمانڊ ميٽنگ جو حال احوال ۽ ان ۾ ٿيل فيصلي جو ذڪر پورو ڪيو ته ڪي گهڙيون بنهه سانت ٿي وئي. ان وقت ايئر ڪنڊيشن جي ڀؤن ڀؤن هئي يا ٻنهي ڄڻن جي ساه کڻڻ جا آواز. ايس – پي اهو لڪ اڳ ۾ ئي لنگهي آ...