App Icon

ڪهاڻي گهر

بهترين تجربي لاءِ اپليڪيشن انسٽال ڪريو

جبار آزاد منگي جا ليکَ ۽ ڪهاڻيون

ڪهاڻيون 4 منٽ پڙهڻي

مهاڳ

جبار آزاد منگي

هن ڪهاڻين جي ڪتاب “اندر ڪارو ڪانءُ” جو ليکڪ جبار آزاد منگي ادبي حلقي ۾ هڪ گھڻ پاسائين شخصيت جي حيثيت رکي ٿو. ڇاڪاڻ ته هي ڪهاڻيڪار هئڻ سان گڏوگڏ هڪ سُٺو شاعر، سياسي سماجي موضوعن تي لکندڙ بهترين اسٽيج ڊ...

ڪهاڻيون 9 منٽ پڙهڻي

نئون قانون

جبار آزاد منگي

عدالت اندر مڪمل خاموشي ڇانيل هئي ائين لڳي رهيو هيو ڄڻ عدالت اندر ويٺل هرهڪ شخص کي سامهون انصاف جي ڪرسي تي ويٺل منصف موت جي سزا ٻڌائڻ وارو هجي. پر انصاف جي ڪرسي تي ويٺل جج پنهنجي من سان جنگ جوٽيون ويٺو...

ڪهاڻيون 26 منٽ پڙهڻي

ويل هزارين جاڳوڙي

جبار آزاد منگي

اڄ به ايس پي صاحب ٽيليفون وسيلي صبح جو نئون ڳوٺ ٿاڻي تي وڃڻ جو حڪم ڏنو مان سوچي رهيو هئس ته آخر مون کي ڪنهن هڪ پوليس اسٽيشن تي ڇو نه ٿو رکيو وڃي، هن ئي سال ۾ ڇھ ٿاڻا ڏٺا اٿم، صرف هڪ سال ۾ خبر ناهي ته...

ڪهاڻيون 7 منٽ پڙهڻي

ضمانت

جبار آزاد منگي

“لعنت آهي توتي” خدا جو عذاب نازل ٿئي توتي” ڪنهن موچڙو هنيُس، ڪنهن مُڪون. ملان الھ ڏنو پاڙي جي ماڻهن جي گرفت ۾ اچي چڪو هو.“اڙي شرم نه آيو توکي؟! جو خدا جي گھر ڀرسان مدرسي ۾ اهڙو گناھ جو ڪم ڪيو اٿئي؟” ت...

ڪهاڻيون 8 منٽ پڙهڻي

سودو سونهن جو

جبار آزاد منگي

مريم شادي کان اڳ نه ڪنهن سياسي تنظيم جي ميمبر هئي نه سياست ڪا پيءُ ماءُ کان ورثي ۾ مليل هيس. هوءَ بلڪل ٺيٺ ٻهراڙي جي غريب گهر جي هئي، جيڪا سماج جي غلط ريتن رسمن جي قيد ۾ بند هئي، مريم کي سياسي سمجھ س...

ڪهاڻيون 14 منٽ پڙهڻي

ويھ ٿيون واٽون

جبار آزاد منگي

“بابا وڏيري احمد خان جو نياپو آيو اٿئي، ته “اوطاق تي جلدي پهچ.” ڪوڏر ڪلهي تان مس لاٿم ته پٽ فاضل چيو. ڪير آيو آهي ابا. باب وڏيرو احمد خان. ڇو آيو آهي؟ اهي برساتي ڏيڏر آهن بابا، وري اليڪشن اچڻ واري...

ڪهاڻيون 8 منٽ پڙهڻي

ڪافر

جبار آزاد منگي

مسجد جي هر هڪ حصي کي رنگ برنگي جهنڊين سان سينگاريو ويو هو، سموري مسجد جي عمارت کي رنگين بلبن سان ڍڪيو ويو هو، لائوڊ اسپيڪر جو آواز پري پري تائين ٻڌڻ ۾ پئي آيو، ڪيترا مومن پري کان ئي مولوي صاحب جو نصحي...

ڪهاڻيون 5 منٽ پڙهڻي

شادي پر......

جبار آزاد منگي

اڄ به هٿين خالي آيو آهين لوڏ لوڏان ڪندو، مان ٿي چوانءِ ته منهنجي ساڙهي ڪٿي آهي؟ گھر ۾ گھريس ئي مس ته گھرواري لوڻ ٻُرڪڻ شروع ڪيو، مون ڪو جواب ڏيڻ کان بهتر سمجهيو ته چپ رهان ۽ چپ چاپ ڪري هليو ويس. مون...

ڪهاڻيون 6 منٽ پڙهڻي

ڪوجهيون ۽ ڪامريڊ

جبار آزاد منگي

ڪامريڊ ڪريم جي شادي تي هلبو؟ مون کي گھر واري چيو. اميران پاڻ هن شادي ۾ شريڪ ٿي نه سگهنداسين.مون جواب ۾ چيو پرڇو؟ تنهنجو پڳ مٽ يار آهي! تڏهن به نه؟ ان ڪري جو آفيس جي سالياني آڊٽ ڪندڙ عملو ويهين ت...

ڪهاڻيون 18 منٽ پڙهڻي

ڌڪ ڌنارن جا

جبار آزاد منگي

زٽ. الا ڙي مري ويس. زٽ ياحُسي مري ويس بابا! زٽ ۽ انهي سچو پادر جي لڳڻ سان حڪيم بيهوش ٿي ويو. مڪر ٿو ڪريوَ ماءُ جو............... اڙي پاڻي هاريوس. صوبيدار پريان بيهي جماندارا کي تجويزون ڏئي رهيو...

ڪهاڻيون 8 منٽ پڙهڻي

سياسي ملاکڙو

جبار آزاد منگي

سياسي ملاکڙي جو ميدان سياسي تماشائين سان کَچاکَچ ڀريو پيو آهي، هر طرف کان مختلف آواز گونجي رهيا آهن، هر ماڻهو پنهنجي پنهنجي سياسي پهلوان جي زور آزمائي جا ڳڻ ڳائي رهيو آهي، ٻي طرف سياسي دُهلاري مختلف گ...