حياتي پڳ جيان آهي،
ماڻهوءَ جي مٿي تي ويڙهيل.
ڪنهن جي ننڍي،
ڪنهن جي وڏي.
ڪنهن جي اجري،
ڪنهن جي ميري.
۽ ان جي پاندَ سان،
هرڪو اگهي ٿو،
زندگيءَ جا ڳوڙها.
تن ڏينهن سکر ۽ شڪارپور وچ ۾ پڪو رستو نه هيو. ماڻ ...
اوندهه جي
ٻن ڇيڙن وچ ۾،
رکيل آهن،
انسان جي هٿ ترين تي،
زندگيءَ جا ڏيئا.
حياتي تيل جيان آهي
۽ موت،
لاٽ جو انجام.
راند ڪنهن به صورت ۾ کيڏڻي هئي. وقت جي پونجيءَ کي ڪٿي ته خرچ ڪرڻو هو. وقت جا لمحا، گهڙيون ...
هن سان دنيا ۾ وڏيون ناانصافيون ٿيون. هو رنو ته هن جي اکين جا ڳوڙها سڪي چڪا هيا ۽ خشڪ چپن مان اڃ هيٺ ڳڙي رهي هئي. وقت ۽ حالتن هن کي نستو ڪري ڇڏيو. هن سوچيو هو وقت کان بدلو وٺندو. ناانصافين جو حساب ڪندو ...
اهي سانوڻ جا ڏينهن هيا، اڃان مينهن نه وٺو هو. بي آب ڀٽن تي تيز اُس ۾ واريءَ جا ذرا چمڪندڙ اکين سان اڀ مان آب جو انتظار ڪري رهيا هئا. خشڪ هوا ۾ مورن جي اڃايل ڳلي جي ٽهوڪن جا آواز ڳورا ٿي چڪا هئا. ڀٽن و ...