App Icon

ڪهاڻي گهر

بهترين تجربي لاءِ اپليڪيشن انسٽال ڪريو

رسول ميمڻ جا ليکَ ۽ ڪهاڻيون

ڪهاڻيون 10 منٽ پڙهڻي

مورتي

رسول ميمڻ

ساڌوءَ جي ڳالهه سمجهڻ ۾ دير لڳي. ڀڳوان جي جلد ڀڳي. جڏهن ٽي محقق اسٽوپا واري کنڊر ويجهو ٿيا ته ٽاڪ منجهند هئي. انهن جا ڪپڙا پگهر ۾ آلا ٿي چڪا هيا. اهي ٿڪيل قدمن سان پنهنجن خشڪ چپن تي زبان ڦيري اڳتي وڌ...

ڪهاڻيون 15 منٽ پڙهڻي

پريو مڙس

رسول ميمڻ

ڪلراٺين قبرن مٿان ڪنهن روح جيان اڏرندڙ يادون سي سڀ اگربتي دونهين ۽ واءُ ۾ بدلجي ويون. ان شام ائين ئي ٿيو. پوڙهو اکيون ٻوٽي کٽ تي ليٽي زندگيءَ جو ٿڪ ڀڃي رهيو هيو. ڪجهه ماڻهو هن جي در تي آيا ۽ انهن ڪڙو...

ڪهاڻيون 10 منٽ پڙهڻي

سوڙهه

رسول ميمڻ

ان رات: هو، ست ٻار ۽ اميران ننڍڙي پلنگ تي ائين ويڙهيا سيڙهيا پيا هئا جيئن گدام ۾ رکيل ٻوريون. غربت ڀتين جي لٿل چوني ۾ چٽيل هئي. اتي چٽيل هيو هڪ پيءَ جيڪو قداور هيو. ان پويان ڪلهي جيتري زال ۽ ست ننڍا ٻ...

ڪهاڻيون 10 منٽ پڙهڻي

پيار

رسول ميمڻ

پيءُ دنيا مان بيزار ٿي چڪو هيو.هو پوڙهو هيو، سندس مٿي جا وار مينهن وسڻ کانپوءِ ڇڳل اڇي جهڙ جهڙا هيا. زندگيءَ جي تجربي هن کي مايوسيءَ کانسواءِ ڪجهه نه ڏنو هيو. دنيا ۾ ڦهليل بدامني ۽ فسادن ڪري هو ان کي...

ڪهاڻيون 10 منٽ پڙهڻي

گڏهن جي آزادي

رسول ميمڻ

اهي سانوڻ جا ڏينهن هيا، اڃان مينهن نه وٺو هو. بي آب ڀٽن تي تيز اُس ۾ واريءَ جا ذرا چمڪندڙ اکين سان اڀ مان آب جو انتظار ڪري رهيا هئا. خشڪ هوا ۾ مورن جي اڃايل ڳلي جي ٽهوڪن جا آواز ڳورا ٿي چڪا هئا. ڀٽن و...

ڪهاڻيون 16 منٽ پڙهڻي

چور ۽ بهادر سپاهي

رسول ميمڻ

هو چور هيو، هڪ عقلمند چور. جڏهن ننڍو هيو ته هن انڌن فقيرن جي ڪشڪولن مان پئسا چورايا. جڏهن جوان ٿيو ته دليون چورايون ۽ جڏهن پوڙهائپ کي ويجهو ٿيو ته هن کي خبر پئي ڪٿي نوفل جو محل آهي جتي ابوجهل جي پندرن...

ڪهاڻيون 12 منٽ پڙهڻي

پارس هٿ

رسول ميمڻ

ڏاتو گذريل ٻن ڏينهن کان پياسو هيو، هن پاڻيءَ کي چکيو نه ڇا ڏٺو به ڪين هيو، اهو سڀ ڪجهه ڪوهستان ۾ گذريل سال کان برسات نه پوڻ ڪري ٿيو هيو، ڍنڍن ۾جمع ٿيل پاڻي ختم ٿي چڪو هيو، هر ڪنهن جون اکيون آڪاش ڏانهن...

ڪهاڻيون 12 منٽ پڙهڻي

امن جي نالي

رسول ميمڻ

جيئن جيئن رات گهري ٿيندي وئي تيئن سرديءَ ۾ به واڌارو اچي ويو، هو ان وقت پنهنجي ڪيمپ ۾ ڊاڪٽر سان گڏ ويٺو هيو، هن جي ڪيمپ محاذ کان اٽڪل نوَ ميل پري هئي، جنهن ۾ ٻئي فوجي سامان سان گڏ ڪارتوسن ۽ بندوقن جو...

ڪهاڻيون 7 منٽ پڙهڻي

انسانيت، دونهو ۽ لاش

رسول ميمڻ

”انسانيت لاش آهي.“ هن کي اندر مان آواز آيو ”پر ان جو روح مان آهيان.“ هن پنهنجي اندر کي جواب ڏنو. ”پوءِ انسانيت مئل ڇو آهي.“ ڇو جو مان ان کان الڳ آهيان هو پنهنجي اندر سان بحث ڪندو اڳتي وڌندو رهيو. هو...

ڪهاڻيون 10 منٽ پڙهڻي

بستيون ۽ پستيون

رسول ميمڻ

ننڍڙا ٻار ور ور ڪري ڍونڍ تي ويٺل ڳجهن ۽ ڪانون کي پٿر هڻي رهيا هئا، ڳجهون ۽ ڪان هڪ شور مچائيندي اڏريا ٿي ۽ بستي جي مٿان هڪڙو گول چڪر لڳائي وري وڃي ڍونڍ جي ٻئي پاسي کان ٿي ويٺا اهو ئي هيو انهن جي سڄي ڏي...

ڪهاڻيون 12 منٽ پڙهڻي

شينهن جو ٻچو

رسول ميمڻ

گهوڙن جي سنبن مان نڪرندڙ ٽاپ ٽاپ جا آواز مٽيءَ جي غبارن سان گڏ اٿندا سڄي وادي ۾ پکڙجي ويا، شهر کان ڏور هڪ واچوڙو، هڪ لڙاٽ جنهن جي پٺيان لڪل هن جو پروقار ڊوڙيندڙ لشڪر، گهوڙن جي هڻڪارن پٺيان لڪيل انساني...

ڪهاڻيون 10 منٽ پڙهڻي

سڪون ڪٿي آ !!

رسول ميمڻ

ديول جي خاموش ماحول ۾ هن جون رڙيون وڌيڪ ڀوائتيون ٿي ويون، هو دانهين دانهين هنن کان پنهنجو ٻانهون ڇڏائڻ لاءِ سٽون ڏئي رهيو هو، “ڇڏي ڏيو مون کي ڇڏي ڏيو، مان اڄ ابن مريم کان پنهنجو حق وٺي رهندس، ڇڏي ڏيو...